; سنڌي شخصيتون: علي گل سانگي

22 July, 2017

علي گل سانگي

علي گل سانگي

منهنجي اڱڻ آ سهڻا تو لئه نيڻ وڇايان مان

ابراهيم لاشاري



سونهاري سنڌ ڪيترن ئي املهه انسانن کي وقت به وقت پنهنجي هنج ۾ جنم ڏيندي نظر آئي آهي پوءِ اهي اديب هجن يا فاضل، سگهڙ هجن يا شاعر، سنڌ منجهه اهل قلم جي ڪابه ڪمي ناهي رهي، اهڙن عوامي شاعر منجهان جديد دور ۾ لاڙڪاڻي جي لعل دودائي ڳوٺ جي زميندار گهراڻي جي معزز شخصيت روشن علي سانگي جي گهر جنم وٺندڙ علي گل سانگي پڻ هڪ آهي جيڪو ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۵۲ع آچر ڏينهن ڄائو. خوشحال گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري سندس والدين به سندس سهڻي تربيت ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ دودائي جي پرائمري اسڪول ۾ ڦرهي هٿ ۾ ڏئي پڙهڻ لاءِ ويهاريو، جتان هن پنج درجا پاس ڪيا. بهتر تعليم جي سلسلي لاءِ علي گل سانگي کي والد صاحب سال ۱۹۶۳ع ڌاري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايو، علي گل سانگي لاڙڪاڻو شهر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ محو هو ته جولاءِ سال ۱۹۶۳ع ڌاري سندس والد روشن علي سانگي قتل ٿي راهه رباني ٿي ويو.


ان وقت سندس عمر ۱۲ سال مس هئي ته والد جي پيار ۽ شفقت کان محروم ٿي ويو زماني جي بي دردين اچي در کڙڪايو مڱر هن همٿ نه هاري انهن ڏکيائين کي مڙس ٿي منهن ڏنو ۽ تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ديني مدرسي منجهان خانگي تعليم حاصل ڪري سال ۱۹۹۰ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان بهترين نمبرن منجهه پاس ڪيو تنهن بعد انٽر ۽ گريجوئيشن جا امتحان به پاس ڪري سندون حاصل ڪيائين. کيس سال ۱۹۸۳ع جي سيپٽمبر مهيني جي ۱۱ تاريخ آچر ڏينهن سندس کي اهيو اعزاز حاصل ٿيو ته سانگي برادري جي معززين کيس (ننڍي سردار) طور پڳ جي ذميواري سونپي، علي گل سانگي ڪيترين خوبين جو مالڪ هئڻ سان گڏ هڪ بهترين شاعر، صحافي، سياستدان ۽ زميندار وارين صلاحيتن ڪري سڃاتو ويندو هو. هن سياست ۾ بلدياتي اليڪشن وڙهي پير پاتو سال ۱۹۸۳ع ۾ يونين ڪائونسل وليد جي چيئرمين شپ تان ڪاميابي ماڻيائين، چيئرمين علي گل سانگي سياست سان سلهاڙجڻ بعد پنهنجي اباڻي يونين ڪائونسل دودائي جو سال ۱۹۸۷ع ڌاري چيئرمين رهي ڪري پنهنجي يونين جي عوامي خدمت ۾ مصروف نظر آيو. علي گل سانگي پرويز مشرف واري بلدياتي نظام دور ۾ پڻ يونين ڪائونسل (فتح پور جي ناظم) جي عهدي تي ٻه ڀيرا رهي چڪو هو سندس سياسي تعلق فنگشنل مسلم ليگ سان هو، علي سانگي سياست سان گڏ صحافتي پيشي سان به سلهاڙيل رهيو.

هن صحافتي دنيا ۾ (روزاني مهراڻ) اخبار سان سلهاڙجي پير پاتو. علي گل سانگي هڪ بهترين شاعر پر عوامي شاعر طور تي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سڃاتو وڃي ٿو سندس شاعري ۾ هن سنڌ جو نالو روشن ڪرڻ ۾ پنهنجي هم عصر شاعرن کان گوءِ کڻي ويو علي گل شاعري جا سڀ گر ۽ تربيت پنهنجي استادن ناليوارن شاعرن شاعر جعفر فقير پنهنور ۽ مينهل فقير کان ۱۷ _ ۱۸ سالن ۾ ورتي ۽ پوءِ پنهنجي من جو آواز عوام تائين ظاهر ڪيو، علي گل سانگي جي شاعري عوامي رنگ سان سر شار لڳي پئي آهي.

علي گل سانگي سنڌي زبان کان علاوه اردو زبان ۾ پڻ شاعري جو جادو جا ڳايو. سندس شاعري جا موضوع درد، عشق، پيار، محبت، سڪ، انتظار، وڇوڙو، اڪير، نمايا نظر اچي پيو ٻيو علي گل سانگي ۽ ڪيسٽي شاعري ڪرڻ تي سنڌ جي مشهور ڪلاڪارن جهڙوڪ منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي، محمديوسف، استاد منظور علي خان شازيه خشڪ، حميرا چنه ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شاعري کي ڳائي ملڪان ملڪ سندس نالو نروار ڪرايو. منظور سخراڻي سندس شاعري جا سوين گيت ڳائي پاڻ کي به شهريت جي آسمان تي پهچايو، علي گل سانگي سنڌي ادب جي وڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو هو، هن سنڌي ادب جي جهول ۾ پنج ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي زينت ۾ اضافو ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي سندس پورهي منجهان لوڪ گيتن تي مشتمل ڪتاب (گجر ۾ گج)، پيرن ۾ پينگهه، ڪنڌيءِ نسريا ڪانهه، پيرن پنڌ ڪندياس ۽ نيڻ ڳالهائن ٿا پڻ شامل آهن، سنڌ جو هي سهڻو ۽ بهترين شاعر بيماري جي ور چڙهي ويو زندگي سندس ساٿ نه ڏنو. علي گل سانگي سوڳوارن ۾ ٻن گهروارين، ڇهن پٽ ۽ پنجن نياڻين سان گڏ، سمورن گهر ڀاتين ۽ سوين دوستن ۽ هزارين چاهيندڙن کان موڪلائي، زندگيءَ جا ۶۱ سال ۷ مهينا ۽ ۱۸ ڏينهن گهاري، ۲۹ اپريل ۲۰۱۴ اڱاري ڏينهن، هميشه لاءِ راهه رباني وٺي ويو. سندس تدفين پنهنجي اباڻي ڳوٺ دودائي جي قبرستان ۾ ڪئي وئي.


 

علي گل سانگي

عبدالجبار آزاد منگي

سنڌ جي ناليواري عوامي شاعر ۽ صحافي، علي گُل سانگي ولد روشن عليءَ جو جنم، ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۵۲ع تي لاڙڪاڻي ويجهو دودائي ڳوٺ جي زميندار گھراڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم دودائي مان وٺي سال ۱۹۶۳ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ انگريزي تعليم لاءِ داخل ٿيو. جولاءِ ۱۹۶۴ع ۾ سندس والد قتل ٿي ويو، ان وقت هو ۱۲ سالن جو هو، جنھن بعد هن ديني مدرسي ۾ پڙهڻ شروع ڪيو ۽ خانگي طرح ۱۹۹۰ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. ان بعد گرئجوئيشن بہ ڪيائين. علي گل سانگيءَ سياست جو آغاز مڪاني چونڊن کان ڪيو. ۱۹۸۳ع ۾ يونين ڪائونسل وليد جو چيئرمين ان بعد ۴ سال تعلقي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين ۽ ۱۹۸۷ع ۾ يونين ڪائونسل دودائيءَ جو چيئرمئن رهيو. علي گل سانگي مشرف دؤر ۾ يونين ڪائونسل فتح پور جو ناظم بہ رهيو. هن صحافت جي شروعات روزاني مھراڻ اخبار کان ڪئي. علي گل سانگي ڪيترا سال پريس ڪلب لاڙڪاڻي جو صدر رهيو. هن شاعريءَ جي شروعات ۱۸-۱۹ سالن جي عمر ۾ ڪئي. هُن شاعريءَ جي سکيا ناليواري شاعر جعفر فقير پنھور ۽ مينھل فقير کان ورتي. علي گل سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ عوامي رنگ ڀرپور نموني سمايل آهي، جنھن سبب سندس لاڙو ڪئسٽي شاعريءَ ڏانهن ٿيو. علي گل سانگيءَ جا سوين گيت منظور سخيراڻي ڳائي چڪو آهي. منظور سخيراڻيءَ جي شھرت جو وڏو سبب استاد بخاري ۽ علي گل سانگيءَ جي شاعري آهي. علي گل سانگيءَ جي شاعري منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي، استاد منظور علي خان، محمد يوسف سميت سنڌ جر سمورن ننڍن وڏن فنڪارن ڳائي آهي. علي گل سانگيءَ جا ڪيترائي گيت ’منهنجي اڱڻ تي آءُ سهڻا تو لئه نيڻ وڇايان‘ سميت لوڪ گيت مشهور آهن. سندس لوڪ گيتن تي مشتمل هڪ ڪتاب ’گُجر ۾ گج‘ مشهور آهي، جيڪو گل حيات پبلشنگ هائوس، لاڙڪاڻي، ۱۹۹۸ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. سـندس ٻين ڇپايل ڪتابن ۾:

(۱) ’پپر ۾ پينگھ‘ (۱۹۹۲ع)،

(۲) ’ڪنڌيءَ نــســريـا ڪانهه‘ (۱۹۹۴ع)،

(۳) ’پــيرن پنڌ ڪـنـديـاس‘ (۱۹۹۵ع) ۽

(۴) ’نيڻ ڳالهائن ٿا‘ (۱۹۹۷ع) قابل ذڪر آهن.

علي گل سانگي ۲۹ اپريل ۲۰۱۴ع تي وفات ڪئي.

 

(عبدالجبار آزاد منگي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا