; سنڌي شخصيتون: مرتضى، سيال، مرڪن، لڙڪن، سڏڪن، مصور، اسحاق، انصاري،
Showing posts with label مرتضى، سيال، مرڪن، لڙڪن، سڏڪن، مصور، اسحاق، انصاري،. Show all posts
Showing posts with label مرتضى، سيال، مرڪن، لڙڪن، سڏڪن، مصور، اسحاق، انصاري،. Show all posts

03 November, 2013

مرتضى سيال - اسحاق انصاري

مرتضى سيال
مرڪن لڙڪن ۽ سڏڪن جو مصور
اسحاق انصاري
گذريل ڀيري جڏهن منهنجي ناول ”خالي بينچ جي ٻئي ايڊيشن تي هڪ پروگرام خيرپور ۾ رکيو ويو هيو ته مون چيو هو ته خيرپور منهنجي من اندر جي وادين ۾ وسيل آهي، ڀلي هي کجين جو ديس هجي پر هتان جي ماڻهن جون محبتون تلسيءَجي ان ڏوهيڙي جيان بالڪل نه آهن؛
تلسي ايسي پريت نه ڪر، جيسي لنبي کجور
ڌوپ لگي تو ڇائون نهين، بوک لگي ڦل دور
پر هتان جي ماڻهن جون محبتون، ميرواهه جيان هميشه روان دوان، ساون رهندڙ وڻن جيان آهن. ڀلي اهي شاهه عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي هجي يا ريڊيو خيرپور هجي، يا وري ڇٽي چوڪ تي پوپٽ پريس هجي. اهي اسان جا ڪچهرين جا ۽ يارين جا مرڪز هيا. تڏهن ته مان چوندو آهيان ته ”لاڙڪاڻو منهنجي جنم ڀومي آهي ۽ خيرپور منهنجي ڀومي آهي.“