حميد سنڌي
ناميارو اديب
۽ پروفيسر
پرويز علي ڪليار
سنڌي ٻولي جي نامياري اديب
۽ ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جو تعلق ضلعي نوشهروفيروز سان آهي. حميد سنڌي جو پورو نالو
عبدالحميد ميمڻ آهي. پاڻ ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۳۹ع ۾ نوشهروفيروز ۾
اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد سنڌي تعليم ۾ بي اي ايڪنامڪس (اسپيشل سبجڪيٽ
ايگريڪلچر ايڪنامڪس)، ايم اي ايڪنامڪس، ايل ايل بي هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن
مانچسٽر يونيورسٽي (يوڪي) مان ڪئي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي
وائيس چانسلر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙي طرح مختلف ادارن ۾ سربراهه
طور خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ هن وقت پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ چيئرمين جي حيثيت
سان خدمتون ڪري رهيو آهي.
حميد سنڌي جتي عملي طور
خدمتون سرانجام ڏنيون آهن اتي پاڻ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. معاشري جي مسئلن
کي ڪهاڻي جو روپ ڏئي عڪس بندي ڪئي آهي. حميد سنڌي کي ادب جي ميدان ۾ تمام گهڻو شوق
جاڳيو ۽ پاڻ روح رهاڻ رسالو شروع ڪيائين. جيڪو اڄ به نڪري رهيو آهي. حميد سنڌي ادب
جي واڌ ويجهه جي لاءِ روح رهاڻ جي پليٽ فارم تان هفتي وار ادبي گڏجاڻي ڪرائي رهيو
آهي. انهن گڏجاڻين ۾ اديب پنهنجون لکڻيون هر هفتي پيش ڪندا آهن. حميد سنڌي ۲۸ مئي ۱۹۹۸ع تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾
چيئرمين جي حيثيت سان خدمت ڪئي. حميد سنڌي جي ڪتابن جو تعداد يارنهن آهي جيڪي شايع
ٿيل آهن. انهن ڪتابن ۾ سُر ليلا چنيسر، سُرگهاتو، سُر ڪاموڏ، سرماروي، سُرڪاپائتي،
سُر بلاول، سُر رام ڪلي، سُر ڪوهياري، سُر ڪارائل سُر ڀيروي، سُر سارنگ شامل آهن.
سندس اهي ڪتاب سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سُرن تي لکيل آهن.
حميد سنڌي جو هڪ ڪتاب
اردو ۾ سوکي ڌرتي جي نالي سان لکيو آهي. جڏهن ته جاپاني فوڪ ادب چونڊ تي مشتمل
آهي.
حميد سنڌي ڀارت جي شهر
دهليءَ ۾ وائيس چانسلرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. اهڙي طرح حميد سنڌي ايران ۽ يو ڪي
۾ به شرڪت ڪري چڪو آهي.
حميد سنڌي کي مڃتا طور ۲۳ مارچ ۱۹۹۰ع ۾ حڪومت پاڪستان تمغه
امتياز سان نوازيو ويو.
حميد سنڌي کي ۲۸ آگسٽ ۱۹۹۳ع ۾ اعزاز فضيلت جو
ايوارڊ پڻ حڪومت پاڪستان طرفان ڏنو ويو.
حميد سنڌي
سنڌ دوست ڪهاڻيڪار
خليل عارف سومرو
سنڌي شاعري جي وڏي نانءَ، نارائڻ شيام جي شهر نوشهري فيروز ۾ ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۳۹ تي سنڌي ڪهاڻي جي هڪ وڏي نانءَ
سائين حميد سنڌي جنم ورتو. ماحول جو اثر، هر ماڻهوءَ تي پوي ٿو. جنهن کي به ڏات ورثي
۾ ملي ٿي اهو پنهنجي ڏانءَ آهر ان ڏات جا رنگ وکيرڻ لاءِ، پنهنجي اظهار جي واٽ ڳولي
لهي ٿو. اڄ آ جنم ڏينهن جي مبارڪ طور ٻه لفظ جنهن عالم، فاضل، اديب لاءِ لکڻ جي جسارت
ڪري رهيو آهيان، اهو سنڌي ادب جي افق تي چمڪندڙ هڪ روشن چنڊ وانگر آهي. مان اهو به
ڄاڻان ٿو ته منهنجا هي ٻه اکر سج کي ڏيئي ڏيکارڻ وانگر هوندا. پر هن جي ٻاجهه ڀري شفيق
طبيعت ۽ محبت ڀريي مزاج، دل هٿان مجبور ڪري وڌو آهي ته هن سهڻي سائين تي ٻه اکر لکي
يوسف جي خريدارن ۾ پنهنجو نالو ڳڻايان. سندس سالگره جي ڏينهن تي خوشي به محسوس ڪري
رهيو آهيان ته حميد سنڌي جهڙي شخص تي لکي رهيو آهيان.
مونکي سائين حميد سنڌي سدائين ڳڻن ۽ خوبين جو گلدستو ئي لڳو آهي. سدائين
سندس صبح جهڙي اُجري مُک تي معصوم ٻار جهڙي مرڪ ۾ سنڌي ڪهاڻي جو روشن مستقبل جهلڪا
پيو ڏيندو آهي. سائين حميد سنڌي جي اها خوشبختي آهي جو سندس والد سيٺ محمد اسماعيل
ميمڻ فارسي جو ماهر (جيڪا اُن وقت اظهار جي وڏي زبان هئي ۽ مشهور هوندو هيو ته؛ فارسي
گهوڙي چاڙهسي) ۽ علم ادب جو پارکو هيو. تنهنڪري کيس ننڍپڻ کان ئي ڪتابن جي گلابن جو
هُڳاءُ نصيب ٿيو. پڙهڻ لکڻ جي ان پرورشي پيار، کيس علم ادب ڏانهن لاڙڻ ۾ اهم ڪردار
ادا ڪيو.
سندس زندگي هڪ اهڙي انڊلٺ آهي جنهن جا سڀ ئي رنگ نه رڳو منفرد پر خوبصورت
به آهن. سڀني رنگن ۾ هڪ ڪهاڻيڪار وارو رنگ گهرو ۽ نمايان ضرور آهي. سو به ان ڪري جو
سائين هن ديس ۽ ديس جي مٽي سان Committed ڪهاڻيڪار آهي. پر سائين جي
گلدستي جهڙي شخصيت جا ٻيا گُل به ڏاڍا وڻندڙ ۽ سڀاويڪ آهن.
سندس لکيل پهرين ڪهاڻي (ڪارو رت) ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپي. ڪهاڻيڪار جي حيثيت
۾ سندس پهريون ڪهاڻي جو ڪتاب (سيمي) ۱۹۵۸ع
۾ زندگي پبليڪيشن طرفان ڇپيو. ائين سنڌ جي اهم ڪهاڻيڪارن جي لسٽ ۾ سندس نانءُ جرڪڻ
لڳو.
سندس ڪهاڻيون اسان جي ارد گرد جي ماحول جون عڪاس آهن. سندس ڪهاڻين جا
ڪردار، هن سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. سندس ڪهاڻين جي خوبي اها به آهي ته هن پنهنجي
ڪهاڻين ۾ نه رڳو پنهنجي محاورن، اصطلاح ۽ لوڪ چوڻين (Folkwisdom) کي آندو
آهي پر پنهنجا ٺيٺ سنڌي لفظ جيڪي هروڀرو عام استعمال نه ٿيڻ ڪري ميسارجي يا وسارجي
وڃن ها، تن لفظن کي ڄاڻي واڻي پنهنجي ڪهاڻين ۾ آڻي، سنڌي ٻوليءَ کي محفوظ ڪرڻ جي هڪ
شعوري ڪوشش به ڪئي آهي. سندس ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تاريخ سمايل آهي. سنڌ جي
سونهن ۽ سڳنڌ سندس ڪهاڻين ۾ نمايان نظر ايندي آهي.
سندس اوجاڳن جي ثمر ۽ هن روشني جي سفر جي هڪ جهلڪ هئين به ڏسي سگهو ٿا
۰۱. سيمي. ۰۲. اداس واديون ۰۳.
راڻا جي رجپوت ۰۴. ويريون. ۰۵. جاڳ به تنهنجي جيءُ سان ۰۶. درد وندي جو ديس ۰۷.
سو مون سڀ ڄمار، (سوکي ڌرتي) جي نالي سان سندس ڪهاڻين جو ترجمو پڻ هڪ ڪتابي صورت ۾
ڇپيل آهي. سندس ترجمو ڪيل جاپاني ڪهاڻين جو ڳٽڪو (سوني زنجير) پڻ ڇپيل آهي.
سچل سرمست جي فن ۽ فڪر تي سندس مقالن جو مجموعو (آري اچين شال) به ڇپيل
آهي.
ان کان علاوه ڪيترا ئي مضمون، تاثر، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل نوٽ سندس تخيليقي
پورهئي جو ڦل آهن.
دعا آهي ته سندس قلم جو عَلم سدائين بلند رهي.
حميد سنڌي
ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ شاھ
عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر.
محمد سليمان وساڻ
حميد سنڌيءَ جي
شخصيت سان منھنجون اڻ وسرندڙ يادون لاڳاپيل آھن. مونکي ياد آھي تہ مان شاھ لطيف
يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر بي ايس سي (اسٽيٽسٽڪس) ڪندي سوچيو تہ ڇو نہ ايم بي اي MBA ۾ داخلا وٺان
ڇو تہ انھن ڏينھن ۾ MBA
وارن جي وڏي کپت ھئي. فارم ڀرجڻ کانپوءِ مان يونيورسٽي ھر ھفتي چڪر ھڻندو ھوس تہ
متان ٽيسٽ جي تاريخ گذري نہ وڃي، انھن ڏينھن ۾ موبائل فون ڪونہ ھيو ۽ ڳوٺ ۾ بہ فون
جي سھوليت نہ ھئي. ٽيسٽ جي تاريخ کانپوءِ مان تياري ڪئي. پر ٽيسٽ واري ڏھاڙي کان ٽي
چار ڏينھن اڳ مونکي سخت بخار ۽ مٿي ۾ سور ٿي پيو ۽ الٽيون اچڻ لڳيون. ساڳي وقت
منھنجي پريشاني بہ وڌڻ لڳي. مان اھڙي حالت ۾ بہ اپٽيٽيوڊ ٽيسٽ ڏيڻ ويس جنھن ۾ سوين
شاگرد شامل ٿيا. مون دل ۾ سوچيو تہ ھيڏي بخار ۾ الائي ڪيئن ٽيسٽ ڪئي اٿم جو ھوش ئي
نہ ھيو ۽ اميد لاھي ويٺم تہ ھيترن شاگردن ۾ مان بيماري دوران ٽيسٽ ڏيندي متان ناڪام
ٿي وڃان. ڳوٺ واپسيءَ ۾ طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ھليو آيس، ڪراچيءَ
۾ مختلف ٽيسٽون ٿيون ۽ علاج ھليو.
ان دوران پويان ٽيسٽ
جا نتيجا آيا ۽ نوٽيس بورڊ تي ڪامياب شاگردن جي لسٽ لڳائي وئي انھن کي فيس جمع ڪرائڻ
جي تاريخ ڏني وئي. فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ گذري وئي ۽ مونکي خبر ئي نہ پئي. ھڪ رات
اسان جي دوست سراج الدين ميمڻ کي سندس ڀاءُ منور فون ڪئي تہ سليمان وساڻ ڪمال ڪري ڇڏيو
جو ٽيسٽ جي نتيجن ۾ پھريون نمبر آيو . سراج صاحب چس تہ ھو تہ علاج لاءِ ھتي ڪراچي
آيل آھي. ان تي منور چيس تہ اڄ تہ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ھئي. انھن ڏينھن ۾ MBA سيلف فناسنگ
تحت ٿيندي ھئي ۽ ڳري فيس جمع ڪرائڻي پوندي ھئي. سراج سڌو اسان وٽ آيو ۽ اچي سڄو
احوال ڏنائين. مان وڌيڪ مايوس ٿيس ڇو تہ ھڪ تہ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ گذري چُڪي
ھئي ۽ ٻيو تہ ان وقت ايترو جلدي فيس جا پئسا گڏ ڪرڻ پڻ مشڪل ھيو. پر دوستن بشمول
سراج ميمڻ ۽ ماما تاج محمد وساڻ ٻئي ڏينھن فيس جا پئسا ڪٺي ڪري ڏنا ۽ مان رات جو
ئي خيرپور لاءِ روانو ٿيس.
صبح جو خيرپور پھچي
تيار ٿي يونيورسٽي آيس ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن سيڪشن جي اڪائونٽ وارن کي ايلاز ڪيم تہ
فيس جمع ڪرائڻ لاءِ ووچر جاري ڪن، پر ھنن انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو تہ تاريخ گذري وڃڻ
سبب ھنن ويٽنگ لسٽ لڳائي ٻيل شاگردن کي فيس جمع ڪرائڻ جو چئي ڇڏيو ھو. مان پريشان
حال ٿي اسان جي مرحوم دوست ضمير حسين وساڻ جي آفيس ويس تہ مدد ڪري. ھو انھن ڏينھن
۾ سوئي گيس آفيس خيرپور ۾ آفيسر مقرر ھيو. ھو مونسان گڏ بزنس ايڊمنسٽريش جي
چيئرمين شاھ محمد لھراڻي صاحب سان ملڻ لاءِ پنج ھٽي خيرپور ۾ سندس گهر تي ھليو.
مان کيس بيماري جو ٻڌايو ۽ اسپتالن جا بل پڻ ڏيکاريا. لھراڻي صاحب سخت ايڊمنسٽريٽر
ھيو جنھن بعد ۾ اسان جي وڏي تربيت ڪئي پر ان وقت اسان کي ٻاھران ئي واپس ڪري ڇڏيو
۽ مونکي ڇنڊ بہ پٽيائين تہ تون ھڪ ڪيئرليس قسم جو شاگرد آھين جنھن کي ذميواري جو
احساس ئي ناھي تہ پروفيشنل ڊگرين ۾ ڪا ڪوتاھي ناھي ڪبي. ھن چيو تہ مقرر سيٽون ڀرجي
ويون آھن ڇو تہ ھو اڳ ئي ويٽنگ لسٽ وارن کي ووچر جاري ڪري چُڪا آھن. ھاڻي مايوس ٿي
واپس موٽيس ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ بس اسٽاپ تي بيٺس. سامھون پي سي او تي نظر پئي تہ مقرر
رقم ڀري ڪراچي ماما تاج محمد کي حال احوال ڏنم. جنھن چيو تہ ھڪ دفعو وساڻ ھائوس
خيرپور وڃي رحيم بخش وساڻ صاحب سان ملان. محترم رحيم بخش وساڻ ھڪ درياء دل ۽ وڏو
ماڻھو ھو، جنھن جي يار ويسي ڪيترن ئي بالا آفيسرن ۽ سياسي ماڻھن سان ھوندي ھئي.
مونکي ھوشيار ھجڻ ڪري ڀائيندو ھيو. سڌو وڃي ساڻس مليس ۽ کيس سڄو حوال ڪيم. وساڻ
صاحب ان وقت ئي وائيس چانسلر حميد سنڌي صاحب سان ڳالھايو جنھن کيس مونکي ساڻس ملڻ
لاءِ چيو. وساڻ صاحب ڪارڊ تي پڻ ٻہ اکر لکي ڏنا ۽ مان شام جو چئين وڳي اتان سڌو
يونيورسٽيءَ ويس. وي سي جي PA سا مليس جنھن فون ملائي حميد صاحب سان ڳالھايو
۽ پوءِ مونکي ويھڻ جو چيو. مان مسلسل ھلڻ ڪري ۽ بيماري ڪري ٿڪجي پيو ھوس. ٿوري دير
کانپوءِ حميد صاحب اندر گهرايو. اندر ويس تہ قداور ۽ پر رعب شخصيت جو مالڪ حميد سنڌي
صاحب فل سوٽ ۾ اٿي بيھي مليو ۽ حال احوال ورتائين. مان کيس سڀ ڪجه ٻڌايو ۽ اسپتال
جون رسيدون، ڊاڪٽرن جون لکيل ٽيسٽون ۽ پرچا پڻ ڏيکاريا ۽ پنھنجي مجبوري ٻڌايم. ھن
چيو تہ جي سيٽون ڀرجي ويون آھن تہ ھو ڪجه بہ نہ ڪري سگهندو. مان کيس عرض ڪيو تہ
مان ٽيسٽ ۾ ٽاپ ڪيو آھي، جيڪڏھن مونکي داخلا نہ ملي تہ اھا مونسان زيادتي ھوندي.
ھن پي اي کي فون ڪري ميرٽ لسٽ گهرائي پڪ ڪرڻ چاھي. لسٽ ھٿ ۾ کڻندي مُرڪيو ۽ چيائين
تہ ھا اھا تہ ھڪ ذھين شاگرد سان زيادتي ليکبي ... پوءِ رسول بخش شيخ صاحب کي فون ڪيائين
تہ ھن نوجوان کي ضايع نہ ڪجي ۽ اوھان کيس داخلا لاءِ ووچر جاري ڪرايو.
مان اٿي سندن
مھرباني مڃي پاڻ منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيندي لوڏيو ۽ چيائين تہ
اميد تہ تون مايوس نہ ڪندين ۽ وعدو ڪر تہ ايم بي اي ۾ پڻ ٽاپ ڪري ڏيکاريندين .....
پوءِ مان وڃي پڙھائيءَ کي لڳم ... ڪجه عرصي بعد ھن کي وي سي جي نوڪري تان ھٽايو
ويو ۽ شادي شھيد ۾ يونيورسٽيء جي عمارت جو ڪيس مٿس ھليو، اھو ھڪ الڳ معاملو جنھن
تي ٻئي ھنڌ بحث ڪبو ..... مان ايم بي اي ۾ ٽاپ ڪندي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو ۽ ڪراچي
اچي نوڪري کي لڳس. سالن پڄاڻان منھنجي حيدرآباد ۾ حميد سنڌي صاحب سان ڪنھن ادبي گڏجاڻيءَ
۾ ملاقات ٿي ۽ مان کيس ياد ڏياريو تہ اوھان جيڪا مھرباني ڪئي ۽ واعدو ورتو ھو مان
ان کي پاڻي ڏيندي ٽاپ ڪيو ... پر کيس اھو سڀ ياد ڪونہ ھيو .... پر مان ڪيئن ٿو
وساري سگهان ان ڳالھ کي ....
اڄ حميد سنڌي صاحب
اسان ۾ موجود ناھي رھيو پر ھو مون کان ڪڏھن نہ وسرندو جيسين مان زندھ آھيان ۽
منھنجو دماغ سوچيندو رھندو.
حميد سنڌيءَ جو
پورو نالو عبدالحميد ميمڻ آهي. پاڻ ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۳۹ع ۾ نوشهروفيروز ۾ اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد
سنڌي بي اي ايڪنامڪس (اسپيشل سبجيڪٽ ايگريڪلچر ايڪنامڪس)، ايم اي ايڪنامڪس، ايل
ايل بي، هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن مانچسٽر يونيورسٽي (يو ڪي) مان ڪئي.
۶۱- ۱۹۶۰ع ڌاري وليج ايڊ کاتي ۾ پبلسٽي آفيسر مقرر ٿيو، جنهن بعد مختلف ڪوآپريٽوِ
توڙي ڪمرشل بئنڪن ۾ ۱۹۶۶ع تائين آفيسر ۽ مئنيجر طور ڪم ڪيائين. ۱۹۶۶ع کان ۱۹۷۰ع واري عرصي ۾ وڪالت ڪيائين. بعد ۾ هن سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ امتحاني ڪنٽرولر، رجسٽرار
۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر
(سنڌالاجي) طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪجهه عرصو تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز،
پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي پرنسپال طور ذميواريون سنڀاليائين. ملازمت دوران علمي ادبي
ڪم به جاري رکندو آيو ۽ ڪهاڻين لکڻ سان گڏ پنهنجي قائم ڪيل ’بزم روح رهاڻ‘ جي پليٽ
فارم تان ادبي گڏجاڻيون، مشاعرا وغيره منعقد ڪندو رهيو. ادبي مخزن ’روح رهاڻ‘ جاري
ڪيائين، ان سان گڏ ’مارئي‘ ۽ ’لطيف ڊائجسٽ‘ جو ايڊيٽر ۽ ’نئين زندگي‘ مخزن جو صلاحڪار
به رهيو آهي. سندس انتظامي تجربي کي آڏو رکندي حڪومت کيس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام۽
پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. انهيءَ پد تي ۱۹۹۵ع تائين رهيو. ۱۹۹۶ع ۾ ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم؛ ۱۹۹۷ع کان ۱۹۹۸ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو چيئرمئن ۽ ۱۹۹۷ع کان ۱۹۹۸ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن
رهيو.
حميد سنڌي، سنڌ
يونيورسٽيءَ جي سينيٽ، مالياتي ڪميٽي ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ميمبر به رهيو.
تعليمي بورڊ سکر؛ حيدرآباد؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري؛ پبلڪ اسڪول سکر؛ فيڊرل سوشل
ايڪشن پروگرام اسلام آباد؛ سنڌ ڪائونسل آف اسڪائوٽس وغيره جي انتظامي بورڊن جو
ميمبر ۽ سچل اڪيڊمي خيرپور جو چيئرمئن به رهيو آهي.
حميد سنڌي صاحب سنڌي
ڪھاڻيءَ جو وڏو نانءُ آھي. سندس پھرين ڪهاڻي (ڪارو رت) ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپي، ڪهاڻيڪار
جي حيثيت ۾ سندس پهريون ڪهاڻي جو ڪتاب (سيمي) ۱۹۵۸ ۾ زندگي پبليڪيشن طرفان ڇپيو.
حميد سنڌيءَ جي ڇپيل
ڪتابن ۾:
(۱) سيمي (ڪهاڻين جو مجموعو)، (۲) اداس واديون (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)، (۳) ويريون (ڪهاڻيون: ٽي ڇاپا)، (۴) راڻا جي رجپوت (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)، (۵) جاڳ به تنهنجي جيءَ سان (ڪهاڻيون)، (۶) سوني زنجير (جاپاني لوڪ ڪهاڻين جو ترجمو)،
(۷) سوکي ڌرتي (اردوءَ ۾ ڪهاڻيون)، (۸) آري اچين شال (سچل سرمست تي تحقيقي مقالا، ترتيب)، (۹) مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون (ترتيب) (۱۰) درد ونديءَ جو ديس (۱۱) ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون شامل آهن. ان
کانسواءِ هر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾
مختلف سُرن تي پيش ٿيل تحقيقي مقالن جو مرتب رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾: (۱) سر ليلا چنيــسـر، (۲) سـر گهاتـو، (۳) سـر ڪـاموڏ، (۴) سر مارئي، (۵) سر ڪاپائتي، (۶) سر بلاول، (۷) سر رامڪلي، (۸) سر کاهوڙي، (۹) سر ڪارايل، (۱۰) سر بروو، (۱۱) سر سارنگ وغيره ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن.
روح رهاڻ‘ مخزن جاري
ڪرڻ کان سواءِ ’بزم روح رهاڻ‘ جون محفلون منعقد ڪندو رهيو.
نامياري اديب ۽ تعليمدان
حميد سنڌيءَ جو مڙھ سوين آلين اکين سان دفنايو ويو
نوشهروفيروز (رپورٽر)
سنڌ جي نامياري ليکاري، اديب ۽ تعليمدان حميد سنڌي جو مڙهه نوشهروفيروز ۾ سوين آلين
اکين سان دفنايو ويو آهي. حميدسنڌي جو مڙهه سندس وصيت پٽاندڙ نوشهروفيروز جي مدني
عيدگاهه جي احاطي ۾ دفنايو ويو. اُن کان اڳ سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن،
اديبن، شاعرن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. نصير مرزا،
قاضي خادم، تاج جويو، زاهد راڄپر، گل مورو ۽ ٻيا جنازي نماز ۾ شريڪ هئا. حميد سنڌي
جو مڙهه جنازي نماز بعد سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
اديبن، شاعرن ۽ ٻين
جا ويچار
اُن موقعي تي ڳالهائيندي
اديبن، شاعرن ۽ ٻين چيو ته حميد سنڌي، سنڌي ادب جو تمام وڏو نالو آهي، هُن پنهنجي
سموري حياتي علم ۽ ادب جي خدمت ۾ ارپي ڇڏي، ايستائين جو رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به آرام
ڪرڻ بدران ساهه جي آخري گهڙي تائين قلمي پورهئي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو رهيو. حميد
سنڌيءَ جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن ۽ سندس لاڏاڻي سان سنڌي ادب ۾ پيدا ٿيل خال
ڀرجڻ ممڪن نه آهي. هُنن وڌيڪ چيو ته حميد سنڌي ون يونٽ جهڙي دور ۾ به روح رهاڻ
رسالو ڪڍي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي.
حميد سنڌي جي
زندگيءَ جو احوال
نوشهروفيروز ۾ ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۳۹ع تي جنم وٺندڙ عبدالحميد ميمڻ سنڌي ۹ ڪتاب لکيا، جِن ۾ درد ونديءَ جو ديس، اداس واديون، ويريون، راڻا جي راجپوت،
جاڳ به تنھنجي جيءَ سان ۽ سوني زنجير شامل آهن. تازو سندس ڀاءُ ۽ رٽائرڊ صوبائي سيڪريٽري
شمس الدين ميمڻ سان اختلافن سبب تمام گھڻو دل شڪسته ھو. حميد سنڌي گھڻو عرصو
حيدرآباد ۾ رھيو پر پنھنجي اباڻي شھر نوشھروفيروز ۾ تدفين جي وصيعت ڪئي ھئي.
(ڏيھاڙي
پنھنجي اخبار، ۳ جنوري ۲۰۲۰ع)
سنڌي ٻوليءَ
جو برک ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر حميد سنڌي هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سوڳ جو اعلان
حيدرآباد (رپورٽ:
غلام حسين خاصخيلي) سنڌي ٻوليءَ جو برک ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر حميد سنڌي سنڌ ۽ سنڌ
واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، لاڏاڻي جي خبر تي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي، سڄي سنڌ جي
اديبن ۾ ڏک جي لهر ڊوڙي وئي، تفصيل موجب سنڌي ٻولي جي برک ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر
حميد سنڌ کي گذريل رات جو دير سان قاسم آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي اچانڪ دل جو
دورو پيو، جنهن کي وارثن کڻائي حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ پهچايو، جتي ۸۰ ورهين جي ڄمار ۾ حميد سنڌي جي ساهه جو سڳو
هميشه لاءِ ٽٽي پيو، جنهن بعد نامور اديب حميد سنڌي جو مڙهه ايمبولينس ذريعي اسپتال
مان کڻائي قاسم آباد واري گهر نيو ويو، حميد سنڌي جي لاڏاڻي جي خبر تي سموري سنڌ
سوڳوار بڻجي وئي، سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ تعليمدانن ۾ ڏک جي لهر ڊوڙي وئي
آهي، لاڏاڻي جي خبر پوندي ئي اديب نصير مرزا، تاج جويو، قاضي خادم، موهن مدهوش، ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر علي اڪبر هنڱورجو، عنايت بلوچ، محمود مغل،
ونود ڪمار، ادريس جتوئي، سليم چنا، واحد ڪانڌڙو، فهيم نوناري، غلام مصطفيٰ سولنگي،
غلام حسين خاصخيلي، اڪرم بجاراڻي، ايڊووڪيٽ سليمان ڏاهري، احسان علي شاهه هاشمي،
قاضي منظر حيات، حفيظ قريشي، منصور قادر جوڻيجو، جاني خاصخيلي، محبوب ڀٽي، علينواز
پلي، چيتن ميگهواڙ، دريا خان پيرزادو، طالب ڀنڀرو، مير حسن راڄڙ سميت ٻين اديبن،
شاعرن، ليکڪن ۽ مٽن مائٽن سميت دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن مرحوم جي مڙهه تي اجرڪ
وجهي کيس سڏڪن ۽ لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪندي آخري ديدار ڪيو، جنهن بعد مرحوم جو مڙهه
تدفين لاءِ ايمبولينس ذريعي حيدرآباد کان سندس اباڻي شهر نوشهروفيروز نيو ويو، جڏهن
ته رستي ۾ سڪرنڊ جي اديبن ماڻڪ ملاح، علي نواز ڏاهري، حڻيف سومرو، قاضي احمد ۾
معشوق ڌاريجو ۽ ٻين شاعرن مرحوم جي مڙهه تي گلن جي ورکا ڪري سندس آخري ديدار ڪيو،
جڏهن ته موري ۾ لطيف راشد مورائي، اسد سولنگي، رضا لانگاهه، محبتي ملاح ۽ ٻين حميد
سنڌي جي مڙهه جو آخري ديدار ڪيو، مرحوم سوڳوارن ۾ هڪ پٽ ارشد حميد، ڀاءُ شمس الحق
ميمڻ، هڪ بيواهه، ۲ نياڻيون، پوٽو سلمان ارشد، مٽن مائٽن سميت ادب ۽ ٻولي سان چاهه رکندڙن کي
پٺيان ڇڏيو آهي، هوڏانهن بزم روح رهاڻ جي سيڪريٽري واحد ڪانڌڙي پاران جاري ڪيل
بيان مطابق بزم روح رهاڻ سنڌ پاران بزم روح رهاڻ جي باني حميد سنڌي جي لاڏاڻي تي ۴۰ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي پاران
دانشور ۽ اديب منصور قادر جوڻيجو سان سان رٿيل رهاڻ جو پروگرام حميد سنڌي جي وڇوڙي جي سوڳ ۾ ملتوي ڪيو ويو
آهي.
(ڏيھاڙي عبرت
۴ جنوري ۲۰۱۰ع)
حميد سنڌي
سنڌي ادب جي ھڪ دور جي پڄاڻي
فيض کوسو
خبر نه آهي ته هن
جي خمير ۾ الائي ڪهڙي مٽي جو رس ڀريل هو. جڏهن به ساڻس ڳالهائبو هو ته پيار، پاٻوهه،
سڪ ۽ اڪير مان جواب ملندو هو ته، “ادا ٻيو ته سڀ خير آهي نه؟” تازو ئي مون ساڻس ڊگهي
عرصي کانپوءِ نومبر ۲۰۱۹ع ڌاري فون تي ڳالهايو هو. ساڻس اها ڳالهه ٻولهه “پنهنجي اخبار” جي “پنهنجي
مئگزين” لاءِ پنھنجي ايڪتا جي حوالي سندس تاثرات وٺڻ جي حوالي سان ٿي هئي. مون
کانئس سوال ڪيو هو ته، سائين موجوده حالتن ۾ سنڌ جي ايڪتا کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جواب ڏنو
هئائين ته، “علي قاضي صاحب سنڌ کي هڪ ڪرڻ لاءِ جيڪو ايڪتا جو سڏ ڏنو هو سو وڌي وڻ ٿيو
آهي پر منهنجو هي نياپو قاضي صاحب کي ضرور ڏجو ته سنڌ اڃا قبيلائي جهيڙن، ڪاروڪاري
جي ڪڌي رسم، تعليم جي اڻهوند ۽ ڀوتارن جي ڄار سميت ٻين انيڪ مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، ان ڪري
قاضي صاحب سڄاڻ ماڻهن سان صلاح ڪري ڪي اهڙيون سرگرميون انجام ڏئي جن سان سنڌ جا
سور ڪجهه گهٽجي سگهن.” سندس اهو نياپو “آف دي رڪارڊ” هو ان ڪري حميد سنڌي صاحب جا
اھي جملا مئگزين ۾ ڇپجي نه سگهيا هئا. ٽيليفون تي ٿيل گفتگو ۾ مون کيس شڪايت ڪئي
هئي ته اوهان پنهنجون لکڻيون، مضمون ۽ بزم روح رهاڻ جي پريس رليز اسان کي نٿا موڪليو.
ٿڌو ساهه ڀري چيو هئائين ادا زندگي ۾ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهيان. ملازم ڪڏهن آهي ته ڪڏهن
ڪونهي. اڳ ۾ جڏهن ملازم هو ته اوهان جي اخبار به وٺي آڻي ڏيندو هو ۽ اوهان کي پريس
رليز به پڄائي ويندو هو پر هاڻي ملازم نه هجڻ جي ڪري ٻيو ته ٺهيو پر اوهان جي
اخبار پڙهڻ کان به ڄڻ ته لاچار ٿي پيو آهيان. پڇيو مانس سائين خير ته آهي؟ چيائين،
“ادا جڏهن گهر ۾ باهه لڳندي آهي ته سڀ ڪجهه سڙڻ لڳندو آهي. منهنجي گهر ۾ به جهڙوڪر
باهه اچي لڳي آهي ۽ هاڻي ان باهه مون کي به ساڙڻ شروع ڪيو آهي.” مون سندس ڳالهه
سمجهي ڪونه ان ڪري مون کيس وڌيڪ کولڻ جي ڪوشش ڪئي. چيم سائين خير ته آهي نه؟ ڪهڙي
باهه جي ڳالهه ٿا ڪريو؟ چيائين رشتن جي باهه جي ڳالهه ٿو ڪريان. پنهنجي ڀاءُ کي ڏاڍو
ڀانيم پر هن مون سان وفا نه ڪئي. چيم پوءِ ان ڳالهه کي ڀلا خبر جي صورت بڻائجي؟
چيائين بلڪل به نه. دل جو سور دل ۾ کڻي ويندس پر اها ڳالهه عام نه ڪندس. پوءِ مون
سوچيو هو ته سائين حميد سنڌي وٽ ضرور ڀيرو ڪبو ۽ سندس من اندر جون ڳالهيون ٻڌي هن
جي هانءُ جي باهه هلڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي پر اخباري ڪمن جي مصروفيتن اها وٿي ئي نه ڏني
جو آئون سندس پيرائتي حال کان واقف ٿي سگهان ها. ڪالهه جڏهن ننڊ مان اٿي سوشل ميڊيا
جو جائزو پئي ورتم ته سندس وڇوڙي جي اطلاع ڄڻ ته منهنجا لڱ ڪانڊاري ڇڏيا.
عبدالحميد ميمڻ عرف حميد سنڌي صاحب سان منهنجي ملاقات ۱۹۸۹ع ڌاري ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ مون اڃان مس هڪ
اخباري رپورٽر طور پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. آئون سندس علمي ۽ ادبي
شخصيت مان تمام گهڻو متاثر رهيو آهيان. اها بنهه گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته سائين
حميد سنڌي صاحب هڪ سماج سڌارڪ شخصيت جو به مالڪ هو. هڪ ڀيري مون کيس ٻڌايو هو ته
اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ اکين جي آپريشن جي ڪئمپ لڳرائيندا آهيون. مون کي حڪم ڏيندي
چيائين ته جڏهن اها ڪئمپ لڳي ته مون کي ضرور وٺي هلجانءِ. مون سندس حڪم کي اکين تي
رکي ڪئمپ جو ٻڌايو هو ته هو نه رڳو ان ڪئمپ ۾ هليو پر ان کانپوءِ لڳندڙ هر ڪئمپ ۾
هو شريڪ ٿيو ۽ اسان جي ڪئمپ ۾ مالي مدد به ڪئي. حميد سنڌي صاحب سنڌ جي سدا حيات ڪردار
هوشو شيدي جو وڏو عاشق هو. حيدرآباد جي شيدي برادري جڏهن هوشو شيدي جي ورسي ملهائڻ
لاءِ مياڻيءَ جي ميدان ۾ ويندي هئي ته سائين حميد سنڌي صاحب نه رڳو پاڻ ان ورسي ۾
شرڪت ڪندو هو پر ورسي ملهائيندڙ ماڻهن جي هڙان وڙان مدد به ڪندو هو.
حميد سنڌي صاحب جو
شمار سنڌ جي وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. هن هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ ۱۹۵۸ع کان ادب جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ زندگي جي
آخري ڏينهن تائين هو مسلسل لکندو ۽ جاکوڙيندو رهندو هو. سندس پروفائيل تي نظر
وجهبي ته حيرت ٿيندي ته هو هڪ ئي وقت ايترا ڪم ڪيئن سرانجام ڏئي سگهندو هوندو. هن ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۳۹ع تي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي مرڪزي شهر
نوشهروفيروز ۾ سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن بي اي “آنرز”، ايم اي
اڪنامڪس (سبجيڪٽ ايگريڪلچر اڪنامڪس)، ايل ايل بي ۽ هائير ايجوڪيشنل ايڊمنسٽريشن جو
ڪورس مانچيسٽر يونيورسٽي برطانيا مان ڪيو. ۶۱-۱۹۶۰ع ڌاري وليج ايڊ ڊپارٽمينٽ ۾ پبلسٽي آفيسر مقرر ٿيو جنھن
کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر، اسسٽنٽ ڪنٽرولر
ايگزامينشن، ايڊيشنل رجسٽرار سنڌالاجي ۽ رجسٽرار جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. ھو ۷۷-۱۹۷۶ع ۽ ۹۰-۱۹۸۹ع ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز به رهيو. هو پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو
ڊگهو عرصو پرنسيپل به رهيو جنهن کانپوءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. هن بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ
ايڪسٽينشن ونگ جي ڊائريڪٽر، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي
جي چيئرمين جا عهدا به ماڻيا جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي سينيٽ جو ميمبر، سنڌي ادبي
بورڊ ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ميمبر به رهيو. عبدالحميد سنڌي ڪيترن ئي ڪتابن جو
منصف آهي. هو شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي عرس تي ٿيندڙ ڀٽائي ڪانفرنس ۾ مختلف سُرن تي
لکايل تحقيقي مقالن ۽ مضمونن جو سهيڙيندڙ ۽ سنواريندڙ به رهيو. ان سلسلي جا ۱۱ ڪتاب شايع ٿيل آهي جن ۾ سُر ليلا چنيسر، سُر گهاتو، سُر ڪاموڏ، سُر مارئي،
سُر ڪاپائتي، سُر بلاول، سُر رام ڪلي، سُر کاهوڙي، سُر ڪارايل، سُر بروو ۽ سُر
سارنگ شامل آهن. حميد سنڌي صاحب ماهوار روح رهاڻ رسالو جاري ڪيو جنهن جي نالي سان
پوءِ هن بزم روح رهاڻ جو رواج وڌو جنهن جي هر هفتي آچر جي ڏينهن گڏجاڻي ٿيندي هئي.
ان بزم ۾ مختلف اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي ياد ڪري سندن علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي
پورهئي جو جائزو ورتو ويندو هو. حميد سنڌي صاحب پنهنجي لکڻين، ڪهاڻين ۽ ادب دوست
سرگرمين جي ڪري ڪيترن ئي نوجوان ليکارين لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل رهيو. هن نون
اديبن، ڪهاڻيڪارن، ليکڪن ۽ شاعرن جي وڏي کيپ تيار ڪئي جيڪا اڃا تائين ادب سان ڳنڊيل
آهي. هن پنهنجون ڪهاڻيون ان دور ۾ لکيون ۽ پنهنجي مخصوص لکڻي جي انداز سان مان مرتبو
ماڻيو جڏهن ادب جي افق تي آغا سليم، امر جليل، نسيم کرل ۽ غلام نبي مغل جهڙا وڏا
نالا ڇانيل هئا. حميد سنڌي جا ٻيا ڪيترائي علمي ۽ ادبي ڪارناما آهن جن تي ويهي
لکجي ته وڏا ڪتاب جڙي پوندا. سنڌي ادب ۽ تعليم جو روشن ستارو سائين حميد سنڌي صاحب
جيتوڻيڪ دل جي عارضي سبب گذريل رات پنهنجي زندگي جو وارو وڄائي خالق حقيقي سان وڃي
مليو پر سندس علمي، ادبي ۽ شخصي يادگيريون اوهيرا ڪري سدائين سنڌ جي آڪاش تي
وسنديون رهنديون.
حميد سنڌي
ايندو نه وري ھي وڻجارو
نصير مرزا
نوشهري فيروز ۾، هي
ميمڻ سيٺ محله...حميد سنڌي سائين جن جي قديم حاويلي، جنهن جي ڀرسان پُر پيچ گهٽيون،
ڳاڙهين سرن واريون پراڻيون ماڙيون ۽ رستي جي ٻئي پار حميد صاحب جن جي خانداني
اوطاق، جنهن اندر سندن تڏو وڇايل هو. منهنجي ڀرسان محترم قاضي خادم ۽ تاج جويو ۽ آڏو
حميد سائين جو پياري ۾ پيارو پوٽو سلمان ارشد...حميد صاحب حياتيءَ جا پويان پساهه،
سلمان جي ئي ته هنج ۾کنيا هئا. اُها ٻي جنوريءَ ۲۰۲۰ع جي شام جا لڙندر پاڇولا هئا، جڏهن پکي
واهيرن ڏانهن موٽيا پئي ۽ حميد صاحب، سلمان سان موٽر ۾ سوار ٿي آخري ڀيرو ڊاڪٽر کي
ڏيکارڻ لاءِ روانه ٿيا ۽ پوءِ واپس گهر وريا ته بي ساهه هئا. اگرچه هڪ ڏينهن اڳ ٻي
جنوري تي به سندن ساهه ۾ سرديءَ سبب شديد موجهه ٿي هئي، پر ان وقت اسٽئبل ٿي ويا
هئا...سلمان ارشد ٻڌائڻ لڳو...ٽئين جنوريءَ تي صدر حيدرآباد ۾ دادا لاءِ هڪ ماهر
نيورالاجسٽ کان ٽائيم ورتل هو. ان ڏينهن سخت ٿڌ جي ردعمل ۾ سندن هڪ هٿ تي فالج جو
هلڪو حملو صاف پئي نظر آيو. نيورالاجسٽ وٽ پهچندي پهچندي مٿن غنودگي طاري ٿيندي
رهي. نيورالاجسٽ کين تپاسيندي ئي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. چيائين پيشنٽ انتهائي
سيرئس آهي. پوءِ هُن اتي صلاح ڏني ته، فورن هاءِ وي تي جيڪا وڏي خانگي اسپتال آھي،
اُتي ايڊمنٽ وڃي ٿيو. سلمان ٻڌائيندو رهيو، دادا منهنجي ۽ خدمت گذار بشير
خاصخيليءَ جي سهاري سان ڪار ۾ سوار ٿيا. ڪار روانه ٿي ته خالي خالي نگاهن سان هيڏانهن
هوڏانهن ڏسندي پڇڻ لڳا...هاڻي ڪيڏانهن ٿا هلون؟ وراڻيم بابا ٽيسٽن لاءِ اسپتال ٿا
هلون...ان وقت ويتر مٿن غنودگي طاري ٿيندي وئي...ٻُڌم، چپن ۾ هوريان هوريان چوندا
رهيا...کيل ختم...بابا هاڻي کيل ختم...هاسپٽل پهتاسين ته، کين يڪدم ايمرجنسيءَ مان
ICU
۾ آندو ويو. بس اتان ئي حياتي سندن هٿن مان وڃڻ شروع ڪري ڏنو. ٺيڪ ڏيڍ وڳي رات جو ڊاڪٽر
سندن نبض تان هٿ کنيو ۽ اعلان ڪيو...”حميد صاحب از نو مور...“ هيءُ حميد سنڌي،
جنهن اڌ صدي سنڌي ڪهاڻي تي حڪمراني ڪئي، ان جي پنهنجي ڪهاڻي ختم ٿي چُڪي...اگرچه ڪنهن
شاعر جي بقول؛ زمانا بهت شوق سي سُن رها ٿا، هم ھي سو گئي داستان ڪهتي ڪهتي...!
ٽئين جنوري ۲۰۲۰ع سنڌ دور حاضر ۾ سڀ کان متحرڪ قلمڪار ۽ بي
حد اهم ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ کان خالي ٿي، جيڪو سچ پچ ته سنڌ جي انهن هستين مان هڪ
هو، جن لاءِ ڀٽائي صاحب چيو...”ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.“ حميد صاحب ارڙهن
ورهين جي ڄمار ۾ بي شڪ ته ”سيمي“ ۽ ”اداس واديون“ جهڙا رومينٽڪ افسانا لکيا، پر سٺ
جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ ڪاريهر تي پير پوڻ واري دور ۾ داخل ٿيو، ته
رومانوي سڀاءَ وارو حميد سنڌي قومي تحريڪ ۾ ڪارڪن ٿي نمودار ٿيو. هن ”روح رهاڻ“
رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريلس ڀڀڙ ڀڙڪايا، جنهن جي شعلن ۾ وقت جي
قهارن جون وايون بتال ٿينديون رهيون. پير سائين حسام الدين راشديءَ لکيو: ”روح رهاڻ
جا اداريه ايئن آهن، ڄڻ دشمن جي دل تي داغ...“ سال ۱۹۶۴ع ۾ هندستان مان سندري ۽ اتم صاحب،
جلاوطنيءَ بعد پنهنجي شهر حيدرآباد پهتا، ته اهو به ڦوهه نوجوان حميد سنڌي هو،
جنهن کاهي روڊ کان المنظر ڄام شوري تائين هنن مهمانن کي سئر ڪرايا. حميد صاحب جي تڏي
تي ويٺي ويٺي اهڙين ڳالهين کي ياد ڪندي ڪندي، جيستائين سندن مڙهه اباڻي حاويليءَ
مان ٻاهر اچي، اوطاق مان اٿي آئون نوشهري جي گهٽين ۽ سيناريو ۾ ڀٽڪڻ لاءِ ٻاهر نڪري
پيس...سامهون شاهه نصير شاعر جي پر شڪوھ مزار...تڏهن ياد آيم، پاڻ ڪيئي ڀيرا
منهنجي آڏو شاهه نصير جي هيءَ ڪافي جهونگاري هوندي ”ڪن کي دين مليو، ڪن کي دنيا،
عشق اصل کنئون انعام ڏيئي وئين...يار اسان کي...“ حميد صاحب جي قديم حاويلي سامهون
ڳاڙهين سرُن وارا هندن جا گهر ۽ ماڙيون...ڀرسان سنين جون مسجدون ۽ انهن جي وچ ۾
قدم گاهه مولا علي عه، آس پاس پراڻيون امام بارگاهون ۽ سڏ پنڌ تي هن شهر جي مرڪزي
امام بارگاهه، جتي هر سال عيد ڏهاڙن تي پاڻ باقائدگيءَ سان ويندا رهندا هئا...جتي ڪجهه
دير بعد وصيت مطابق، سندن جنازي نماز به ٿيڻ واري هئي. آس پاس جي ماحول ۽ ماڻهن
سان ملندي، ساهتي سنڌي لهجي ۾ کين ڳالهائيندو ٻُڌي، مون کي وچولي ۽ نوشهروفيروز جي
پس منظر ۾ لکيل حميد صاحب جون شاهه ڪار ڪهاڻيون ياد اچڻ لڳيون...”دريان“،
”ويريون“، ”مرين ته آرهڙ ۾ مرجان“، ”راڻا جي رجپوت“...هاڻي نوشهروفيروز جي گهٽين ۾
ڀٽڪندي ڀٽڪندي، مون کي حميد صاحب پاران ستر جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ جشن روح رهاڻ وارا
منظر به ته ياد ايندا رهيا ۽ پوءِ اوچتو ”روح رهاڻ“ تي پابندي مڙهي وئي ته ڪجهه
ورهين جي ساهيءَ بعد گذريل ويهن ورهين کان پنهنجي رهائش گاهه واڌو واهه لڳ قاسم
آباد ۾ بزم روح رهاڻ جو سلسلو شروع ڪيائون. جنهن جو سارو خرچ هڙان وڙان پاڻ پنهنجي
پينشن مان پورو ڪندا هئا. جتان پاڻ سنڌيت جي مشعل هٿ ۾ کڻي، گهر جا دروازا هر قلمڪار
لاءِ کولي ڇڏيا هئا...دور حاضر جي هر وڏي ليکڪ، پوءِ انهن ۾ آغا سليم صاحب هجي، ادي
ماهتاب محبوب، مراد علي مرزا، امداد حسيني، نفيس ناشاد، سحر امداد، ڊاڪٽر قاضي
خادم ۽ شوڪت حسين شوري سميت ڪيترن کي ئي مون ڪيئي ڀيرا اُتي موجود ڏٺو. هن تحرڪ ۽
تحريڪ، ڪنهن ڪهاڻي، ڪالم، شعر سان ڇا ڪو تدارڪ به ٿيڻو آهي؟ مون اڪثر حميد صاحب
کان پڇيو هو...وراڻيندا هئا...هڪ سڄاڻ فرد ۽ جيڪڏھن هو قلمڪار به آهي ته پنهنجي ڏکويل
وطن لاءِ هُن کي پنهنجي تحريرن ۾ ڪا رڙ، دانهن ڪوڪ ضرور ۽ هر حالت ۾ ڪرڻ گهرجي. تڏهن
مون ڄاتو ان ئي جذبي حميد صاحب کي آخر تائين سک سان ويهڻ نه ڏنو. قمر شهباز ڪيڏو
نه درست لکيو هو، ”اول آخر حميد سنڌيءَ جي عشق جو مرڪز ڪا شئي هئي ته اها فقط سنڌ“.
ياد آيم، سندن
تحرير جي جامع اينٿالاجي مون جوڙڻ شروع ڪئي هئي ۽ ان جو ڪو نالو وٽن تجويز ڪرڻ
لاءِ ويس ته فورن چيائون...ان جو نالو رکيو وڃي: ”اسان جو قلم، هڪ علم.“ ايڪهين
صدي شروع ٿيڻ سان، سنڌ جڏهن ويتر هاڃن سان دوچار ٿي ۽ سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون ٿيڻ
شروع ٿيون ۽ سنڌي ٻولي جديد ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ نظرانداز ٿيڻ شروع ٿي، تڏهن
حميد صاحب روزاني ”ڪاوش“ لاءِ جيءَ جياريندڙ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. پتو پيو، سندن هٿ
۾ خود لکڻ جي همٿ ناهي ۽ بزم روح رهاڻ جي سيڪريٽري واحد ڪانڌڙي کي زباني چوندو ھو،
۽ ھو اهي ڪالم لکندو ويندو ھو. هي اسي ورهين جي قلمڪار جا ڪالم هئا، جن ۾ سندن
جذبي جولان، حافظي تي سدائين اسان کي رشڪ آيو. اگرچ اهڙا ڪالم پاڻ ڳالهائي پئي
لکرايا، پر انهن ۾ سندن پخته اسلوب، بيان جي چاشني، اڻتڪاري جي جادوگري، پوري ڪاريگريءَ
سان نظر ايندي هئي. ڪهاڻين سان گڏ اهڙين تحريرن ۾ به هو پنهنجي پوري وجيهه قد ڪاٺ
سان اسڪالر حميد سنڌي ئي نظر ايندا هئا. هاڻي هي شام جا چار...سوڳوار حاويلي جي ڪاٺ
وارن قديم ۽ اداس دروازن مان حميد صاحب جي مڙهه واري ڏولي نمودار ٿي ۽ نوشهري جي
عيدگاهه تائين پهتي. جنازه نماز لاءِ قطارون ٺهيون، ته ڇا ڏسان هر مسلڪ جا ماڻهو،
هن عظيم محبتي انسان لاءِ پنهنجي پنهنجي فقهه مطابق نماز پڙهندي نظر آيا. تڏهن
اوچتو مون کي خود حميد صاحب ڏاڍو ياد آيو. هيءَ ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه ڊفينس ڪراچيءَ
جي گول مسجد جي ايوان ۾ آغا سليم صاحب جي جنازه نماز ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي اسين
بيٺاسين. حميد صاحب سنت و الجماعت ۽ آئون فقهه جعفريه جو...پر تڪبير بعد ساري قطار
هٿ نهائين تي رکيا، ۽ ڇا ڏسان ته حميد صاحب منهنجي مولائي مسلڪ وانگر، هٿ سڌا ڪيو
بيٺا هئا. نماز پوري ٿي ته چيم، توهان ايئن ڇو ڪيو...؟ پيار مان وراڻيائون...دلبر
نصير سان يڪجهتي ضروري هئي.
عيدگاهه بعد،
پنهنجي ڏولي تي سوار، نوشهري فيروز شهر کان سڏ پنڌ تي اباڻي قبرستان ڏانهن روانه
هئا ته نوشهري فيروز ۾ سج لڙيو پئي ۽ پکي پنهنجن پنهنجن واهيرن ڏانهن اڏاڻا پئي
ويا...تڏهن ڏٺم برادر شمس الحق ميمڻ، فرزند ارشد حميد ۽ نور چشم سلمان ارشد جي هٿن
تي سوار ٿي پاڻ لحد ۾ لٿا پئي، پوءِ لهي چڪا ته مون کي هر طرف کان ڄڻ حميد صاحب جي
آواز جا هي پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا.
وطن تنهنجي مٽي اوڍي
ستاسين،
اهو ئي کوڙ آ اعزاز
هڪڙو.
حميد سنڌي
پيھي جا پاڻ ۾، ڪيم روح
رھاڻ
آدرش
هندوستاني ليجنڊ ڳائڻي
ڪشور ڪمار جو هڪ سٺو گانو آهي،
آني والا پل جاني
والا هي،
هو سڪي تو اس مين
زندگي بِتادو.
ناميارو قلمڪار ۽
سهڻو سيبتو شخص حميد سنڌي صاحب ان گاني جي مکڙي تي پنهنجي زندگي گذاري، ان ديس
وَيو جتان ڪو به ماڻهو وڃڻ کانپوءِ واپس نه ايندو آهي.
پنهنجي گهگهراڻي گهٽيءَ
۾ رهندڙ ارشاد سومرو ۽ مان ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ هڪ چولي ۾ گهمندا هئاسون. ادبي واٽ جا
پانڌيئڙا هئاسون. ارشاد ميان کي ڪتابن ۽ رسالن وٺڻ ۽ پڙهڻ کانسواءِ ليکڪن سان ملڻ
جو به شوق هوندو هو. شل نه ڪو اديب شڪارپور ۾ پنهنجا سدورا پير کڻي اچي، هن دلبر
کي پريءَ کي قيد ڪندڙ ديو وانگر آدم جي خوشبو اچي ۽ اديب بو اديب بو ڪندو مون
پريءَ وٽ اچي. هن جي صدقي آغا سليم صاحب، قمر شهباز صاحب، هدايت بلوچ صاحب ۽ ولي
رام ولڀ صاحب سان مکا ميلو ٿيو. ٻيا به کوڙ ملايائين. اَسيءَ جي ڏهاڪي ۾ هڪ ڏهاڙي
ارشاد ميان گهر جو در کڙڪايو. منهنجو من تڙپايو. منهنجو دروازي مان منهن ڪڍڻ سان،
خوشيءَ مان رڙ ڪندي چيائين: “اڙي ارشاد! حميد سنڌي آيو آهي. ڊاڪٽر امداد جي اوطاق
تي ويٺو آهي.” جُتي اندر، مان ٻاهر. اسان جي گهٽيءَ سان گلراڻي گهٽي لوهر جي زنجير
وانگر لپٽيل. سيگهه ۾ پڳاسون. حميد سنڌي صاحب وڏي قرب سان ڀاڪر پائي مليو. هو ان
وقت ڊائريڪٽر ڪاليجز هيو. چوڌاري عبدالباقي شيخ، سعيد احمد شيخ ۽ عبدالرشيد سومري
جهڙا ليڪچرار گهيرو ڪيون ويٺا هئا. ميز مٺائي ۽ پاپڙن سان ٿمي پئي هئي. ڪاپي ڪلچر
۽ ڏوڪڙن تي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ڪرائيندڙ استاد خوشامد ۾ وات ۾ مائو وجهي کيس مٺو ڪري
رهيا هئا.
حميد سنڌي صاحب سان
ٻي ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن هو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو. ليکڪ
دوست بشير منگي ساڻ هو. هڪ اڌ ڪم هو، دير نه ڪيائين. خوشي عطا ڪيائين. تنوير عباسي
صاحب گهڻگهرو هو. يونيورسٽي جي استادن ٻنهي جي ڪنن ۾ اهڙيون ڦوڪان ڏنيون، مَٺ گهرو
ٿي ويا. دلي دوست ڌار ٿي ويا. دوست هيري وانگر هوندو آهي، ڀڳو، سڄو نه ٿي سگهندو.
حميد سنڌي صاحب سنڌي
ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمين ٿيو. دفتر ۾ دُنالي بندوق جهڙو همراهه هيس.
آگاهي ڏنيمانس، خوش ٿيو، ورنديءَ ۾ ٻه ٽي ڪتاب مڪائين. لکيائين، “بابا! دلجاءِ ڪيو،
مان به ميمڻ آهيان، وڻ وڻ جي ڪاٺي سان منهن ڏنو اٿم.” هن ٽماهي جرنل پڻ جاري ڪرايو.
سنڌي انسائڪلوپيڊيا جو ميمبر پڻ ڪيائين، پاڻ زال کي ئي ڀانءِ نه پئون، کوڙ اديب به
نه پاڻ کي وڻن، نه انهن کي وڻون، هن جي وڻي کانپوءِ ميمبري هڪ ڌڪ سان وئي. پاڻ کي
انهن شين جي لوڙ ئي ڪو نه، پڇتاءُ ئي نه ڪيون. ڪجهه عرصو اڳ هڪ عطائي ڏاڪدر
چيئرمين ٿيو. بااختيار اهڙو ٿيو، رڳو پنهنجا ڪتاب شايع ڪرائڻ لڳو. خبر نامي ۾ ڇڙو
پنهنجا فوٽو ڏئي، سئنيما نامو بڻائي ڇڏيائين. ايوارڊ پنهنجي ماسات، شاگردياڻي ۽ مئٽرڪ
جي گائيڊ لکندڙ کي ڏيڻ لڳو. انهن پرڪارن تي مون هڪ اخبار ۾ لکيو. جيل ۾ نه پيو
وجهرائي سگهي، هڪدم ڪلارڪ کان ايڊريسن وارو رجسٽر گهرائي، جنهن پني تي منهنجو نالو
۽ پتو لکيل هو سو خار مان ڦاڙي، ڊسٽ بن ۾ اڇلائي، پائين اڇو سگريٽ کڻي دکائي، مٺيون
ڀيڪوڙي پيئڻ لڳو.
حميد سنڌي صاحب ادبي
حوالي سان وڏو نالو آهي، هو سٺو ڪهاڻيڪار هو، هن جو رسالو “روح رهاڻ” تحريڪ هو، ڏاڍو
سٺو ادبي پرچو هو، شيخ اياز صاحب جا شاهڪار نظم، غزل ان ۾ ڇپيا، بريڪ ٿرو هن کي
“روح رهاڻ” مان مليو.
حميد سنڌي صاحب هڙان
وڙان خرچ ڪري “جشن روح رهاڻ” روح کي راحت ڏيندڙ ڪندو هو. سڄي سنڌ، ڪراچي کان ڪشمور
تائين جا شاعر اديب پنهنجو ڀاڙو ڀتو ڀري حيدرآباد اچي، شريڪ ٿيندا هئا. مان محبتون
ڏيندا هئا. ڳنڀيرتا سان هڪٻئي کي ٻڌندا هئا، مشاعري ۾ دل سان واهه واهه ڪندا هئا،
پٺي ٺپي شاباس ڏيندا هئا، بنا ڪنهن کاتي جي سار لهڻ جي، هڪٻئي جي سار لهندا هئا، هڪٻئي
جون ڀتيون هئا، هاڻي ڀڳل ڀتيون آهن. ڪروڙ رپين جي سار لهڻ کانپوءِ به هڪ ٻئي جا
منهن نه ٿا وڻن، مشاعري ۾ صدر جو ٻوٿ موبائل جي فيس بوڪ ۾ لڳو پيو آهي، فوٽن جي رڳو
ڇم ڇم آهي، جهنڪار ڪئسٽ وانگر ڇڙو جهنڪار آهي، گيت گم آهنِ.
حميد صاحب پڇاڙڪي
پهر ۾ پڻ پاڻ ملهايو. بزم روح رهاڻ رچائي، منڊلي مچائيندو هو. هڪ اخبار لاءِ ڪالم ڊڪٽيٽ
ڪرائي، لکرائي ڇپائيندو هو. اياز صاحب جي ساڄي ٻانهن کي اياز ميلن ۾ شريڪ ٿيڻ جو سڏ
نه ڏنو ويندو هو، ان کان وڌيڪ ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو؟
ٻه ٽي سال اڳ،
حيدرآباد ۾ پنهنجي سنگتي، نئين دنيا پبليڪشن جي سرواڻ اياز ابڙي وٽ وڃي ٽڪيم. ليکڪ
۽ ڳوٺائي انور سومرو پڻ پنهنجي پُٽ وٽ ٽِڪيل هو. ٻئي نِکمڻا، صبح جو نڪرون، ڪتاب
گهرن ڏانهن ڦيرا ڏيون، پسند جا ڪتاب وٺون. پنهنجي قبيلي جي ماڻهن سان ملون. علي
دوست عاجز، اسحاق سميجو، محمد موسيٰ ڀٽو، آغا قيوم لالي، موهن مدهوش، مدد علي سنڌي
۽ ادريس جتوئي وغيره سان روح رهاڻيون ٿيون. مزو اچي ويو.
هڪ ڏينهن صبح جو ڏهين
کن حميد سنڌي صاحب ڏانهن سندس گهر لڙي وياسون. خوشي عطا ٿي. هو به سرهو ٿيو. چانهه
جا ڍُڪ ڀريندي، مون کانئس سوال پڇيو: “حميد صاحب! توهان جڏهن خيرپور جي يونيورسٽيءَ
۾ وي سي هيئو، اَسان جو پرين پيارو ۽ اُستاد محترم ۽ منهنجو ذات ڀائي، اوهان سان ٻٽُ
هوندو هو، پاڇي وانگر هوندو هُيُوَ، هاڻي به سارَ لهندو اَٿو؟” حميد صاحب ورَاڻيو:
“بابلا! ڪرسيءَ کي سلام آهي، ڪرسي وئي، سڀ ڪجهه ويو.” حميد صاحب ٻه پل سَانت ۾
اَچي، وري چوڻ لڳو؛ “ارشادَ! هاڻي دلچسپ ڳالهه ٻڌايانوَ ٿو، ان دوست سان دنياداري
آهي، منهنجي ڏيتي ليتي هوندي هئي، منهنجا هن ڏي ڪجهه پئسا رهتو هئا، منهنجي بدلي ٿي،
مان پَرَ سهايا. آخري ڏينهن تي، جڏهن مان حيدرآباد اچان پيو، هو آيو. مون کي رهيل
پيسن جو چيڪ ڏنائين، مون سندس ٿورا مڃي، چيڪ بريف ڪيس ۾ رکيو. مان وري واش روم ۾
ويم. موٽيم. هُن مون سان ايئرپورٽ تائين ساٿ ڏنو. شابس ٿس. مان حيدرآباد گهر آيم، ٻئي
ڏينهن آرام سان بريف ڪيس کوليم، لٽن مٿان رکيل چيڪ ئي ڪو نه هو.”
حميد سنڌي
بزم روح رهاڻ مان موڪلاڻي
رکيل مورائي
پنهنجي دور ۾ جن
شخصن کان متاثر ٿي ڀٽائيءَ لکيو هئو ته :
جان جان هئي جيئري،
ورچي نه ويٺي.
اسان پنهنجي دور ۾
جيڪي ان سٽ تي پورا لهندڙ انسان ڏٺا سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ ڪهاڻيڪار حميد سنڌي صاحب
اهڙن ماڻهن مان هڪ هئو.
ساهتي پرڳڻي جي
نوشهري فيروز شهر ۾ هڪ سُکئي خاندان ۾ جنم
وٺندڙ حميد سنڌيءَ، ڪيترو نصاب پڙهيو، ڪيترو پڙهايو، ڪيتريون نوڪريون ڪيون ۽ سرڪاري
عهدا ماڻيا، سڀاڻ جي تاريخ ۾ اهو سڀ غير اهم هوندو، سواءِ ان جي ته اهو سڀ سندس
بايو ڊيٽا طور ڪنهن نصابي ڪتاب ۾ ڏنو/ ڄاڻايو وڃي.
سڀاڻ جي تاريخ اهو
ضرور ياد رکندي ته هڪ شخص/ ليکڪ هجڻ جي ناتي پنهنجي وطن، ان جي ماڻهن، ان جي ٻوليءَ
۽ ان ٻوليءَ جي ڌرتيءَ جي مسئلن تي ڪيترو لکيو، ان جي قومي تشخص کي ڪيترو مانُ
مرتبو ڏنو، ان ڪسوٽيءَ ۾ فقط ڪجهه لکڻ ئي
سڀ ڪجهه نه آهي، ٻيو به گھڻو ئي ڪجهه آهي
.
سنڌ جي ليکڪن مان
الڳ الڳ حوالن ۾ جن سنڌ کي گھڻو ڪجهه ڏنو حميد سنڌي صاحب انهن ليکڪن مان هو، هو نه
فقط لکڻ تائين سنڌ کي ڏيندڙ هئو پر شايد
سنڌ جي تاريخ اڳتي هلي اهو پڻ ثابت
ڪري ته هو هڪ اهم مورچو هئو سنڌ جي قومي تشخص کي بچائڻ ۽ وڌائڻ جو ته اعتبار ڪرڻ گھرجي. سبب ڪيترائي آهن .
حميد سنڌي صاحب سنڌ
جي شاگرد سياست کان وٺي ادب جي اعليٰ مورچي تائين، سڄي ڄمار جدوجهد ۾ رهيو ، جڏهن سنڌ
مٿان سج نيزي تي لهي آيو هئو ته حميد سنڌي، سنڌ جي شاگرد سياست ۾ هئو، جڏهن سنڌ
فوجي توڻي سول آمريت جا عذاب ڀوڳي رهي هئي تڏهن حميد سنڌيءَ روح رهاڻ رسالو ڪڍي سنڌي جي
سينڌ ۾ ادب جو ۽ قومي شعور جو سندور ڀريو،
روح رهاڻ بند ٿيو ته وري اهڙو رسالو ڏسڻ ۾ نه آيو، گھڻو پوءِ ايڪڙ ٻيڪڙ رسالا نڪتا
جن سنڌ جي قومي تقدس جي بچاءَ لاءِ ويڙهه ڪئي،
پر گھڻو وقت نه .
حميد سنڌيءَ پاڻ هڪ
اعليٰ ڪهاڻيڪار طور ادب جي مورچي تان ويڙهه جاري رکيون آيون، هن سنڌي ادب کي لازوال
ڪهاڻيون ڏنيون، نه فقط پاڻ لکيون پر ڪيترن لکندڙن کي اتساهه ڏنو نه صرف زباني پر
مالي ۽ اخلاقي طور پڻ !
هو صاحب نوڪرين جي
جهنجٽ کان آجو ٿيو ته ادب جي خدمت، ساڳئي وقت ماٺ ڪري ويٺل يارن دوستن کي وري لکڻ
جو اتساهه ڏيڻ لاءِ بزم روح رهاڻ شروع ڪيائين، جنهن جون گڏجاڻيون هر هفتي سلسليوار
سندس گھر جي اڱڻ تي جاري رهيون، جيڪي شايد اڄ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتيون، ڇاڪاڻ هاڻ
رهاڻيون ته پيون ٿينديون پر انهن رهاڻين ۾ حميد سنڌي صاحب جو روح نه هوندو، ان ڪري
اهي روح رهاڻيون شايد بڻجي نه سگهن ڇو ته جيڪي شخص پنهنجي روح کي زندهه رکندا آهن
اهي ئي روح رهاڻ ڪري سگهندا آهن، باقي ته رهجي وينديون آهن رهاڻيون بنا روح جي .
حميد سنڌي صاحب جيڪو
۽ جيترو سنڌ کي مختلف حوالن ۾ ڏنو آهي، پڪ سنڌ ايترو ئي کيس موٽائي ڏنو، اهو پڻ الڳ
الڳ حوالن ۾ ڇاڪاڻ ته سنڌ ٻاجهاري ماءُ آهي، سندس جنهن به اولاد جيتري سندس خدمت ڪئي
آهي ان کان وڌيڪ هن کيس ڏنو آهي.
حميد سنڌي صاحب سنڌ
کي جيڪو ڏنو آهي، اڄ اهو سڀ اسان جي ميراث آهي، سنڌ جي ميراث آهي، ٻوليءَ جي ميراث
آهي، جيڪا پئي پرا ڻي ٿيڻي نه آهي .
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ حميد
سنڌيءَ جو ڪيترو حصو آهي، اهو سڀاڻ جا نقاد ظاهر ڪندا، پر هڪ شخص طور هو اسان جي
اکين آڏو رهيو، سندس دوستن سان نڀاءُ، ٻوليءَ سان نڀاءُ، ادب سان نڀاءُ عمر جي آخر
يءَ گھڙي تائين رهيو. هن قلم کنيو ته ان سان آخري گھڙي تائين نڀايائين ايئن هن جي نڀائن
جا اڻ ڳڻيا حوالا آهن جيڪي سڀ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڳڻيا ويندا .
شخص طور هڪ حسين
شخص، ٻاجهارو ماڻهون، ادبي طور هڪ مسلسل سرگرم رهندڙ اديب اڄ اسان ۾ نه رهيو آهي،
سڀني حوالن ۾ سندس ڳڻ پيا ڳائبا، ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو ڳڻ ڳائڻ واري قوم آهن .
سنڌ جي ساهتيءَ جو سدابهار
ڪهاڻيڪار، سنڌ جي علم ادب واري شهر حيدرآباد مان اڏاڻو آڪاس ! پويان رهجي ويا آهن
سندس ڪيئي ڪتاب، جيڪي ڇپل آهن ۽ جيڪي ڇپجڻ جو اوسيئڙو ڪري رهيا آهن .
ادب ۾ هن ڪهاڻيون
لکيون، ڪتاب ڇپايا، ايڊٽ ڪيا، ترجمو ڪيا، ترتيب ڏنا، ڪيترائي رسالا هن ايڊٽ ڪيا، ڪيترائي
اعلي عهدا ماڻيا، اعزاز حاصل ڪيا، ڪيترائي ايوارڊ سندس نصيب ۾ آيا، اڻ ڳڻيو تعريفون
۽ تنقيدون سندس زندگيءَ ۾ آيون، پڙهندڙن وٽان
ڪيترو ئي پيار سندس جهوليءَ ۾ پيو، ڪيترائي مرتبا ۽ مڃتائون سندس زندگيءَ ۾ آهن هڪ
عمر ۾ انسان کي ٻيو ڇا گھرجي؟
ساڳئي وقت هن جهان
مان هلي وڃڻ کانپوءِ ايستائين کيس ياد
رکيو وڃي، جيستائين اها ٻولي زندهه رهي سگهي، جنهن ٻوليءَ ۾ هن لکيو آهي، عمر ته هڪ
ئي آهي، جيڪا گذاري وڃڻي آهي پويان رهجي وڃڻو آهي اهو ڪم جيڪو شخص پنهنجي مقرر
مليل عمر ۾ ڪري وڃي ٿو .
حميد سنڌي صاحب
ساهتي پرڳڻي جي مکيه شهر نوشهروفيروز ۾ ٻارهن آڪٽوبر اوڻيهه سئو اوڻيتاليهن ۾ ڄائو
۽ هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ ٽين جنوري ٻه هزار ويهن ۾ وفات ڪيائين، سندس عمر جو
عرصو اڻاسي سال بيهي ٿو، هُن اڻاسي بهارون ماڻيون ۽ اڻاسي محرم ڀوڳيا، اها ئي
زندگي آهي، جيڪا ڪنهن به شخص جي هلئي وڃڻ کان پوءِ به هلڻي آهي، اهو ڪائنات جو اصول آهي پر ڪي ڪي
شخص پنهنجي عمل جي عيوضي ۾ سدائين زندهه رهڻا آهن ايئن حميد سنڌي صاحب به ۽ بس!
حميد سنڌي
منهنجو عظيم استاد - پهرين
ورسي ءَ جي موقعي تي
ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘
سولنگي
سنڌ جي سٻاجهڙي ۽
دلير فرزند، منهنجي عظيم استاد حميد سنڌي جو ثابت قدم ۽ مثالي ڪردار سنڌ جي تهذيبن
۽ سڀيتائن جي سونهن ۽ سڃاڻ آهي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته جيسين ڪو ماڻهو ياد آهي
تيسين اهو ڄڻ فوت ٿيو ئي ڪونهي. زندهه قومون پنهنجن محسنن کي ڪڏهن ڪونه وسارينديون
آهن. پنهنجن محسنن کي ياد ڪرڻ جا سوين طريقا آهن. اهل دل ماڻهو، ٻيو ڪجهه ڪري نه ڪري،
مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان ٻه ٽي جملا چئي سگهي ٿو. منهنجو عظيم استاد سائين حميد
سنڌي، انساني ضمير جو آئينو ۽ انساني دلين جو ترجمان هو. جڏهن انتظامي عهدن تي فائز
هوندو هو ته تَتَل لوهه جيان گرم، جو سندس تابش اڳلي جو سِرُ کڻي ڇڏيندي هئي- پوءِ
اهو سندس منصب پرنسپال پبلڪ اسڪول حيدرآباد، وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
يا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور هجي، اهڙو ته قاعدن قانونن مطابق پاڻ ملهائبو
جو تاريخ جي ڳَلَ ۽ ڳچيءَ جو هار بڻجي پوندو هو. پبلڪ اسڪول يا يونيورسٽيءَ جي ڪلاسز
دوران جڏهن پنهنجي آفيس مان ٻاهر رائونڊ تي نڪرندو هو ته استاد هڪ ٻئي کان پڇندا هئا
ته
“Is it right
that LION is out of his cage?”
(ڇا اهو درست
آهي ته شينهن پنهنجي پڃري مان ٻاهر نڪتل آهي؟) ۽ جڏهن ڪلاس ۾ پڙهائڻ لاءِ ايندو هو
ته پيءُ جهڙو شفيق ۽ ٻاجهارو لڳندو هو. تڏهن مير علي نواز ناز جا هي لفظ چوطرف گونجندا
هئا ته
تنهنجي رمز کي مان ڇا
سمجهان
آسان به آ، دشوار
به آ.
آءٌ وٽس “ماسٽر آف
لا” (ايل ايل ايم) جي قانون واري ڊگري دوران ورلڊ ڪانسٽيٽيوشنس (دنيا جي ملڪن جو آئين)
پڙهيو، ڇا ته سندس پڙهائڻ جو نرالو ۽ منفرد انداز هوندو هو، جو آئين جي وصف ٻڌائڻ
کان شروعات ڪندو هو ۽ دنيا جي ملڪن جي آئين (بنيادي اصولن ۽ طئي ٿيل نظرين جو مجموعو)
واري دستاويزن جو ليڪچر (خطبو) ڏيندو هو. جنهن ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جو آئين، ترڪي جو
ڪمال ازم (اتاترڪ ازم)، برٽش پارليامينٽ ۽ آمريڪا ڪانگريس کيس برزبان ياد هوندا هئا.
اهڙو پيار سان ترتيب وار سمجهائيندو هو جو سندس چيل لفظ لفظ هر پل ۽ هر گهڙي ياد
آهن.
اسين شاگرد کيس
پنهنجو سنگتراش استاد چوندا آهيون. ڇو ته مندر ۾ رکيل مورتيءَ کي روڊ تي پيل پٿر چيو،
“اهو ڪهڙو سبب آهي جو ماڻهو مون کي لتاڙين ٿا ۽ توکي اچيو سلامي ڏين ٿا؟” مورتيءَ کيس
وراڻيو ته “منهنجي استاد کي سلام آهي، جنهن مون کي تراشي مهذب ۽ مانَ شانَ وارو بڻائي
ڇڏيو آهي. مون کي جي سنگتراش نه ملي ها ته مان اڄ به تو وانگر پئي لتاڙجان ها.”
مون کي جيڪڏهن چيو
وڃي ته اوهين پنهنجي محسن استاد حميد سنڌي جي شخصيت کي هڪ جملي ۾ سموهي پيش ڪيو ته
آءٌ سگهارو سچ هينئن چوندس “هي هڪ شاهڪار ڪهاڻيڪار سان گڏ هڪ اهڙو ناياب استاد هو
جنهن اسان کي تهذيب يافته انسان بڻائي ڇڏيو.”
هو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
جي سر آسا جي هن بيت ۾ يقين رکندو هو ته:
آءُ- اسين، تون-
توهين، چارئي چتان لاهه،
سندي دوزخ باهه تو اوڏيائي
نه اچي.
جڳ مشهور ڏاهي ملٽن
جي قول جيان انهيءَ پراعتماد جذبي ۽ جنون سان ائين چوندو هو ته “مون کان ٻيون سڀ
آزاديون کسي وٺو پر مون کي فقط ايترو آجپو ڏيو ته مان پنهنجي ضمير جي آواز کي ٻڌندي،
بنا ڪنهن دٻاءَ جي ڄاڻي، سوچي ۽ مڃي سگهان ۽ جيڪو ڪجهه چوڻ گهران سو چئي ڏيان.”
هن جي قلم جو پورهيو
بزمِ روح رهاڻ، جستجو ۽ اتساهه جي نئين راهه ڏيکاريندو هو. هفتيوار آچر ڏينهن تي جڏهن
سڀئي ڏاها دانشور، اديب ۽ محقق گڏبا هئا ته سندس هي تاريخي جملو هوندو هو ته “بزم روح
رهاڻ سنڌي ادب جي اها اوطاق آهي، جتي تاريخ جُڙي ٿي ۽ ٻوليءَ جا سهيڙيندڙ هميشه هميشه
لاءِ اتهاس جو آواز بڻجي ويندا آهن.” واقعي تنوير عباسيءَ جون دل ڇهندڙ سٽون آهن
ته،
ٻرياسون ته پل پر
اجهامڻ کان اڳ ۾
هزارن چراغن کي ٻاري
ڇڏيو سون.
سندس احساس ٽئگور
جي هن نظم جيان محسوس ٿيندا هئا ته مان پنهنجي جيون جو هيءُ تنبورو کڻي ويندس. مان
ان جي تارن کي دائمي آلاپڻ لاءِ ڇڪي تاڻيندس ۽ جڏهن اهو پنهنجي آخري آلاپن جون هڏڪيون
ڀري وٺندو ته پوءِ مان پنهنجي خاموش تنبوري کي خاموشيءَ جي ديوتا جي قدمن ۾ رکي ڇڏيندس.
هو يقينن سنڌي قوم جو اهو وهائو تارو آهي، جيڪو سدائين صدين تائين افق تي چمڪندو
رهندو. سنڌ جون مائرون اوچي ڳاٽ سان اُهو فخر ڪنديون رهنديون ته سندن جهوليون ظرف ۽
ضمير جون علمبردار آهن. مهان معتبر شخصيت منهنجو مٺڙو استاد سائين حميد سنڌي، جنهن
جو مقدس روح هن وقت ساري عالم کي اهوئي درس ڏئي ٿو، سرواڻ سنڌ حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جي هنن سٽن جيان،
ڇا کان وڃي ڇو ٻيلي
ٿئين ٻين جو
وٺ ڪَنجڪ ڪريم جي جڳ
جو والي جو
سوکو هوندو سو،
جنهن جو عشق الله سين.
(ڏيھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۳ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
حميد سنڌي
سندس ياد ۾.. سلسلا سڀ سوڳواريءَ
تي کُٽا
استاد لغاري
ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو
آهي، جو آئون جيڪا شئي لکڻ چاهيندو آهيان، اها لکي نه سگھندو آهيان ۽ جيڪا شئي وهم
و گمان ۾ به نه هوندي آهي، ته اها شئي آسانيءَ سان لکجي ويندي آهي. اها ستمگر صورتحال
سالن کان وٺي، مون کي ستائيندي رهي آهي ۽ منهنجو پل پل پيڇو ڪندي رهي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن هينئڙا! نٿو وڻين
مون،
جي تو سڄڻ ساريا، سي وس نه آهن مون،
ڪڏهن ڪڏهن تون، ٿو اڻ ڏٺا آرا ڪرين.
سال ۲۰۲۰ع اديبن ۽ عالمن جا ويڙها ويران ڪندو، وڏا وڇوڙا
۽ وڍ وجھندو ۽ وڻ وڄائيندو هليو ويو آهي. سال ۲۰۲۰ع پنهنجي ڪٺورپڻي ۽ ڪلُور جا جيڪي قهر ڪيرايا،
انهن ۾ هن اٿندي ئي، اسان کي اسان جي عظيم اديب، عالم، اسڪالر، رسالي روح رهاڻ جي روح
روان، بزمِ روح رهاڻ جي بانيڪار ۽ لطيف شناس محترم عبدالحميد سنڌي صاحب جو وڇوڙو
ورثي ۾ ڏنو. اهو سُوريءَ جهڙو سُورائتو سنسو، سمورو سال اسان کي سُور ڏيندو رهيو. عجب
جهڙي ڳالھ آهي، ته انهيءَ اوچتي ازل، اول ۾ به اسان کان حميد کسيو ۽ آخر ۾ به اسان
کان حميد کسيو. ٻنهي محبوب ماڻهن جا نالا حميد هئا. حميد سنڌي کي ۰۳ جنوري ۽ حميد پارس کي ۳۰ ڊسمبر تي اسان کان الوداع ڪرايائين. ٻنهي عظيم انسانن جي الوداع جون تاريخون،
ٻُڙي ٽي ۽ ٽي ٻُڙي (۰۳ ۽ ۳۰) تي اچي بيٺيون.
مون کي منهنجي محبوب
دوست محترم واحد ڪانڌڙي صاحب چيو، ته “توهان حميد سنڌي صاحب جي وڇوڙي تي، لطيفي رخ
کان ڪا تحرير عمل ۾ آڻي، اسان پڙهندڙن آڏو پريت ڀريو پيغام پهچايو، ته جيئن حميد
سنڌي صاحب کي بهترين لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري سگھجي”. کيس چيم “مان انهيءَ معاملي ۾ ناپاس
انسان آهيان. جو آئون ڪو به فرمائشي مقالو يا مضمون وغيره، وقت سِر لکي نه سگھندو
آهيان. جڏهن ڪنهن موضوع تي لکڻ مهل، منهنجي مٿان جنون جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي ۽ ڏات
جي ديوي يا تخليق جي ماتا مهربان ٿيندي آهي، تڏهن لفظن جا ابابيل پاڻهي پاڻهي پر ڦڙڪائيندا،
قطار در قطار مون ڏانهن اڏامندا ايندا رهندا آهن”.
پئي ياد
آيا فسانا اوهان
جا،
نگاهون اوهان جون نشانا اوهان جا.
اسان کي چُڪي چاڙهڻي
آهي ساقي!
اوهان جا
سُبو بادخانا اوهان
جا.
هُياسي اسان ڪنهن گھڙيءَ
جا گداگر،
زمينون اوهان جون زمانا اوهان جا. (شيخ اياز)
ٿورڙي دير جي لاءِ،
مون پنهنجيون اداس آلڙيون اکڙيون اگھندي سوچيو، ته سال ۲۰۲۰ع ۾ عبدالحميد سنڌي کان سواءِ، ٻيا به الاهي
سارا اديب، عالم ۽ اسڪالر اسان کان اوجھل ٿي ويا آهن. انهن ۾ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالستار
پيرزادو، عطا محمد ڀنڀرو، عبدالغفار صديقي، علي محمد اڏيرائي ۽ غلام علي الانا به
اچانڪ اڏامي ويا آهن. اي رازِ ازل! تنهنجو نالو ع عينڪ سان شروع ٿئي ٿو، يعني “عزرائيل”
ته تو به کڻي ع عينڪ وارن اديبن پٺيان پنهنجا پيار وڌايا آهن. افسوس! ايڏو ساڙ سُڳنڌ
سان؟ پر مُڙيو ته ٻين کان به ڪو نه آهين. جهڙوڪه شوڪت مغل، تاج بلوچ، نثار احمد
صديقي، قلندر شاھ لڪياري، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، راحت اندوري، محترمه ڪريمه بلوچ، رسول
بخش درس ۽ حميد پارس به اسان کان کڻي ويو آهين.
هاڻي اچون ٿا حميد
سنڌي صاحب جي “لطيف شناسيءَ” بابت ڪيل علمي ۽ ادبي پورهئي تي. مون محترم واحد ڪانڌڙو
صاحب جي عاجزانه ۽ عالمانه التماس کي آڏو رکندي، جڏهن پنهنجي ذاتي لائبريريءَ تي
نظر ڊوڙائي، ته ان ۾ حميد سنڌي صاحب جا لکيل توڙي ترتيب ڏنل جيڪي ڪتاب نظر آيا، انهن
۾ سنڌ جا سُونهان شاھ سچل، سُر بروو سنڌي، سُر بلاول، سُر ڪاپائتي، سُر ڪارايل، سُر
ڪاموڏ ۽ سُر سارنگ شامل هئا. ممڪن آهي ته سندس ڪي ٻيا ڪتاب به ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پيل
هجن، پر لطيف شناسيءَ تي لکيل ۽ سهيڙيل جيڪي ڪتاب نظر آيا، ته اهي آڏو رکيا ويا.
غالبن ۸۰ واري ڏهاڪي جو هڪ عدد “روح رهاڻ” رسالي جو علمي ۽ ادبي پرچو به منهنجي
لائبريريءَ ۾ موجود هيو، ليڪن گھڻي کان گھڻي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به اهو مون کي هٿ
اچي نه سگھيو.
حميد سنڌي شاھ جي
رسالي جي سُر بروو سنڌي بابت، اديبن، عالمن ۽ اسڪالرن جا لکيل مقالا ۽ مضمون سهيڙيندي،
هڪ هنڌ لکي ٿو، ته “جيئن لطيف سرڪار جي ڪيفيت، سندس رسالي مان پرکي ۽ پروڙي سگھجي ٿي،
ايئن ئي هر انسان پنهنجين پنهنجين ڪيفيتن مان گذري ٿو. غم، خوشي، فراق، فرحت ۽
حيرت جهڙا جذبا، هر هڪ ماڻهوءَ منجھ پلجن ٿا. پر “ڪَرِيان رُوحَ رِهاڻَ، لَڪَنِ مَنجھِ
لَطيفُ چَئي” واري ڪيفيت، لطيف سائينءَ کي منفرد بنائي ٿي ڇڏي”. اڳتي هلي حميد سنڌي
لکي ٿو، ته “لطيف پنهنجي شاعريءَ لاءِ، اهڙا عنوان ۽ ڪردار چونڊيا، جيڪي نج، کرا ۽
سچا هيا. انهن ۾ انساني خوبيون، جهڙوڪه: نوڙت، نياز، بهادري، سخا ۽ حب الوطنيءَ وارا
جذبا موجود هيا”. لطيف جون سُورميون هجن، توڙي سُورما، ليڪن شاھ صاحب انهن کي تمثيلي
طور استعمال ڪري، پنهنجي ڪلام ۽ پيغام کي اهڙيءَ ريت لافاني بنايو آهي، جو پڙهندڙ
ازخود ان ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگھي ٿو. حميد سنڌي صاحب شاھ جي رسالي ۾، جيڪي وحدانيت،
رسالت توڙي ٻيا انسانيت وارا وکر ڏٺا، ته انهن جو وچور دلپذير نموني سان بيان ڪري ويو.
مثال طور: پريت ۽ پريتڻو، سڏ ۽ پڙاڏو، ٻُڪيءَ ۽ ٻاجھ، دُوئيءَ ۽ دليل، ابتدا ۽
انتها، الف ۽ ميم، ڄيرو ۽ ڄڀي، خُودي ۽ خدا، راز ۽ رمزون، سُجود ۽ وُجود، سُرڪيءَ
۽ سڌ، سُوريءَ ۽ سيج، صورت ۽ سُونهن، شرڪ ۽ شيطان، صوفي ۽ لاڪوفي، طالب ۽ مطلوب،
عاشق ۽ معشوق، فنا ۽ بقا، ڪاتي ۽ ڪُسڻ، کُورو ۽ کامڻ، لوھُ ۽ لچڪڻ، لهس ۽ لُڏڻ،
محبت ۽ مامرو جهڙا موضوع شامل آهن.
حميد سنڌيءَ جي
ورسيءَ جي موقعي تي، مون معمولي ماڻهو، محبت من ۾ پائي، هي ٻه ٽي ٻاڙا ٻول، اَلُوڻا
الفاظ ۽ رنڍا روڙيا آهن. شال منهنجو پيار ڀريو پورهيو ۽ قرب وارو ڪاپو قبول پوي. سال
۲۰۲۰ع جي ابتدا به اشڪباري، بيقراري ۽ غمگساريءَ سان ٿي، ته ان جي انتها به المناڪ،
اندوهناڪ، دردناڪ ۽ سوڳواريءَ سان ٿي. اڄوڪي اڌوري، اڻپوري ۽ سُوريءَ جهڙي سُورائتي
تحرير، ايوب کوسي جي هيٺيين هجر فراق جهڙي فڪر تي اختتام پذير ڪجي ٿي، ته:
سلسلا سڀ سوڳواريءَ
تي
کُٽا.
عشق پنهنجا اشڪباريءَ
تي کُٽا.
يادگيرين ۾
ويون شامون ڇڻي،
ڏينهن ڏاڍي بيقراريءَ تي کُٽا.
فاصلن جي قهر جو آهي ڪرم،
درد اڪثر دل اُڃاريءَ
تي کُٽا.
حميد سنڌي جي سوڳواريءَ
جهڙي ڪيفيت کي محسوس ڪندي، سندس ورسيءَ جي موقعي تي لکيل، هيءَ منهنجا عجزانه الفاظ،
تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي چڪا. تحقيق! سڀاڻي اسين به ڪو نه هونداسين، ليڪن حميد سنڌيءَ
جي ياد وانگر، سڀ ڪنهن جون سونهري يادون باقي وڃي بچنديون. بقول اياز گل جي، “يادگيريون
سنڀال ڪم ايندئي. ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي”.
ھلال پاڪستان اربع ۱۳جنوري۲۰۲۱ع جي ٿورن سان.
حميد سنڌي
دادا سنڌي
۱۹۸۷ع جي سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ تقريب جي پوري ٿيئڻ کان پوءِ
حميد سنڌي مليو. قربن جا ڪوٽ اٿس. ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي. پنهنجائپ ۽ محبت مان، ڀاڪر
پائي نرڙ تي چمي ڏنائين. مان سندس دراز قد، پرڪشش شخصيت ۽ ادبي حيثيت جي فڪر ۾ محو
ٿي ويس. حميد سنڌي، روح رهاڻ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سنڌي ادب جي اوسر ۽ ترقي ۾ هن
جون خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن. نوان لاڙا، جديد رجحان ۽ ترقي پسند فڪر ڏيئي هن
سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. روح رهاڻ سنڌي اديبن کي يڪجا ڪرڻ، کين هڪٻئي سان متعارف
ڪرڻ، نون اديبن کي ميدان ۾ آڻي سندن حوصله افزائي ۽ اصلاح ڪرڻ، پنهنجي ادب ۽ زبان
جي تقاضائن کي نروار ڪرڻ، ادب جي مقصد ۽ رُخ کي اجاگر ڪرڻ، ادب جي نون ۽ صحتمند لاڙن
کان سنڌي اديبن ۽ پڙهندڙن کي آگاهه ڪرڻ. اهو سڀ ڪجهه اهڙي طرح ڪيو، جو سنڌي ادب ۾
جلدي ئي هڪ منظم تحريڪ وجود ۾ اچي ويئي. جنهن ايوبي آمريت ۽ مسروري ڪوٽ کي لوڏي ڇڏيو.
ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ روح رهاڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان کان علاوه حميد جشن روح رهاڻ ڪوٺائي،
سنڌي ادب ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي. جنهن جا اڳتي هلي مثبت نتيجا نڪتا. حميد هڪ سٺو
۽ منفرد ڪهاڻيڪار به آهي. سندس ڪتاب ”ويريون“ تي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان
انعام ملي چڪو آهي. حميد جون ڪهاڻيون زندگي جي بلڪل ويجهو آهن، جن ۾ سنڌي سماج جي
حقيقي ترجماني ٿيل آهي. حميد تعليمي ماهر ۽ منظم آهي. پبلڪ اسڪول حيدرآباد سندس
اعلى انتظامي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي. (۱۹۸۹ع)
No comments:
راءِ ڏيندا