ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
هر دور ۾ وڌندڙ سندس اهميت
۽ ضرورت
ايڊيٽوريل عوامي
آواز
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اڄ
ورسي آهي. پاڻ ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي جسماني طور تي اسان کان ضرور وڇڙي ويا پر کيس سندس وفات کانپوءِ به نه
رڳو سنڌ جي ليجنڊ طور ياد ڪيو ويو پر سندس ڪمي وقت گذرڻ سان گڏ شديد کان شديد طور
محسوس ڪئي وئي. ان جا ٻه وڏا ۽ بنيادي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. هڪ سبب اهو آهي ته ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جن حالتن ۽ مسئلن خلاف جدوجهد ڪئي سي حالتون ۽ مسئلا اڄ به جيئن جو
تيئن اوهڙا ئي آهن ۽ ٻيو وڏو ڪارڻ شايد اهو ئي آهي ته سنڌ کي ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي جهڙو ليڊر وري نه ملي سگهيو آهي ۽ نه ئي شايد وري ملي سگهي.