غلام رباني آگرو
سنڌي ادب لاءِ خدمتون ارپيندڙ
- ورسيءَ جي مناسبت سان
تاج محمد شيخ
سونهاري سنڌ پنهنجي
سون ورني ڪُک مان ڪيترائي سپوت ڄڻيا، تن مان آگرو غلام رباني، اديب/ڪهاڻيڪار تعلقي
ڪنڊياري محمد خان آگري ۾ ۵ نومبر ۱۹۱۳ع تي هڪ استاد جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ابتدائي
علم به پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين، جيڪو تنهن زماني ۾ تعليم کاتي نوابشاهه هاڻوڪي
شهيد بينظير آباد ۾ انسپيڪٽر طور مقرر هو. رباني صاحب گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۵۳ع کان باقاعدي ادبي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ لکڻ شروع
ڪيو. پهريائين ماهوار نئين زندگي ۾ جوائنٽ ايڊيٽر طور خدمتون نڀائي پوءِ سنڌي ادبي
بورڊ جي سيڪريٽري طور ۱۹۵۹ع کان پنجن سالن تائين ادبي خدمتون سرانجام ڏيئي ۱۹۷۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر ٿي
خدمت ڪيائين.
۱۹۸۰ع ڌاري سندس خدمتون سنڌي ادبي بورڊ حوالي ٿيون، جتان پاڻ روزاني هلال پاڪستان
۾ سنڌي ثقافت جي حوالي سان مضمون لکي سنڌي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪامياب پڻ ٿيو، جيڪو
هلندڙ دور جي ضرورت بڻجي چڪو آهي. هن گونا گون وسيع خدمتون انجام ڏيندي ڪهاڻيون
تخليق ڪرڻ شروع ڪيون، سندس ڪهاڻين جو مجموعو “آب حيات” ٽي ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي، سندس
لکڻيءَ جي معيار، فڪر جو اندازو نروار آهي. آگري صاحب اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام
آباد ۾ پنجن سالن تائين ڊائريڪٽر طور خدمتون ارپي پوءِ اتي چيئرمين مقرر ٿي تنهن وقت
جي مرڪزي ادبي بورڊ لاهور ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ فار ڪلچر اينڊ ريسرچ لاءِ به خدمتون
ارپيائين.
رباني صاحب چيئرمين
اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد به رهيو، ۱۹۹۶ع ۾ فيڊرل ڪميشن جي ميمبر طور فرض نڀائڻ کانپوءِ رٽائر ٿيو.
رباني صاحب ڪلڪتي ۾ ٿيل ڪانفرنس ۽ ڍاڪا ۾ پاڪستاني وفدن جي اڳواڻي پڻ ڪئي. رباني صاحب
جي ڪهاڻين جا ترجما انگريزي، چيني، جرمني، اردو، هندي، گجراتي، مرهٽي ٻولين ۾ ٿي چڪا
آهن. “جهڙا گل گلاب جا” جيڪو سندس اهڙو ته ادبي شاهڪار آهي، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ
دل گلن جيان ٽڙي ٿي پوي، سو سنڌي ادبي بورڊ ٻن جلدن ۾ ڇپيو آهي، سنڌ جا بر، بحر ۽
پهاڙ به سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو آهي، ڊاڪٽر ائنيمري شمل، ڊاڪٽر مئڪلين ڪئيناڊا
جي محقق ۽ انگلينڊ جي محقق ڊيوڊ چيئرمين سندس لکيل ڪتابن جا حوالا، پنهنجي ڪتابن ۾
ڏنا آهن.
سندس ڪيل خدمتن سبب
حڪومت پاڪستان پاران “تمغه امتياز” صدر پاڪستان پاران “حسن ايوارڊ” مليا، کيس ٻيا ڪيترائي
ايوارڊ مليل آهن، جيڪي علمي توڙي ادبي ادبي خدمتن جي طور مليل مڃتائون آهن، آگري
صاحب ارڙهن جنوري ۲۰۱۰ع تي هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
(ڏيھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۱۸ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
غلام رباني آگرو
آديسي اديسُ، هئائين ڪري
هلئا!
امداد حسيني
غلام رباني آگرو
مون کان سينئر هو. ڄمار ۾ به، ته لکڻ ۾ به. منهنجون پهريون لکڻيون، ٻارن جي رسالي
”گلستان“ ۾ ڇپيون ۽ پوءِ ”گل ڦل“ ۾. انهن ڏينهن ۾ ”گل ڦل“ جو ايڊيٽر غلام رباني
آگرو هو. ان معيار جو ”گل ڦل“ وري ڪڏهن ڪو نه نڪتو! تڏهن آءٌ نور محمد هاءِ اسڪول
۾ پڙهندو هوس.
جڏهن سنڌي ادبي بورڊ
جي آفس ”امين منزل گاڏي کاتي“ ۾ هئي ته غلام رباني انهيءَ آفيس جي مٿئين حصي ۾
رهندو هو، پاڻ تڏهن س ا ب ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري هو. سيڪريٽري منهنجو سوٽ ڊاڪٽر
اسدالله “بيخود” حسيني هو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ س ا ب جو چيئرمين هو،
جيتوڻيڪ قبله طالب الموليٰ سائينءَ سان منهنجو نيازمنديءَ وارو ناتو هو ۽ آءٌ سندن
مشاعرن ۾ به شريڪ ٿيندو هوس، پر منهنجو لاڳاپو ترقي پسند لڏي سان هو. انڪري
ربانيءَ سان به ويجهڙائي هئي ۽ اڳتي هلي شيخ اياز، تنوير عباسي، رشيد ڀٽيءَ، حميد
سنڌيءَ جي سٿ ۾ آءٌ به شامل ٿي ويس.
هڪڙي ڏينهن ربانيءَ
مون کان سنڌي ادبي بورڊ جي لائيبرين لاءِ درخواست ورتي، جيڪا منظور ڪئي وئي ۽ ايئن
آءٌ س ا ب ۾ لائبريرين ٿي ويس. اها منهنجي پهرين نوڪري هئي، منهنجي درخواست حتمي
منظوريءَ لاءِ س ا ب جي بورڊ آف گورننس جي گڏجاڻيءَ ۾ رکي وئي. سيد غلام مصطفي شاهه
به بورڊ جو ميمبر هو. انهيءَ منهنجي لاءِ چيو ته ”گهرايوس ته آءٌ ڏسانس!“ مون کي
سندن آڏو پيش ٿيڻو پيو. منهنجون انهن ڏينهن ۾ مڇون به وڏيون هيون، ته وار به وڏا
هئا. ميٽنگ هال ۾ هڪ وڏي ٽيبل رکيل هئي. ان جي هڪڙي ڇيڙي تي قبله طالب الموليٰ
سائين ۽ غلام مصطفي شاهه ويٺل هئا. ٽيبل جي ساڄي پاسي سيڪريٽري (اسدالله شاهه) ۽
اسسٽنٽ سيڪريٽري (رباني) ويٺل هئا ۽ کاٻي پاسي بورڊ جا ميمبر ويٺل هئا. آءٌ جيئن
ئي اندر داخل ٿي، ٽيبل جي اورئين ڇيڙي تي ٿي بيٺس ته سڀني جون نظرون مون تي کُپي ويون.
غلام مصطفي شاهه مون کي ڏسي چيو ته “هي ته هپي آهي!” تڏهن هڪ ٻاڄهارو آواز منهنجي ڪنن
تي پيو ”شاه صاحب! امداد صاحب سنڌيءَ ۾ ايم اي آهي ۽ هڪ اهم شاعر آهي!“ اهو قبله
طالب الموليٰ سائينءَ جو آواز هو. ربانيءَ مون کي اک جي اشاري سان وڃڻ لاءِ چيو ۽
آءٌ لائبريريءَ ۾ هليو آيس ۽ ٽئگور جي اڌ ۾ ڇڏيل ڪهاڻي پڙهڻ لڳس.
منهنجي راءِ ۾ رباني
بنيادي طور تي هڪ ڪهاڻيڪار آهي. ورهاڱي کان پوءِ ۽ ٽه-ماهي ”مهراڻ“ جي نئين سر
جاري ٿيڻ کان پوءِ، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، غلام رباني آگرو ۽ رشيد ڀٽي ڪهاڻيڪارن جي
انهيءَ پهرئين سٿ ۾ شامل هئا، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي وڏي اوُڄ ڏني. ربانيءَ پاڻ مون
کي ٻڌايو هو ته، ٽه-ماهي ”مهراڻ “ ڪهاڻين جي چٽا ڀيٽي ڪرائي هئي، جنهن ۾ سندس ڪهاڻيءَ
کي پهريون انعام مليو هو، اُها ڪهاڻي شايد ” اتر ڊاهي ان جا“ هئي. پر پوءِ انهن ڪهاڻيءَ
کي يا ڪهاڻيءَ انهن کي ڇڏي ڏنو. ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا! پر انهن لکڻ نه ڇڏيو.
جمال ابڙي ”آتم ڪٿا“ لکي، ربانيءَ ”جهڙا گل گلاب جا“، ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا “ ۽ ”سنڌ
جا بر بحر ۽ پھاڙ“ جهڙا اهم ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا، تازو سندس خطن جو مجموعو ڇپيو
آهي.
ڪهاڻيءَ جي ڳالهه نڪتي
آهي ته گهڻي عرصي کان پوءِ رشيد ڀٽيءَ به ڪهاڻي لکي هئي، عنوان ڇا هوس؟ ڪٿي ڇپي
هئي؟ سو ياد ناهي! جمال ابڙي به گهڻي عرصي کان پوٰءِ ”سينڌ“ ڪهاڻي لکي هئي، جيڪا
شيخ اياز جي وائيس چانسيلريءَ جي دور ۾، سنڌالاجيءَ جي جرنل سنڌي ادب ۾ ڇپي هئي. ٿي
سگهي ٿو ته جمال ابڙي اها ڪهاڻي شيخ اياز جي چوڻ تي لکي هجي! حفيظ شيخ پنهنجي ذاتي
مسئلن ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي ڦاسي ويو هو. غلام
ربانيءَ به ڳچ عرصي کان پوءِ هڪ ڀرپور ڪهاڻي ”لهرن لک لباس“ لکي هئي، جيڪا ٽه-ماهي
”مهراڻ“ (۲/۱۹۹۹) ۾ڇپي هئي. اها ڪهاڻي ربانيءَ منهنجي چوڻ کي مانُ ڏيندي لکي هئي. ربانيءَ
کي س ا ب ۾ اچڻ تي مون ٻه ڳالهيون چيون هيون، جيڪي ضروري به هيون، اُهي هي هيون؛
۱) جڏهن کان ”بورڊ بچايو ڪميٽيءَ“ وارا، جن کي ڊاڪٽر غلام علي الانا ”بورڊ ڦٽايو
ڪميٽي“ چوندو آهي، قابض ٿيا آهن، تڌهن کان ٽـ ـ ماهي ”مهراڻ“ ۾ منهنجي هڪ سٽ به نه
ڇپي آهي.
۲) تون بنيادي طور هڪ ڪهاڻيڪار آهين ۽ تو کي ڪهاڻي لکڻ کپي.
ربانيءَ مون کان
مهراڻ لاءِ مواد گهريو، جيڪو مون کيس ڏنو به ۽ اهو مواد “ مهراڻ ” ۾ ڇپيو به. اُهي
اهڃاڻي (Symbolic)
بيت هئا. اهي مسلسل بيت هئا ۽ انهن جو موضوع ”سنڌي ادبي بورڊ“ هو. انهن بيتن ۾
”بورڊ بچايو/فٽايو/ڦٻايو ڪميٽيءَ“ جي سنڌي ادبي بورڊ تي قبضي ٿيڻ کان پوءِ واري
صورتحال بيان ڪيل هئي ـ پر انهن بيتن ۾ پهريون بيت مون هاسيڪاري نه ڏنو هو، انڪري
جو اهو سڌو سنئون هو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ان ۾ نالو به هو ـ ظاهر آهي ته اُن جي ڏيڻ
سان ٻيا بيت به نه ڇپجن ها! هتي اُهو بيت پهريون ڀيرو ڏئي رهيو آهيان؛
ڪتا، ڳِجهون ۽ ڪانوَ،
ڍريا جيئري ڍور تي،
ههڙا حال هِيانوَ،
سنڌي ادبي بورڊ جا!
ربانيءَ جي اها ڪهاڻي
”لهرن لک لباس“ ٽه ـ ماهي ”مهراڻ “ ۲/۱۹۹۹ع ۾ ڇپي، ان جي فٽ نوٽ ۾ هيءَ عبارت هئي
”مون ورهين
جي وٿيءَ کان پوءِ، حيدرآباد جي هڪ شاعر دوست جي اصرار تي افسانو لکيو آهي، افساني
جا ڪردار ۽ واقعا سڀ خيالي آهن، ڪنهن به فرد يا واقعي سان انهن جي مشابهت ”اتفاقي“
ٿي سگهي ٿي.“ - مصنف
مسلم ڪاليج
حيدرآباد سنڌ جي هڪ فنڪشن ۾ رباني مليو ته سندس ڪهاڻيءَ جي ساراهه ڪيم ۽ کيس اهو
به چيم ته ”يار فٽ نوٽ ڏيڻ جي ضرورت نه هئي، جي ڏيئڻو ئي هو ته پوءِ منهنجو نالو کڻڻ
کپندو هو!“ پر هن شايد ”بورڊ بچايو/ ڦٽايو/ڦٻايو ڪميٽيءَ“ وارن سان ڦٽائڻ نه پئي
گهريو.
هتي آخر ۾، منهنجي
شعري مجموعي ”ڪِرڻي جهڙو پلُ“ ۾، منهنجي شاعريءَ تي ڏنل ربانيءَ جي راءِ ڏيڻ
چاهيان ٿو، جيڪا مون لاءِ انتهائي اهم آهي. اصل ۾ اها آئيڊيا سحر جي هئي ۽ هن محمد
ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، رسول بخش پليجو ۽ سراج کان، انگريزيءَ ۾، لکت ۾
منهنجي شاعريءَ تي سندن راءِ ورتي، جيڪا منهنجي شعري مجموعي “ڪرڻي جهڙو پل” جي بئڪ
ٽائيٽل تي ۽ ڪتاب جي اندر آخر ۾ ڇپي وئي. ربانيءَ جي راءِ هن ريت آهي؛
Sindh will be Proud of Imdad Hussaini
Ghulam Rabbani Agro
Imdad Hussaini was born in a small village of Sindh,
called Tikhur which is famous for producing eminent poets and prose writers,
who enriched Sindhi literature in the 20 Century. What makes Imdad distinct and distinguished
from this galaxy of writers and poets in Sindhi literature, is his own unique
style, diction and creative imagination. Imdad is acknowledged to have inspired
a full new generation of poets and writers. Shaikh Ayaz, the greatest poet of
our times once told me that:
“It is his considered opinion
that among his junior contemporaries Imdad is the truly creative poet, with a
bright future”.
Imdad, Tanveer and myself have worked together for
more than three decades to foster the language and literature of Sindh. I can
therefore say with some confidence that I never saw any ambiguity in his word
and deed. The future generation of Sindh will be proud of Imdad Hussaini as a
man and as a poet.
ربانيءَ جون اڃا به
ڪي تحريرون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل هونديون، جيئن سندس ڪهاڻيون آهن.
اهي سموريون ڪهاڻيون هڪ ڪتاب ۾ ڇپائڻ کپن، جيئن انهن جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي اتهاس ۾
اهميت تي اڀياس (Study) ڪري سگهجي. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ
جي هڪ وڏي نالي جمال ابڙو سان ملهايل شام ۾ شيخ اياز، سراج، فقير محمد لاشاريءَ،
غلام ربانيءَ جون جمال ابڙي تي ڪيل تقريرون فيس بڪ تي رکيون ويون. خود جمال ابڙي
به ان شام ۾ پنهنجي باري ۾ لکيل پيپر پڙهيو هو. اهي تقريرون به پني تي لاهي ڇپائڻ
گهرجن.
آديسي آديس، هئائين
ڪري هلئا،
ڪاپڙي قلب ۾، ڪئو ڏوراڻو
ديس
ويراڳي نئين ويس،
راول ڍڪي هلئا! (شاهه سائين)
(ڏھاڙي عوامي آواز
ڪراچيءَ ۾ ۵ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
غلام رباني آگرو
ناميارو سنڌي اديب
۽ ڪهاڻيڪار، غلام رباني آگرو، (Ghulam Rabaani
Aagro) تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ’محمد
خان آگري‘ ۾ ۵ نومبر ۱۹۳۳ع تي ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ کان ورتائين، جيڪو ان وقت تعليم کاتي
۾ استاد هو ۽ تعليم کاتي نوابشاهه ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو. رباني صاحب ۱۹۵۱ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان نوشهري فيروز مدرسي
هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد هليو آيو، جتي گورنمينٽ ڪاليج ڦليليءَ ۾
ٻه سال تعليم ورتائين. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچيءَ هليو آيو، جتي آرٽس ۾ بي. اي ڪيائين.
ادبي سفر
رباني صاحب لکڻ جي
شروعات ۵۴-۱۹۵۳ع ڌاري ڪئي. اول ماهنامي ’نئين زندگيءَ‘ ۾ جوائنٽ ايڊيٽر ٿيو ۽ پوءِ ۱۹۵۹ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو
ويو. ۵ سالن کانپوءِ ۱۹۷۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، تڏهن شيخ اياز وائيس
چانسلر جي عهدي تي هو. ۱۹۸۰ع ۾ رباني صاحب واپس سنڌي ادبي بورڊ موٽي آيو، جتي هن پنهنجي عهدي سنڀالڻ
سان گڏ روزاني هلال پاڪستان ۾ ”سنڌي ڪلچر: پس منظر ۽ پيش منظر“ جي سلسلي جا مضمون
لکيا. سندس ۱۹۵۴ع کان ۱۹۶۰ع تائين لکيل آکاڻيون، ’آبِ حيات‘ (Aab e Hayaat) جي نالي
سان ٽي دفعا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. ۱۹۸۴ع جي آخر ۾ هو اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام
آباد جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، جتي ۶ سالن کان پوءِ کيس چيئرمئن جي عهدي تي ترقي ڏني وئي.
انهيءَ عرصي دوران کيس لاهور ۾ مرڪزي ادبي بورڊ (جنهن کي هاڻي اردو سائنس بورڊ چيو
وڃي ٿو) ۽ اسلام آباد ۾ نئشنل انسٽيٽيوٽ فار ڪلچر ائنڊ ريسرچ ادارن جون اضافي
ذميواريون پڻ ڏنيون ويون.
رباني صاحب، اسلام
آباد ۾ چيئرمئن اڪيڊمي آف ليٽرس رهڻ کان پوءِ، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر
مقرر ٿيو ۽ ۱۹۹۶ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين. کيس حڪومتِ پاڪستان طرفان ’تمغه امتياز‘ جو اوارڊ ڏنو
ويو ۽ صدر پاڪستان کيس الڳ ’حسنِ ڪارڪردگيءَ‘ جو اوارڊ پڻ ڏنو. رباني صاحب، سارڪ
ملڪن جي ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۽ ڍاڪا ۾ پاڪستان-ڍ جي وفدن جي قيادت ڪري چڪو آهي،
۽ ٻه دفعا چين ۾ ۽ ٻه دفعا ايران ۾ پاڪستاني اديبن جي وفدن جي پڻ قيادت ڪئي اٿس.
رباني صاحب جي ڪن ڪهاڻين
جا، هندستان ۽ پاڪستان جي مکيه ٻولين مثلاً: اردو، هنديءَ، مرهٽيءَ، پنجابيءَ ۽
گجراتيءَ کان سواءِ انگريزيءَ، چيني ۽ جرمن زبانن ۾ به ترجما ٿي چڪا آهن. چيئرمئن
اڪيڊمي آف ليٽرس جي زماني ۾ سندس پاڪستان جي مکيه اديبن ۽ شاعرن سان ملاقاتون ٿيون.
سنڌ جي مکيه اديبن ۽ عالمن جي خاڪن تي مشتمل سندس ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘ (Gul Gulaab Jaa)،
سنڌي ادبي بورڊ، ٻن جلدن ۾ شايع ڪيو آهي. ان کان سواءِ پاڪستان جي ٽن برگزيده
شخصيتن ۽ اهل الله ،قلندر لعل شهباز رح، پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ رح ۽ غوث
بهاءُ الحق ملتاني رح جي سوانح ۽ تعليمات تي مشتمل سندس ڪتاب ’سنڌ جا بر، بحر ۽
پهاڙ‘ ٽي سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. سندس انٽرويو چين جي ممتاز اخبار
’پيپلز ڊيليءَ‘ ۾ شايع ٿيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻيا انٽرويو ريڊيو وائيس آف آمريڪا
تان پڻ نشر ٿيا. انگلينڊ جي مشهور محقق ڊيوڊ چيئرمن، ڪئناڊا جي محقق ڊاڪٽر مئڪلين
۽ جرمنيءَ جي عالم خاتون ڊاڪٽر ائينيمري شمل پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ رباني صاحب جي ڪتابن
جا حوالا ڏنا آهن. رباني صاحب ڪجهه سال اڳ ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽
آخري وقت ۾ حيدرآباد ريجنل آفيس جو محتسب هو.
وفات
هن ۱۸ جنوري ۲۰۱۰ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ کيس اباڻي ڳوٺ
دفن ڪيو ويو.[۱]
(انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيانا تان کنيل.)
غلام رباني آگرو
جنم ڏينهن جي حوالي سان
غلام نبي مغل
سنڌ جي سياسي تاريخ جهڙي ريت
صدين کان غربت منجهه رهي آهي، اهڙي ريت اسان وٽ ادب جي تاريخ کي ڦولهينداسين ته
اُتي غربت ۽ هيڻائيءَ جو ڪمال نظر ايندو. ڪجهه الله جا ٻانها پنهنجي دور جي انساني
حالتن منجهه، رڃ ۾ رلي، ڪجهه شاعري ڇڏي ويا آهن. شاهه سائين ۽ سچل کي باقي گهڻو ڪري
شاعري ڪلاسيڪي لڳي ٿي. پر نثري ادب سنڌ ۾ نظر نٿو اچي. سنڌ ۾ اهڙي انساني هلچل يا ڪي
تحريڪون نظر نٿيون اچن جيڪي ادب جي تخليقي ۾ ڪارگر ثابت ٿين. اوڻويهه صديءَ جي
پوئين اڌ ۾ مغربي دنيا ۾ جيڪي انساني تحريڪون منظر تي آيون ته انهيءَ سان گڏ زندگي
سان چهٽيل ادب به سرجڻ لڳو. سوشلزم، ڪميونزم جي نروار ٿيڻ تي سڄي دنيا ۾ ادب کي
انساني حياتيءَ جي عذابن ۽ راحتن کي هڪ نئون دڳ عطا ڪيو. آمريڪا ۾ غلاميءَ جي
خاتمي ۽ مزدورن جي حقن جي تحريڪ جبر جي آسمانن کي هيٺ ڌرتيءَ تائين ڇڪي آندو. انهيءَ
تحريڪ، ادب کي به نئين حياتي جا گس ڏيکاريا. ويهين صديءَ ۾ روس ۾ پورهيتن جي ڪاميابي
۽ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي نظام جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ، سڄي دنيا انساني حقن ۽ جبر جي
شاهي نظام جي خاتمي لاءِ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيڻ لڳي. اسين ان وقت به علم ۽ ادب جي
الف، ب کي حاڪمن جي مرضي مطابق، شروع ڪري رهيا هئاسين. ۱۸۵۰ع کان ايندڙ مُني صدي تائين، دنيا ۾ ايندڙ انساني حقن، ڪم ڪندڙ مختلف محنت ڪش
عوام ۽ جديد علم کان يا ته بي خبر رهياسين يا شايد انسان جا وڏا جيڪي وٽن علم ذرو
هو يا اقتصادي حالتون هيون تن ۾ خوش هئا يا ادب جي توڪل ڪري رضا تي راضي هئا. اسين
سنڌ ۾ ان وقت به دنيا جي انقلابي حالتن هوندي به، اهو سوچي رهيا هئاسين ته انڊيا، مسلمانن
لاءِ درا الحرب آهي ۽ اِتان لڏي مسلمانن جي ملڪ افغانستان ۾ آباد ٿي جيڪو
دارالسلام آهي. انهيءَ تحريڪ کي سمورن سنڌ جي عالمن ۽ اڪابرن جي حمايت حاصل هئي. انهيءَ
تحريڪ جو اڳواڻ لاڙڪاڻي جو هڪ سنڌي بئريسٽر هو. ان وقت سنڌي ادب جو سج مرزا قليچ
بيگ پڻ موجود هو. افغانستان ڏانهن هجرت کان پوءِ سنڌي مسلمانن جو جيڪو برو حال ٿيو
اُهي بيان تاريخ جي صفحن ۾ لکيل آهن. اسان ويهين صديءَ جي شروعات کان حال احوال ڪريون
پيا. انهيءَ پهرين ٽيهن سالن ۾ جيڪڏهن ڪو علم جو اڪابر هو سو مرزا قليچ بيگ هو، جنهن
سنڌي نثر ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ ذري گهٽ چار ساڍا چار سئو ڪتاب ۽ چوپڙيون لکي ڇڏيائين. اها
مرزا صاحب جي مهرباني آهي جو ايترن ڪتابن ۽ چوپڙين منجهان رڳو ٻه ناول هئا جن مان
به هڪ انگريزي ڪتاب ترجمو هو ۽ ٻيو طبعزاد ناول هو. نثري ۽ شعري ادب ۾ سنڌ، انگريزن
جي دور ڪي قدر جديد سهولتن جي موجود هوندي، جديد دور جي حالتن پٽاندڙ اسان کي ادب
نه مليو. مرزا صاحب واقعي علم جو اڪابر هو. سرڪاري نوڪري به چڱي ريت ڪيائين. سندس
دور ۾ هند سنڌ جي چوڌاري علم ادب جديد رنگ ۾ لکيو ويو پئي. گورڪي، ٽالسٽاءِ، ترگينف،
سولزيشن، جيمس جوائنس، ڊي ايڇ لارينس، سرسيٽ مام، ٽئگور، اوهينري، ايڊگرايلن پو، ترگينيف،
پشڪن، ارنيسٽ هيمنگوي، البرٽو موراويا، چيخوف ۽ اهڙا ٻيا درجنين مغربي ۽ مشرقي
نثري ادب جا اڪابر به هئا. انهيءَ کان سواءِ يورپي شاعر به دنيا جي حالتن ۽ انساني
سياسي ۽ تهذيبي تحريڪن کان متاثر ٿي، شعر لکي رهيا هئا. لڳي ائين ٿو ته ان وقت
اسان جي هندن توڙي مسلمانن علمي اڪابرن سڄي دنيا ۾ برپا ٿيندڙ علمي، انساني جديد
سوچ ۽ مزدورن جي تحريڪن جو ڪو اثر نه ورتو. هندن انگريزي جاسوسي ناولن جا ترجما ڪيا
۽ ڇپايا ۽ پئسا ڪمايا. اهو به هندن جو اسان جي ادبي علمي عمارت ۾ بنياد رکڻ جي مثل
هو. سنڌ جي ترقي پسند ادب ۾ هندن ۽ ڪجهه مسلم اديبن جو وڏو حصو آهي.
سنڌي ترقي پسندن جي شروعات ۱۹۴۰ع جي ڏهاڪي کان وجود ۾ آئي. انهن اديبن ۾ ترقي پسند سوچ سان گڏ ان دور جا
انساني مسئلا، ۽ ننڍي کنڊ يا سنڌ ۾ تيز بدلجندڙ اقتصادي ۽ سياسي اُٿل پُٿل، وڌيڪ
اثر انداز نظر اچي ٿي. انهيءَ کان سواءِ دنيا ۾ بدليل سياسي نظرين ۽ انساني حالتن
جي ڪري گذريل ويهين صديءَ جي چاليهه واري ڏهاڪي ۾ برپا ٿيل بين الاقوامي واقعن جو
اثر جت سموري دنيا جي اديبن تي ظاهر ٿيو ته اهو ئي اثر سنڌ جي نئين دور جي اديبن ۽
شاعرن تي واضع طور تي محسوس ٿئي ٿو. اهڙن ترقي پسند اديبن جو لاڙو گهڻو ڪري مختصر ڪهاڻي
تخليق ڪرڻ ڏانهن هو. ان دور ۾ شيخ اياز به مختصر ڪهاڻيون لکيون جيڪي ورهاڱي کان
پوءِ جلدي ”پنهل کان پوءَ“ جي نالي سان ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿيون. ٻين اديبن جون ڪهاڻيون
ان دور ۾ گهڻو ڪري روزنامن يا هفتيوار اخبارن ۾ ڇپيون. ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ۽
هندو ترقي پسند اديب لڏ پلاڻ ۾ پنهنجي وطن کي ڇڏي بي وطن ٿيا ۽ وڃي ڀارت جا وڻ
وسايون. انهن ۾ گوبند مالهي، گوبند پنجابي، اتم، سندري اتمچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، موهن
ڪلپنا، ڪرشن راهي، پوپٽي هيراننداڻي ۽ ڪجهه ٻيا هئا. انهيءَ غير انساني جبر جي لڏ
پلاڻ، جت سنڌ کي انساني سياسي ۽ اقتصادي نقصان رسايا، اُت سنڌي نثري ادب جي تخليق
کي به وڏو ڇيهو رسيو. اسان وٽ نئين سنڌ ۾ ادب تخليق ڪندڙ سو به ترقي پسند ادب وارا
اديب وڃي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس بچيا. سنڌ صدين کان، اولهه، اُتر طرفان ايندڙ
انساني قاتلن جا عذاب سَٺا، پر هيءَ ورهاڱي مهل جيڪا ڌرتي ڌڏي ۽ سنڌ جا جاگرافي ۽
تهذيب جنهن اُٿل پٿل جو شڪار ٿي، اُهو غير معمولي حادثو هو. سنڌ جي بدليل شڪل ۾
اسان جو علم ۽ ادب پڻ هڪ طرح زخمن کان چور محسوس ٿيو پئي. اسان جي علمي ادبي دوستن
کي پنهنجي ئي سر زمين تي ادب ۽ علم جي ڦهلاءُ ۾ جيڪي ڏکيون حالتون سماجي ۽ سياسي
طور تي سامهون آيون اُن مان اهو محسوس پئي ٿيو ته گذريل هڪ صديءَ ۾ جيڪي ادبي، علمي
۽ سياسي حالتون نروار ٿيون هيون، سي هڪ جبر جي ماحول ۾ دٻجي پئي ويون. اهو ئي سبب
هو ته ويهين صدي پنجين ڏهاڪي جي شروعات ڇهن ستن ۽ اٺن سالن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نه رڳو
ادب زندگيءَ لاءِ محسوس ٿيڻ لڳو پر ڪهاڻيڪارن جي ذن ۽ قلم منجهان انقلابي ادب جا
اِشارا پڻ مليا پئي. انهن ترقي پسند ۽ انقلابي فڪشن جي اديبن ۾ غلام رباني آگرو
نمايان ۽ پهرين صف جو تخليق ڪار هو. سنڌي ڪهاڻيءَ انهيءَ دور هڪ نئين دڳ ڏانهن رخ ڪيو
جنهن جا اڳواڻ جمال ابڙو، غلام رباني آگرو، حفيظ شيخ، اياز قادري، سراج ۽ ڪجهه ٻيا
سرواڻ هئا. اُن زماني ۾ هڪ نئون ٽرينڊ به هليو هو. ڪهاڻيڪارن، ڪنهن هڪ هاڪاري يا
ناڪاري ڪردار کي سامهون رکي، اُن تي بهتر ڪهاڻيون تخليق ڪيون. اهڙين ڪهاڻين ۾ اياز
قادري جي ”بُلو دادا“، غلام رباني جي ڪهاڻي ”شيدو ڌاڙيل“ ۽ جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”
پشو پاشا“ سنڌ جي ادبي ڪئنواس تي نروار ٿيون ۽ انهن ڪهاڻين کي اڄ تائين، سنڌي ڪهاڻي
جي فن ۾ اهميت حاصل آهي. اياز قادري جو ڪردار بُلو دادا، ڪراچي جي شهر جو هڪ دادا
گير آهي جيڪو منفي سوچ رکندي به هڪ بهتر انسان جي روپ ۾ پيش ٿيل آهي. اهڙي ريت
غلام رباني جو شيدو ڌاڙيل ٻهراڙي جي علائقي جي فيوڊل سسٽم جي عذابن کي منهن ڏيندي،
ڏاڍن جي ور چڙهي وڃي ٿو نيٺ وڃي ڦاهيءَ جي تختي سندس انت ٿئي ٿو. ائين جمال ابڙي
جو پشو پاشا به تڪراري ڪردار آهي. ڏاڍ کي منهن ڏيندي پنهنجي دردناڪ انجام کي پهچي ٿو.
انهن ٽن ڪهاڻين منجهان اياز قادري جي بلو دادا هڪ شهري ماحول جو منفي ڪردار آهي. ان
چڱائي يا برائي جا تفصيل، سنڌي ادب ۾، ورهاڱي کان پوءِ نظر آيا ۽ اها هڪ جديد ۽
بين الاقوامي معيار جي ڪهاڻي آهي. پر شيدو ڌاڙيل ۽ پشو پاشا ٻئي ٻهراڙيءَ فيوڊل سسٽم
۽ وڏيرا شاهي متعلق پنهنجي طرز جون بهترين تخليقون هيون. انهن ٻن ڪهاڻين مان شيدو ڌاڙيل
وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتي ڪهاڻي هئي. ٻولي ۽ ماحول جي عڪاسي، ان دور جي لحاظ کان ته سڀ
کان بهتر هئي پر اڄ به اها ڪهاڻي، سنڌي ڪهاڻيءَ جي بهترين ڪهاڻين منجهان آهي. خود
سنڌي ڪهاڻي جي تمام وڏي قد واري تخليق ڪار جمال ابڙي جو چوڻ آهي ته، ”مون ڪهاڻي
پشو پاشا، رباني جي ڪهاڻي شيدو ڌاڙيل کان متاثر ٿي لکي آهي. “
غلام رباني جو ڪهاڻي لکڻ وارو
دور جيتوڻيڪ گهڻو طويل نه هو پر هن تمام بهترين ڪهاڻيون سنڌي ادب کي ڏنيون آهن. جن
مان ”اُتر ڊاهي اُن جا“، ”بري هن ڀنڀور ۾“، ”ڪارا ڳاڙها ليڪا“، ”نئون مڙدو“، ”پن ٻوڙين
پاتال ۾“، ”هوندا سي حيات“، ”آب حيات“، ۽ ٻيون ڪهاڻيون سنڌي ادب جي ڪهاڻي واري
کيتر ۾ سدائين اهميت سان نروار رهنديون.
آخر ۾ هڪ ڪهاڻي ڪتاب جو ذڪر
ضروري سمجهان ٿو.
سال ۱۹۶۳ع ۾، اوچتو هڪ ڪتاب دهلي، هند منجهان سنڌ ۾ آيو. انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌي ڪهاڻين
جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيل هو. جنهن شخصيت انهيءَ ڪتاب جي سنڌي ڪهاڻين جو ترجمو ڪري ڇپايو
هو، سو هنڌ سنڌ جو پروگريسو، انگريزي جو ماهر ۽ جديد رجحانن جو عالم حشو ڪيولراماڻي
هو. انهيءَ ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻيون هندستان جي اعليٰ اخبارن ٽائمز آف انڊيا ۽ هندوستان
اسٽنڊرڊ ۾ به شايع ٿي چڪيون هيون جن کي سهيڙي حشو ڪيولراماڻي ڪتاب Sindhi Short Stories شايع ڪيو. انهيءَ ڪتاب ۾ ڪل ٻارنهن
ڪهاڻيون ترجمو ڪري ڇپيل آهن. اٺ ڪهاڻيون هند جي سنڌي ڪهاڻيڪارن جون آهن ۽ چار سنڌ
جي ڪهاڻي ليکڪن جون آهن.
ان کان علاوه غلام رباني جون ڪهاڻيون
ٻين ڏيهي، هندي ۽ يورپين زبانن ۾ به ترجمو ٿي چڪيون آهن. انهي سٺ جي ڏهاڪي جي
شروعاتي سالن ۾ حشو ڪيولراماڻي مون کي ڪجهه خط ڪتابت ۾ ٻڌايو هو، اِهي هت انڊيا ۾
گهڻو پسند ڪيون ويون آهن ۽ ڪيترين ئي اسٽيٽ ٻولين ۾ ترجمو ٿيون آهن ۽ انهن ڪهاڻين
۾ غلام رباني جي ڪهاڻي وڌيڪ مقبول ٿي آهي.
غلام رباني جي ڪهاڻين ۽ ٻئي نثر
تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، جنهن جو هو مستحق آهي ۽ رباني، انهن ٽن چئن ليکڪن مان
هڪ آهي جنهن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ جديد ڪهاڻي جو بنياد وڌو ۽ شخصي طور تي به
سندس نالو ۽ تخليقات، جيستائين سنڌي ٻولي ۽ ادب جو وجود رهندو، سونهري اکرن ۾ سندس
پڙهندڙن ۽ ادب جي شاگردن ۾ زندهه رهندو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
غلام رباني آگرو
ڪهاڻي ۽ نثر جو شهنشاهه
علي نواز آريسر
ٽي ايس ايلٽ لکيو آهي ته “ادب
جو مقصد آهي ته، قلم جي مس کي رت ۾ تبديل ڪيو وڃي.”
سنڌ ڪيترن ئي اهڙن قلمڪارن کي
جنم ڏنو آهي، جن قلم جي مس کي رت ۾ ٻوڙي لکيو ۽ انهن پنهنجي قلم وسيلي اهڙي انقلاب
کي جنم ڏنو، جنهن انقلاب کي ماٺو ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. غلام رباني آگري
جيتوڻيڪ پنهنجي قلم جي مس کي رت ۾ ٻوڙي ته ڪونه لکيو، پر هُن پنهنجي قلم جي مس کي
سنڌ جي مٽيءَ سان ڳوهي، ان ۾ اهڙو ته هُڳاءُ ڀريو، جنهن سڄيءَ سنڌ کي مهڪائي ڇڏيو.
شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر کان پوءِ جنهن سنڌي نثر کي شهباز جا پر ڏنا، اُهو غلام
رباني آگري جو قلم هو. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي جڏهن غلام رباني آگري تي قلم کڻي لکڻ
شروع ڪيو ته سندس لکڻيءَ ۾ آگري صاحب جي نثر جي خوشبوءِ سمائجندي وئي ۽ هُو انهيءَ
خوشبوءَ ۾ معطر ٿي بس لکندو ئي ويو ۽ جڏهن اُهو ڪتاب “غلام رباني آگرو: سنڌي نثر
جو شهنشاهه” ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو ته سڀني جا چپ پاڻمرادو واهه واهه جو
وِرد ڪرڻ لڳا آهن. هيءُ ڪتاب توڙي جو آگري صاحب جي نثر جي خوبين تي لکيل آهي، پر
جسڪاڻي صاحب هن ۾ آگري صاحب جي شخصيت جا ڪيترائي پهلو سامهون آندا آهن. ان سان گڏ
هن سڄي دنيا جي عالمن جا ڪوٽيشن به ڏنا آهن ته لطيف سائينءَ جي بيتن کي موضوع جي
مناسبت سان شامل ڪيو آهي، جنهن ڪري ڪتاب اڃا وڌيڪ خوبصورت بڻجي ويو آهي ۽ پڙهندڙ
بوريت جو شڪار نه ٿو ٿئي.
آگري صاحب جي پهرين سڃاڻپ جيتوڻيڪ
هڪ ڪهاڻيڪار طور ٿئي ٿي، پر هن جيڪي خاڪا لکيا آهن، اُهي سنڌي ادب جا شاهڪار آهن.
اهڙي شاهدي جسڪاڻي صاحب به ڏئي ٿو: “ماڻهو شھر ڀنڀور جا، جيڪو هڪ دفعو پڙهڻ لاءِ
ويهو ته وچ مان ڪتاب ڇڏڻ لاءِ دل نه چوندي.” ان کان سواءِ سندس ڪتاب ‘سنڌي ادب تي
ترقي پسند تحريڪ جو اثر’ ۽ ‘سنڌي ڪلچر’ به شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا، جن مان اندازو ڪري
سگهجي ٿو ته آگري صاحب انهن موضوعن کي پنهنجي لکڻيءَ جو محور بڻايو آهي، جن تي گهٽ
لکيو ويو آهي، اها سندس دانشمندي ئي آهي. پروفيسر لعل بخش لکي ٿو ته “رباني صاحب
جي دوستيءَ جو دائرو بنهه وسيع هو، جنهن ۾ تاريخي شخصيتون، عالم، اديب ۽ سياستدان
شامل هئا. کيس وڏن ماڻهن سان تعلقات رکڻ جو شوق ۽ اُتساهه شروع کان رهيو.” (ص: ۸۹)
اهو سچ آهي ته غلام رباني آگرو
سائين جي. ايم سيد کان ويندي محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ پير حسام الدين راشدي
تائين سڀني کي ويجهو رهيو. جڏهن ته ان دور ۾ سرڪاري ملازم سائين جي. ايم سيد وٽ وڃڻ
کان به لنوائيندا هئا، پر آگرو صاحب نه رُڳو وٽس وڃي ڪچهريون ڪندو هو، پر سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪم جي رهنمائي به کانئس وٺندو هو. اهڙي بي خوفي ۽ جُرئت ٻين ۾ نظر گهٽ
اچي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت جي حوالي سان پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي لکي ٿو ته
“غلام رباني آگرو سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ۴۵۰ عربي ۽ فارسي قديمي ڪتاب هٿ ڪري، سنڌ جي قديم علمي، ادبي ۽ ثقافتي ورثي کي
محفوظ ڪرايو، اهي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ڪُتب خاني ۾ رکرايا ۽ ڪيترا شايع پڻ ٿيا
آهن.” (ص: ۱۰۱)
اهڙو ڪم اُهو ماڻهو ڪري سگهي ٿو،
جنهن کي پنهنجي ثقافتي ورثي سان پيار هوندو آهي ۽ آگرو صاحب ته سنڌ جي مٽيءَ جي سُڳنڌ
۾ ساهه کڻي جيئندو هو، پاڻ جيتوڻيڪ اڌ کان مٿي دنيا گهمي ڏٺي هئائين، هو نوڪريءَ
جو پڇاڙيءَ وارو عرصو اسلام آباد جي هوائن ۾ به رهيو، پر هن کان سنڌ جي مٽي وسري
نه سگهي. وساري ته هُو پنهنجي ڳوٺ کي به ڪونه سگهيو هو، پنهنجي امڙ جي مٺن لولن ۽
پنهنجي پيءُ جي پيار کي به هن ڪڏهن ڪونه وساريو هو. هُو هر لحاظ کان وڏو ماڻهو هو،
پر هن ۾ وڏ ماڻهپو ڪڏهن به پيدا ٿي نه سگهيو هو، ڇاڪاڻ ته هُو سنڌ جو نج ڪلاسيڪل
ماڻهو هو. جسڪاڻي صاحب سندس ڪتاب “سنڌي ادب جو ترقي پسند تحريڪ تي اثر” بابت لکي ٿو
ته “ترقي پسند تحريڪ بابت غلام رباني پنهنجي محدود ڊيٽا جي باوجود سموري مواد جي
تشريح، تعبير ۽ وضاحتون تمام شاندار نموني ڪري، هن کي ادبي رنگ ۽ ڍنگ سائنٽيفڪ
طريقي سان Interpret ڪيو آهي.” (ص:۱۱۸)
غلام رباني آگرو جيتوڻيڪ سرڪاري
ملازم هو، پر هن ملازمت کان سنڌ کي وڌيڪ اهميت ڏني ۽ هو هر انهي تحريڪ جو حصو
رهيو، جنهن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت کي ڪُچلڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. هُو ون
يونٽ واري تحريڪ ۾ ٻين ساٿين سان گڏ تمام گهڻو سرگرم رهيو، ان جي شاهدي۴ جسڪاڻي صاحب هيئن ڏني آهي.”غلام رباني آگرو تاريخي تحريڪ جو حصو رهيو ۽
لکيائين ته ون يونٽ جي خاتمي جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي بنگلي
تي اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت سائين جي. ايم سيد ڪئي، جنهن ۾ انهن سڀني غدارن
پنهنجي ابن ڏاڏن سميت ون يونٽ جي حمايت ڪرڻ جي معافي ورتي.” (ص: ۱۲۴)
ان وقت جي سنڌ اڄ کان گهڻي
مختلف هئي، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ جي. ايم سيد جھڙا مانجهي مڻيادار موجود هئا، جيڪي سنڌ
مخالفن کي معافي وٺڻ تي مجبور ڪندا هئا. نه ته اهي پير، مير، وڏيرا ۽ سرمائيدار اڄ
تائين غداريون ئي ڪندا رهيا آهن.
آگرو صاحب سنڌي ڪهاڻيءَ جو
بادشاهه هو. هن توڙي جو ٿوريون ڪهاڻيون لکيون آهن، پر انهن ڪهاڻين ۾ ٻهراڙيءَ جي
ماحول ۽ حالتن کي چِٽيو آهي، انهن ۾ ٻولي به ڳوٺاڻن ماڻهن جي استعمال ڪئي آهي ته
محاورا به اهي ڪتب آندا آهن، جيڪي ان وقت ٻهراڙين جي دانشمنديءَ جو ثبوت هئا. حشو ڪيولراماڻي
جھڙو ڏاهو به سندس ڪهاڻين کان متاثر ٿيو هو، جنهن ٻين ڪهاڻين سان گڏ آگري جي ڪهاڻي
به ترجمو ڪري پنهنجي ڪتاب ۾ ڇپائي هئي.
غلام رباني آگري جي شخصيت کي
سمجهڻو آهي ته هيءُ ڪتاب ضرور پڙهو، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب عقيدت وچان هرگز ناهي لکيو
ويو، پر هن ۾ باقاعدي تحقيق ڪري، چئني پاسي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پوءِ لکيو ويو آهي.
مثال طور: جسڪاڻي صاحب هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته “سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومپرست اديبن
توڙي سنڌ کان ٻاهر جي اديبن رباني صاحب جي جنرل ضياءُالحق سان ويجهڙائي کي سخت نا
پسند ڪيو ۽ اختلاف جو سبب بڻيو، جيڪا ڳالهه پنهنجي جاءِ تي صحيح هئي.” (ص: ۸۷)
سنسار پبليڪيشن پاران ڇپيل هن ڪتاب
جي قيمت ۵۰۰ رُپيا رکي ويئي آهي.
(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾
۹ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
رباني ۽ آب حيات
سراج
غلام رباني تي لکڻ منهنجي
خوشنصيبي آهي، هو نه صرف منهنجو دوست هو، پر ادبي کيتر ۾ منهنجو همسفر به هو.
پنجاهه جي آخري ڏهاڪي ۾ ويندي سن سٺ ستر تائين، اسان چند چرين جو هڪڙو لڏو هوندو
هو. انهن ۾ رباني، تنوير، حفيظ شيخ، اياز، آئون، رشيد ڀٽي، سليم، مولانا گرامي ۽ ابراهيم
جويي جا نالا ياد پيا اچن. سنڌ، سنڌي سماج ۽ سنڌي ادب لاءِ اسان جا قلم وقف ٿيل
هئا. شاعري، ڪهاڻيون، تاثر ۽ مضمون لکڻ ڄڻ اسان جي فرضن ۾ شامل هو. ون يونٽ خلاف
اسان جي تحريرن سڄيءَ سنڌ ۾ باهه ٻاري ڏني. پوءِ ان قافلي ۾ اياز قادري، آغا سليم،
امر جليل ۽ ڪيترا ٻيا اچي شامل ٿيا. ان باهه اجهائڻ لاءِ وقت جي انتظاميه ٻه فيصلا
ڪيا؛ هڪڙي پڪڙ پڇاڙ ۽ ٻيو هنن ساڄي ڌر جي لکندڙن ۽ ”فيلسوفن“ کي خوب ڏوڪڙ ڏئي،
اخبارن ۽ رسالن ۾ اسان جي لڏي خلاف مضمون لکرايا ۽ فتوائون جاري ڪرايون. جن ۾
سردار علي شاهه، رشيد لاشاري، پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ ٻيا ڪيترا ئي شامل هئا، جن
جا نالا ياد نٿا اچن. پڪڙ پڇاڙ ۾ اياز ۽ رشيد ڀٽي گرفتار ٿيا ۽ جيل ۾ واڙيا ويا.
عدالتن ذريعي ٻاهر نڪتا ته وري نون ڪيسن ۾ اندر ڪري ڇڏيائون. ڇهه ست ڏينهن مون کي
۽ تنوير کي حيدرآباد جي چائڙِي ٿاڻي ۾ بند ڪري ڇڏيائون. اتي جي صوبيدار صاحب
(مرحوم جو نالو نٿو کڻان) سُٺي رپورٽ لکي، اسان کي آزاد ڪري ڇڏيو. انهن پنجن ستن ڏينهن
۾، هن اسان جي خاطر داري بيمثال ڪئي ۽ پوءِ جڏهن به ملندو هو، اسان سندس ٿورا مڃيندا
هئاسون.
رباني اسان جو مهندار هو. ڪامورن
ڪڙن سان سندس ڏيٺ ويٺ هئي. انهن جي ذريعي سڄي سنگت کي ڇپر ڇانوَ هن ٿي مهيا ڪئي.
سندس جي ئي ڪري، آئون ۽ تنوير چائِڙي ٿاڻي مان رات جو پنهنجن گهرن ڏانهن هليا
ويندا هئاسون ۽ صبح جو ساجهر، ٿاڻي تي پهچي ويندا هئاسون.
اهي به ڪي ڏينهن هئا، رباني
اياز کي گهڻو ويجهو هو. اياز کي سنڌ جو آواز بنائڻ ۾ ابراهيم جويي ۽ ربانيءَ جو ڪردار،
تاريخ جو اڻ مٽ حصو آهي. جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو ۽ آئون اسسٽنٽ
سيڪريٽري. آئون جڏهن ۱۹۵۷ع ۾ سي
ايس ايس ڪري وڃي سرڪاري ملازم ٿيس ته ربانيءَ کي جويي صاحب، اسسٽنٽ سيڪريٽري طور
مقرر ڪيو، جتي پوءِ هو سيڪريٽري به ٿيو. هالا جي مخدوم صاحبن سان هن جا ويجها لاڳاپا
هئا. ذهين ۽ هوشيار ماڻهو هو. سندس اٿ ويهه پير علي محمد راشدي ۽ حسام الدين راشدي
سان ويجهي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويئي. انهن جي ذريعي هو اڪيڊمي ادبيات جو چيئرمين
مقرر ٿيو. اسلام آباد ۾ هن جو گهر سنڌي اديبن ۽ دانشورن لاءِ جاءِ پناهه هو. آئون
اسلام آباد ۾ ڪيسن جي سلسلي ۾ ويندو هوس ته پنڊيءَ جي انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل ۾
رهندو هوس. ربانيءَ کي الائجي ڪيئن خبر پئجي ويندي هئي، اتان مون کي زوريءَ کنڀي پنهنجي
گهر کڻي ترسائيندو هو. هڪڙي گاڏي منهنجي حوالي هوندي هئي. اهو هو اسان جو پيارو
يار غلام رباني آگرو!
هاڻي اچان ٿو ربانيءَ جي ڪهاڻين
تي، جنهن جو آغاز ٿو ڪريان ڀٽ ڌڻيءَ جي هن خوبصورت بيت سان ”پن ٻوڙين پاتال ۾، پاهڻ
تارين تون“ سنڌي ادب بلڪ پاڪستاني ادب ۾، ربانيءَ جون ڪهاڻيون هڪ خوبصورت پهڻ آهن.
جنهن ٻئي سموري جنس و خاشاڪ کي ٻوڙي، پنهنجو اعليٰ مقام پيدا ڪيو آهي. هن جي هر ڪهاڻي،
سنڌي ادب جو قيمتي زيور آهي. منهنجي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ته انهن ۾ ڪهڙي ڪهاڻي
پهرئين نمبر تي ٿي سگهي ٿي، ڏاڍو مشڪل آهي. هر ڪهاڻيءَ جي ڀل ڀلان جو ڇيهه ڪونهي.
سندس ٻولي چنڊ وانگر پئي جرڪا ڏي. سموري سنڌي ادب ۾، ربانيءَ جي ٻولي، نهايت اعليٰ
مقام ٿي رکي. هن جون تشبيهون ۽ استعارا، سنڌي سماج جو خوبصورت مظهر آهن. ڪهاڻي اهڙو
فن آهي، جيڪو مختصر هوندي به، نهايت وسيع ۽ سمنڊ جيترو اونهو آهي. ربانيءَ جي ڪهاڻين
۾ ڄڻ سنڌ ڳالهائي ٿي ۽ اهو ڳالهاءُ عالمگير آهي.
ربانيءَ جي ڪهاڻين کي آئون هوند
ٽن ڀاڱن ۾ ورهايان؛ جاگيرداري نظام بابت ڪهاڻيون، شهري وچولي طبقي جون ڪهاڻيون ۽
عالمگير ڪهاڻيون. جاگيرداري نظام سنڌ جو اڻ کٽ عذاب آهي. هاري ۽ وڏيري جي موضوع تي
سنڌيءَ ۾ سوين ڪهاڻيون ڇپيل آهن، پر ربانيءَ جي ڪهاڻي ”پن ٻوڙين پاتال ۾“
جاگيرداري نظام جو نهايت شفاف آئينو آهي. اها هڪڙي ڪهاڻي، جنھن ۾ جاگيرداري نظام
جون سموريون اونداهيون، ستم گيريون ۽ ڀيانڪ بدافعاليون اهڙي جامعيت سان پيش ڪيون
آهن، جو ٻين ڪهاڻين جو ذڪر ئي غير ضروري آهي.
سندس ٻي ڪهاڻي ”بري هن ڀنڀور ۾“
ان ساڳئي ماحول جي بدڪرداريءَ تي شاندار ڪهاڻي آهي. شهري متوسط يا وچولي طبقي بابت
لکيل ڪهاڻين ۾ وري هن نئين اڀرندڙ نسل جي ذاتي ۽ گروهي تضادن کي ڏاڍي قابليت سان
وائکو ڪيو آهي.
ان ڏس ۾ ”شيدو ڌاڙيل“ زبردست ڪهاڻي
آهي ۽ هاڻ ته ڪلاسيڪل درجو حاصل ڪري چڪي آهي.
رباني عالمي پسمنظر يا سماجي
ارتقا تي مبني ڪهاڻيون به لکيون آهن ۽ عالمي پسمنظر ۾ لکيل اهڙين ڪهاڻين ۾ هن جي
اندر جو صوفي يا فيلسوف ڳالهائيندو آهي. رباني انهن ۾ جذبن جي شاعري ڪئي آهي. آئون
رڳو ”همسفر“ ۽ ”خواب“ ڏانهن اشارو ڪندس. اوهين پڙهي ڏسو، اهي ڪهاڻيون. اوهان کي هڪ
نئين لطافت Ethos سان روشناس ڪرائينديون.
ربانيءَ تي لکت ائين آهي، ڄڻ
آئون پاڻ تي لکي رهيو آهيان. جيئن مان شروع ۾ چيو ته؛ اها ڏاڍي ڏکي منزل آهي. متان
منزل ئي نه ملي ۽ رستو ئي ڀلجي وڃان. سو هن منظر کي اتي ئي ڇڏي ڏيان ته بهتر ٿيندو.
غلام رباني آگرو
سنڌي ادب کي آبِ حيات
پياريندڙ قلمڪار
نصير مرزا
رباني صاحب جهڙي اعليٰ دماغ ۽
زبردست نثر نگار سان اِهو منهنجو پهريون مڪالمو هو. سڄاڻ ته وضعداري سندن ذات جو ڪو
نمايان گڻ هئي. مهراڻ شايع ٿيو، ته ٻڌايل ايڊريس تي موڪلي ڏنائون. بعد ۾ نهايت جلد
ساڻن روبرو گڏجڻ جو اتفاق، نفيس احمد شيخ ناشاد ۽ برادر الطاف آگري جي سهڪار سان ٿيو.
تيستائين شيدو ڌاڙيل، بري هن ڀنڀور ۾، ۽ آب حيات جهڙن هن جي لکيل افسانن مون کي
چريو ڪريو ڇڏيو هو. اهڙي حالت ۾ پوءِ ريڊيو پروڊيوسر ٿيس ته پروڊيوسر جي حيثيت ۾،
ريڊيائي انٽرويو ڪرڻ جي لاءِ، سنڌي ادبي
بورڊ جي آفيس وڃي پهتس. اڙي هان!؟ اعليٰ قلمڪار هجڻ سان گڏوگڏ ان ڏينهن
اِهو به ڄاتم ته رباني سٺي گفتگو ڪرڻ جو به ماهر نظر آيم. هڪڙو قصو پوءِ ٻيو قصو،
پوءِ ان قصي مان قصو ۽ هيڏانهن هڪ ٻي پويان، ٽَيپيون هيون جي ڀرجنديون پئي ويون.
ساڻس ان ڏينهن گفتگو ڪري گلاب جي گل وانگر ٽڙي پيس ته بس اِن ئي ڏينهن رباني صاحب
پنهنجي مٺڙي گفتار سان ڄڻ دل جي تخت تي، محبوب ٿي براجمان ٿي ويهي رهيو، نوي واري ڏهاڪي
۾ سندس لاثاني ۽ لافاني ڪتاب: “جهڙا گل گلاب جا” شايع ٿيو ته چوڌاري اُن جي
خوشبوءِ جا هُل هُلي ويا. چيو ويندو هو ته؛ “راشدي برادران” جي “نثر” تي... سنڌيءَ
۾ ثقافتي ۽ چاشنيدار نثر جي ڪهاڻي پوري ٿي. پر نه! سندن اهڙي نثر سان ته دراصل ڪهاڻيءَ
جي شروعات ٿي هئي. ڪهاڻي ختم ته جهڙوڪر، هاڻي رباني صاحب جي وصال بعد پيو ڀانيان!
سندس ڪتاب “جهڙا گل گلاب جا” جي نثر جي گونج اڃا ادب آسمان تي ٻري پئي، جو سندن ٻيو
شاهڪار شايع ٿيو؛ “سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ”. گذريل ڪتاب وانگر سندن هي ڪتاب به سنڌ
جي عظيم مشاهيرن پير سائين پاڳاري (اول) ۽ قلندر لعل شهباز جي تذڪري تي مبني هو.
انهن ٻنهي ڪتابن جا کيپ اڃان مسلسل هئا، جو اهڙي ئي طرز جو، نئون ڪتاب ماڻهو شهر ڀنڀور
جا... جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائون. ان سموري عرصي دوران، رباني صاحب اعليٰ کان
اعليٰ عهدن تي پڻ فائز رهيا. پهرين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، پوءِ اڪيڊمي
ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل، پوءِ چيئرمين، پوءِ ادبي بورڊ جو چيئرمين، سنڌ
يونيورستيءَ جو پرو-وائيس چانسلر، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر، حيدرآباد واري
محتسب اعليٰ واري برانچ جو نگران.. پر سچ پڇو ته رباني صاحب جي عهدن جي اهميت
پنهنجي جاءِ تي... ڇو ته اهڙن عهدن جي صاحبن سان سنڌ اڄ ڀري پئي آهي ۽ رڳو خالي ٿي
چڪي آهي ته صرف رباني صاحب جهڙن نثر نگارن کان، سندن طبيعت ۾، مزاح بي پناهه هوندو
هو. ريڊيو حيدرآباد تي مون وٽ ڪڏهن ڪڏهن مهرباني ڪري ايندا هئا، ته اُٿندي ئي
کِلندي چوندا هئم: ادا! تنهنجي ريڊيو ۾ هاڻي رهيو ئي ڇا آهي؟ جنهن وقت ريڊيو کول،
اهو ئي ڳٺل پٺل رڪارڊ ٿو ٻڌڻ لاءِ ملي: “ادا ڙي عمر! کڻي ويا کوهه تان” خير ڳالهه
کي کٽائيندي، هتي عرض ڪريان ته رباني صاحب جي پهرئين ادبي شاهڪار جو نالو هو؛ “آب
حيات”. ان ڪهاڻي-ڪتاب کان پوءِ، مشاهيرن جي تذڪري تي ٻڌل سندن اهي ٻه ڪتاب شايع ٿيا،
جن جو مون شروع ۾ تذڪرو ڪيو.
جنوري ۲۰۱۰ع ۾ وصال بعد، تازو ڀيڻ سسئي پليجو صاحبه، سنڌ ثقافت کاتي پاران سندن
بهترين ڪتاب شايع ڪرايو آهي: “سنڌي ڪلچر” (جنهن جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار
اداري ۾ مهورت رٿيل آهي) ۽ ڄاڻو ڄاڻين ٿا ته، تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب جي ندرت
هميشه کان رباني صاحب جي، نثر جو خاصو رهي آهي. ادبي مورخ سندن هر تحرير بابت ائين
به چوندا رهيا آهن ته؛ هو پنهنجي نثر ۾، رڳو لفظ ئي ڪٿي؟ ڄڻ موتي پروئيندو ويندو
هو ۽ جيئن مون مٿي بيان ڪيو ته، “آب حيات” رباني صاحب جي پهرئين شاهڪار جو نالو
آهي، ۽ سندن آخري ڪتاب آهي: “ماڻهو شهر ڀنڀور جا”... ۽ جنهن وقت تازو ان ڪتاب جو
مطالعو ڪرڻ ويٺس، ته ڀانئيم پنهنجي هن پوئين پستڪ سان، پاڻ نه فقط پنهنجي نالي...
پر گڏوگڏ سنڌي ادب کي به، ڄڻ هميشه هميشه جي لاءِ “آب حيات” پياري ويا آهن.
غلام رباني آگرو
يادگيريون
ڊاڪٽر ڊيوڊ
چيزمين
غلام رباني آگرو جو وڇوڙو پاڪستان
جي ثقافتي ۽ علمي زندگي لاءِ ۽ خاص طور تي هن جي آبائي صوبي سنڌ لاءِ وڏو نقصان
آهي. هو هڪ عزت وارو ليکڪ ۽ اسڪالر هو. هن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيو. هن جي ڪهاڻين
جو مجموعو سنڌ جي سماجي زندگيءَ متعلق شايع ٿيو.
هن سنڌ جي پيرن ۽ صوفين تي لکيو
۽ ڪتاب شايع ڪيو. ان کان علاوه اسلامي تاريخ متعلق ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بابت
آرٽيڪلس لکيا. هو اڪامي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ پوءِ چيئرمين رهيو. ان
کان علاوه هو ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جو ميمبر رهيو، جنهن
۾ قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي، اقبال اڪيڊمي لاهور، انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ ڪلچر لاهور ۽
اردو ڊڪشنري بورڊ ڪراچي. هن ايران، چين، بنگلاديش ۽ انڊيا ۾ پاڪستاني وفدن جي
سربراهي ڪئي. صدر پاڪستان هن کي ٻه دفعا ايوارڊن سان نوازيو. ۱۹۸۶ع ۾ تمغه امتياز ۽ نوشهروفيروز مدرسه هاءِ اسڪول جي صد ساله تقريب ۾ شيلڊ ڏني.
غلام رباني آگرو پنهنجي زندگي جا ۵۰ سال
سنڌي ادبي بورڊ سان گذاريا ۽ ان علمي اداري مٿان پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا. هو ادبي
بورڊ جي ’ٽه ماهي مهراڻ‘ جو نگران ايڊيٽر رهيو. هو ۱۹۵۷ع ۾ ادبي بورڊ ۾ بطور سيڪريٽري آيو ۽ بعد ۾ ان جو چيئرمين به ٿيو. هن
پنهنجي تحريرن ذريعي ۽ بطور ادبي بورڊ جي سرواڻ جي سنڌ جي علمي ۽ ادبي زندگي تي اڻ
مٽ نشان ڇڏيا آهن.
غلام رباني آگرو هڪ بافخر پاڪستاني
هو، پر هن پنهنجي اصلوڪي سنڌي ڳوٺاڻي زندگي کي ڪڏهن به نه وساريو. غلام رباني آگرو
سنڌ جي مرڪز ۾ ڪنڊياري جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ڄائو. هن کي سنڌ جي روح جي اصل ڄاڻ هجڻ جي
ڪري اسان ٻئي ۷۷-۱۹۷۶ع ۾ هڪ ٻئي سان ملياسين. مان يونيورسٽي آف لنڊن طرفان سنڌ جي تاريخ تي P.hd ڪري
رهيو هئس. آءٌ جڏهن هن سان مليس ته هو سنڌ يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو
هو، هن مون کي يونيورسٽي جي لائبريري تائين رسائي ڏياري ۽ ان کان علاوه هن مون کي
مختلف اسڪالرن سان ملايو.
يونيورسٽي جي لائبريري کان وڌيڪ
ڪارائتو منهنجو رباني صاحب سان سندس گهر جي باغيچي ۾ تارن ڀري رات جو دير تائين
گفتگو ڪرڻ هو، اسان زندگي تي، سنڌ تي، دنيا تي ۽ پاڪستان جي رياست تي گفتگو ڪندا
هئاسين. ۱۹۷۰ع جي وچ وارو پيريڊ دنيا لاءِ هڪ
سخت وقت هيو، خاص طور تي ڏکڻ ايشيا لاءِ بنگلاديش ۾ ۱۹۷۵ع ۾ شيخ حبيب الرحمان ۽ سندن خاندان جو قتل عام ٿيو هو ۽ ان کانپوءِ فوجي
بغاوت جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ٿيو هو. سخت گير اندرا گانڌي پارليامينٽ
معطل ڪئي هئي ۽ ملڪ مٿان ايمرجنسي جي ذريعي حڪومت ڪري رهي هئي ۽ پنهنجي پٽ سنجي کي
کليل ڇوٽ ڏني هئي ته هو آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ وارا اُپاءَ سختيءَ سان نافذ ڪري. ۱۹۷۱ع واري حادثي کانپوءِ پاڪستان هڪ مضبوط جمهوري ملڪ نظر آيو پئي ۽ انهي
دوران آگسٽ ۱۹۷۶ع ۾ مان پاڪستان پهتس، مون کي
ياد آهي ته جڏهن هڪ امريڪي صحافي جناب ڀٽو کان سوال ڪيو ته دنيا پاڪستان کي
نظرانداز ڪري رهي آهي، ان جي جواب ۾ هن چيو ته اهو انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ
ترقي ڪري رهيو آهي، انهي ڪري جو مغربي ميڊيا صرف انهن ترقي پذير ملڪن تي توجهه ڏيندي
آهي، جن ملڪن تي ڪانه ڪا مصيبت آئي هجي، هو صحيح هيو. پاڪستان فيبروري ۱۹۷۷ع جي اليڪشن کانپوءِ وري دنيا جي نظرن ۾ واپس آيو، جنهن کانپوءِ اليڪشن ۾ ڌانڌلي
جا الزام لڳا ۽ ڀٽو حڪومت خلاف تحريڪ شروع ٿي. جولاءِ ۱۹۷۷ع ۾ جنرل ضياءُ الحق فوجي بغاوت ڪئي. پاڪستان مارشل لا هيٺ آيو ۽ افسوس سان
هندوستان ۽ بنگلاديش جي انهي صف ۾ شامل ٿي ويو، جتي جمهوريت معطل هئي.
جيئن ته سياسي حالات خراب هئا،
رباني صاحب ۽ مان هن جي ڄامشوري واري گهر جي باغيچي ۾ ويهندا هئاسين ۽ تازين خبرن
۽ افواهن تي ڳالهائيندا هئاسين. صورتحال افسوسناڪ هئي ۽ مثبت اشارا گهٽ هئا، اڪثر ڪري
رباني صاحب اُونهو ساهه کڻي چوندو هو ته خبر ناهي، اسان سان ڇا ٿيڻ وارو آهي؟
رباني صاحب هڪ همدرد ۽ انصاف
وارو انسان هو ۽ هو غريبن لاءِ تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪندو هو، جن جو ڪوبه آواز ڪونه
هو. هو بي سهارن لاءِ انساني حق چاهيندو هو. سنڌ جي ڳوٺن ۾، جڏهن هو ٻار هو ته سنڌ
جي سماجي نظام جون ناانصافيون ڏسي چڪو هو ۽ خاص طور تي سنڌ جا بي زمين هاري جيڪي
خاص طور نظام قبول ڪري چڪا هئا، انهي ڪري جو انهن وٽ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو.
مان پنهنجي ٿيسس ۾ انهي ڳالهه
جي تحقيق ڪري رهيو هئس ته اڻويهين صدي ۾ ڳوٺاڻي سنڌ ۾ طاقتور ڪير هو. اها ساڳي
صورتحال ويهين ۽ ايڪيهين صدي ۾ به گهڻي مختلف ڪانه آهي. شهرن کان ٻاهرين علائقن تي
وڏا وڏيرا حاوي هئا. اڻويهين صدي جا برطانوي آفيسر وڏيرن کي عزت جي اهميت جو احساس
ڏياريندا هئا. رباني صاحب اها ڳالهه مون کي صحيح طور سمجهائي انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندو
هو ته وڏيري جي طاقت جو بنياد مادي طاقت ته نه آهي. هو چوندو هو ته وڏيرو لڳي ته
تمام وڏو ٿو، پر اصل ۾ هو هڪ هوا سان ڀريل ڦوڪڻي وانگر آهي، جيسين هو ڀريل آهي، هر
ڪو هن جو حڪم مڃي ٿو، پر هڪ ننڍي ڌڪ سان هو ڦوڪڻي وانگر ختم ٿي وڃي ٿو.
رباني صاحب پنهنجي هڪ ڪهاڻي (ٻوڏ)
۾ هڪ هاري بابت ٻڌائي ٿو ته ڪيئن ٻوڏ ۾ هن جو خاندان ختم ٿي وڃي ٿو، انهي ڪري جو وڏيرو
هن جي ڊيوٽي پنهنجي هڪ بند جي مرمت تي لڳائي ٿو. هو وڏيري کان ايترو ته ڊڄي ٿو جو
هو پنهنجي خاندان کي به ڪونه ٿو بچائي سگهي.
مون کي رباني جي ننڍپڻ جون ٻه ڪهاڻيون
ياد آهن، جيڪي افساني جي پٺيان اصل حقيقت بيان ڪن ٿيون. پهرين ڪهاڻي هڪ پوڙهي
هاريءَ جي آهي، جنهن جي مينهن چوري ٿي وڃي ٿي، مينهن جي پيرن جا نشان پاسي واري وڏيري
جي ڳوٺ تائين پهچن ٿا. هاري ان وڏيري جي اوطاق تي پهچي ٿو ۽ پنهنجو مامرو بيان ڪري
ٿو. هو سوچي ٿو ته وڏيرو پنهنجو اثر استعمال ڪري کيس مينهن واپس ڪرائيندو، وڏيرو
هن جي ڳالهه خاموشيءَ سان ٻڌي ٿو ۽ ان کانپوءِ چوي ٿو ته آهي ڪو پوڙهي کي ٻوري ۾
بند ڪري. چمچن جي ڪابه ڪمي ڪانه هئي، وڏيرو حڪم ڏئي ٿو، پوڙهي هاريءَ کي ٻوريءَ ۾
بند ڪيو وڃي ٿو، انهي کانپوءِ هن مٿان ڪتا ڇڏيا ويا. ڪتن ٻوري کي پٽڻ شروع ڪيو ۽
غريب هاري رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، وڏيرو ۽ ان جا چمچا غريب هاري جي انهيءَ حالت تي وڏا
ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا ۽ مزو وٺڻ لڳا.
هڪ ٻي ڪهاڻي ۾ هو بيان ڪري ٿو
ته وڏيري جي اوطاق ۾ هڪ نوجوان کي آندو ويو، هن جي قميض لاٿي وئي ۽ انهي کانپوءِ وڏيري
هڪ پوڙهي کي هڪ لٺ ڏيندي حڪم ڏنو ته هن نوجوان کي مار، ان نوجوان جي سڄي پٺي رتو
رت ٿي وئي، اهو نوجوان ۽ پوڙهو پيءُ پٽ هئا. انهيءَ نوجوان ان کانپوءِ اهو ڳوٺ ڇڏي
ڏنو ۽ ڪئي سال اتي واپس ڪونه آيا. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن جو پيءُ به مري ويو.
رباني صاحب سنڌ جي سماجي معاشري
جي انهن ناانصافين کان گهٻرائيندو ڪونه هو، بلڪه هو مضبوط يقين رکندو هو. سنڌ جي
مذهبي ۽ علمي ورثي ۾ هن مون کي سنڌ جي ثقافت سان متعارف ڪرايو. مان ڀٽ شاهه تي ويس
۽ اتي مون پاڻ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ويجهو پاتو. خاص طور تي مون کي هڪ پير
جي مزار تي وٺي هليو. اسان هڪ سوزوڪي وين ۾ هڪ ندي جي ڪناري سان هلندا رهياسين،
تان جو هڪ عمارت تي پهتاسين، جيڪا ان ندي جي ڪناري تي هئي. مون کي هاڻي ان پير جو
نالو ياد ڪونه آهي، اها هڪ چانڊوڪي رات هئي، چنڊ جي روشني سڄي پاڻيءَ کي روشن ڪري ڇڏيو
هو.
مون سوچيو ته سنڌ جو اصل روح هي
آهي، خوبصورت ۽ لازوال، مزار جو سفيد سنگ مرمر جو گنبذ چمڪي رهيو هو. واپسي تي
اسان هڪ جاءِ تي بيٺاسين ۽ سنڌ جو مشهور پلو ماني کاڌوسين. اها سڄي رات منهنجي ذهن
۾ تازي آهي، انهي کي اصلي سنڌ سمجهان ٿو. مان جڏهن رباني صاحب جي وفات جو ٻڌو ته
مان ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ مان انهي پير جي مزار تي بيٺو آهيان، رباني صاحب منهنجي
پاسي ۾ بيٺو آهي ۽ انهيءَ جڳهه جي تاريخ ٻڌائي رهيو آهي ۽ ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ هو
سنڌ جي اصل روح کي حقيقت ۾ آڻي رهيو هجي.
غلام رباني آگرو سنڌ ۽ پاڪستان
لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. هن جي وفات ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي. خاص طور تي هن جي خاندان
۽ انهن سڀني لاءِ جيڪي هن کي ڄاڻندا هئا.
No comments:
راءِ ڏيندا