; سنڌي شخصيتون: ڪي بي رند، اسد ڪيريو، قلي بخش رند، ذوالفقار قادري،
Showing posts with label ڪي بي رند، اسد ڪيريو، قلي بخش رند، ذوالفقار قادري،. Show all posts
Showing posts with label ڪي بي رند، اسد ڪيريو، قلي بخش رند، ذوالفقار قادري،. Show all posts

14 June, 2026

قلي بخش رند عرف ڪي بي رند

قلي بخش رند عرف ڪي بي رند

ناليواري آفيسر قلي بخش رند جي لاڏاڻي جو ڏينهن

ذوالفقار قادري



اڄ قلي بخش رند صاحب عرف ڪي بي رند بہ لاڏاڻو ڪري ويو، هي فاني جهان آھي هر هڪ نفس کي آخر هڪ ڏينهن هي دنيا ڇڏڻي پوي ٿي سندس جو پورو نالو قلي بخش ولد حاجي غلام نبي رند هو، چاچا غلام نبي رند پنهنجي علائقي جا معتبر زميندار هئا هن پنهنجي سڀني پٽن کي اعلئ تعليم ڏياري

قلي بخش رند صاحب جڏھن کان سول بيوروڪريسي جوائن ڪئي هن “ڪي بي رند“ جي نالي سان شهرت ماڻي، قلي بخش رند جو جنم ۱۵ نومبر ۱۹۵۱ع نوابشاه جي سڪرنڊ تعلقي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ٿيو بنيادي تعليم سڪرنڊ ۽ نوابشاه مان حاصل ڪئي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۱۹۷۴ع ۾  ايم اي انگلش (آنرز) ۽ اسلام آباد مان ايم. ايس. سي (ڊفينس اسٽريٽجڪ اسٽڊيز) ڪيائين. ۱۹۷۴ع ۾ ئي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو ٽريننگ بعد هن پنهنجي سرڪاري ملازمت جو باضابطہ آغاز ۱۹۷۵ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر کان ڪيو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر ٿي رهيو. قلي بخش رند کي علم ادب سان چاهہ رهيو هو جڏھن ۱۹۸۹ع ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن هو تہ مون قمبر ها۽ اسڪول ۾ ڪتابي ميلو منعقد ڪرايو ۽ کيس شرڪت جي دعوت ڏنم تہ هن دل سان قبول ڪري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، قلي بخش رند جي سرڪاري نوڪري هيٺين ريت رهي