; سنڌي شخصيتون: مظهرالدين ميمڻ - محمد اياز ميمڻ

23 October, 2013

مظهرالدين ميمڻ - محمد اياز ميمڻ

مظهرالدين ميمڻ
محمد اياز ميمڻ
مظهرالدين ميمڻ موري شهر جي واپاري خاندان سيٺ محمد رمضان ميمڻ جي گهر ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع ۾پيدا ٿيو. هن جي پيءُ سيٺ محمد رمضان ۲ شاديون ڪيون. پهرين زال مان الهه رکيو ڄائو. ان جي ماءُ مرڻ کانپوءِ سيٺ صاحب دوست محمد ميمڻ جي ڌيءُ سان شادي ڪئي. جنهن مان پهريون وڏو پٽ مظهرالدين ۽ ٻيو پٽ عبدالمجيد ميمڻ ۽ ٽي نياڻيون ڄايون.

مظهرالدين پرائمريءَ جي تعليم، احمد شاهه اسڪول مان حاصل ڪئي. ۱۹۴۶ع ۾ مئٽرڪ سائنس سيڪنڊ ڊويزن ۾ هاءِ اسڪول موري مان پاس ڪئي. سال ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي فزڪس ۾ ڪيائين. سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪندي، گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ هن ۲۶ (ڇويهه) سال استاد جي حيثيت ۾ گذاريا.
شيخ اياز جڏهن ون يونٽ جي قهري ڪوٽ، ايوبي آمريت ۽ سنڌوديش سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين خلاف قومي شاعريءَ ذريعي شعور ڏنو ۽ هن سنڌ جي نئين نسل ڏانهن نهاريندي صدا هنئي ته
”ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب،
تون ئي جواب، صدين جي سوال جو.“
مورو سنڌ جي شاگرد تحريڪ جو مرڪز ون يونٽ خلاف وڏا مظاهرا جلسا جلوس هڙتالون به موري ۾ ٿيندا هئا. جنهن ۾ سڄي سنڌ کان ڪارڪن شرڪت ڪندا هئا. مظهرالدين ميمڻ به هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. مظهرالدين ميمڻ سنڌ جي انهن حالتن جي پيداوار هو، جڏهن سنڌ جي پڙهيل لکيل اديبن، شاعرن، دانشورن سان گڏوگڏ هاري ۽ مزدور به ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. آخرڪار ون يونٽ به ٽٽو ۽ سنڌ هڪ دفعو وري آهستي آهستي ظاهر ٿيڻ لڳي.
انهن ڏينهن ۾ مظهرالدين ميمڻ نوڪريءَ سانگي موري مان ڪراچيءَ آيو. هي هتي استاد پوليٽيڪل ڪاليج سائيٽ ڀرتي ٿيو. هتي به هن پنهنجي ساڳي پر کنئين. اندروني سنڌ کان ايندڙ سنڌي شاگردن جي مدد ڪئي. هن هزارن جي تعداد ۾ سنڌي شاگردن جي ڪتابن، فيون، رهائش ۽ پارٽ ٽائيم نوڪري وٺرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي.
۱۹۷۳ع ڌاري سنڌ جي همدرد ۽ هڏڏوکي انسان ڊاڪٽر سليمان شيخ سان مليو. ان وقت سگا جي بنياد وجهڻ واري پلاننگ ٿي. ان وقت سنڌ جي ماڻهن جا انيڪ مسئلا ڪر کنيو بيٺا هئا. مثلًا رهائش، نوڪري، تعليم وغيره. هنن کاهوڙين جي ڪوشش سان سگا جو بنياد پيو.
مظهرالدين ميمڻ ايم آر ڊي تحريڪ، سنڌي مهاجرن جي جهڳڙن، ڪراچيءَ ۽ اندروني سنڌ ۾ هزارين ماڻهو زخمي ٿيا، ماڻهو بي گهر ٿيا انهن جي تمام گهڻي مدد ڪئي. مظهرالدين ميمڻ جي ايتري ته ساک پت هئي جو سرنديءَ وارا سنڌي کيس چوندا هئا ته ادا مظهر حڪم ڪر ڪيترا پئسا کپن. ماڻهو کيس خالي چيڪ صحيح ڪري ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته پئسا اوهان لکو ڇو جو مظهرالدين ميمڻ هڪ سچو ۽ ايماندار انسان هو. هن تي ماڻهن جو عقيدو هوندو هو ته هي جيڪي پئسا ڏئي رهيا آهيون اهي غلط جاءِ تي استعمال نه ٿيندا. هن تي اعتبار هوندو هو. اسان کان هڪ سچو انسان وڇڙي ويو آهي.
راڻا! او راڻا! سَڏُ ورائين ڇو نه ٿو؟
ڪٿي آهين مينڌرا ڀينگ ٿيا ڀاڻا؟
ڪَئول ڪُوماڻا، ڀَونر ڀُونءِ ڇڏي ويا.
(شاهه)
هن کي سگا جي ساٿ ڌڻين سيڪريٽري تعليم چونڊيو. مظهرالدين ميمڻ تعليم جي سلسلي ۾ سنڌ جي واهڻ، ڳوٺن، شهرن ۾ نڪري پيو. هن جوڳين واري صدا پئي هنئين؛ ”نياڻيون پڙهايو، سنڌ سنواريو“.
پڦاٽ مظهرالدين سان مان سگا مورو جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي ماڻڻ کانپوءِ، سکر ڊويزن جي ڳوٺن ۾ وڃڻ ٿيو. مورو جا ڪجهه ڳوٺ هوت خان برهماڻي، داد خان بروهي واهه سيالن جا ڳوٺ، ڦل شهر جا ڪجهه ڳوٺ، سم وارن ڳوٺن ۾ سڄيون راتيون اتان جي ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن کي تربيت ڏيندو هو. هن جي سمجهائڻ جو هڪ پنهنجو انداز هو. سڄي رات گذري ويندي هئي، خبر نه پوندي هئي ته رات وئي ڪيڏي. مظهرالدين ۶ سال پورا تعليم تي ڪم ڪيو. هي چار سال مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو اعزازي سيڪريٽري رهيو. سگا ڪراچي شاخ جو چار سال جنرل سيڪريٽري رهيو. ”سگا“ جو مرڪزي بورڊ آف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرس جو رڪن به هو. هن ثقافتي پروگرام پڻ ڪامياب ڪرايا ۽ سٺا سووينيئر ڇپرايا، سچل ڪانگريس جي ڪاميابيءَ ۾ هن جو تمام گهڻو هٿ هو.
جان جان هئي جيئري- ورچي نه ويٺي.
هن سڄي زندگيءَ ۾ مايوسيءَ کي ڪفر ۽ گناهه سمجهيو. سندس ننڍي ڀاءُ مرحوم عبدالمجيد ميمڻ سگا مورو برانچ جو صدر هو. هن جي وڇوڙي به کيس جهوري وڌو. سگا جي مرڪزي چونڊن ۾ هارائڻ کانپوءِ هن آرام ڪرڻ جو سوچيو پر ڊاڪٽر سليمان شيخ جي سڏ تي لبيڪ چئي بغير عهدي به هن ڪراچي شاخ جي مالي مدد ڪئي. هي ڀاءُ جي موت کانپوءِ اڪثر بيمار رهندو هو. ۶ سيپٽمبر تي هن کي دل جو سور ٿيو. اسين اشرف علي کهاوڙ ۽ آءٌ ”اياز ميمڻ“ جناح اسپتال دل واري وارڊ ۾ وياسين. هن جي عيادت ڪئيسين. هن ان وقت چيو ته؛ هاڻي سگا ۾ نواڻ اچڻ گهرجي. ڀلي نوان ساٿي اچن پر ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب کي ڪيئن به ڪري آندو وڃي. ڇو جو سگا هن وقت سخت بحران ۾ آهي. هن وقت سچن ساٿين جي سخت ضرورت هئي. هن چيو ته اسان سٺو ساٿ نڀايو آهي هاڻي سگا کي نون، جاکوڙي جوڌن جي ضرورت آهي.
ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پويان، سيئي لهن نه سار،
ڪٽين ڪٽ لوهار، هاڻ انهين ڀيڻئين.
(شاهه)
هن عظيم انسان کي مرڻ گهڙي تائين به سگا جو وڏو فڪر هو. سندس آخري خواهش اُها هئي ته سندس مڙهه سنڌي قوم انسان ذات کي اوندهه مان ڪڍي سڌي راهه ڏسيندڙ عظيم کان عظيم تر تنظيم سگا جي جهنڊي ۾ ويڙهي منهنجي جنم ڀومي جي تاريخي قبرستان خليفي سائين ۾ آرامي ڪجو.
سوريءَ سڏ ڪيو، ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.
آخر چڱو ڀلو ۵ آڪٽوبر جو گهر جي سڀني ڀاتين کان موڪلائي، پنهنجي وڏي پٽ ڊاڪٽر جاويد سان جناح اسپتال دل واري وارڊ ۾ سندس E.T.T ٽيسٽ ڪيائون، جنهن هن جي جان ورتي ۽ هن عظيم انسان جي موت جو سبب بڻيو. تڏهن شاهه عبداللطيف پنهنجي هن شعر ۾ چيو:
هاريا ويڄَ مُياسِ، سُڌِ نه لهنم سُورَ جي،
پريان کي چونداس، ته ترس طبيبن ڇڏيو.
۵ آڪٽوبر جو ۵:۰۰ بجي سگا جي هن علم جي روشني ڦهلائيندڙ عظيم انسان جو ساهه پروانو ٿيو:
جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن
فڪر فرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن،
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.

سگا جا ساٿي کيس سندس اباڻي ڳوٺ موري کڻي ويا. ۶ آڪٽوبر ۲۰۰۰ع ۾ کيس موري جي تاريخي قبرستان خليفي سائينءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو.

No comments:

راءِ ڏيندا