حسين بخش ڀاڳت
گڏيل قومن جي مڃتا ماڻيندڙ
ماحول دوست شخص جو وڇوڙو
ناصر علي پنهور
علي محمد راشديءَ، سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جي شڪار جي حوالي سان لکيو آهي؛
”سنڌ وڏيرن لاءِ هڪ ڊگهي وئڪيشن جيان هئي. ان ئي سنڌ ۾ سنڌ جا وڏيرا نه رڳو پاڻ پر
وقت جي حاڪمن، جن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي حڪمران شامل هوندا هئا، تن کي به شڪار ڪرائيندا
هئا.“
جهنگلي جيوت جون ڪيتريون جنسون هاڻي رڳو برطانوي راڄ ۾ ٺهيل گزيٽيئرز
۾ ئي ملن ٿيون، پر اها به حقيقت آهي ته سنڌ ۷۰ع جي ڏهاڪي ۾ جهنگلي جيوت کاتي جو بنياد
وجهي ٻين صوبن کي پٺتي ڪري ڇڏيو. اڄ سنڌ ۾ جهنگلي جيوت توڙي ان جي کاتي جي حالت ڳڻتيءَ
جوڳي آهي. کاتي جا پراڻا آفيسر، جيڪي پنهنجي شعبي جا ماهر هوندا هئا، سي آهستي آهستي
رٽائر ٿيندا ويا. ان وچ ۾ کاتي سان مختلف تجربا به ٿيندا رهيا، ڪڏهن بورڊ ٺاهيو ويو،
ڪڏهن بورڊ کي ختم ڪيو ويو. سياسي مداخلت، اقربا پروري، ميرٽ جي لتاڙ ٻين ادارن وانگر
هن اداري کي به کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هيءَ دکدائڪ خبر به اسان تائين پهتي آهي ته
کاتي جو روح روان حسين بخش ڀاڳت به هي جهان ڇڏي ويو. هيءَ خبر يقيناً ان جي خاندان
سان گڏ فطرت ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ ڪندڙن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي.
حسين بخش ڀاڳت جو شمار به پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکندڙ کاتي ۾ بچي ويل چند
آفيسرن طور ٿيندو هو. ادارا ماڻهن سان ئي هلندا آهن ۽ اهي ادارن جي سڃاڻپ هوندا آهن،
خالي عمارتن سان ادارا نه ٺهندا آهن. خيرپور جي سڳيون واري علائقي سان تعلق رکندڙ حسين
بخش ڀاڳت سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي واري شعبي مان ۱۹۸۲ع ۾ ايم ايس سي ڪئي ۽ آخري وقت
تائين سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي سان جڙيل رهيو. اڄڪلهه جي دور ۾ سرڪاري نوڪري ڪرڻ ڪو
سولو ڪم ناهي ۽ نه ئي هر ڪو اهو ڪم ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته خود حسين بخش ڀاڳت
به عتاب هيٺ رهيو. گذريل جولاءِ ۾ منهنجي ساڻس آخري ملاقات مٺيءَ ۾ ٿي، جتي هو منهنجي
پرزور اصرار تي ٿر ۾ مورن جي بيماريءَ جي حوالي سان منعقد ٿيل ڊائلاگ ۾ شريڪ ٿيو هو.
تن ڏينهن ۾ مورن ۾ بيماريءَ جو مسئلو عروج تي هو ۽ مور ٿر وارن لاءِ وڌيڪ حساس معاملو
آهي ۽ کاتي جي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان کين ڪافي شڪايتون به هيون. ان پس منظر ۾ مٺي
پريس ڪلب ۾ ٿيل ڊائلاگ ۾ نه رڳو ڀاڳت صاحب شريڪ ٿيو پر صحافين ۽ سول سوسائٽيءَ جي تيز
۽ تند سوالن جا جواب انتهائي صبر ۽ تحمل سان ڏنائين. ڊائلاگ دوران ڪيترا ئي ڀيرا صورتحال
جذباتي ٿيندي پئي وئي پر آخر تائين هو هڪ ذميوار آفيسر طور ڊائلاگ ۾ ويٺل رهيو ۽ کاتي
تي ٿيندڙ تنقيد ٻڌي ۽ ان تي پنهنجي راءِ ڏني ۽ پوءِ مون کي اهو چوڻو پئجي ويو ته ڊائلاگ
جي ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ حسين بخش ڀاڳت کي وڃي ٿو، جي هو پنهنجي کاتي جي نمائندگي نه
ڪري ها ته پوءِ هي ڊائلاگ به عام رواجي ڊائلاگ وانگر سرڪار جهڙي اهم ڌر جي موقف ٻڌڻ
کانسواءِ ختم ٿي وڃي ها.
حسين بخش، ٿيڻ ته ڊاڪٽر پئي چاهيو ۽ هن ڪجهه وقت سکر جي پبلڪ اسڪول ۾
استاد طور به ڪم ڪيو. ۱۹۸۶ع ۾ کيس سنڌ وائلڊ لائيف مينجمينٽ بورڊ کاتي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ
چونڊيو. کاتي جي سکر ڊويزن جي انچارج طور سندس انڌي ٻلهڻ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ان دوران
ڪيترا ئي بين الاقوامي ماهر انڌي ٻلهڻ تي تحقيق جي حوالي سان وٽس اچڻ لڳا، جنهن مان
کيس اندازو ٿيو ته سنڌ ۾ انڌي ٻلهڻ بابت ڪا به سائنسي ڄاڻ موجود ناهي. ان سلسلي ۾ انڌي
ٻلهڻ جي سالياني سروي ڪرڻ جي روايت به حسين بخش ڀاڳت وڌي. ۱۹۹۴ع ۾ سنڌ وائلڊ لائيف
مينجمينٽ بورڊ کي ٽوڙيو ويو. ۱۹۹۵ع ۾ کيس جهنگلي جيوت کاتي ۾ سکر ڊويزن جو ڊپٽي ڪنزرويٽر
مقرر ڪيو ويو. ۱۹۹۶ع ۾ کاتي پاران انڌي ٻلهڻ جي سروي ڪئي وئي، جنهن مان خبر پئي ته
ٻلهڻ جي آبادي برقرار آهي پر ان ۾ واڌارو نه ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه سکر ۾ انڊس
ڊولفن ريسڪيو سينٽر قائم ڪرڻ ۾ به حسين بخش جو اهم ڪردار رهيو. خود ٻلهڻ کي ريسڪيو
ڪرڻ جي حوالي سان مقامي ماڻهن خاص ڪري مهاڻن کي تربيت ڏيڻ ۾ به سندس اهم هٿ رهيو. اهڙي
ريت انڌي ٻلهڻ به حسين بخش ڀاڳت جي سڃاڻپ جو سبب رهي. ڪي ٽي اين جي شروعاتي ڏينهن
۾ ممتاز بخاري پاران ٻلهڻ تي ٺاهيل دستاويزي فلم ذريعي به حسين بخش ڀاڳت ٻلهڻ جي حوالي
سان سائنسي معلومات عام ماڻهن تائين پهچائي. اقوام متحده پاران ۲۰۰۲ع ۾ پاڪستان ۾ ماحول
لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن بابت هڪ اهم ڪتاب ”گرين پايونيئرز“ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ٽن
شخصيتن جا پروفائيل شامل ٿيا هئا، تن ۾ هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر (ٻيو)، حسين
بخش ڀاڳت ۽ ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو شامل هئا. اڄ حسين بخش ڀاڳت اسان وٽ موجود ناهي
پر سندس ڪيل ڪم نوجوان نسل لاءِ، جيڪي جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا،
رهنمائيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
No comments:
راءِ ڏيندا