ارجن شاد
سرحد جي پار منهنجي نظر
کي اُڏڻ ڏيو
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو نهايت آبرودار شاعر ارجن شاد، ست ورهيه اڳ ممبئيءَ ۾ گذاري
ويو. سندس رک وشال ديس جي ساگر ۾ گڏجي وئي. هاڻ هو جسماني طور اسان وٽ نه آهي، پر سندس
سندس حسين چهري تي نفيس نچندڙ مرڪ، جنهن به هڪ ڀيرو ڏٺي هوندي، اهو پنهنجي اکين مان
ان مرڪ جو تصور گم ڪري نه سگهندو. ٻيءَ طرح هو سنڌي ترقي پسند، اديبن جي ان ٽهيءَ مان
هئو، جيڪا ٽهي، سنڌي ادب جي ترقي پسند ٽمورتي، اتم، مالهي ۽ ڪيرت، کان پوءِ سنڌي ادب
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي جاتيءَ کي بچائڻ لاءِ اڳتي آئي، جن ۾ ڊاڪٽر ارجن شاد سان گڏ، ڊاڪٽر
موتي پرڪاش، ڪرشن راهي ۽ لڇمڻ ڪومل خاص طور ڳڻي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر ارجن شاد، خوبصورت
شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪنهن به تخليقي صنف تي ممبئيءَ يونيورسٽيءَ مان پهرين پي ايڇ ڊي ڪندڙ
ليکڪ آهي. هو ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيڻ کان پوءِ، سنڌي شعبي جي هيڊ ٿيڻ تائين،
ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ رهيو. اتائين ئي رٽائر ٿيو. سندس سنڌي غزل تي ڪيل پي ايڇ ڊي، بيمثال
ٿيسز آهي. پر هو اول ۽ آخر شاعر هئو. کيس سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”انڌو دونهون“ تي، هند
جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي طرفان انعام سان نوازيو ويو. ٻيءَ طرح
هن ڪيترا ئي انعام وٺي، انهن انعامن جو مان مٿانهون ڪيو.
