; سنڌي شخصيتون: فقير محمد اسماعيل عرف حافظ - نواز ڪنڀر

16 July, 2017

فقير محمد اسماعيل عرف حافظ - نواز ڪنڀر

فقير محمد اسماعيل عرف حافظ
سنڌيءَ ۾ ٺمري متعارف ڪرائيندڙ راڳي
نواز ڪنڀر
سائينداد ساند جي ڪلام، ”اسان ڪيئن جيئاسين، اھو ڇڏ کڻي“، وانگر جيڪڏھن نه صرف سنڌ بلڪ سنڌي ٻوليءَ جي ھن يگاني، پر ادارن ۽ وس وارن پاران نظر انداز ٿيل فنڪار جي زندگي ڏانھن ڏسنداسين ته اھي سٽون مٿس سورنھن آنا ٺھڪي اينديون. محرابپور جي مير محلي ۾ سيد مُريد علي شاھه درگاھه ڀرسان رھندڙ، پنھنجي وقت جو نالي وارو ڍولڪ نواز ۽ طبله نواز ڌمالي فقير مڱڻھار (جنھن ارباب خان کوسو، مٺو ڪلھوڙو، اُستاد گلزار علي خان، عاشق علي خان، الھه ڏنو نوناري ۽ خورشيد علي خان جھڙن گوين سان سنگت ڪئي) جي گھر پيدا ٿيندڙ فقير محمد اسماعيل کي سُر سنگيت تي ساھه ڏيندڙ ”حافظ“ جي نالي سان سڃاڻن ٿا.


محرابپور جي ڳوٺ ڳھيري ۾، خان صاحب گلزار علي خان جي شاگردي اختيار ڪندڙ ۽ سانگھڙ جي جھول شھر ۾ خان صاحب گلزار علي خان سانگھڙائيءَ جي تاج پوشيءَ وقت سڳو ٻڌرائيندڙ کي، اُستاد سندس بظاھر بينائي کان محروم اکين سبب، دعائيه نالو شفاعت علي ڏيندي چيو ته، رب پاڪ تو کي شفا عطا فرمائيندو. جڏھن ته ھو مشھور وري به حافظ جي نالي سان ئي آھي. ھوش سنڀاليندي ئي ڳائڻ شروع ڪندڙ، خيرپور ريڊيو تي شوڪت خاصخيلي پاران پھريون ڀيرو رڪارڊ ٿيندڙ ۽ سڄي سنڌ ۾؛ اُتر، لاڙ، ٿر، ڪاڇي، ڪوھستان کان سواءِ فيصل آباد ۽ مُلتان ۾ ڳائيندڙ ۽ مقامي سطح تي مختلف ايوارڊ ماڻيندڙ ھن فنڪار کي وس وارن ڪڏھن به قلندر، ڀٽائي، سچل يا ٻين سرڪاري محفلن ۽ ميلن ۾ ياد ناھي ڪيو. ڇٽيھه ستٽيھ سالن جي اکين جي نور کان محروم حافظ جي گھر واري فالج زده ۽ ھڪ ئي 13/14 سالن جي پٽ، سو به مفلوج آھي. انھن حالتن ۾ ھو حياتي ڪيئن ٿو گذاري، ”اھو ڇڏ کڻي.“ ان جو احساس ڪا حساس دل ھُوندي ته ان کي ئي ٿيندو! پر ھن پاڻ ڪڏھن به ان بابت نه ته ڪا شڪايت ڪئي آھي ۽ نه ئي ڪنھن کي ڪا ميار ئي ڏني آھي. شايد کيس ڪو سپرين نه گڏيو آھي ۽ جڳ کي ٻڌائڻ ھن مناسب ناھي سمجھيو. ان حوالي سان سندس چوڻ ھو ته شادي ڪرڻ وقت سوچيو ھئم ته هوءَ ٻانھن ٻيلي ٿي پوندي، پر ھن کي ته پاڻ فالج ٿي پيو. سوچيم اولاد ٿئي ۽ اھو ڪم اچي، پر اھو به معذور پيدا ٿيو! بس جيڪا الله جي مرضي! ھو مايوسيءَ مان چوي ٿو ته ھاڻ ته بس زندگيءَ جي گاڏي پرزا پرزا ٿي وئي آهي. ڇھين ڪلاس ۾ پھچڻ تي آھستي آھستي ختم ٿيندڙ نظر تي وڌيڪ اثر ٿيو ته اُستادن کيس وڌيڪ پڙھڻ کان روڪي، علاج لاءِ چيو. علاج لاءِ ھن وس آھر ھٿ پير ھنيا. انھيءَ علاج واري عرصي جون به وٽس ڏاڍيون تلخ يادگيريون سانڍيل آھن. پوءِ ھُن ”سنڌيءَ وارو حافظ“ بڻجڻ بعد به ھٿ ٽنگڻ بجاءِ، چڱن ڀلن کي ڏندين آڱريون ڏياريندي اھو ڪجھه ڪري ڏيکاريو، جيڪو ديد وارا به نه ڪري سگھيا.
حافظ، جيڪو پنھنجي اُستاد گلزار علي خان جون سِڪون لاھي ٿو، تنھن ڀٽائي سرڪار جون ڪيتريون ئي ڌُنون پڻ ٺاھيون ۽ ڳايون آھن. ڀيروي کي روح سان ڳائڻ سان گڏ مانجھ ۽ پھاڙي کي پسند ڪندڙ حافظ، جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، اُستاد بُخاري، حسن درس، بخشڻ ۽ اقبال رند کان ويندي نور چاڪراڻي تائين گهڻن شاعرن کي ڳايو آھي ۽ اردو ۾ ناصر ڪاظمي ۽ پروين شاڪر سميت ڪيترن ئي اردو شاعرن کي به نه صرف ڳايو، بلڪ سنڌيءَ ۾ چاليھارو کن ڌُنون ٺاھڻ سان گڏ اردوءَ ۾ به ڌنون ٺاھيون آھن.
کيس گذريل سال جڏھن اُستاد گلزار علي جي ورسيءُ واري موقعي تي فتح علي خان ٻڌو ته ھن کي به داد ۽ دان ڏيڻو پيو. محرابپور جي ھڪ فنڪشن ۾ ته فتح علي خان پاڻ پيئندڙ چانھه به کيس پياريندي چيو ته، تون نه صرف سُريلو آھين، بلڪ دلير راڳي به آھين. منھنجي سامھون ته چڱا ڀلا به ”خيال“ ڪو نه ڳائين، تو ته خيال، سو به چئن ضربن سان ڳايو آھي! جڏھن ڊسمبر 16ع ۾ عمرڪوٽ ۾ سنگت کيس ڳارايو (ڪاش ائين ڪنھن جي مدد ڪرڻ جو ڏانءُ سڀني کي اچي وڃي) ته شفيع فقير چيو؛ ”فتح علي خان ڇڏي، باقي سنڌ جا سڀئي تيس مار خان، حافظ جي سامھون بيھاريو، پوءِ خبر پوندي ته سنڌ ۾ سُر ڪنھن وٽ آھي.“
شايد ھي سنڌ جو پھريون فنڪار ھجي، جيڪو غزل ۽ خيال ڳائڻ سان گڏ، وڄائي به پاڻ ٿو! ٿر جون ڪجھه فنڪارائون ائين ڪندي ضرور نظر اچن ٿيون، جيڪي ھڪڙي ئي بيس تي رڳو لوڪ گيت ڳائين ٿيون يا پوءِ مٺو ڪڇي ۽ سندس ڀاءُ اُستاد ھاشم جي نالي به چيو وڃي ٿو ته ھو ائين ڳائيندا ھئا. پر انھيءَ نموني ڪلاسيڪل ڪم ڪرڻ وارو شايد ئي ڪو سنڌ ۾ ھجي! حنيف لاشاريءَ جي بقول، ھن جڏھن اھا ڳالھه محمد يوسف سان ڪئي هئي ته ھن حافظ سان ملڻ جو ڏاڍو اشتياق ڏيکاريو هو، پر سندس زندگيءَ وفا نه ڪئي.
ڪڏھن به پئسن جي لالچ ته ڇا، پر پئسا نه گھرندڙ، بلڪ ڀاڙو به نه گھرندڙ ھي توڪلي انسان، جنھن جي تعريف ڪرڻ کان، ننڍي کنڊ جو نالي وارو طبله نواز بشير خان به رھي نه سگھيو، تنھن سنڌيءَ ۾ جيڪو ٺُمري ڳائڻ جو تجربو ڪيو آھي، اھو اڳ ۾ ڪڏھن به نه ٿيو آھي. ان حوالي سان اُستاد امير علي خان جو چوڻ آھي ته موسيقيءَ جون ڪُل 14 صنفون آھن، جن ۾ سنڌيءَ جون وائي، ڪافي، ڪلام ۽ گيت جون چار صنفون شامل آھن. جڏھن ته ٺُمري سنڌ جي صنف ناھي. اُمير علي جو اھو به چوڻ آھي ته صنفن جي حوالي سان درپت ۽ ھوري ھند جون ۽ خيال، ٺُمري، قوالي، غزل، تروٽ، چئيت رنگ، ترانو، نيٿو گُل ۽ سادرا واريون 12 مسلمانن جون صنفون آھن.
باذوق ٻڌوان ۽ نوجوان شاعر نور چاڪراڻيءَ جي وائي، ”ڪُوڪ وري تون ڪُوڪ ڪوئلڙي، دز اڏامي دلين تان، فرق سمورا ڦوڪ ڪوئلڙي، تنھنجي ڪنٺ ڪلا جي، ھنڌين ماڳين ھُوڪ ڪوئلڙي“ ٺُمري ۾ ڳائي، ھُن جيڪو تاريخي ڪم ڪيو آھي، اھو ھڪڙو ڪم ئي کيس سنگيت جي دُنيا ۾ ھميشه ھميشه لاءِ زنده رکڻ لاءِ ڪافي آھي. پر اسان جي سڃاڻ ۽ با اختيار ڌُرين کي اڃا الائي ڪھڙو ثبوت گھرجي. ھن مسڪين ڪلاڪار جي فن کي مڃتا ڏيڻ ۽ ان جي جائز قدرداني ڪرڻ لاءِ! ڪا ٻي ايجاد ھجي ھا، ڪو شھر جو بابو فنڪار ھجي ھا، ڪنھن وڏي ماڻھوءَ جو تاتيل ۽ پٺي ٺپريل، سُر-تال کان بي خبر، اٽڪل باز راڳي ھُجي ھا ته سڀئي ”وڏا“ ۽ ميڊيا وارا ان جا ڳڻ ڳائين ھا، پر ھن سادي سودي انسان جنھن کان، قدرت ڏنل ديد به کسي ورتي آھي، ان جو ڪير ٿو خيال ڪري!
امير علي خان به تازو سليم ڳاڙهوي نالي شاعر جي شاعريءَ کي ٺُمري طور ڳائي سُٺو تجربو ڪيو آھي.
اصل ۾ ٺُمري جون بندشون ۽ ٻول گجراتي، ھندي ۽ اردوءَ ۾ ته ملن ٿا، پر سنڌيءَ وارو اھو بنھه نئون، تاريخي ۽ ڪامياب تجربو آھي، جيڪو حافظ ڪيو آھي. حافظ کي روح سان ٻڌڻ وارن سُريلن ڳائيندڙن، وڄائيندڙن ۽ ٻُڌوانن جو سندس لاءِ اھو به چوڻ آھي ته سنڌ ۾ اڪثر ”وڏن“ توڙي نوجوانن جي تانن ۾ گرج وڌيڪ ھوندي آھي. اھي گلي جي تان ھڻندا آھن. ڪن وٽ ته ڪافي اٽڪل بازيون به آھن ۽ انھن وٽ سُر جي نرمائش ته نالي ماتر به ڪانھي، پر حافظ وٽ ائين ڪونھي. ھن جي تان جگر جي تان آھي. ھن جي تان ۾ سُر ۽ سُرن ۾ نرمائش آھي. ھن جو ڪم سچو آھي. ھن ماٺيڻي فنڪار وٽ، سُرن ۽ تانن جي  حوالي سان ڪابه اٽڪل بازي ڪانھي.

اکين جي نور وڃڻ تي ڏُکارو ٿيندڙ ۽ نور جي واپسيءَ جي حسرت رکندي، اولاد ۽ گھر واريءَ جي معذوريءَ تي سرد آھون ڀريندڙ ھن يگاني فنڪار کي زندگيءَ ۾ انھيءَ کانسواءِ ٻي ڪا به خواھش ناھي رھي ته بس مولا عزت سان ھلائي ۽ ”ماڻھو“ انسان ٿي پون!

No comments:

راءِ ڏيندا