ارجن شاد
سرحد جي پار منهنجي نظر
کي اُڏڻ ڏيو
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو نهايت آبرودار شاعر ارجن شاد، ست ورهيه اڳ ممبئيءَ ۾ گذاري
ويو. سندس رک وشال ديس جي ساگر ۾ گڏجي وئي. هاڻ هو جسماني طور اسان وٽ نه آهي، پر سندس
سندس حسين چهري تي نفيس نچندڙ مرڪ، جنهن به هڪ ڀيرو ڏٺي هوندي، اهو پنهنجي اکين مان
ان مرڪ جو تصور گم ڪري نه سگهندو. ٻيءَ طرح هو سنڌي ترقي پسند، اديبن جي ان ٽهيءَ مان
هئو، جيڪا ٽهي، سنڌي ادب جي ترقي پسند ٽمورتي، اتم، مالهي ۽ ڪيرت، کان پوءِ سنڌي ادب
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي جاتيءَ کي بچائڻ لاءِ اڳتي آئي، جن ۾ ڊاڪٽر ارجن شاد سان گڏ، ڊاڪٽر
موتي پرڪاش، ڪرشن راهي ۽ لڇمڻ ڪومل خاص طور ڳڻي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر ارجن شاد، خوبصورت
شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪنهن به تخليقي صنف تي ممبئيءَ يونيورسٽيءَ مان پهرين پي ايڇ ڊي ڪندڙ
ليکڪ آهي. هو ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيڻ کان پوءِ، سنڌي شعبي جي هيڊ ٿيڻ تائين،
ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ رهيو. اتائين ئي رٽائر ٿيو. سندس سنڌي غزل تي ڪيل پي ايڇ ڊي، بيمثال
ٿيسز آهي. پر هو اول ۽ آخر شاعر هئو. کيس سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”انڌو دونهون“ تي، هند
جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي طرفان انعام سان نوازيو ويو. ٻيءَ طرح
هن ڪيترا ئي انعام وٺي، انهن انعامن جو مان مٿانهون ڪيو.
ڊاڪٽر ارجن شاد، شاعر سان گڏ هڪ عاليشان نقاد پڻ رهيو. سندس تنقيدي ڪتاب
”ادبي خوشبو“، سندس آخري ڪتاب آهي. ساڳئي وقت، هن روسي شاعرن جي شاعري سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪئي، جنهن ڪتاب کي سنڌي نالو ڏنائين، ”آنءُ ڳلين جو ڳائيندڙ“. هن ڪتاب تي، کيس سوويت
لينڊ، لينن انعام ڏنو ويو ۽ پندرهن ڏينهن لاءِ کيس روس جو درشن پڻ ڪرايو ويو. سندس
ڪتابن ۾ اڌ درجن کن ڪتاب آهن. ساڳئي وقت، مٿس هند جي ۽ سنڌ جي، وچ ۾ ادبي پل جو ڪردار
ادا ڪندڙ ادبي مئگزين ”ڪونج“ جو هڪ شاندار پرچو پڻ نڪتل آهي، جيڪو ادبي حوالي ۾ نهايت
اهم پرچو ڳڻي سگهجي ٿو. ارجن شاد. سترهين ڊسمبر ۱۹۲۴ع ۾ سکر ۾ ڄائو. پر اصل سندس خاندان
لاڙڪاڻي جو آهي، جيڪو ميرچنداڻي سڏيو وڃي ٿو. ان ڪري چئي سگهبو ته هو موهن جي دڙي جي
مٽيءَ مان جڙيل هڪ اهڙي مورت هئو، جنهن کي ڏسڻ ۽ ساڻس ڪچهري ڪرڻ مان جيءُ نه ڀربو هئو.
هو جهڙو حسين ليکڪ هئو، تهڙو حسين شخص هئو. سون تي سهاڳو وري هيءَ هئو ته سندس وني،
دادي موهني ميرچنداڻي پڻ هڪ حسين خاتون هئي. جنهن جو آواز، وري کيس جهڙو ئي حسين هئو.
سنڌي ادب ۾ هيءَ حسين جوڙي، ممبئيءَ جي ادبي جوڙن، خاص طور سندري ۽ اتم، مايا راهي
۽ ڪرشن راهي، ڪلا پرڪاش ۽ موتي پرڪاش وانگر سنڌي ادب جي سونهن هئي.
ڊاڪٽر ارجن شاد، سنڌ ڇڏي ته هو ٽيويهن سالن جو باشعور نوجوان هئو. هن
سنڌ ڇڏي ته ممبئي وڃي وسائي ۽ پوءِ هو آخري گهڙيءَ تائين ممبئيءَ ۾ رهيو.
ادب کان سواءِ هو هڪ ماهر تعليمدان پڻ هئو. سندس تعليم جي کيتر ۾ ڪيل
خدمتون پڻ ياد رکڻ جهڙيون آهن. ممبئيءَ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي هيڊ هجڻ واري وقت
۾، سندس رهنمائيءَ هيٺ ڪيترا ئي نوجوان سنڌيءَ ۾ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون وٺي
نڪتا، جيڪي اڄ به کيس بيحد احترام مان ياد ڪن ٿا.
هو سنڌي ادب ۾ پنهنجي شاعريءَ ۽ نثر جي حوالي ۾ سدائين ياد ڪيو ويندو.
۳ نومبر، سندس ديهانت جو ڏينهن آهي. سنڌ کيس ياد ڪري ٿي، ائين جيئن هو سڄي ڄمار سنڌ
کي ياد ڪندو رهيو. هو پاڻ ورهاڱي کان پوءِ سنڌ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ جي آس دل ۾ سانڍي ويٺو
هو. سندس خواب هئو ته هو هڪ ڀيرو سنڌ ڏسي، جنهن جو احساس هن پنهنجي هڪ شعر ۾ هينئن
اظهاريو آهي.
سرحد جي پار منهنجي نظر کي اڏڻ ڏيو،
هڪ ڀيرو پنهنجي ديس جي
ڌرتي ڏسڻ ڏيو.
هو پنهنجي ڌرتيءَ هڪ ڀيرو وري ڏسي نه سگهيو. پر هو اڄ به اسان جي اکين،
دلين ۽ دماغن ۾ محفوظ آهي.
سندس موڪلاڻيءَ جو ڏينهن ۳ نومبر ۲۰۰۶ع آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا