مرتضى سيال
مرڪن لڙڪن ۽ سڏڪن جو مصور
اسحاق انصاري
گذريل ڀيري جڏهن منهنجي ناول ”خالي بينچ“ جي ٻئي ايڊيشن
تي هڪ پروگرام خيرپور ۾ رکيو ويو هيو ته مون چيو هو ته خيرپور منهنجي من اندر جي وادين
۾ وسيل آهي، ڀلي هي کجين جو ديس هجي پر هتان جي ماڻهن جون محبتون تلسيءَجي ان ڏوهيڙي
جيان بالڪل نه آهن؛
تلسي ايسي پريت نه ڪر،
جيسي لنبي کجور
ڌوپ لگي تو ڇائون نهين،
بوک لگي ڦل دور
پر هتان جي ماڻهن جون محبتون، ميرواهه جيان هميشه روان دوان، ساون رهندڙ
وڻن جيان آهن. ڀلي اهي شاهه عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي هجي يا ريڊيو خيرپور هجي، يا
وري ڇٽي چوڪ تي پوپٽ پريس هجي. اهي اسان جا ڪچهرين جا ۽ يارين جا مرڪز هيا. تڏهن ته
مان چوندو آهيان ته ”لاڙڪاڻو منهنجي جنم ڀومي آهي ۽ خيرپور منهنجي ڀومي آهي.“
ها، هن ساڳي خيرپور ۾ منهنجي ملاقات مرتضى سيال سان ٿي هئي. اسان ٻنهي
جي ملاقات جو سبب قربان منگي بڻيو. پوءِ وري منهنجي، مرتضى، نديم گل عباسي ۽ قربان
منگي جي وچ ۾ ملاقاتن جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويو. مان به گھڻو ڪري لطيف يونيورسٽي
جي ٽيچرس هاسٽل مان نڪري واڪ لاءِ واهه جي ڪڙ ڏئي ڇٽي چوڪ تي پوپٽ پريس پهچندو هيس.
جتي اسان ڳالهين جا ڊگها ڊگھا پنڌ ڪندا هياسين جڏهن ٿڪجندا هياسين ته مان رڪشي تي واپس
لطيف يونيورسٽي ته هي وري پنهنجي پنهنجي گھر. پر ايئن به ٿيندو هو ته ويڪ اينڊ تي شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي جي سامي ٽيچرس هاسٽل ۾ رات ٽڪندا هيا پوءِ هونديون هيون سڄي رات
ڪچهريون. يونيورسٽي جي هڪ سڪيلڌي رستي ڪيمپس کان حامي هاسٽل تائين پيا گھمندا هياسين.
وري تازي تواني ٿيڻ لاءِ ڪبوتري هوٽل جون چانهيون، سڄي رات ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ پرهه
ڦٽيءَ مهل سمهندا هياسين. اهي به ڪي دور هيا، هاڻي ته سنگتياڻين کي به يارهين وڳي کان
پوءِ ٽائيم نه ٿا ڏئي سگھون.
ٻاهرين ملڪن ۾ ڪنهن پياڪ کي گاڏي هلائيندي پڪڙيندا آهن ته هن کي ڦوڪڻو
ڦوڪڻ لاءِ ڏيندا آهن يا وري اهڙي ڪا ٻي انسٽنٽ ٽيسٽ ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن ٻيو نه ته
رستي تي ڪڍيل لڪير تي سڌو هلڻ لاءِ چوندا آهن. پوءِ جيڪو هوندو ان مزي ۾ ته اهو نانگ
جيان پيو هلندو. باقي مان پنهنجي لاءِ سوچيندو آهيان ته عام حالتن ۾ به پنجن منٽن جي
مفاصلي کان وڌيڪ سڌو نه هلي سگھندس. پر مونکي يقين ڪامل آهي ته مرتضى سيال، ميلن جا
ميل ان لڪير تي سڌو هلي ويندو. اصل ۾ مرتضى سيال، پنهنجي پوري زندگي يا گھٽ ۾ گھٽ جڏهن
کان مونسان واقفيت ٿي اٿس، اها ڏاڍي توازن ۾ گذاري اٿس. پوءِ اهو ڪپڙن لٽن جي معاملي
۾ هجي يا دوستي جي معاملي ۾ يا وري مالي معاملو هجي. هو توازن سان هلندو آهي. اسان
جهڙا مولائي ماڻهو ته ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن. ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ، ڪڏهن خزان ته ڪڏهن
بهار، ڪڏهن سردي ته ڪڏهن گرمي. پر هن يار وٽ ته ڄڻ ٽراپيڪل ملڪ جي موسم هجي، سدائين
هڪجهڙي.
مرتضى سيال جي ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته ڪم ڪبو ته دل جمعيءَ سان ۽ سچائيءَ
سان ڪبو. باقي هروڀرو جي ڦند ڦير مان فقير نه ڄاڻي. جنهنڪري ڪڏهن دوستن جون ته ڪڏهن
آفيسرن جون ته ڪڏهن زيردستن جون به شڪايتون کيس ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ مليون آهن. هو کرو به
ڏاڍو آهي. ايترو کرو جو ڪڏهن ڪڏهن ڪڙو لڳڻ لڳي. پر سچ منهن تي ڦهڪائي ڏيندو. انڪري
تي اسان ڀائر کيس ”ڪهاڙو“ به سڏيندا آهيون.
منهنجي ان ذڪر ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن سندس شخصيت آهي، سندس لکڻين
۾ به اهڙيون خاصيتون ملن ٿيون. سادا موضوع، جن تي گھڻن جو ڌيان نه وڃي. پر انهن تي
لکڻ، وقت جي ضروت هوندي آهي. جيئن خود مرتضى سيال ڪتاب ”هڪ سڏڪو لکت ۾“ اندر، پنهنجي
پاران ۾ لکي ٿو ته؛
”ڪالم جو بنيادي مقصد منهنجي نظر ۾ اهو ئي آهي ته مختصر انداز ۾ مسئلي
جي نوعيت بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ ان سان لاڳاپيل معلومات ۽ مسئلي جي حل لاءِ تجويزون پيش
ڪيون وڃن. مون پنهنجن ڪالمن ۾ بنهه سادي ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ معاملي کي عام فهم انداز
۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
هتي ليکڪ جي ايپروچ بالڪل پروفيشنل آهي. جيئن ته ليکڪ پاڻ ماس ڪميونيڪيشن
۾ ماسٽرس آهي ۽ عملي طرح به سندس صحافت سان واسطو گھڻي وقت کان آهي. ان ڪري هو سمجھي
ٿو ته ڪالم ڪنهن لاءِ ۽ ڪيئن لکبو آهي. پر توهان ڀلي بين الاقوامي اخبارون يا اسان
جون ڪجھه انگريزي اخبارون کڻي به ڏسندا ته ڪالم جو مقصد اهو ئي آهي. اسان وٽ وري ڪالم
ڪي روڄ راڙي سان ڀرپور ته ڪٿي وري سلطان راهي واريون ڀڀڪيون ته ڪنهن ۾ وري هروڀرو مفڪر
ٿيڻ جي ڪوشش ڪبي، ته ڪي ڪالم وري اهڙا جو ”اڌ ڪاٺ جو، اڌ لوهه جو، جيڪو نه ڀڃي پٽ ڳوهه
جو.“ واري ڳالهه آهي. يعني ڪالم لکندي لکندي فڪشن وارو انداز ڏيندي لکڻ جي ڪوشش ڪبي
جنهنڪري اهو نه وڃي ڪالم بچندو نه وري ڪهاڻي.
No comments:
راءِ ڏيندا