; سنڌي شخصيتون: علي حسن خان گاڏهي - همسفر گاڏهي

16 July, 2017

علي حسن خان گاڏهي - همسفر گاڏهي

علي حسن خان گاڏهي
مڻيادار ماڻهو
همسفر گاڏهي
نالي جي اڳيان يا پٺيان رئيس، سردار ۽ وڏيري جو نالو هجڻ ان ڳالهه جو مظهر هوندو آهي ته ان شخص جو تعلق ڪنهن وڏ گهراڻي سان آهي پر اهو ضروري ناهي هوندو ته جنهن شخص سان اهو خطاب، لقب جڙيل آهي اهو ماڻهو به مور هجي. اسان وٽ سنڌ ۾ اڪثريت اهڙن وڏيرن جي آهي جيڪي هاري، ناري، مزدور توڙي خلق خدا کي پير جي جُتي برابر به ناهن سمجهندا پر اڄ به ڪي اهڙا مردم شناس موجود آهن جيڪي ماڻهن کي عزت ڏيڻ ۽ وٺڻ ڄاڻن. اهڙن ئي ڪردارن ۾ علي حسن گاڏهي کي ڳڻي سگهجي ٿو جيڪو هيو ته پنهنجي برادري جو رئيس پر منهنجو بهترين دوست هو. هن ڪڏهن به اها لکا نه ڏني ته ڪو آءٌ سندس برابري ٿو ڪريان بلڪ ڪيئي ڀيرا ايئن به ٿيو ته منهنجي صحافتي ۽ ادبي سڃاڻپ سبب اڪثر ماڻهو کانئس منهنجو جڏهن به پڇندا هئا ته چوندو هو ته: ”همسفر منهنجي پنهنجي کل ۽ عزيز آهي.“ اهڙو وَڙ هر ڪنهن وڏيرڪي ٻار جو هجي اَڻ ٿيڻي ڳالهه ٿي لڳي.


آءٌ علي حسن خان جو نالو ته ٻاروتڻ کان ٻڌندو ايندو هئس پر خيرپور ناٿن شاهه ڊگري ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ساڻس ڄاڻ سڃاڻ ٿي، تڏهن هو ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ڪجهه ٻين سماجي سرگرمين جي حوالي سان سرگرم هو. شاگردي واري ان دور ۾ اسان قومپرست سياست سان جڙيل هوندا هئاسين پر سماجي سرگرمين ۾ به ڪنهن حد تائين بهرو پئي ورتوسين. ان دوران ساڻس ڪجهه ملاقاتون رهيون پر ڪا گهڻي گهرائپ ڪا نه ٿي سگهي، پوءِ آءٌ به ڪراچي هليو آيس. 1990ع ۾ صحافت جو سفر شروع ڪرڻ کان پوءِ ڪيئي ڀيرا خيرپور ناٿن شاهه ايندي-ويندي ساڻس ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. هو پاڻ به اڪثر فون ڪري حال احوال ڪندو رهندو هو. ايئن ساڻس ويجهڙائپ ٿي.، ان دوران ڪيئي مشاهدا ٿيا، جيڪي حيران ڪندڙ هئا. ڇو ته هو پنهنجي مزاج ۾ وڏيرو نه پر عوامي مزاج رکندڙ، دلبر شخص هو. امير توڙي غريب کي وٽانئس ساڳيو مانُ ۽ مرتبو ملندو هو، جيڪو اڄ جي دور ۾ وڏيرڪين اوطاقن تي اڻلڀ وکر آهي.
علي حسن خان گاڏهي خانداني ماڻهو هو، سندس تعلق بالچاڻي (بالاچاڻي) پاڙي سان هو، روايتن موجب سندن ڪٽنب جو وڏو بالاڇ خان (منهنجي خيال ۾ بالاچ خان جيڪو بگڙي بالاڇ خان ٿي ويو) ڪلهوڙا دور جي جرنيل ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي لشڪر جو سپهه سالار هو. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته ان جو ذڪر ڪنهن تاريخي حوالي ۾ نٿو ملي باقي روايتي طور اها ڳالهه چئي وڃي ٿي، جنهن تي اڃا به تحقيق جي گهرج آهي.
علي حسن جو خاندان سياسي، سماجي طرح خيرپورناٿن شاهه ۽ ڀرپاسي ۾ ورهين کان سياسي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏيندو اچي. سندن وڏڙا رئيس ٻيڙو خان گاڏهي توڙي سندس والد خان محمد گاڏهي تر ۾ ست راڄي سنڀاليندڙ ڪردار هئا. مطلب ته پنهنجي برادري کانسواءِ ٻيون برادريون جهڙوڪ؛ کوسا، چانڊيا، ملاح، شيخ، چنا، لُنڊ، بروهي، لانگاهه، ڪلهوڙا، لغاري ۽ ٻيا فيصلن ڦڙن، برادري جي تڪرارن ۽ ٻين معاملن بابت ساڻن ئي رجوع ڪندا هئا. فيصلن ۾ وٽن تر جي ٻين چڱن مڙسن جي ڀيٽ ۾ ماڻهن کي انصاف پلئه پوندو هو.
چانڊيا برادري جو نواب سردار غيبي خان چانڊيو ته علي حسن خان جي بزرگ ٻيڙو خان گاڏهي کي پنهنجي ٽن رتنن، اعتماد جوڳن ساٿين مان هڪ سمجهندو هو. اهڙو ذڪر حڪيم خليفي عبدالحميد چانڊئي ”نواب غيبي خان چانڊيو جي آتم ڪٿا ۾ پڻ ڪيو آهي. سندس موجب ”دادو ضلعي جا ٽي ڪردار وڏيرو محمد صادق جانوري ميهڙ، وڏيرو در محمد ٻرڙو ۽ رئيس ٻيڙو خان گاڏهي ڪڪڙ مان. انهن ٽنهي صاحبن جي نواب صاحب ڏاڍي عزت ڪندا هئا ۽ اهي ڪو به فيصلو ڪندا هئا ته سندن فيصلي کي مانُ ڏنو ويندو هو.“ ليکڪ اهو به لکيو آهي ته نواب صاحب چوندو هو ته: ”ٻيڙو خان گاڏهي هن زماني جو افلاطون آهي.“ انهن ڳالهين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻيڙو خان پنهنجي دور جو نهايت ڏاهپ رکندڙ ۽ مان مريادا وارو ماڻهو هو.
ٻيڙو خان، علي حسن گاڏهي جو سڱ ۾ ڏاڏو ٿئي. سندس سياسي، سماجي لاڳاپا جتي نواب غيبي خان چانڊيو جي خاندان سان هئا اتي ٻيٽي جي خانبهادر ڌڻي بخش خان جتوئي، پاريچا جتوئين مان غلام مصطفيٰ جتوئي، راوت لغاري ڳوٺ جي رئيس شاهه محمد لغاري، ٽوڙ جي لغاري خاندان سان به سندن ويجهو لاڳاپو رهيو، اهو ئي سبب هو جو علي حسن پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻيٽي جي جتوئي ڪٽنب سان ڊگهي عرصي تائين نڀايو. هو واحد ماڻهو هو جنهن کي خانصاحب عبدالحميد جتوئي سان ملاقات لاءِ اجازت وٺڻ جي ضرورت نه هوندي هئي. عبدالحميد خان جتوئي به کيس پنهنجي اولاد وانگر ڀانئيندو هو. جيستائين عبدالحميد خان زندهه سلامت هو، علي حسن خان کي به ٻيٽي جي جتوئي ڀائرن وٽ تمام گهڻو مانُ ملندو هو ۽ هن شخص به ساڻن خوب نڀايو. پنهنجي برادري جا خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ۾ ويهارو ڳوٺ ۽ 15 کان 18 هزار ووٽ بئنڪ هجڻ باوجود ڪڏهن به جتوئي ڀائرن سامهون اليڪشن ۾ نه بيٺو بلڪ سدائين ڀڄ ڊڪ ڪري کين سوڀارو ڪرايائين. لياقت جتوئي جڏهن سنڌ جو وڏو وزير ٿيو تڏهن کيس وڏي وزير جو صلاحڪار ته بڻايو ويو پر بنا کاتي وارو، ان ڪري سندس اختيار نه هجڻ برابر باقي سرڪاري پروٽوڪول کيس حاصل هيو.
مونکي ياد ٿو پوي ته 1996ع ۾ لياقت جتوئي جي وڏ-وزارت دوران ئي هن مونکي وڏي وزير جي ميڊيا جو ڪم سنڀالڻ جي آفر ڪئي، مون به کڻي هائوڪار ڪئي. هن نيڪ نيتيءَ سان فائل اڳتي وڌايو، وڏي وزير جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جي پوزيشن هئي. آرڊر ٽائيپ ٿي ويو، فائنل فائل ٺهي ويو، سمري تي وڏي وزير کي رڳو صحيح ڪرڻي هئي. انهي ڪم لاءِ علي حسن خان ٻه ٽي ڀيرا اعجاز علي جتوئي (مرحوم) جي ڪراچي واري گهر تي مون سان گڏجي به هليو هو. پوءِ اوچتو اعجاز جتوئي لاڏاڻو ڪري ويو، ايئن منهنجو ڪم به اڌورو رهجي ويو. گهڻو پوءِ خبر پئي ته تر جي ڪجهه همراهن جيڪي ان وقت لياقت جتوئي کي ويجها هئا، خاص طور سڪندر کوهارو ۽ فقير محمد شيخ انهن منهنجي پوسٽنگ جي ان ڪري مخالفت ڪئي جو سندن خيال ۾ جيڪڏهن ڪراچي ۾ رهندڙ هڪ سينيئر صحافي ۽ علي حسن جو ويجهو ماڻهو چيف منسٽر هائوس پهچي ويو ته سندن ڪم رُڪجي ويندا. حالانڪ اها سندن غلط سوچ هئي، علي حسن خان مونکي سڄو معاملو ٻڌايو هو. پوءِ پاڻ به ماٺ ڪري ويهي رهياسين پر سندس خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ کي آءٌ قطعي طور وساري نه سگهندس.
ايئن جڏهن پاڻ بيمار ٿيو ۽ ڪڊني جي مسئلي سبب موسميات تي ڪنهن دوست جي گهر ترسيل هوندو هو ته آءٌ روٽين ۾ ساڻس ملڻ ويندو هئس. هميشه هشاش بشاش، کلمک نظر آيو. پريشانيون هوندي به ڪڏهن انهن کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنائين. تن ڏينهن ۾ سندس ٻئي ڀاڻج مشهودالحق گاڏهي ۽ ٻيڙو خان گاڏهي گهڻي ڀاڱي ساڻس گڏ نظر ايندا هئا. هن سان جڏهن تر جي سياسي ۽ سماجي معاملن تي گفتگو ٿيندي هئي ته هو مونکي ٻيٽي جي جتوئي ڀائرن کان هميشه مايوس نظر آيو ۽ چوندو هو ته چاڪ چڱو ڀلو ٿيس ته ناٿن شاهه جي تڪ تان پاڻ صوبائي اسيمبلي جو اميدوار هوندس پر زندگي ساڻس وفا نه ڪئي. ان ڪري سندس اها خواهش اڌوري رهجي وئي. باقي هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي ڀاڻج مشهودالحق کي پاڻ سان گڏ کنيو، سندس تربيت ڪئي، کيس ڪيڙايو ته جيئن سندس سياسي ورثو سنڀالي سگهي. ڇاڪاڻ جو کيس ڪو به اولاد نه هو، ان ڪري هن ڏور رس نگاهه رکي ۽ پنهنجي حال حيات هوندي ئي نوجوانن کي پ پ ۾ شامل ڪرائي ويو. نتيجي ۾ هاڻ سندس چيل اها ڳالهه درست ثابت ٿي رهي آهي ته سندس برادري جي حمايت کانسواءِ لياقت جتوئي توڙي سندس ڀائر خيرپورناٿن شاهه مان ڪڏهن به چونڊن ۾ ڪامياب نٿي سگهندا. اهي پهرين عام اليڪشن سندس وڇوڙي کانپوءِ هارائي چڪا، اڳتي به نتيجا پاڻ ڏسندا رهنداسين. جتوئي ڀائرن سان ورهين تائين ڏورڻا ڏيڻ باوجود آخر ۾ رئيس علي حسن جڏهن بيمار ٿيو ته هو ٻه قدم هلي کيس پڇڻ به نه آيا، جنهن جو کيس هر وقت ارمان رهيو.
علي حسن خان وڏيرو هوندي به علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ شخص هو، هن خيرپورناٿن شاهه ۾ علي محمد خان گاڏهي لائبريري قائم ڪري علم ۽ ادب دوست ماڻهن لاءِ ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ جو بهتر ماحول مهيا ڪيو. هن شهر ۾ بيڊمنٽن ۽ ٻين راندين کي پڻ همٿايو. پنهنجي صلاحڪاري واري دور ۾ هن تعليم کاتي ۾ سوين نوڪريون ڏنيون جيڪي بنهه غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق ۽ لالچ جي ڏنائين، ڪنهن کان به ٽيڊي پائي نه ورتائين. هو رڳو برادري کي نوازڻ جي به خلاف هو، ان ڪري هن ٻين برادرين جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي به روزگار مهيا ڪيو جيڪي اڄ به سندس ڳُڻ ڳائن ٿا. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته روايتي وڏيرن وانگر هو لچ، لوفر، چور، ڌاڙيل قطعي ڪو نه پاليندو هو بلڪ ڏوهارين جي سخت خلاف هوندو هو، ان ڪري تر جا ڏوهاري کانئس ڪن هڻندا هئا.

مارچ 2012ع جو اهو ڏينهن مونکي ٺيڪ طرح ياد آهي جڏهن علي حسن خان جي ساهه جو سڳو جناح اسپتال جي ڪڊني سينٽر ڪراچي ۾ اوچتو ٽٽي پيو. مونکي سندس ڀاڻيجن مشهودالحق ۽ ٻيڙو خان فون ڪري اطلاع ڏنو ته گهڙي پل لاءِ ڏک جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. ڏکويل ڪيفيت ۾ اُتي پهتس، منهنجا گوزائي دوست عبدالرسول سيال ۽ غلام رسول سيال به مونکي اتي مليا. حاجي ظفر لغاري به ڏکويل نظر آيو. ساهه جو پکي پرواز ڪري چڪو هو، سڀ هڪٻئي کي آٿت ڏئي رهيا هئاسين. منهنجو دوست، تر جو چڱو مڙس، غريب غُربي جو هڏڏوکي علي حسن خان هي جهان ڇڏي چڪو هو. ناٿن شاهه جڏهن به وڃبو هو ته سندس دل ۽ اوطاق جي ڪشادي اڱڻ تي حاضري ضرور ڀربي هئي. بس هاڻ اهو دلبر شخص ناهي رهيو، جنهن سان ويهي حال اوربا هئا. هاڻ بس ساڻس گڏجڻ جون حسرتون ئي رهنديون.

No comments:

راءِ ڏيندا