علي حسن خان گاڏهي
مڻيادار ماڻهو
همسفر گاڏهي
نالي
جي اڳيان يا پٺيان رئيس، سردار ۽ وڏيري جو نالو هجڻ ان ڳالهه جو مظهر هوندو آهي ته
ان شخص جو تعلق ڪنهن وڏ گهراڻي سان آهي پر اهو ضروري ناهي هوندو ته جنهن شخص سان
اهو خطاب، لقب جڙيل آهي اهو ماڻهو به مور هجي. اسان وٽ سنڌ ۾ اڪثريت اهڙن وڏيرن جي
آهي جيڪي هاري، ناري، مزدور توڙي خلق خدا کي پير جي جُتي برابر به ناهن سمجهندا پر
اڄ به ڪي اهڙا مردم شناس موجود آهن جيڪي ماڻهن کي عزت ڏيڻ ۽ وٺڻ ڄاڻن. اهڙن ئي ڪردارن
۾ علي حسن گاڏهي کي ڳڻي سگهجي ٿو جيڪو هيو ته پنهنجي برادري جو رئيس پر منهنجو
بهترين دوست هو. هن ڪڏهن به اها لکا نه ڏني ته ڪو آءٌ سندس برابري ٿو ڪريان بلڪ ڪيئي
ڀيرا ايئن به ٿيو ته منهنجي صحافتي ۽ ادبي سڃاڻپ سبب اڪثر ماڻهو کانئس منهنجو جڏهن
به پڇندا هئا ته چوندو هو ته: ”همسفر منهنجي پنهنجي کل ۽ عزيز آهي.“ اهڙو وَڙ هر ڪنهن
وڏيرڪي ٻار جو هجي اَڻ ٿيڻي ڳالهه ٿي لڳي.