; سنڌي شخصيتون: نور عباسي، اديب، شاعر، صحافي، ڪالم نگار، اسد ڪيريو،
Showing posts with label نور عباسي، اديب، شاعر، صحافي، ڪالم نگار، اسد ڪيريو،. Show all posts
Showing posts with label نور عباسي، اديب، شاعر، صحافي، ڪالم نگار، اسد ڪيريو،. Show all posts

28 June, 2026

نور عباسي

نور عباسي

برک اديب/ شاعر/ صحافي/ ڪالم نگار

اسد ڪيريو



منھنجي شھر نواب شاھ سان تعلق رکندڙ برک صحافي، اديب، شاعر، افسانہ نگار، ڪالم نگار ۽ طنز و مزاح جو بادشاھ لکاري نور محمد عباسي المعروف ”نور عباسي“ ڪنھن تعارف جو محتاج ناهي، ساھتي پرڳڻي جي ”ڀريا” شھر ۾ ۲۶ - جون ۱۹۲۷ع تي حاجي محمد ھاشم عباسيءَ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ھي يگانو انسان پوري زندگي نواب شاھ ۾ رھيو. سال ۱۹۵۰ع جي ڏھاڪي ۾ صحافت جي شعبي سان جو نينھن ناتو جوڙيائين ته زندگيء جي آخري گھڙي تائين ان ڪرت سان جنبيل رھيو.