خانصاب عبدالڪريم پلي
اميريءَکان وڌيڪ فقيريءَ
کي اوليت ڏيندڙ
لجپت مالهي/ عمرڪوٽ
سونهاري سنڌ، پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم انسانن کي آسيس ڏنو آهي. انهن
۾ مارويءَ جي ملڪ امراڻي جو عظيم ڪردار نواب خانصاب عبدالڪريم پلي پڻ هڪ آهي، جنهن
جي ۴ نومبر ۲۰۱۳ع تي ۲۲ هين ورسيءَ جو ڏهاڙو آھي.
خانصاحب عبدالڪريم پلي، جنهن کي ناري پٽ جا ماڻهو دودو چوندا هئا. اهو
نواب، سنڌ جو نرالو ڪردار ان ڪري به هو جو هن اميريءَ کان وڌيڪ فقيريءَ کي اوليت ڏني
هئي. سندس سياسي خدمتن جون کوڙ ساريون ڳالهيون انبن واري شهر ميرپورخاص کان وٺي ٿر
جي راجستاني بارڊر تائين، سمورا ماروئڙا ڪندا رهن ٿا.
