; سنڌي شخصيتون: فيض محمد عرف ميجو فقير- زرار پيرزادو

02 November, 2013

فيض محمد عرف ميجو فقير- زرار پيرزادو

فيض محمد عرف ميجو فقير
ٻلهڙيجيءَ جو ميجو
زرار پيرزادو
فيض محمد عرف ميجو فقير ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو هڪ اهڙو درويش صفت ڪردار هو جن کي عام طور تي ”الله جا ماڻهو“ طور ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو آهي. جڏهن ته سندس سڃاڻپ جا ٻيا به ڪيترا ئي حوالا آهن. هيءُ فقير يار محمد پيرزادي، ڪراچيءَ جي سينئر ترين ۽ مشهور ويٽنري ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي ۽ سنڌ جي ليجنڊ انور پيرزادي جو ڀاڻج، ڊي ايس ايف جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ رياض پيرزادي ۽ ٻلهڙيجيءَ جي مسيحائي ڪردار فياض پيرزادي جو وڏو ڀاءُ هو. جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ڦڦڙن جي بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

ميجي جي ٻڍڙن والدين کي هن عمر ۾ سندن جوان پٽ جي وڇوڙي جو هيءُ سور جيڪر نه ملي ها ۽ سندن هانءُ جو هيءُ ٿنڀ جيڪر نه ڪري ها. ميجي جي وفات جي تعزيت اسان سخي شاهه جمال مڪان تي ويٺل فقيرن سان به ڪيون ٿا، ڇو ته ميجو سندن هو ۽ هو ميجي جا آهن.
سندس اصل نالو فيض محمد هو. عبدالڪريم عرف گمي جو وڏو پٽ هو. فيض محمد سندس ڏاڏو هو جنهن جو نالو مٿس رکيو ويو. جڏهن ته گهر ۽ ڳوٺ ۾ کيس ”ميجل“ ڪري سڏيو ويندو هو.
هن جو آئڊيل جيئن ته سندس وڏو مامو فقير يار محمد هو تنهن ڪري کانئس متاثر ٿي هن به جوانيءَ ۾ ئي فقيري پاتي ۽ سخي شاهه جمال واري مڪان کي پنهنجو ٻيو گهر بڻائي ويهي رهيو ۽ ايئن ننڍي ڄمار ۾ ئي دنيا ترڪ ڪري ڇڏيائين. هُن کي هيءَ دنيا، اتان جا رواجي ماڻهو، نه پر فقير، درويش ۽ قلندري صفت ماڻهو وڻندا هيا ۽ انهن جي صحبت ڀائيندي هيس. گهر وارن گهڻي ڪوشش ڪئي ته کيس جڳ جهڙو بڻائجي، پڙهائي لکائي ڪنهن نوڪريءَ سان لڳائجيس ۽ پنهنجن پيرن تي بيهارجيس ۽ ان لاءِ آخري حربي طور سندس شادي به ڪرائي وئي. پر هن موٽ نه کاڌي ۽ پوءِ اهو ئي ٿيو جيئن الله جي ماڻهن سان ٿيندو آهي. سندس گهر ۽ ٻارن جو بار پوءِ والدين ۽ ڀائرن رضا خوشيءَ سان پنهنجن ڪُلهن تي کڻي رکيو ۽ ڀرپور نموني نڀاءُ پئي ڪيو. ڇاڪاڻ ته انهن وٽ فقير يار محمد ۽ لطف جو اهڙو مثال موجود هو.
ميجو اِن صوفي فڪر جو قائل هو ته الله جيئن ته انسان ۾ واسو ڪري ٿو. تنهن ڪري انسان کي اوليت جي بنياد تي تعظيم ملڻ گهرجي. سو جيئن ته پاڻ کي هو الله جو ماڻهو سمجهندو هو، تنهن ڪري ماڻهن مان اها ئي اميد رکندو هو ته کيس تعظيم ملڻ گهرجي. جيڪو به ماڻهو کيس اهڙي تعظيم ڏيندو هو ته هيءُ به پيو سندس ڳڻ ڳائيندو هو.
الله جي هن ماڻهوءَ کي سڀ کان وڌيڪ تعظيم سندس مامي ڊاڪٽر محمد حسن صاحب ڏني. جنهن کيس پڙهائڻ واسطي ڪراچيءَ گهرايو، اين جي وي اسڪول ۾ داخل ڪرايو پر استادن جي ظالماڻي رويي کيس پڙهڻ کان ڀڄائي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب پوءِ کيس پنهنجي وٽنري اسپتال ۾ ملازمت ڏني، جتي هو وقفي وقفي سان ڪم ڪندو رهيو. ان ملازمت دوران ساڻس ڪيترا ئي يادگار واقعا به منسوب آهن. سندس ۽ ڪاڪي ڊاڪٽر جون ڪچهريون، ڀوڳ ٺڪاءَ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وٽان هوندا هيا. هو ڪاڪي ڊاڪٽر جي گهر جو ڀاتي ٿي رهيو ۽ گهر جي ڪمن ڪارين ۾ به پيش پيش هوندو هو.
ڀٽائي ۽ صوفي فقيرن سان انسيت سبب هو پنهنجي ننڍي مامي انور جي به ويجهو ضرور هيو پر انور جي ترقي پسند سوچ ۽ ڇوڪرين جي آزادي واري خيال کي هو پسند نه ڪندو هو. پوءِ به هو پنهنجي مامي جي ذهانت ۽ عظمت جو قائل ضرور هو.
باقي فقير يار محمد ته سندس لاءِ مرشد هو ۽ هيءُ ان جي ئي اسڪول آف ٿاٽ جو شاگرد هو.
ميجي سان يقيني طور تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ روايتون منسوب آهن، جن کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي ۽ جن ماڻهن وٽ به هن الله لوڪ ماڻهوءَ جون اهڙيون يادگيريون آهن تن کي لکڻ گهرجي جنهن جي شروعات اسان جي ڀلوڙ ذهين ۽ ترقي پسند ليکڪ انور ابڙي ڪئي آهي ۽ ”اسان جو ميجو“ جي نالي سان هڪ خوبصورت تاثر لکي پنهنجو فرض ادا ڪري ڏيکاريو آهي.
ميجو جيتوڻيڪ گهر جو ڪو ڪمائتو فرد نه هو پر هو اها دعوى ضرور ڪندو هو ته سندس گهر مان جيڪا غربت ختم ٿي آهي ۽ جيڪا مالي خوشحالي آئي آهي سا سندس ڪري ئي آهي. هو چوندو هو ته جڏهن کان هن فقيري پاتي آهي ۽ سخي شاهه جمال جي آستان کي وسايو آهي ۽ سندس سيوا ڪئي آهي تڏهن کان اسان جي گهر ۾ خوشحاليءَ جو سوجهرو آيو آهي.
ميجل سان سلهاڙيل ڪجهه ڳالهيون هي به آهن: سندس ڀاءُ فياض ٻڌائي ٿو ته اسانجي ڀاڻج ۽ شاهه محمد پيرزادي جي پٽ وشال جي شاديءَ جون رسمون هلي رهيون هيون ۽ انهن جي هلندي هيءُ جيئن ته اسپتال ۾ داخل ٿيو ته هڪ موقعي تي پنهنجي خيال سان وڏي واڪي الله تعاليٰ کي ٻاڏايائين ته ”منهنجا مولا مونکي ۲۴ ڪلاڪن جي مهلت ڏجائن ته جيئن منهنجي ڀاڻج جي شادي ٿي وڃي ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو. جيئن ئي وشال جو نڪاح ٿيو، ٻئي ڏينهن تي ميجل لاڏاڻو ڪري ويو.
ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو مشهور سماج سڌارڪ ۽ ديومالائي ڪردار محب پيرزادو ٻڌائي ٿو ته ڪراچي اسپتال ۾ وفات کان هڪ ڪلاڪ اڳ، سندس زبان تي ڀٽائي، سچل ۽ حمل فقير جا ڪلام هيا ۽ اهي ڪلام ٻوليندي ٻوليندي هن پنهنجو دم ڏنو.
(ميجل جهڙا اڻ ڳڻيا درويش صفت ڪردار سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ملن ٿا. جن تي جيڪڏهن سندن جيري ئي لکيو وڃي ته ان جا گهڻا فائدا ٿي سگهن ٿا. پر الائي ڇو اسان جي اکين تان تڏهن پٽيون لهنديون آهن، جڏهن اهي وڇوڙو ڪري ويندا آهن.
جيڪڏهن ميجل جي حياتيءَ ۾ انور ابڙو يا اسان سندس تي لکون ها ۽ هو پڙهي ها ته ڪيڏو نه خوشي ٿئي ها ۽ ڪيڏو نه اتساهه وٺي ها.

بهرحال اسان ميجل کانپوءِ اهو ضرور سکيو ۽ سمجهيو آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ جو ڪو نعم البدل نٿو ٿي سگهي ۽ انور پيرزادي چواڻي ته هر ماڻهو پنهنجي اندر ۾ هڪ الڳ ڪائنات هجي ٿو. ميجل جي زندگيءَ جي به پنهنجي هڪ ڪائنات هئي. ٻلهڙيجيءَ جي جڏهن به انوکن، درويش صفت ۽ الله جي ماڻهن جو ذڪر نڪرندو ته ان ۾ ميجي جو به نالو ضرور کنيو ويندو.

No comments:

راءِ ڏيندا