شيخ اياز
جديد سنڌ جو عظيم شاعر
حسيب ناياب منگي
شيخ
اياز سنڌي ادب جو اُهو چنڊ، جنهن پنهنجي نروار ٿيڻ سان ئي شعوري ڪرڻن کي اهڙي طرح
ته جرڪايو جو سندس ٻالڪپڻي واري وهيءَ ۾ ئي پڙهندڙن جو حلقو حيراني ۾ اچي ويو هو
ته ڇا عمر اٿس ڇا ڏات! ڏات ڌڻين جي ڏيهه ۾ هُو اهڙو ڏات ڌڻي ٿي اُڀريو جو سنڌ ۽
هند ته ڇا پر جتي جتي سنڌي ادب جي روشني پوڻ لڳي، تنهن تنهن ديس ۾ نانءُ ڪڍيو. هن
جي غير معمولي ڏات اهڙو ته ڏانءُ ڏنو جو سندس تخليق سنڌ جي نوجوانن جي ذهن ۾
انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. گهٽيءَ گهٽيءَ مان سندس گيتن جي هٻڪار آئي ۽ سنڌ جو هر ماڻهو
شيخ اياز جو مشتاق بڻيو. شاعري جي ڏيهه ۾ هو جديد سنڌي شاعري جو اڳواڻ بڻيو ته
سندس نثر جي چاشني جن چکي سي پڻ اُهو چوڻ لڳا ته اياز جو نثر به نظم جيان جڳ ۾ پڌرو
آهي. هن جون ڪهاڻيون عام جيوت ۽ سورن جي عڪاسي ڪرڻ لڳيون ۽ ماڻهن مڃيو ته ادب ۾
جتي سندس سوچ پهچي ٿي تنهن صنف کي هو بي مثال ٿو ڪري ڇڏي.