; سنڌي شخصيتون: انجنيئر اي ايف عباسي، انجنيئر شبير ممنائي،
Showing posts with label انجنيئر اي ايف عباسي، انجنيئر شبير ممنائي،. Show all posts
Showing posts with label انجنيئر اي ايف عباسي، انجنيئر شبير ممنائي،. Show all posts

14 June, 2026

انجنيئر اي ايف عباسي

انجنيئر اي ايف عباسي

انجنيئر شبير ممنائي



اسان انتهائي ڏک ۽ افسوس سان اعلان ڪريون ٿا ته نامور ماهرِ تعليم، انجنيئر ۽ دانشور پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر حافظ عبدالغفور (A.F.) عباسي صاحب ۱۳ جون ۲۰۲۶ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويا.

إِنَّا لِلّٰهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ

پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر حافظ عبدالغفور عباسي سنڌ جي علمي، تعليمي ۽ انجنيئرنگ دنيا جي هڪ انتهائي معزز شخصيت هئا. سندن جنم ۲۲ مارچ ۱۹۳۷ تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪرڻ بعد ڊي. جي. سائنس ڪاليج ڪراچي مان انٽرميڊيئيٽ ۽ ۱۹۵۹ع ۾ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج مان سول انجنيئرنگ ۾ فرسٽ ڪلاس بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائون.