; سنڌي شخصيتون: فقير، محمد اسماعيل، حافظ، سنڌي، ٺمري، راڳي، نواز ڪنڀر،
Showing posts with label فقير، محمد اسماعيل، حافظ، سنڌي، ٺمري، راڳي، نواز ڪنڀر،. Show all posts
Showing posts with label فقير، محمد اسماعيل، حافظ، سنڌي، ٺمري، راڳي، نواز ڪنڀر،. Show all posts

16 July, 2017

فقير محمد اسماعيل عرف حافظ - نواز ڪنڀر

فقير محمد اسماعيل عرف حافظ
سنڌيءَ ۾ ٺمري متعارف ڪرائيندڙ راڳي
نواز ڪنڀر
سائينداد ساند جي ڪلام، ”اسان ڪيئن جيئاسين، اھو ڇڏ کڻي“، وانگر جيڪڏھن نه صرف سنڌ بلڪ سنڌي ٻوليءَ جي ھن يگاني، پر ادارن ۽ وس وارن پاران نظر انداز ٿيل فنڪار جي زندگي ڏانھن ڏسنداسين ته اھي سٽون مٿس سورنھن آنا ٺھڪي اينديون. محرابپور جي مير محلي ۾ سيد مُريد علي شاھه درگاھه ڀرسان رھندڙ، پنھنجي وقت جو نالي وارو ڍولڪ نواز ۽ طبله نواز ڌمالي فقير مڱڻھار (جنھن ارباب خان کوسو، مٺو ڪلھوڙو، اُستاد گلزار علي خان، عاشق علي خان، الھه ڏنو نوناري ۽ خورشيد علي خان جھڙن گوين سان سنگت ڪئي) جي گھر پيدا ٿيندڙ فقير محمد اسماعيل کي سُر سنگيت تي ساھه ڏيندڙ ”حافظ“ جي نالي سان سڃاڻن ٿا.