ڪاڪو گُرداس واڌواڻي
اڌ صديءَ جي اڪيلائيءَ
جو درد سھندڙ
نصير اعجاز
بزرگيءَ جي ڪري ھر ڪو کيس ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جي نالي سان ياد ڪندو
ھو. سانوري رنگ جو، اڇا کير جھڙا وار، اکين تي ڪاري رنگ جي شيشن واري نظر جي عينڪ،
سنھڙو نٻل جسم، سھاري لاءِ ھٿ ۾ واڪنگ اِسٽڪ. اھو ھو گرداس واڌواڻي جيڪو ستر واري ڏھاڪي
۾ ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ريگل جي ھڪ پراڻي عمارت جي پھرين ماڙ تي ھڪ ننڍڙي ڪوٺڙيءَ
۾ رھندو ھو. اھا عمارت اڄ به ريگل جي وچ ۾ ان ھنڌ موجود آھي جتان فريئر روڊ کان ايندڙ
سموريون گاڏيون ڦري ايمپريس مارڪيٽ ڏانھن وينديون آھن. ان عمارت جي ھيٺان ھاڻي اليڪٽرانڪ
سامان جا دڪان آھن. ھو ان ڪوٺڙيءَ ۾ بلڪل اڪيلو رھندو ھو. ھڪ سنگل بيڊ، ھڪ ننڍڙي ٽيبل
۽ ڪرسي، ڪپڙن جي ھڪ بئگ ۽ ڪجھه ڪتاب سندس ڪُل ڪائنات ھئي پر ھن لاءِ سڀ کان وڌيڪ قيمتي
ھئي ٽيبل تي رکيل ننڍڙي فريم اندر پيل ھڪ تصوير، جنھن سان ھو اڪيلائيءَ ۾ ڳالھيون ڪندو
رھندو ھو. جڏھن سانجھي ٿيندي ھئي ته سندس اڪيلائيءَ جو احساس وڌي ويندو ھو ۽ پوءِ ٻاٽلي
کولي، مڌ جون چسڪيون ڀريندو ڪرسيءَ تي ويھي ٽيبل تي رکيل تصوير سان ڳالھائيندو رھندو
ھو.
ڪاڪي گرداس جو ڪراچيءَ ۾ ته ڇا پر سڄي سنڌ ۾ ڪو مِٽُ مائٽ ڪو نه ھو. ورھاڱي
وقت سندس سمورا مائٽ، ڀائر ڀينر ھندستان لڏي ويا پر ھن سنڌ نه ڇڏي. ھن سڄي عمر شادي
به ڪا نه ڪئي ھئي ۽ ڇڙو ڇانڊ ئي ھتي رھجي ويو. ڪير به سندس خيال رکڻ وارو ڪو نه ھو
سواءِ ڪن سرنديءَ وارن يارن دوستن جي جيڪي ڪڏھن ڪڏھن ضرورت جون شيون کيس پھچائيندا
يا مالي مدد ڪندا ھئس.
سندس ڪمري ۾ وڏي عرصي کان رنگ روغن نه ٿيڻ جي ڪري ڀتيون ميرانجھڙيون ٿي
ويون ھيون، صفائي نه ٿيڻ ۽ ھوا جو لنگھه نه ھجڻ ڪري سندس ميري بستري ۽ ڪرسي ٽيبل ۾
ھزارين مُنگھڻن جو ديرو ھوندو ھو پر ھو پيرسنيءَ سبب ڪجھه ڪرڻ کان لاچار ھو. نظر گھٽ
۽ ڪمزور ھجڻ جي باوجود ھو صبح جو سوير اُٿي وھجندو ۽ پينٽ شرٽ پائي تيار ٿيندو ھو.
ڪاڪي گرداس سان منھنجي ملاقات ۱۹۷۶ع ۾ ٿي جڏھن مون ھلالِ پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي شروعات
ڪئي. ھو ڪڏھن ڪڏھن اخبار جي آفيس ۾ ايندو ھو جيڪا بندر روڊ تي سٽي ڪورٽ جي سامھون ڪورٽ
وِيو بلڊنگ (پراڻي بئنڪ آف انڊيا بلڊنگ) ۾ ٻي ماڙ تي ھوندي ھئي. ڪراچيءَ جي بسن ۾ چڙھڻ
۽ لھڻ ھن جھوني لاءِ ڏکيو ھو تنھنڪري ھو ھوريان ھوريان پنڌ ڪندو ريگل کان اخبار جي
آفيس يا پريس ڪلب تائين پھچندو ھو. ڪاڪو گرداس ۱۹۷۳ کان وٺي ھلالِ پاڪستان لاءِ
پنھنجي ساروڻين تي مشتمل ڪالم لکندو ھو جنھن لاءِ ايڊيٽر سائين سراج ميمڻ کيس ادائگي
ڪندو ھو. ساروڻيون لکڻ جو سلسلو ان کانپوءِ به جاري رکيو ھئائين، جيڪي اڳتي ھلي ٽن
ڪتابن جي شڪل ۾ ڇپيس. ھڪ ڪتاب ”جيڪي ڏٺو مون“ ۱۹۸۰ع ۾ ڇپيس. ٻيو ڪتاب ساروڻيون يا يادگيريون جي نالي
سان ۱۹۸۱ ۾ ڇپيو جڏھن ته بعد ۾ ”ڳالھه ٻولھه“ جي نالي سان ٽيون
ڪتاب ميدان ۾ آيو. سندس ھر ڪتاب جا ٻه ايڊيشن ڇپيا. دوستن جي مھربانين سان مون وٽ سندس
ڪو به ڪتاب ڪونه بچيو، پر ھڪ ويب سائيٽ مطابق دنيا جي ڇھن لائبريرين ۾ ڪاڪي گرداس جا
اھي ٽئي ڪتاب موجود آھن.
مان ۽ منھنجو سينئر ساٿي ۽ دوست اسلم آزاد ڪڏھن ڪڏھن ڪاڪي گرداس جي چوڻ
تي وٽس حاضر ٿيندا ھئاسين ۽ دير تائين ساڻس ڪچھري ڪندا ھئاسين. ڪاڪو گرداس مڌ جون ڪجھه
چسڪيون ڀرڻ کانپوءِ گھڙيءَ گھڙيءَ الله کي ياد ڪندو ھو. ھڪ ڀيري اسلم آزاد ڪنھن فرشتي
جو ذڪر ڪرڻ چاھيو ته ڪاڪي گرداس ھڪدم کيس روڪي ڇڏيو ۽ چيائينس؛ ”مان بس ھڪ الله ۾ يقين
رکان ٿو. الله سائينءَ کانسواءِ ٻيو ڪير به ناھي.“
اسيءَ واري ڏھاڪي جي پھرئين اڌ تائين ڪاڪو گرداس ان ڪوٺڙيءَ ۾ رھي سگھيو.
ڇو ته ان جاءِ جي مالڪيءَ جي دعويدار ھندستانين، سندس اتي وڌيڪ رھڻ پسند نٿي ڪيو ۽
اڪثر کيس ڪمرو خالي ڪرڻ جو چوندا رھندا ھئا. کيس تنگ ڪرڻ لاءِ ھو اڪثر پاڻي به بند
ڪري ڇڏيندا ھئس. ان عذاب واري زندگيءَ مان ڇوٽڪارو ۱۹۸۵ ڌاري مليس، جڏھن ڪراچي پريس
ڪلب ڪجھه سينئر دوستن جي صلاح تي ڪلب جي عمارت جي پٺيان، ميدان جي ڪنڊ ۾ اٽيچڊ باٿ
وارو ھڪ ڪمرو ڪاڪي گرداس لاءِ ٺھرايو ۽ ھڪ ڏينھن مون ۽ ڪجھه دوستن سندس سامان کڻائي،
کيس سندس نئين رھائش تي منتقل ڪيو. حياتيءَ جا باقي ڏينھن ھن اتي ئي گذاريا، جيڪي شايد
سندس زندگيءَ جي پھرئين وڏي حصي کان گھڻو بھتر ھئا. ڇو جو اتي ڪلب جو اسٽاف، بيرا
۽ ٻيا سندس خيال رکڻ لاءِ ڪافي ھئا.
ڪاڪو گرداس روزانو وھنجي سھنجي تيار ٿي ڪمري تي نيرن گھرائي، کائي پي
اچي ڪلب جي ھال ۾ ويھندو ھو ۽ منجھند جو ماني کائي، وري ڪمري تي آرام ڪرڻ ھليو ويندو
ھو. ڪلب ۾ سندس کاڌو پيتو مفت ھو. ڪلب جي فنڪشنن ۾ به ھو اڪثر شريڪ ٿيندو ھو، جيڪي
ھن لاءِ وندر جو موقعو فراھم ڪندا ھئا. لاڏاڻي تائين سندس حياتي پريس ڪلب جي اندر ئي
محدود رھي، جو عمر ۽ جسماني ھيڻائيءَ جي ڪري ھو ڪيڏانھن به وڃي نه ٿي سگھيو.
ڪاڪي گرداس جي نئين رھائش تي منھنجون ساڻس ڪچھريون وڌيڪ ٿينديون ھيون،
جو منھنجو اڪثر وقت به ڪلب ۾ ئي گذرندو ھو. مان تن ڏينھن ۾ ڪلب جي گورننگ باڊيءَ جو
ميمبر به چونڊيو ھئس. ھاڻ ته منجھند جو به ڪنھن مھل ڪمري تي وڃي ويھندو ھومانس، پر
مون محسوس ڪيو ته ايترن ماڻھن ۾ به سندس ھيڪلائپ جو احساس وڌي ويو ھو. ھاڻ ھن منجھند
جو به مڌ جو سھارو وٺڻ شروع ڪيو ھو. ان مھل ھو بلڪل اڪيلو ھجڻ پسند ڪندو ھو. ھڪ ڏينھن
مون سندس ڪمري جو ٻيڪڙيل در ھوريان ھوريان ڪري کوليو ته ھو بستري تي ٽيڪ ڏيو اکيون
ٻوٽيو ويٺو ھو ۽ مڌ جو اڌ-ڀريو گلاس، ڀرسان ٽيبل تي رکيل ھو. مون کيس ڊسٽرب نه ڪيو
۽ واپس ھليو ويس. ٻئي ڀيري اسلم آزاد آيو ته ملڻ وياسين. در اندران بند ھو. کڙڪائڻ
تي پڇيائين: ”ڪير؟“ اسان جي ٻڌائڻ تي چيائين: ”مان ھينئر ڪنھن سان نه ملندس.“ اسان واپس ھليا
وياسين. مون ساڻس وري ڪڏھن اھڙي وقت ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
ساڻس ڪچھريءَ ۾ ڪڏھن ڪڏھن ذاتي سوال به ڪندو ھومانس. ھڪ ڏينھن پڇيومانس
ته ڪاڪا توھان سڄي عمر شادي ڇو نه ڪئي؟ چيائين: ”اسان جي برادريءَ ۾ مائٽن وٽان سڱ
نه ڪبو آھي، تنھنڪري اتان شاديءَ جو سوال ئي پيدا ڪو نه پي ٿيو. خاندان کان ٻاھر شادي
ڪرڻ مشڪل ھو، جو مالي لحاظ کان ان قابل ڪو نه ھئس.“ تڏھن مون به اڃا شادي ڪا نه ڪئي
ھئي. چيومانس: ”مشورو ڏيو ته مان شادي ڪريان يا نه؟“ ھڪدم وراڻيائين؛ ”شادي نه ڪرڻ تنھنجي زندگيءَ جي وڏي
غلطي ٿيندي. منھنجو مثال آڏو اٿئي.“ مون انھيءَ سال ۱۹۸۵ ۾ شادي ڪئي. شاديءَ کانپوءِ ھڪ ڏينھن پنھنجي گھر واريءَ کي ڪلب وٺي وڃي
ڪاڪي گرداس سان ملايم. ان مھل سندس مزاح جي حِس ظاھر ٿي. مونکي کلندي چيو ھئائين: ”تنھنجي
مسز تو کان ڏيڍ فُٽ ننڍي آھي.“
پريس ڪلب ۾ رھائش وارن ڏينھن ۾ ئي، مون ھڪ ڏينھن کانئس ان تصوير جو پڇيو
ھو، جنھن سان ھو ڏينھن رات ڳالھيون ڪري، اڪيلائيءَ جي احساس کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪندو
ھو. ”اھو منھنجو پُٽ آھي.“ مختصر جواب مليو ھو. پر اھو جواب ڏيندي سندس منھن تي خوشي
۽ پيار جا پاڇولا نظر آيا. مون غور سان ان تصوير کي ڏٺو ته اھا ڪنھن نينگريءَ جي ننڍپڻ
جي تصوير ھئي. اھا نينگري سندس ڀاڻج ھئي، جيڪا وڏي ٿي پرڻجي ٻارن ٻچن واري ٿي چڪي ھئي.
پر ھن لاءِ اھا اڄ به ننڍڙي ھئي ۽ پيار مان ان کي پُٽ ڪري پڇاڙيءَ تائين سنڀاليندو
رھيو. ڪاڪي گرداس کي اھا تصوير ڪڏھن موڪلي وئي ھئي، ان جي خبر ڪانھي. پر ايتري ڄاڻ
ھئي ته ان تصوير ملڻ کان اڳ يا انکانپوءِ، سندس ڪو به مٽ مائٽ ساڻس ڪو نه مليو ھو.
سندس اھا ڀاڻج به آمريڪا ۾ آباد ھئي. کيس ڪنھن مٽ مائٽ جو خط به ڪو نه ايندو ھو. پر
ھڪ ڏينھن ھو ڏاڍو خوش نظر آيو. ھڪ خط ڪڍي ڏيکاريائين، جيڪو ننڍي ڀاءُ ايران مان لکيو
ھئس. تن ڏينھن ۾ ڀاڻس ايران ۾ ڪنھن نوڪريءَ سان لڳل ھو ۽ ڪاڪي گرداس جو اتو پتو ھٿ
ڪري، کيس حال احوال لکيو ھئائين. اھو ڏينھن ڪاڪي گرداس لاءِ عيد جي برابر ھو.
ايئن ئي ڳالھين ۾ ڪنھن ڏينھن ٻڌايو ھئائين ته سندن ڳوٺ دادو ضلعي ۾ ھو
۽ سندس والد ريلوي ۾ ملازم ھو. ڳوٺ جو نالو شايد پاٽ شريف يا ٽلٽي ٻڌايو ھئائين. ھونئن
به ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکيو آھي ته ھڪڙا واڌواڻي خيرپور ۽ حيدرآباد ۾ آباد ھئا، جڏھن ته
ٻيا خدا آباد، ضلعي دادو ۾ رھندا ھئا. ھڪڙا واڌواڻي ھندستان جي پڪٿ آرين مان ھئا، جيڪي
افغانستان لڏي ويا ته سندن اولاد پڪتون (پختون) سڏجڻ ۾ آيا. انھن واڌواڻين جي نک ”پٺاڻ“ آھي. جڏھن ته
ٻين واڌواڻين جي نِک ”پوپٽ“ ھئي ۽ اھي ٽلٽي ۽ ڀرين (ڀريا سٽي، ضلعو نوشھروفيروز) ۾
رھندا ھئا. ڀيرومل لکي ٿو ته خيرپور جو واڌواڻي ڊاڪٽر ھيمنداس روپچند سنڌ جو نه رڳو
مشھور ماھر ڊاڪٽر ھو پر پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ مختلف کاتن جو
وزير به رھي چڪو ۽ ڪراچيءَ جو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج به سندس ڪوششن سان ٺھيو ھو. وڻج واپار
سبب اھي واڌواڻي افغانستان کان سواءِ پنجاب ۾ به آيا. سنڌ ۾ واڌواڻي ملتان مان ان وقت
آيا، جڏھن ھتي ڪلھوڙن جي صاحبي ھئي.
ڪاڪو گرداس واڌواڻي، جنھن ۱۹۱۱ ۾ جنم ورتو، صرف مئٽرڪ پاس ھو. پر تنھن زماني ۾ مئٽرڪ جي ڊگري وڏي ڳالھه
ھئي. سندس انگريزي ڪمال جي ھئي. ڪاڪي گرداس جي جواني حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ گذري. ھو
صحافي ھيو پر تمام گھٽ ماڻھن کي خبر ھوندي ته ھُو ڪھاڻيڪار به ھو. ادب جي دنيا ۾ سندس
اچڻ جو به ڏاڍو دلچسپ داستان آھي. ”جيڪي ڏٺو مون“ نالي سان ساروڻين ۾ لکي ٿو: ”سنڌ آبزرور ڪراچيءَ واري
اخبار ۾ منھنجي صحافت جو دور شروع ٿيو. رھندو جمشيد ڪوارٽرس ۾ ھئس ۽ جڏھن رات جي ڊيوٽي
ختم ٿيندي ھئي، تڏھن پنجين وڳي صبح جو سائيڪل تي چڙھي گھر واپس ويندو ھئس. ھڪ ڀيري
گارڊن روڊ ڪراس ڪري انڪم ٽيڪس آفيس وٽ پھتس ته ھڪ ڪتي اچي ورايو. ڊپ ۾ مان ھيٺ، ته
سائيڪل مٿان. منھنجي رڙين ۽ واڪن تي ڪتو ته غائب ٿي ويو پر مان اُٿي نه سگھان. قسمت
ھئم جو ھڪ تار وارو (ٽيليگرام پھچائڻ وارو) سائيڪل تي ويو پي ۽ مونکي ڏسي ورتائين.
شاباس ھجيس جو ھن مونکي پنھنجي سائيڪل تي ويھاري منھنجي سائيڪل کي به گھليندي جمشيد
ڪوارٽرس ۾ اچي گھر پھچايو. ان واقعي کانپوءِ منھنجي پھرين ڪھاڻيءَ جو جنم ٿيو. ڪيترن
ئي ڏينھن تائين کٽولي تي پيو ھجڻ کانپوءِ، ڀاءُ کي چيم ته؛ ڪاغذ ۽ قلم ڏي. ڪھاڻي لکي
ڏنيمانس ته ھفتيوار مئگزين ”ھندستان“ جي ايڊيٽر ٻلرام کي ڏئي اچ. ڪھاڻي ”ھي منھنجو پير ٿو مڙي“ جي نالي سان ڇپجي
وئي ۽ مان مشھور ٿي ويس. مون تي نالو ئي پئجي ويو ”ھي منھنجو پير ٿو مڙي.“ اوڙي پاڙي
۾ ڪٿان لنگھندو ھئس ته آواز ٻڌندو ھئس؛ ”امان بابا! ھي منھنجو پير ٿو مڙي پيو وڃي“.
ھو اڳتي لکي ٿو: ”ھڪ ڏينھن حيدرآباد ۾ اڪتراءِ گھٽيءَ جي سامھون، تلڪ
چاڙھيءَ تي منسک پريس ڀرسان بيٺو ھئس. پريس جو مالڪ منسک دوست ھو ۽ پنھنجي ھڪ فلمي
مخزن ۾ منھنجي لکڻين کي ڇاپڻ جي عنايت ڪندو ھو. جان ڪري نظر ڪريان ته تلڪ چاڙھيءَ طرفان
ڦيرو ڏئي مون ڏانھن ڪا نينگر وڌڻ لڳي ھئي. اڳ ۾ ڄاڻ پڇاڻ ھئي پر ھاڻ شادي شده ھئي.
مون تائين پھچڻ ۾ ڏھه ويھه ٻرانگھون ڀرڻيون ھئس. منھنجو ھڪ انگريزي مضمون ”ميل ڪوچ“ پڙھيل ھو جنھن
۾ نھايت تجسس وارو واقعو بيان ڪيل ھو ته ھڪ پل ۾ حادثي کانپوءِ ڪھڙو ويل وھندو. سڄو
مضمون ان ھڪ پل تي ٻڌل ھو. منھنجي به حالت اھا ھئي ته جي ھوءَ مون سان ڪجھه ڳالھائي
ته ڪھڙو جواب ڏيان ۽ جي نه ته مان ڇا چوان يا نه چوان. مونکي خبر ناھي ته مون ڪيترا
سوال جواب دل ۾ ٺاھي ورتا ھوندا، پر اکٻوٽ ۾ ملاقات ٿي وئي. يڪدم مان پريس ۾ اندر ويس
۽ پنو پينسل کڻي ڪرسيءَ تي ويھي آکاڻي لکيم. ڪھاڻيءَ جا ٻه ٽي جملا ياد آھن ته خبر
ناھي ڪھڙا ٻول ٻوليائين پر ھڪ پرديسي پکيءَ جيان ھُڳاءُ ڇڏي وئي. اھا ڪھاڻي به ٻن صفحن
تي ڇپي.“
ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جي ھڪ ڪھاڻي حيدرآباد جي ڪاليج جي ”ڦليلي“ مخزن ۾ به ۱۹۳۲ ۾ ڇپي ھئي، جيڪا ھن ھڪ ڪاليجي ڇوڪريءَ تي سندس ئي
ھڪ دوست آتمو ھيراننداڻيءَ جي عاشق ٿيڻ تي لکي ھئي. ”ڇوڪري سانوري ھئي پر دوست سندس
سونھن جا ڍُڪ ايئن پي ڀريا جيئن ميران ٻائيءَ ڪرشن ڪنئي جا گيت ڳايا آھن.“
”مون اڳ ۾ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ
جو ھڪ مضمون پڙھيو ھو جنھن ۾ ھن چيو آھي ته سونھن منھنجي اکين ۾ آھي. جڏھن به ڪنھن
تي اھي اکيون سونھن اوتين ٿيون تڏھن اھو سھڻو ٿي ٿو پوي. ھزارين تو کي ڏسي رستو وٺندا
ٿا وڃن، انھن لاءِ تون ڪجھه نه آھين. اھا منھنجي اکين جي سونھن آھي جا جڏھن تو تي پوي
ٿي تڏھن تون سھڻي ٿي پوين ٿي ۽ تو کي ڏسي مان بيھي ٿو رھان. اھا سونھن مون تو کي ڏني
نه ته ٻيا ڇو نه ٿا تنھنجي سونھن ڏسي بيھي رھن. مون سونھن جو اھو عڪس ڏئي ”سچي“ جي عنوان سان
ڪھاڻي لکي ورتي.“ ڪاڪو گرداس لکي ٿو.
ڪاڪو گرداس صحافي به ھو ته ڪھاڻيڪار به. پر ھن شخص ڪڏھن به پاڻ نه پڏايو.
اسان سان ڪچھرين ۾ به ھو اھڙيون ڳالھيون نه ڪڍندو ھو. پنھنجي باري ۾ ھو لکي ٿو: ”مان
بندو گناھگار. پاڻ کي افسانه نگار چوڻ کان شرم ايندو ھو. ستر سالن ۾ ھڪ ڪتاب ڇپيو آھي
(۱۹۸۰ ۾ جڏھن سندس پھريون ڪتاب ڇپيو ته ھن جي ڄمار ستر ورھيه
ھئي)، ان مون کي وڏو ماڻھو ته نه ڪري ڇڏيو آھي. مون ڪڏن به پاڻ کي اديب جو لقب نه ڏنو
آھي. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ به ڪجھه لکيو اٿم جن ۾ ڪي اصلي آکاڻيون آھن ته ڪي نقل ڪيل
آھن. پر مون ڪڏھن به پاڻ کي افسانه نگار نه ڪوٺيو آھي.“ ھيءُ لفظ اھو شخص لکي ٿو جنھن
ڪلاسيڪي انگريز ليکڪ والٽيئر جا ٻه ناول به ترجمو ڪيا ھئا. ڪاڪي گرداس جو وڏو مطالعو
ھو ۽ ھن يورپي ادب، تاريخ ۽ مذھب تي انيڪ ڪتاب
پڙھيا ھئا.
پنھنجي ھڪ ڪالم ۾ ھن لاطيني ادب ۽ مشرقي ادب جي ڀيٽ ڪندي مختلف ليکڪن
جي ڪتابن جا حوالا ڏيندي لکيو ھو ته؛ لئٽن (لاطيني) اديبن، مشرقي ادب مان کوڙ شيون
کڻي، پنھنجون ڪري پيش ڪيون ھيون. پنھنجي ان ڪالم ۾ ڪاڪي گرداس ڪنھن زماني ۾ ڪراچيءَ
۾ ھندستاني قونصل خاني جي پريس اتاشي مسٽر شِوپوريءَ سان دلچسپ ملاقات جو ذڪر ڪيو آھي.
لکي ٿو: ”شِوپوريءَ ڳالھه ڪئي ته اسان ماڻھو ڏياري ڪري ڪري منجھي پيا آھيون پر در اصل
شري رامچندر ھو ئي ڪو نه. مان ته پاڪستاني ھندو آھيان پر ھن ڀارتي ھندوءَ جون ڳالھيون
ٻڌي مون کي گھڻي چڙ لڳي. چيومانس ته؛ جي شري رامچندر ھو ئي ڪو نه ته پوءِ مان ھندو
ڪيئن آھيان؟ ھن مرڪي مون ڏي نھاريو ھو ۽ مان ايئن جو ايئن رھجي ويس.“
پنھنجي ڪھاڻين جي ڪردارن ۽ خاڪي بابت ٻڌائي ٿو ته ھن سدائين ڪھاڻيءَ
۾ پاڻ کي ويھاريو آھي. ”مون جيڪي ڪجھه لکيو، اھو اکين ڏٺو احوال آھي يا ذاتي آزمودو
آھي.“ ڪاڪو گرداس دنيا جي انھن دانشورن جي چوڻ تي يقين رکندو ھو ته ليکڪ جي جيتري ڄاڻ
آھي، جيڪو ڪجھه ھن مشاھدو ڪيو آھي، اھو ئي لکي، ان کان وڌيڪ ڪجھه نه لکي. اھو سچ به
آھي ته ڪاڪي گرداس اھو ئي لکيو جيڪو ڪجھه ھن ڏٺو. سندس ساروڻين جا ٽيئي ڪتاب انھن مشاھدن
سان ڀريل آھن ۽ ھڪ اھم تاريخي دستاويز آھن. مثال طور ڪراچي اڳي ڇا ھئي، ڪھڙيون تاريخي
عمارتون ھيون ۽ انھن جا مالڪ ڪير ھئا،. سيٺ نائون مل جي گھراڻي جو سيٺ گدومل عرف ننگر
سيٺ ڪيئن ڏيوالي جو شڪار ٿيو. برنس روڊ لڳ اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج سامھون ان سيٺ
جو محل جھڙو گھر ڪيئن نيلام ٿيو.سال ۱۹۳۰ع
۾ جڏھن ڪاڪو گرداس چاوڙيءَ ڀرسان رھندو ھو تڏھن ڪيئن وائسراءِ جي ريل گاڏيءَ کي ريموٽ
ڪنٽرولڊ بم سان اُڏائڻ جي ڪوشش ٿي ۽ ڪيئن ان واقعي ۾ ملوث ھنسراج، جيڪو وائرليس جي
نالي سان مشھور ھو ۽ ھڪ ڪانگريسي ھندو زميندار وٽ ملازم ھو، حيدرآباد مان گرفتار ٿيو.
اھي ۽ اھڙا ٻيا ڪيترا ئي تاريخ جا باب سندس ڪتابن ۾ ملن ٿا. نائونمل جي خاندان جي سيٺ
گدومل جي ڏيوالي وقت، ڪاڪو گرداس برنس روڊ واري علائقي ۾ رھندو ھو. پنھنجي ڪالمن ۾
ھن ان ڳڻتيءَ جو اظھار به ڪيو ھو ته ڪراچيءَ جون تاريخي عمارتون ۽ نشانيون ترقيءَ جي
نالي ۾ ميسارجنديون پيون وڃن. ھن مثال ڏيندي لکيو ھو ته ۱۹۷۲ ۾ قومي شاھراھه (شاھراھه فيصل) کي ويڪرو ڪرڻ جي چڪر ۾ ڪيترا ئي تاريخي
اھڃاڻ ميساريا ويا ھئا پر ڪٿي به انھن جو ذڪر نه ڪيو ويو آھي ۽ نتيجي ۾ اڳ جي ڪراچي
۽ اڄ جي ڪراچيءَ ۾ گھڻو فرق اچي ويو آھي. جنھن جي ڪنھن کي به خبر ڪانھي. ڪاڪو گرداس
ان لاءِ گزيٽيئرن جي اھميت تي زور ڏئي ٿو.
صحافت ۾ ھجڻ ڪري، پاڪستان کان اڳ توڙي پوءِ، ڪيترن ئي سياستدانن سان سندس
ميل جول رھيو. سائين جي ايم سيد کي به ڪاڪو گرداس واڌواڻي ياد ھو ۽ مان جڏھن به ساڻس
ملندو ھئس ته ڪاڪي گرداس جو پڇندو ھو. ٻئي جھونا ٿي چڪا ھئا ۽ حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينھن
۾ ھڪ ئي شھر ۾ ھوندي به سندن ملاقات نه ٿي سگھي ھئي. ٻئي جھونا ھڪ صديءَ جي تاريخ ھئا.
سندن ملڻ مشڪل ڪو نه ھو. جيئن ھڪ ڀيري ۱۹۸۴ع ۾ سيٺ ڀڳوانداس گاڏي موڪلي ته مان ڪاڪي گرداس کي وٺي وڃي ڪراچي ايڪسپو
سينٽر پھتو ھئس، تيئن حيدر منزل تي به سائين جي ايم سيد سان ڪاڪي گرداس کي ملائي سگھجي
ھا، پر الائجي اھڙو خيال ڇو ڪو نه آيو. سندن ڪچھريءَ مان گھڻو ڪجھه پرائجي ھا.
عمر، جسماني ھيڻائي ۽ نظر جي ڪمزوريءَ جي ڪري ڪاڪي گرداس وڌيڪ ڪجھه نه
لکيو. وقت گذرڻ سان گڏ مصروفيتون وڌڻ سبب مان به پريس ڪلب ۾ گھٽ اچڻ لڳو ھئس. ۱۹۹۰ ڌاري پريس ڪلب ۾ ھڪ تقريب
۾ اڳين قطار ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل ڪاڪي گرداس کي ٻانھن کان ڇڪي اُٿارڻ ۽ پويان وارين ڪرسين
تي ويھارڻ تان ان وقت جي ڪلب جي ھڪ تعصب پرست عھديدار محمود علي اسد (مرحوم) سان به
منھنجو جھيڙو ٿي پيو ھو. جنھن کانپوءِ بيدليءَ سبب ڪيترو ئي عرصو مان ڪلب ڪو نه ويس
۽ نتيجي ۾ ماھوار في نه ڀرڻ سبب، منھنجي ميمبرشپ ختم ٿي وئي. نرسريءَ واري علائقي
۾ برسات اخبار ۾ نوڪريءَ سبب به ڪلب اچڻ بند ٿي ويو. ايئن ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ھڪ
ڏينھن دل چيو ته ڪاڪي گرداس سان ملي اچان. مان پنھنجي ھڪ ساٿي صحافي الھه بخش راٺوڙ
کي ساڻ ڪري جيئن ئي پريس ڪلب پھتس ته ڪلب جي صدر حبيب غوريءَ کي پريشان ڦرندي ڏٺم.
مون تي نظر پوڻ شرط ھو تيزيءَ سان اسان ڏي آيو ۽ چيائين ته ڪاڪي گرداس کي الائجي ڇا
ٿي ويو آھي.
اسان يڪدم سندس ڪمري ڏانھن ڊوڙياسين. ڪاڪو گرداس پنھنجي بيڊ ۽ ٽيبل جي
وچ واري وٿيءَ ۾ ڀِت سان ٽيڪ ڏئي پٽ تي ويٺو ھو. سندس ڄنگھون سڌيون ھيون جيئن ڪو ماڻھو
بيڊ تي ٽيڪ ڏئي، ڄنگھون سڌيون ڪري ويھندو ھجي. بيڊ تي ان ڏينھن پائڻ لاءِ اڳٺ پيل سلوار
قميص رکيل ھئا. ڪاڪو پڪ سان ان مھل تيار ٿيڻ اُٿيو ھو پر ڪجھه محسوس ڪري، ھيٺ ويھي
رھيو ھو. اسان جي سڏن تي ھن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. کيس ھٿ لائي ڏٺوسين ته محسوس ٿيو
ته روح سندس فاني جسم مان پرواز ڪري چڪو ھو. مون يڪدم شيخ سلطان ٽرسٽ ۾ سائين علي احمد
بروھيءَ کي اطلاع ڪيو. جنھن پي ڪي شاھاڻي وڪيل کي ڪاڪي گرداس جي مرتئي جو ٻڌايو. پي
ڪي شاھاڻيءَ اچي ڪاڪي گرداس جي آخري رسمن جو انتظام ڪيو. اھو ۱۹۹۷ جو سال ھو.
اھو ھڪ عجيب اتفاق ھو يا قدرت جو اشارو ھو جو مان ايترن ورھين کانپوءِ
پريس ڪلب ڪاڪي گرداس سان ملڻ ويو ھئس ۽ آخري ڀيرو سندس منھن ڏسڻ وارن ۾ شامل ٿيس. پر
ھن مسڪين شخص جو منھن سندس پنھنجن پيارن مان ڪير به ڏسي نه سگھيو ۽ نه ئي ورھاڱي کانپوءِ
سڄي حياتي ھو پنھنجي پيارن جو منھن ڏسي سگھيو. ايئن ڪاڪو گرداس واڌواڻي پوري اڌ صدي
مٽن مائٽن کان پري سندن وڇوڙي ۽ اڪيلائيءَ جو درد من ۾ سانڍي ۸۶ ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري
ويو.
(نوٽ: ليکڪ سينيئر صحافي ۽ ليکڪ آهي. هي ليک خصوصي طور تي افيئر لاءِ
لکيائين.)
(نوٽ: مٿي ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جي ٽن ڪتابن جو ذڪر ٿيل آھي. جڏھن ته
تازو، ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جون تحريرون -۱، نالي سان ھڪ ڪتاب سھيڙي، سنڌي ساھت
گھر حيدر آباد طرفان سال ۲۰۱۳ع ۾ ڇپايو ويو آھي، جنھن ۾ موصوف جا چار ڪتاب گڏي ڇپايا ويا آھن. منجھن چوٿون ڪتاب، جڏھن آدم آيو،
نالي سان آخر ۾ ڏنل آھي.)
دادا گرداس واڌواڻي
سنڌيانا سائيٽ تان
دادا گرداس واڌواڻيءَ جو جنم، ۷ جون ۱۹۱۱ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.
سندس تعلق حيدرآباد جي عامل گهراڻي سان هو. شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ
مان حاصل ڪيائين. هن پنهنجي ادبي سفر جي شروعات شاگرديءَ واري زماني کان ڪراچيءَ
مان ڪئي. گرداس واڌواڻي ويهن سالن جي عمر ۾ صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ سنڌي
روزاني اخبار ’ديش متر‘ سان وابسته رهيو. انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر ناليوارو صحافي
کيمچند دتارام هو. دادا واڌواڻيءَ ۱۹۳۱ع
کان ۱۹۳۹ع تائين پهريان رپورٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم
ڪيو. هن سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ دوران اهم سياسي شخصيتن ۽ دانشورن
کان انٽرويو ورتا، جيڪو سلسلو گهڻو مقبول ويو ۽ ان دور جي مشهور سنڌي اخبار
’الـوحـيـد‘ اهي انٽرويو ٻيهر جيئن جو تيئن شايع ڪيا. ان کانپوءِ هي انگريزي اخبار
’سنڌ آبزرور‘ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ۱۹۴۳ع
۾ ڊاڪٽر تاراچند لالواڻيءَ، شام جي پهرين اخبار ’ڪراچي ڊيلي‘ ۾ کيس رپورٽر طور
رکيو ۽ پوءِ ’ڊيلي گزيٽ‘ اخبار ۾ رکيو. ۱۹۴۷ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته گرداس واڌواڻيءَ جو سڄو ڪٽنب هندستان لڏي ويو، پر
هن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي صحافت واري ڪرت جاري رکي. ’ڊيلي گزيٽ‘ بند ٿي وڃڻ کان پوءِ هي
’هندستان اسٽئنڊرڊ‘ ۽ مدراس جي ’هندو‘ اخبار جو رپورٽر مقرر ٿيو. ۱۹۶۱ع ۾ ’مارننگ نيوز‘ ۾ شامل ٿيو. ۱۹۶۵ع جي پاڪ- ڀارت جنگ جي ڪري ’هندستان اسٽينڊرڊ‘ ۽
’هندو‘ اخبارون ڇڏڻيون پيس. زندگيءَ جا ۴۱ سال صحافت کي ڏيڻ کان پوءِ ۱۹۷۲ع ۾ صحافت ڇڏي ڏنائين. هن ۱۹۷۴ع ۾ روزاني ’هلال پاڪستان‘ ۾ ’جيڪي ڏٺو مون‘ جي عنوان سان ڪالم لکڻ
شروع ڪيا، جن ۾ هو پنهنجي زندگيءَ جا انيڪ تجربا بيان ڪندو رهيو. هن ٻارن لاءِ به ڪافي
لکيو. ڊينمارڪ جي ٻارن جي مشهور ليکڪ اينڊرسن جون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين،
جيڪي ’شاهي بلبل‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون. گرداس واڌواڻيءَ جي لکڻ جو
انداز نهايت وڻندڙ ۽ سليس هوندو هو. هن جي ساروڻين ۽ ڪالمن جا چار ڪتاب: (۱) ’جيڪي ڏٺو مـون‘ (۱۹۸۰ع)،
(۲) ’سـاروڻـيــون‘ (۱۹۸۱ع)، (۳) ’ڳالـهه ٻـولـهه‘ (۱۹۸۲ع) ۽ (۴) ’جڏهن آدم آيو‘ (۱۹۸۷ع)
شايع ٿيل آهن.
دادا گرداس واڌواڻيءَ کي سندس صحافتي خدمتن جي ڪري ’گرو‘ يعني ’مرشد‘
ڪري سڏيو ويندو هو. آخري عمر ۾ پريس ڪلب ڪراچيءَ جي هڪ ڪوارٽر ۾ رهندو هو. ۱۹۹۱ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين.
گرداس واڌواڻي
سنڌي ادب هڪ
سئو سنڌي اديب
يوسف سنڌي
سنڌي ڪالم نويسي به ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري سنڌي صحافت. ڪالم لکندڙ،
ڪنهن مخصوص موضوع تي لکڻ جي بدران، هر موضوع تي خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو. گرداس
واڌواڻيءَ جو نالو ڪالم نويسيءَ جي حوالي سان تمام مٿانهون ليکيو وڃي ٿو. هن جي
لکيل ڪالمن جي اهميت بيان ڪندي ناميارو ليکڪ حميد سنڌي لکي ٿو:
”ڪنهن زماني ۾ جڏهن مون مطالعو شروع ڪيو ته آسان ۽ مٺي زبان وارا
تمام گهڻا شهپارا منهنجي نظر مان گذريا. انهيءَ دور ۾ مون کي ڪڏهن لعل چند امرڏنو
مل پسند ايندو هو ته ڪڏهن ڪشنچند ’بيوس‘ ته ڪڏهن ليکراج عزيز،انهيءَ سونهري دور ۾
سهل ۽ دل لڀائيندڙ زبان استعمال ٿيندي هئي، جن مان ڪجهه لفظ مون به اختيار ڪيا.
مون جڏهن پهريون ڀيرو ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جا ڪالم پڙهيا ته مون
کي اهو زمانو ياد اچي ويو. جڏهن زبان پينگهه ۾ لڏڻ جو سرور مکڻ ۽ ماکي جو لطف ڏيندي
هئي. ڪاڪا جي لکڻين ۾ جيڪا مٺاس آهي. اها اڄ جي قلمڪارن ۾ بنهه گهٽ ٿي نظر اچي. ڪاڪي
پنهنجي ڪالمن ۾ هن دنيا جون ڪهاڻيون ۽ وساريل ڳالهيون نهايت خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيون
آهن.“
سوانح
گرداس واڌواڻي جو جنم ۷جون
۱۹۱۱ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس واسطو حيدرآباد جي عامل
گهراڻي سان هو. شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ ۱۹۲۹ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. انهي وقت
سنڌ جا سڀ اسڪول ۽ ڪاليج بمبئي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل هئا. گرداس واڌواڻي پنهنجي
ادبي زندگي جي شروعات شاگرديءَ واري زماني کان ڪراچي مان ڪئي. سال ۱۹۳۱ع ۾ کيس واپس حيدرآباد ڏاڏي وٽ وڃڻو پيو، جو سندس
والد شهدادپور ۾ هو.
گرداس واڌواڻي ويهن سالن جي عمر ۾ صحافت اختيار ڪئي ۽ سنڌي روزنامه
”ديش متر“ سان لاڳاپو ٿيس. انهي اخبار جو ايڊيٽر ’کيمچند دتارام‘ هڪ بهادر صحافي
هو. گرداس واڌواڻي ۱۹۳۱ع کان ۱۹۳۹ع تائين هڪ رپورٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو.
انهي دوران گرداس واڌواڻي سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري تحريڪ جي سلسلي ۾ مختلف
شخصيتن، دانشورن، سياستدانن کان انٽرويو ورتا، جيڪو سلسلو گهڻو مقبول ويو ۽ ڪراچي
جي وڏي سنڌي اخبار ”الوحيد“ انهن انٽرويوئن کي جيئن جوتيئن شايع ڪيو.
تنهن بعد هن انگريزي صحافت جوائن ڪئي ۽ ”سنڌ آبزرور“ ۾ پروف ريڊر جي
حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. ”مسٽر ڪي پنيا“ انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر هو. ۱۹۴۳ع ۾ ڊاڪٽر تارا چندلالواڻي شام جي پهرين اخبار ”ڪراچي
ڊيلي“ شروع ڪئي ته هن انهيءَ ۾ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. سندس ڪم کي ڏسندي
ڊاڪٽر تاراچند کيس سنڌجي ٻي وڏي اخبار ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ رکيو.
۱۹۴۷ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته گرداس واڌواڻيءَ جوسڄو ڪٽنب هندستان لڏي ويو، پر
هي هتي ئي رهي پيو. جيتوڻيڪ ڪجهه دوستن سندس سلامتي جي خيال کي نظر ۾ رکندي کيس سنڌ
ڇڏڻ جو مشورو ڏنو. پر هن انڪار ڪيو ۽ ڪراچي ۾ سدائين لاءِ رهي پيو ۽ پنهنجي ڪرت
يعني صحافت کي لڳو رهيو. ۱۹۴۸ع
۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ هندو مسلم فسادن جي بيباڪي سان رپورٽنگ ڪيائين.
”سنڌ آبزرو“ بند ٿي ته دادا گرداس ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ شامل ٿيو. جنهن جو
ايڊيٽر هڪ انگريز ”رابرٽ ٽيلرڪو سارن“ هو، پر ڪجهه وقت کانپوءِ اها اخبار بند ٿي
ويئي. انهي کانپوءِ گرداس واڌواڻي ”هندستان اسٽينڊرڊ“ ۽ مدراس جي ”هندو“ اخبار جو
رپورٽر مقرر ٿيو. ۱۹۶۱ع ۾ ”مارننگ نيوز“ جوائن ڪيائين. ۱۹۶۵ع جي پاڪ ڀارت جنگ جي ڪري ”هندستان اسٽينڊرڊ“ ۽
”هندو“ڇڏڻيون پيس.
ائين گرداس واڌواڻي زندگي جا ايڪيتاليهه سال صحافت کي ڏنا، پوءِ نيٺ ۱۹۷۲ع ۾ صحافت ڇڏي ڏنائين.
ورهاڱي کان اڳ هن سنڌيءَ ۾ ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي ان وقت جي
اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون.
گرداس واڌواڻي ۱۹۷۴ع
کان روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ ”جيڪي ڏٺو مون“ جي عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيو، جن ۾
هو پنهنجي زندگي جا انيڪ مشاهدا ۽ تجربا بيان ڪندو رهيو.
انهيءَ کانسواءِ گرداس واڌواڻي ٻارن لاءِ به ڪافي ڪجهه لکيو. هن ڊنمارڪ
جي مشهور ٻارن جي ليکڪ اينڊرسن جون ڪهاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي ”شاهي بلبل“
جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون.
گرداس واڌواڻي جي لکڻ جو انداز نهايت وڻندڙ ۽ سليس هوندو هو.ممتاز
مهر جي لفظن ۾:
”گرداس واڌواڻي جو انداز بيان وڻندڙ ۽ منفرد آهي، سندس ڪالمن جو
رنگ ادبي آهي. ڪي ڪالم ته انشائيه (ESSAYS) لڳندا
آهن ۽ ادبي شهپارن جو درجو رکن ٿا.“
گرداس واڌواڻي جي ساروڻين ۽ ڪالمن جا چار ڪتاب (۱)
جيڪي ڏٺو مون (۱۹۸۰ع) (۲)ساروڻيون
(۱۹۸۱ع) جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي انعام پڻ ڏنو
(۳) ڳالهه
ٻولهه (۱۹۸۲ع) ۽ (۴)
جڏهن آدم آيو (۱۹۸۷ع) شايع ٿيل آهن.
برک صحافي علي نواز وفائي گرداس واڌواڻي جي ڪتاب ”جيڪي ڏٺو مون“ جي
مهاڳ ۾ سندس لکڻين جو جائزو وٺندو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مسٽر واڌواڻي جي آزمايل آزمودن، تلخ تجربن، مطالعي ۽
مشاهدي جو نچوڙ سمجهجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ان کان علاوه پنهنجي يادگيرين، قصن
۽ ڪهاڻين کي جنهن اديبانه انداز ۾ ادا ڪيو آهي، ان جو اندازو صرف پڙهندڙ ئي لڳائي
سگهندا.“
گرداس واڌواڻي جا اهي ڪالم/ مضمون/ ساروڻيون سنڌ جي اتهاس جو هڪ باب
آهن، جن جي مطالعي کانسواءِ پنهنجي تاريخ جو مطالعو اڻپورو ٿو لڳي.
گرداس واڌواڻي کي سندس صحافتي خدمتن جي ڪري ”گرو“ يعني ”مرشد“ ڪري سڏيو
ويندو هو.
هن لڳ ڀڳ اسي سالن جي عمر ۾ ۱۹۹۱ع ۾ پولوڪ پڌاريو.
دادا گرداس واڌواڻي کي خراج تحسين پيش ڪندي برک صحافي يوسف شاهين
داداجي ڪتاب ”جڏهن آدم آيو“ جي مهاڳ ۾ لکيو:
”دادا هڪ ليکڪ، هڪ صحافي ۽ اديب کان وڌيڪ وڏو انسان ۽ مثالي سنڌي
آهي. هي جڏهن پنهنجي لکڻين جي ذريعي، مٺن لولن، لال ليارن، پڪن ٻيرن، ٻاجهر جي ڍوڍن، چانورن جي چلهن جي ڳالهه ٿو ڪري،
تڏهن تاريخ جو هڪ اهڙو باب اٿلون ڏيئي، اکين جي اڳيان اُڀري اچي ٿو، جنهن ۾ لڙڪ ۽
مرڪ، وڇوڙي ۽ وصال جا ڪئين داستان لڪل آهن. ولر کان وڇڙيل، ۷۴سالن
جي هن پيرسن، زندگي جا چاليهه سال اڪيلي سر گذاري ڇڏيا آهن، نه مٽ نه مائٽ، نه ڀيڻ
نه ڀاءُ، نه چاچو نه مامون، نه ڪو عزيز قريب سڀ هن کان وڇڙي ويا. سڀ هن کي ڇڏي
ويا، پر هن سنڌ کي نه ڇڏيو، پنهنجي امڙ کي نه ڇڏيو. شال! اها ساڃهه، اهو نينهن سڀني
کي نصيب ٿئي.“
دادا گرداس جي انهيءَ ڪيفيت کي نصير مرزا پنهنجي هڪ نظم ۾ هن ريت چٽيو
آهي:
هو سڀ
جيڪي هُن جا گهر ڀاتي هئا
ايئرپورٽ ۽ سمونڊ جي ڪناري
هوائي جهازن ۽ آگبوٽن ۾ چڙهي
برن پٽن ۽ بيابانن مان ٿيندا
دنيا جي نقشي ۾ گم ٿي چڪا آهن
سندن اُجاڙ
ڀڙڀانگ ۽ ڀانڀاڙ حويليءَ ۾
بس رڳو
ڪنهن وشال ٽيبل تي ٻرندڙ
ڄاڻ ته اجهامندڙ ڏيئو
۽ هڪڙو البم
سنڌ ۾ هنن جي آخري نشاني آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا