مظهر الحق صديقي
سندس لاڏاڻو - هڪ
انتظامي دور جي پڄاڻي
محمد احسان لغاري
فيبروري۲۶، ۲۰۲۶ تي سائين مظهر الحق صديقي جو
لاڏاڻو پاڪستان جي ادارتي تاريخ ۾ هڪ ڊگھي انتظامي عهد جي پڄاڻي آهي. سندن تعلق
سول سرونٽس/ نوڪرشاھي جي ان پيڙھي سان هو، جن لاءِ رياست ڪو تجريدي (ايبسٽريڪٽ)
تصور نه پر هڪ زندهه ۽ متحرڪ بناوٽ هئي، جيڪا قاعدن، فائلن، مالي ضابطن ۽ تسلسل جي
آڌار تي قائم رهندڙ آھي. سندن حياتي پاڪستان جي بيوروڪريسي/افسرشاھي جي اعليٰ
عھدن، يونيورسٽين جي ڏُکيرن لاهن چاڙهن ۽ هڪ وڏي خانگي ميڊيا اداري (ھم) جي
سربراهي تائين پکڙيل هئي. ھڪ مقصد ڀري، ڪامياب عملي زندگي گذاريندي، ھنن اهڙا نقش
ڇڏيا آهن جيڪي اڄ به سنڌ جي انتظامي ۽ تعليمي اڏاوت (آرڪيٽڪچر) تي اثرانداز ٿي
رهيا آهن.