فيض محمد عرف ميجو فقير
ٻلهڙيجيءَ جو ميجو
زرار پيرزادو
فيض محمد عرف ميجو فقير ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو هڪ اهڙو درويش صفت ڪردار هو
جن کي عام طور تي ”الله جا ماڻهو“ طور ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو آهي. جڏهن ته سندس سڃاڻپ
جا ٻيا به ڪيترا ئي حوالا آهن. هيءُ فقير يار محمد پيرزادي، ڪراچيءَ جي سينئر ترين
۽ مشهور ويٽنري ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي ۽ سنڌ جي ليجنڊ انور پيرزادي جو ڀاڻج، ڊي ايس
ايف جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ رياض پيرزادي ۽ ٻلهڙيجيءَ جي مسيحائي ڪردار فياض پيرزادي
جو وڏو ڀاءُ هو. جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ڦڦڙن جي بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
