; سنڌي شخصيتون: خانصاب عبدالڪريم پلي - لجپت مالهي

05 November, 2013

خانصاب عبدالڪريم پلي - لجپت مالهي

خانصاب عبدالڪريم پلي
اميريءَکان وڌيڪ فقيريءَ کي اوليت ڏيندڙ
لجپت مالهي/ عمرڪوٽ
سونهاري سنڌ، پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم انسانن کي آسيس ڏنو آهي. انهن ۾ مارويءَ جي ملڪ امراڻي جو عظيم ڪردار نواب خانصاب عبدالڪريم پلي پڻ هڪ آهي، جنهن جي ۴ نومبر ۲۰۱۳ع تي ۲۲ هين ورسيءَ جو ڏهاڙو آھي.
خانصاحب عبدالڪريم پلي، جنهن کي ناري پٽ جا ماڻهو دودو چوندا هئا. اهو نواب، سنڌ جو نرالو ڪردار ان ڪري به هو جو هن اميريءَ کان وڌيڪ فقيريءَ کي اوليت ڏني هئي. سندس سياسي خدمتن جون کوڙ ساريون ڳالهيون انبن واري شهر ميرپورخاص کان وٺي ٿر جي راجستاني بارڊر تائين، سمورا ماروئڙا ڪندا رهن ٿا.

سنڌي ادب ۾ عبدالڪريم پليءَ جو هڪ پنهنجو مقام رهيو آهي. سندس شاعريءَ کي راڳ جي راڻي عابده پروين به سُر سنگيت جا ويس اوڍايا. عمرڪوٽ جي تعليمي ترقيءَ لاءِ پهريون ڪاليج منظور ڪرائڻ به سندس پهريون ڪارنامو آهي. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي مضبوط ۽ ڏکي صنف ڪافيءَ تي مرحوم عبدالڪريم پلي کي وڏو عبور حاصل هوندو هو. ھيٺ ڄاڻايل ٽي ڪتاب سندس علمي پورهئي جو شاهڪار حصو آهن.
1.      وڻجارن وايون.
2.      ڪيا سانگ ساوڻ.

3.      چنڊ جهڙا پرين. 

No comments:

راءِ ڏيندا