; سنڌي شخصيتون: نور افروز خواجه، عادل راشدي، مهتاب اڪبر راشدي، محمد علي مانجهي، غلام نبي مغل، علي نواز آريسر،
Showing posts with label نور افروز خواجه، عادل راشدي، مهتاب اڪبر راشدي، محمد علي مانجهي، غلام نبي مغل، علي نواز آريسر،. Show all posts
Showing posts with label نور افروز خواجه، عادل راشدي، مهتاب اڪبر راشدي، محمد علي مانجهي، غلام نبي مغل، علي نواز آريسر،. Show all posts

03 November, 2013

غلام رباني آگرو

غلام رباني آگرو
سندس بي مثال نثر
رکيل مورائي
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ جيڪي اهم نالا اڀري نروار ٿيا، انهن مان هڪ نالو غلام رباني آگرو آهي. رباني صاحب جو جنم پنج نومبر ۱۹۳۳ع تي ساهتي پرڳڻي جي ان شهر ڀرسان ٿيو، جنهن شهر سنڌي ٻوليءَ کي ٽن بيمثال شاعرن ايم ڪمل، ارجن حاسد ۽ لڇمڻ ڪومل کي جنم ڏنو. اهو شهر تڏهن نوابشاھه ضلعي جو تعلقو هئو ۽ هاڻ نوشهري فيروز ضلعي جو تعلقو آهي. رباني صاحب کي علم، ڄائي ڄم کان مليو ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب پاڻ تعليم سان لاڳا پيل هئو.