; سنڌي شخصيتون: نقش ناياب منگي

23 October, 2013

نقش ناياب منگي


نقش ناياب منگي
ھن شخص جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي
خليل مورياڻي
سن ۱۹۷۴ع کان ۱۹۸۰ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ جڏھن شڪارپور واپس آيس ته گھڻو ڪري سڄي سنگت شڪارپور کي ڇڏي، ڪراچي اسلام آباد ۽ ٻين شھرن ۾ وڃي آباد ٿي چڪي ھئي. ھتي صرف ڪجھ دوست ۽ ساٿي وڃي باقي رھيا ھيا، جن مان عزيز ساگر سان ڪڏھن ڪڏھن ميل ملاقات پئي ٿيندي ھئي، جنهن به پنهنجيون ترجيحون بدلائي وڃي مسجد وسائي ھئي ۽ باقي وقت حڪمت جي ڪرت ۾ مشغول ٿي چڪو ھيو. انهيءَ ڪري مان سخت اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار رھيس. انهيءَ دوران سڌ پئي ته حاجي غلام رسول ميمڻ رحيم يار خان صادق آباد کانپوءِ سکر کي به ڇڏي اچي شڪارپور جا وڻ وسايا آھن ۽ ھتي گھگھراڻي گھٽيءَ ۾ ماڊرن پريس قائم ڪري چڪو آھي. گھڻو ڪري آفيس ٽائيم کانپوءِ جڏھن اتي وڃڻ لڳس ته پريس تي ڪجھ نوان چھرا نظر آيا جن کي روزانو اتي موجود ڏٺم. انهن ۾ نقش ناياب منگي صاحب مکيہ ماڻھو ھيو جيڪو پريس جي سڄي ڪارونهوار ۾ مشغول ھوندو ھيو ۽ سندس خدمت چاڪريءَ ۾ ھڪ سنهڙو ۽ ڦڙتيلو نوجوان انور فگار ھَڪڙو ھوندو ھيو. نالن ۽ تخلص مان اھو ڀانيم ته شاعر ۽ اديب آھن. اتي ئي ڪڏھن ڪڏھن ٻين شخصن سان پڻ ملاقات ٿيندي رھندي ھئي. انهن ۾ خاص ڪري رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀيو، جنهن کي اسان علامه ڀيو صاحب چوندا ھياسين ۽ ٻيو شخص ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو صاحب ھو جيڪو ان وقت خانپور ھاءِ اسڪول ۾ استاد ھيو ۽ ڳوٺ حاجي خان ڪلھوڙي ۾ رھندو ھو. ڊاڪٽر صاحب گھڻو ڪري ھر آچر ڏينهن، شڪارپور سنگت سان ملڻ ايندو ھو. اتي ئي گھڻو ڪري روزانه ڀاءُ نعمت اللھ ڀٽو سان به ملاقات ٿيندي ھئي، جيڪو مھراڻ جنرل ناليج جي ڇپائيءَ وغيرھ جي سلسلي ۾ ايندو ھو.


اھڙو ادبي ماحول ڏسي، دل کي ڪجھ آٿت مليو. آھستي آھستي ميل جول وڌيو ته ويجھڙائپ ٿي، جيڪا پوءِ سڀني سان ڀائپيءَ ۾ بدلجي وئي. ان وقت حاجي غلام رسول ميمڻ جي طرفان قائم ڪيل اداري مھراڻ پبليڪيشن طرفان ڪيترا ئي ڪتابي سلسلا جاري ھيا، جن ۾ ”اسان جا اديب اسان جا شاعر“، ”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا“ کان سواءِ ”معلومات مھراڻ“ خاص اھميت رکندا ھيا. انهن مان ”اسان جا اديب اسان جا شاعر“ کي نقش ناياب منگي مرتب ڪندو ھيو. مون اُتي منگي صاحب کي ھميشه ڇپائيءَ جي ڪمن، خاص ڪري مواد کي سھيڙن، پروف ڏسڻ، مختلف اديبن شاعرن سان لک پڙھ کان علاوھ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏانهن موڪلڻ لاءِ VPP پارسل تيار ڪرڻ ۾ مصروف ۽ مشغول ڏٺو، ساڻ ساڻ پان ۽ چانھ جو دور پڻ پيو ھلندو ھو.
جيئن جيئن ساڻس ويجھڙائپ ٿي ته مون محسوس ڪيو ته منگي صاحب کي شڪارپور شھر ۽ ضلعي جي تاريخ ۾ تمام گھڻي دلچسپي آھي. ان سلسلي ۾ ڪيترن انگريزي، اردو ۽ سنڌي ڪتابن وغيرھ جا ريفرنس پيا ڏيندا ھئا. جيئن ته منهنجو ان وقت تائين پڙھڻ جي حوالي سان واسطو صرف ڪھاڻين، ناولن، سفرنامن ۽ سياسي ڪتابن سان ھيو، ان ڪري تاريخ جي ڪتابن سان ان کان اڳ ۾ واسطو ڪو نه پيو ھيو. ڇاڪاڻ ته ان کي خشڪ موضوع سمجھي، ويجھو ڪو نه ويندو ھيس، مگر منگي صاحب جي صحبت ۾ رھي، تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪجھ دلچسپي وڌي. مونکي اھو ٻڌائيندي فخر ٿو محسوس ٿئي ته ان ڳالھ جو سھرو منگي صاحب ڏانهن وڃي ٿو، ور نه ته اسان ھسٽاريڪل سوسائٽي قائم ڪري يا شڪارپور بابت ايترا ڪتاب وغيرھ ڇپائي ڪو نه سگھون ھا.
اتي وري ھڪ ٻي ڳالھ اھا آھي ته نقش ناياب منگي صاحب کي پنهنجي ذاتي شھرت يا پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو ڪو شوق ڪونه ھيو. مون پنهنجي گنهگار اکين سان ڏٺو ته؛ وڏيون وڏيون ڊگريون رکڻ وارا کانئس پنهنجين لکڻين ۾ ۽ خاص ڪري تحقيقي مقالن ۽ مضمونن ۾ درستگيون ڪرائڻ لاءِ وٽس کڻي ايندا ھيا، جن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ ڪيترا دفعا ڏينهن جا ڏينهن بحث مباحثا به ٿيندا ھيا. انهن بحث مباحثن ۾ مون ھميشه منگي صاحب کي ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان ڪيترن ڪتابن جا حوالا وغيرھ ڏيندي ڏٺو ۽ آخر ۾ ائين ٿيندو ھيو ته انهن ڊگري يافته محققن کي پنهنجي مھينن جي محنتن سان لکيل مضمونن وغيرھ کي منگي صاحب سان سھمت ٿيندي، انهن ۾ تبديلي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پوندو ھو.
ھڪ شاعر جي حيثيت ۾ به مون نقش ناياب منگي صاحب کي استاد شاعر محسوس ڪيو. علم عروض جي کيس مڪمل ڄاڻ ھئي. اڄ مان محسوس ڪريان ٿو ته سندس وفات کانپوءِ شڪارپور ۾ انهيءَ پائي جو استاد شاعر شل ڪو بچيو ھجي. جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ جو مجموعو ھن وقت تائين ڇپجي نه سگھيو آھي. سندس گھڻي شاعري ڪيترن ئي رسالن، اخبارن وغيرھ ۾ ٽڙي پکيڙي پئي آھي. سندس مڪمل شاعريءَ کي ڇپائڻ، وقت جي اھم ضرورت آھي. ان کان علاوھ سندس ڪيتريون نثري تخليقون پڻ ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ موجود آھن، جيڪي پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ جي انتظار ۾ آھن. منگي صاحب جتي ڪهنه مشق شاعر ۽ ناميارو نثر نويس ھيو، اتي تمام سٺي ترجمي نگار جي حيثيت ۾ سندس ناماچار رھيو آھي. انهيءَ ترجمي واري ڪم ۾ مشھور انگريزي عملدار ايف جي گولڊ سمڊ جو اڻويھين صديءَ ۾ لکيل ڪتاب Memoirs on Shikarpur پڻ خاص اھميت رکي ٿو.
ھن وقت تائين سندس ھڪ ڪتاب، ”شڪارپور: ھڪ اڀياس“، روشني پبليڪيشن طرفان ۲۰۰۴ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آھي، جنهن ۾ منگي صاحب جا ڇھ مضمون شامل آھن. ھن وقت تائين شڪارپور بابت شايع ٿيل ڪتابن ۾ ھيءُ پھريون ڪتاب آھي جنهن ۾ شڪارپور بابت گھڻي ڀاڱي مضمون جديد تحقيق جي بنياد تي لکيل آھن.
ھي ھيو منگي صاحب جي لکيل تخليقن جو مختصر وچور. ان کان علاوھ ھڪ استاد جا پيدا ڪيل شاگرد به ڄڻ ته ھن جي تخليقن جي حيثيت رکندا آھن. نقش ناياب منگيءَ لاءِ اسان وٽ چيو ويندو آھي ته؛ اعليٰ تعليمي يافته ڪو نه ھيو يا وري وٽس ڪنهن يونيورسٽي وغيرھ جي ڊگري ڪو نه ھئي. اُتي مان اھو چوندي ڪو به عار محسوس ڪو نه ٿو ڪريان ته منگي صاحب وٽ جيتوڻيڪ ڪا به ڊگري وغيرھ ڪو نه ھئي پر پوءِ به اسان جي آڏو، سندس ھڪ شاگرد جي حيثيت ۾ اھڙي تخليق موجود آھي، جنهن تي کيس وڏو فخر ھيو. اھو شاگرد آھي، ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو. پنهنجي ان تخليق تي، پنهنجين لکيل تخليقن کان وڌيڪ، محنت ڪيائون. ھن جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ تائين، منگي صاحب جو وڏو ڪردار رھيو آھي. دامي، درمي ۽ سخني سندس ھر وقت نه صرف مدد ڪيائون پر ھميشه ھمٿ افزائي پڻ ڪندو رھيس. ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي تي ايتري محنت ڪيائون ۽ محبت ڏنائون جيتري ڪو مائٽ پنهنجي اولاد تي، به ڪو نه ڏيندو آھي. انهيءَ مان منگي صاحب جي سخاوت جو چڱيءَ ريت اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
ساڻس روبرو آخري ملاقات، سندس گھرواريءَ جي وفات جي موقعي تي جون مھيني ۾ نمازِ جنازھ کان اڳ ۾ ٿي ھئي، جڏھن منگي صاحب کي وھيل چيئر تي نماز ۾ شرڪت لاءِ وٺي پئي آيا. وڌي ساڻس ڀاڪر پائي مليس ته مونکي ڪو نه سڃاڻي سگھيا. ڇاڪاڻ ته وڏو وقت بيمار رھڻ سبب سخت ڪمزور ٿي چڪا ھيا ۽ سندس نظر به جھيڻي ٿي چڪي ھئي. جڏھن کيس پنهنجو نالو ٻڌايم ته يڪدم روئي ويٺا. منهنجي به اکين مان ڳوڙھا وھي نڪتا ۽ سڏڪا ڀري روئي ويٺس. اکين مان وھي نڪتل گرم ڳوڙھن جي آلاڻ کي اڄ به محسوس ڪري رھيو آھيان. ان کانپوءِ به ساڻس فون ذريعي ڳالھ ٻولھ ٿيندي رھندي ھئي. وفات کان ھڪ ھفتو اڳ، موبائل تي رابطو ٿيو. رسمي ڳالھ ٻولھ کان پوءِ سڏڪا ڀري روئندو رھيو. مان کيس آٿت ڏيندو رھيس ته جلد ئي وٽس اچي حاضر ٿيندس. بدقسمتيءَ سان وٽس وڃي نه سگھيس، جنهن جو ڏک ھميشه رھندو.
جيئن ته ھي دنيا فاني آھي انهيءَ ڪري ھر ڪنهن کي اڄ نه سڀاڻي ھي جھان ڇڏڻو آھي، اھڙيءَ ريت ۷ ڊسمبر ۱۹۴۸ع تي جنم وٺندڙ حق نواز منگي ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع، ۶۲ سال، ۱۰ مھينا عمر ماڻي ۶۳ سالن جي ڄمار ۾ اسان کان موڪلائي اھڙي جوءِ وڃي وسائي جتان ڪو به واپس نه وريو آھي. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ۶۳ ورھين جي عمر پيغمبري عمر آھي. ڇاڪاڻ ته اسان جي پياري نبي ڪريم صلعم جن به ۶۳ سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيو ھو. ان کان علاوھ منهنجي خيال ۾ سنڌ جي لاکيڻي لطيف به اٽڪل ۶۳ ورھين جي ڄمار ۾ رھلت فرمائي ھئي. اھڙيءَ ريت منهنجو پيارو دلبر دوست حق نواز نقش ناياب منگي به اھڙي سعادت حاصل ڪري پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. ڌڻيءَ در دعا آھي ته مولا پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيندو (آمين).



حق نواز نقش ناياب منگي
ڪوڙي ڇانو ڪڪر جي
غلام رسول ميمڻ
ياد آئي آھ ڪنھن جي اي ستمگر آسمان
خون جا ڳوڙھا ڇو منھنجي نيڻن مان آهن روان
اسان جو پيارو دوست، ھڏ ڏوکي، ھمدرد ۽ شڪارپور جو مشھور شاعر، اديب، محقق ۽ صحافي حق نواز نقش ناياب منگي شڪارپور ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي گذاري ويو. سندس وڇوڙي واري صدمي جھوري ڇڏيو آھي. ھن سان گذاريل ھر گھڙي ماضيءَ جو سير ڪرائي ٿي. جنھن سان آئون وڌيڪ ڏکارو ٿي وڃان ٿو. اڄ جڏھن اُھي يادون اُڀري اچن ٿيون ۽ اُھي دل گھريا دلبر سامھون نه ٿو ڏسان ته غمزدھ ٿي وڃان ٿو.
ڪشمور ۾ ورڪشاپ تي ۱۹۶۲ع ۾ جڏھن حق نواز جي وڏي ڀاءُ علي نواز سان گڏ ڪم ڪندو ھئس تڏھن اسان ھڪ ئي ڪالوني ۾ رھندا ھئاسين ۽ اُتي اڪثر حق نواز منھنجي ڪوارٽر تي اخبارن ۽ رسالن جي مطالعي لاءِ ايندو ھو. مان کيس ھفتيوار ناظم اخبار (جيڪا شڪارپور مان نڪرندي ھئي ۽ باقاعدھ ھر ھفتي مون وٽ ايندي ھئي) ۽ ماھوار نئين زندگي جا پرچا پڙھڻ لاءِ ڏيندو ھئس. انھن جو مطالعو ڪندي ڪندي ھن به پنا ڪارا ڪرڻ شروع ڪيا. حق نواز جي ادب سان دلچسپي ڏسندي مان ماھوار نئين زندگي، ڳوٺ سڌار ۽ سھ ماھي مھراڻ جا پرچا ھن لاءِگڏ ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي سندس مطالعي لاءِ نھايت ڪارآمد ثابت ٿيا. انھن ئي ڏينھن ۾ ھن جي ذھانت کي ڏسندي سندس استاد آذر ناياب بدايونيءَ کيس علم عروض سيکارڻ شروع ڪيو. آذر ناياب پاڻ به اردو، فارسي ۽ سنڌي ۾ شاعري ڪندو ھو. سندس قابليت جو چرچو ھوندو ھيو. مشاعرن ۾ اسٽيج تي ويٺي ويٺي شاعرن جي شاعري مان علم عروض جي کوٽ واڌ ۽ گرامر جي غلطين کي ظاھر ڪندو ھو. ڪشمور ھاءِ اسڪول ۾ آذر ناياب وٽ سنڌي شاعرن جو به اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو، جن ۾ شعبان بخت، رشيد احمد لاشاري، عبدالڪريم گدائي، فيض بخشاپوري ۽ ٻيا شامل ھوندا ھئا. تن سان حق نواز جي ملاقات ڪرائيندو ھو. بشير مورياڻي جن ڏينھن ۾ تعليم کاتي ۾ ھوندو ھو ته اڪثر ڪشمور ھاءِ اسڪول ۾ انسپيڪشن تي ايندو ھو. ھر دفعي آذر ناياب صديقي کان ھجائتو ٿي پڇندو ھو ته؛ گھڻا ڇوڪرا تيار ڪيا ٿي؟“ آذر ناياب ھر ڀيري جيڪي شاگرد سندس سامھون آڻيندو ھو، انھن ۾ منگي صاحب سر فھرست ھوندو ھو. حق نواز به ننڍپڻ کان ھوشيار ھو. انگريزي، تاريخ  ۽ رياضي ان وقت کان سندس پسند جا موضوع ھيا. اسڪول مان ڪڏھن ڪڏھن پين يا ڊڪشنري انعام ۾ ماڻي ايندو ھو ته مون کي ڏيکاريندو ھو ۽ خوشي ۾ نه ماپبو ھو.
۱۹۷۷ع ۾ جڏھن شڪارپور جي بجاج گھٽيءَ ۾ مون پريس کولي ته منگي صاحب سان گڏ شڪارپور جو ناليوارو اديب، شاعر، صحافي ۽ فرض شناس اُستاد حبيب اللھ ڀٽو به ھر روز شام جو اچي مون وٽ گڏبا ھئا ۽ پوءِ اسان ٽئي پريس بند ڪري سموري بازار لتاڙيندي علمي ادبي ڪچھرين ۾ محو ٿي، سائين حبيب اللھ کي واڌو مارڪيٽ وٽ ڇڏيندا ھئاسين ۽ پاڻ دادوائي روڊ تي پھچي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيھي ادب جي واڌ ويجھه ۽ ادبي سيريز لاءِ موصول ٿيل مواد تي گفتگو ڪندا ھئاسين. ڪڏھن ڪڏھن اسان موضوع تان ھٽي پنھنجي گھر جي مسئلن تي به ڳالھائيندا ھئاسين، ڇو جو ھاڻي منگي منھنجو دوست نه پر گھر جو ڀاتي بڻجي چڪو ھو.
مرحوم حبيب اللھ، منگي صاحب کي ڊاڪٽر قيوم طراز ۽ بدر اُڄڻ سان ملرايو ھو. انھن ڏينھن ۾ ڊاڪٽر قيوم طراز شڪارپور ۾ شھر جو دادلو شاعر تسليم ڪيو ويندو ھو. بدر اُڄڻ به انگريزي ادب ۽ تنقيد نگاريءَ جي حوالي سان گھٽ نه ھو. جڏھن ٽئي اچي گڏجن ته شعر و شاعريءَ ۽ تنقيد نگاريءَ تي بحث مباحثا ڪن. ڊاڪٽر قيوم طراز ته منگي صاحب کي تمام گھڻو مان ڏيندو ھو ۽ سندس ذھانت جو اسان سان اعتراف ڪندو ھو. ان وچ ۾ ”اسانجا اديب، اسانجا شاعر جي ترتيب ۽ خط وڪتابت جي سلسلي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن سان سندس تعلقات وڌندا رھيا. سندس دوستن جو حلقو وسيع ٿيندو ويو. مرحوم حبيب اللھ ڀٽي جڏھن شاھ محمد ثاقب منگي سان نقش ناياب منگي جي ملاقات ڪرائي تڏھن اسان جي محفلن ۾ اڃا وڌيڪ رونق اچي وئي. شاھ محمد ثاقب به ڀلوڙ شاعر، نثر نويس ۽ موسيقيءَ جو ڄاڻو ھوندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن شاھ لطيف جي شاعري تي منگي صاحب سان ڪافي بحث ڪندو ھو. اسان ٻنھي جي وچ ۾ نه پوندي اھو چئي جان ڇڏائيندا ھئاسين ته؛ ”منگي آھيو ٺھي ويندؤ“.
تاريخ جي ڄاڻوءَ جي حوالي سان مون حق نواز کي شڪارپور واري سنگت ۾ مٿانھون محسوس ڪيو. ھو ھڪ نقطي کي بيان ڪرڻ لاءِ به غلام مصطفي ڀيي وانگر حوالا ۽ دليل لاءِ ڪتابن جا ڍير سامھون رکي ڏيندو ھو. حوالن مٿان حوالا پيش ڪري جڏھن سرسي حاصل ڪندو ھو ته منھنجي من ۾ ايئن خوشي محسوس ٿيندي ھئي جيئن ڪو پنھنجي ٻچي جي ڪاميابي تي سرھو ٿيندو ھجي. اسان وٽ جڏھن نقش ناياب منگي تاريخ جي موضوع تي گفتگو ڪندو ھو ته مشڪل سان ڪو ھڪ يا ٻه اديب سندس گفتگو ۾ شامل ٿيندا هئا. ڇو جو اسان جي سموري سنگت ۾ ڪو به تاريخ جو ماڻھو نه ھو. ان اھڙي ماحول ۾ جڏھن اسان وٽ منگي صاحب آيو ته کيس ڏسندي ڏسندي اسان جي سنگت به ڊائجسٽن ۽ ناولن مان جند ڇڏائي ۽ تاريخ جھڙي اھم موضوع ۾ دلچسپي ورتي. حقيقت ۾ منگيءَ ئي اسان کي تاريخ ۽ تاريخي ڪتابن کان روشناس ڪرايو. ان جو ھڪ مثال منھنجي دوست خليل مورياڻي جي شڪارپور ھسٽاريڪل سوسائٽي جو بنياد آھي جيڪا وڌي وڻ ٿي چڪي آھي.
ھڪ سٺي تاريخ جي ڄاڻوءَ کان علاوه سٺي اديب، مترجم ۽ شاعر جون خوبيون به منجھس شامل ھيون. ھن ادب جي ميدان ۾ ڪيترا ئي نوجوان شاگرد تيار ڪيا. کيس اھڙي محنت ڪندي ڏسندو ھئس ته هن جو ادبي سفر منھنجي اڳيان ايندو ھو. منگي صاحب کي ادب ۾ ان منزل تي ڏسي خوشيءَ ۾ نه ماپبو ھئس. تڏھن ئي دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ڪو رسالو يا اخبار جاري ڪريان. ان سان منھنجو صحافت وارو شوق به پورو ٿيندو ۽ منگي صاحب جي خدمتن جو اعتراف به ڪري سگھندس. تڏھن شڪارپور مان لکيدر تان سندس تخلص سان ”ھفتيوار ناياب۱۷ جون ۱۹۹۱ع  تي جاري ڪئي ۽ ڪڏھن اخبار ته ڪڏھن رسالي جي صورت ۾ پڌري ڪري، سلسلي کي ھلائيندا رھياسين. ناياب جي ايڊيٽري مون وٽ ھئي. جڏھن خبر پئي ته ماھوار نئين زندگي حيدرآباد جو جوائنٽ ايڊيٽر شعبان بخت رٽائرڊ ڪري ڪشمور ۾ پنھنجو ادبي ڪم سرانجام ڏئي رھيو آھي، تڏھن منگيءَ جي ادبي رھبر شعبان بخت کي شڪارپور گھرائي ھفتيوار ناياب جي ايڊيٽري سونپيسين، جيڪا ھن بخوبي نڀائي ۽ ”ناياب“ کي چار چنڊ لڳرايا.
حق نواز جي سڀ کان وڏي خوبي جا ھر ڪنھن ۾ ناھي ھوندي، ھو نيت جو صاف ۽ دل جو ڪشادو ھو. ڪنھن جي به ڪڏھن به گلا نه ڪيائين. ھن پريس جي ڪمن کي به اھڙيءَ طرح سنڀاليو جيئن ڪو پنھنجي گھر جو ڀاتي، پنھنجي ئي ڪاروبار کي سنڀاليندو آھي. ھر مسئلي کي غور سان ٻڌي پوءِ مسئلي جو حل ڪڍي، ھر ممڪن مدد ڪندو ھو. ٻنھي جو ھڪ ٻي جي ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ وارو دور تيسين ياد رھندو جيسين دم حياتي آھي.
۲۵ سيپٽمبر ۲۰۱۱ع تي اسان واري يار خليل مورياڻي شڪارپور جي مشاھيرن تي پروگرام ڪرايو. مٿان وري شرڪت جو زور به رکيائين. پروگرام تي حسيب سان گڏ وڃڻ کان اول، ڏيڊ ڪلاڪ منگي صاحب وٽ ويٺو رھيس. پنھنجي دور جي پراڻين ڳالھين کي ياد ڪندا رھياسين. مون کي ڪھڙي خبر ھئي ته ھيءَ ملاقات نقش سان آخري ملاقات ثابت ٿيندي. ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي صبح جو فون ڪري سندس پٽ انيس الرحمان اطلاع ڏنو ته ڌرتي پيرن ھيٺيان نڪري وئي. منگي صاحب جو ننڍپڻ، ڦوھ جواني ۽ پڇاڙي، اکين اڳيان ڪنھن فلم جيان ھلندي رھي. ھن سان گھاريل ڏينھڙن کي ڪھڙي طرح سھيڙيان؟ ھن سان گڏ کل، خوشي ۽ غم وارو سفر سدا ياد رھندو.



نقش ناياب منگي
حسيب ناياب منگي
اهو ۱۹۶۳ع جو زمانو هو، جڏهن پاڻ ڪشمور ۾ تعليم پرائڻ دوران پنهنجي استاد آذر ناياب بدايوني جي رهبريءَ ۾ لکڻ شروع ڪيائون. سنڌي ۽ اردو، توڙي سرائيڪي زبانن ۾ نه صرف لکڻ لڳو پر ڇپجڻ به لڳو. انهن ڏينهن ۾ ڪشمور جي علمي ۽ ادبي ماحول تي آذر صاحب جو اثر ڇانيل هو. وٽس شعبان بخت، فيض بخشاپوري، عبدالڪريم گدائي، رشيد احمد لاشاري توڙي ٻيا پڪا پختا شاعر اچي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ علمي ادبي محفل ڪڏهن تنقيدي رخ اختيار ڪري ويندي هئي ته ڪڏهن بياض کلي ويندا هئا ۽ مشاعرو شروع ٿيندو هو تان جو پيشيءَ جو شاعر گهر روانا ٿي وڃن، محفل پئي هلندي هئي. اهڙي ماحول ۾ رهندي، سنڌ جي ويدانتي ڪوي ساميءَ جو پاڙيسري ڀلا ڪٿي خاموش ٿي ويهي سگهيو ٿي. سو پاڻ به شعر پڙهندو هو ۽ انهن ناليوارن ڪوين جا رايا دل سان تسليم به ڪندو هو. تن ڏينهن جا شاعر به تنقيدي راءِ اهڙي پيش ڪندا هئا جو سکڻ وارو سکي وٺندو هو. ان جي برعڪس اڄ اهڙو به ڪٿي ڪٿي ماحول ڏسون ۽ ٻڌون پيا جو رهبري ڪرڻ وارو تنقيدي راءِ اهڙي ته پيش ٿو ڪري جيڪا تنقيد جي علم واري اصولن ۾ شامل ئي نٿي ٿئي. تڏهن ئي ته اڳي گهڻا ئي شاگرد ناليوارن استادن جي رهبريءَ ۾ عالم، اديب، شاعر ۽ علم دوست بڻجي ادب جي دنيا ۾ اڀري آيا، جن جا تذڪرا پاڻ ويٺا ڪريون ٿا.
اهي اُهي ڏينهن هئا جن ڏينهن ۾ سنڌي زبان جا ماهوار نئين زندگي ۽ مهراڻ جهڙا مشهور رسالا مطالعي هيٺ اچڻ کانپوءِ پڙهندڙن کان به اُجرا احساس قلمبند ڪرائيندا هئا. ساڳيءَ روايت تي هلندي نقش ناياب منگي نه صرف مهراڻ ۽ نئين زندگي جو مطالعو ڪندو هو پر نئي دهلي مان بيسوين صدي به پابندي سان گهرائي پڙهندو هو. تنهن اردو رسالي ۾ ته سندس مواد پڻ وڏي عرصي تائين ڇپيو. انهن ڏينهن ۾ حق نواز اي مجيد جي نالي سان لکندو هو. يا ۱۹۶۸ع ۾ روهڙي جا وڻ وسايائين ته مستانه شڪارپوري ٿيو، پوءِ جڏهن محسوس ڪيائين ته شاعريءَ جي ڏات برسات جيان ٽمي منهنجي زندگي کي شعور آڇي رهي آهي، تڏهن پنهنجي استاد آذر ناياب کي اهميت ڏيئي نقش تخلص سان ناياب ڳنڍي، سنڌ ۽ هند جي مشهور ادبي رسالن ۾ پنهنجون ڪويتائون ۽ نثري رچنائون شايع ڪرائڻ لڳو.
نقش ناياب منگيءَ جي سُڃاڻپ جو حوالو ته تحقيق آهي، ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته روهڙي ۽ سکر کي خير آباد چئي، جڏهن پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور واپس وريو ته هتي جي علمي ادبي ماحول ۾ سندس سڪو ڄمي ويو. هو ناولن ۽ ڊائجسٽن مان دوستن جي جند آجي ڪرائي، شڪارپور جي تاريخ تي ڪم ڪري ڏيکارڻ لاءِ ڪوشان رهيو. تعليم حاصل ڪرڻ دوران، پاڻ جيڪي سنڌي، انگريزي، اردو، فارسي، عربي، ديوناگري ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتاب، رسالا ۽ مئگزينون گڏ ڪري رکيون هيون تن کي دوستن آڏو نروار ڪيائين. دوستن کي لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو ۽ تحقيق جي شعبي ۾ پاڻ ڪيترا ئي شاگرد پيدا ڪري ويو. جن سندس چيچ پڪڙي صحيح طرح سان شڪارپور تي ۽ انهن سان وابسته اهڙن موضوعن تي ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ڪم اڳ ماضي ۾ نه ٿيو هو. اها منگي صاحب جي ئي علمي سخا هئي جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي لکيل يا انگريزي واري مواد جو ترجمو ڪيل مقالي تي، ٻين جي نالي جو گفٽ پيپر به ويڙهي ڇڏيندو هو. اها به سخا چئجي يا علم ادب سان چاهه رکندڙ هن شخص جو ڪمال! جو سندس ڪتبخاني جا دروازا هميشه ڪم ڪندڙ شخص لاءِ کليل رهيا، جيڪي واقفڪار دوست يا کڻي اجنبي به وٽس اچي مدد وٺندا هئا ته انهن اڳيان ڪتابن جا ڍير آڻي رکندو هو، گهربل مواد مهيا ڪري ڏيندو هو. ساڳيءَ طرح، جي ڪنهن کي ڪو ڪتاب يا تاريخي مواد گهربل هوندو هو ته فوٽواسٽيٽ ڪرائي ڏيندو هو ۽ ان تي آيل خرچ به پاڻ ڀريندو هو. دوستن جي خاطر مُدارات ۾ به پٺتي نه رهندو هو. مهمان هڪڙو هجي يا پاڻ سان گهڻا ئي وٺي آيو هجي، گهران ماني ٽڪي پچرائي دوستن آڏو رکندو هو. اهڙا سنڌي ادب جا ڪي گهڻ گهرا گهٽ ئي ڏسڻ ۾ ايندا جهڙا شڪارپور جو ناياب نقش چٽي ويو آهي.
ڪتابن سان گهڻو چاهه هئس. سنڌ جي علمي، ادبي، تاريخي ۽ سياسي موضوعن توڙي صحافت ۽ شخصيتن جي متعلق خاص طور تي شڪارپور جي حوالي سان اهڙو ته ناياب مواد گڏ ڪري ويا آهن، جو اهڙو مواد گهڻي ڀاڱي ٻئي هنڌ ملڻ مشڪل آهي. ان ڏس ۾ به اگر ڏسجي ۽ الله لڳ ڳالهه ڪجي ته اهو اظهار به ڪرڻو پوندو ته گهڻا ئي ڪردار اهڙا به وٽس اچي گڏ ٿيا جيڪي پنهنجي علمي اڃ اُجهائڻ خاطر ته سندس لائبريري جو گهڻو سهارو وٺندا هئا پر کڻي ويل ڪتاب واپس موٽائڻ لاءِ آسرو به ڪين ڏيندا هئا. جهڙيءَ طرح چڱن ڀلن سان اهڙيون جُٺيون ٿيون آهن، تهڙيءَ طرح جون هن علم ادب جي خاموش خادم جي حصي ۾ به آيون، جو سندس علمي خزانو گهڻوتڻو ٻين جي لائبريرن جي زينت بڻيل آهي. پر پوءِ به وٽس جيڪو علمي، ادبي يا نڪ پڪو ماڻهو، جنهن وٽان ڪتاب واپس ورڻ مشڪل لڳي تنهن کي به نوازيندو رهندو هو ۽ اهو چوندو هو ته علم کي عام ڪرڻ گهرجي.
نقش ناياب منگي، پنهنجي ذات ۾ اداري کان گهٽ نه هيو. هر روز شام جو هاٿيدر يا لکيدر تي جيڪا ڪچهري قائم ڪندو هو ته نه صرف استاد وٽس اچي ڪري پرائي ويندا هئا، پر صحافي به ۽ وڏيون ڊگريون رکڻ وارن عالمن توڙي اديبن جا ته تحقيقي مقالا ڏينهن جا ڏينهن ۽ هفتن جا هفتا درست ڪرڻ ۾ محنت ڪندو هو. شڪارپور جي ادبي محفل ۾ شاعر طور به سُڃاتو ويندو هو. بشير مورياڻي جي غزلن کانپوءِ شڪارپور ۾ سندس ئي غزلن کي اوليت حاصل رهي آهي. اهو ته روز جو معمول هو ته وٽس سيکڙاٽو شاعر اچي علم عروض سکندا هئا. شاعرن کي بحر وزن ٻڌائي، پنن تي لکي سمجهائي، لکيل شعرن جي تقطيع ڪري مشڪلاتون دور ڪندو هو. مشق جا اهڙا ڪلاس ته اڄ ڪو ادارو به نه هلائي سگهندو. افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته هيري جو قدر جوهري کانسواءِ ٻيو ڪري به ڪير ٿو سگهي؟ سو سالن جا سال نقش ناياب منگي سان گڏ گذارڻ وارا ڪجهه شخص پنهنجي ٻيائي، تعصب ۽ غرض جي ڪري سندس ڏات جي ڏهين حصي تي به پهچي نه سگهيا. اُهي اڄ ساڙ منجهان اهو فيصلو ٿا ڪن ته  ڪهڙي درجي جي شاعري کيس ايندي هئي ۽ ڪنهن ۾ مهارت نه رکندو هو. جنهن جو جهڙو وڙ هوندو سو اهڙو ئي ڪردار ادا ڪري ڏيکاريندو. نقش ناياب منگي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، اسان آڏو عڪس پڌرا ڪري ويو آهي. هاڻي اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته پنهنجي حصي جو ڪم، سچائيءَ سان ادا ڪندي تاريخ ۽ تحقيق، توڙي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندي، ڪي نتيجا ڏيون ۽ پنهنجي بزرگن جي ڏسيل واٽ تي هلي، پنهنجون راهون روشن ڪريون.
هن هيٺ مرحوم نقش ناياب منگي جا ڪجهه چوسٽا پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿا:

پوک پاڻي تي پچي ۽ ماڻهو نيت تي وڌي،
ڦل چڱو ان کي ملي ٿو، جو چڱائي ٿو ڪري،
جنهن جي نيت صاف ناهي، سو سڙي ٿو ساڙ ۾،
در بدر ۽ خوار آهي، جو لڱائي ٿو ڪري.
ــــــــــــــــــــــ
لوڀ لالچ ۽ طمع دل ۾ رکي،
قوم جو همدرد ٿيو هڪ مطلبي،
غمگساري ۽ حمايت ۾ لڪل،
خود فريبي آهي ۽ خود مطلبي.
ــــــــــــــــــــــ
زبان هوندي به گونگي گانءِ وانگر زندگي گهاريان،
اوهان وٽ يار ڀانيان ٿو ته ڪو انصاف ئي ڪونهي،
رڳو منهن ۾ مٺا ليڪن اندر ۾ هو اوهين ڪارا،
ٿئي محسوس ٿو ڄڻ، دل اوهان جي صاف ئي ڪونهي.
ــــــــــــــــــــــ




نقش ناياب منگي
جنھن شڪارپور کي پنھنجي فڪر ۾ چٽيو
حسيب ناياب منگي
شڪارپور سنڌ جو تاريخي شهر هئڻ سان گڏ هڪ موضوع به آهي، جنهن تي گذريل ۷۰ سالن کان وٺي تحقيقي ڪم ٿيو آهي، تنهن ڪم تي نظر رکجي، ته تاريخ ۽ ادب جي شاگردن لاءِ اهو تحقيقي پورهيو هڪ وڏي هٿي ثابت ٿيو آهي. ان سموري ڪم ۾ نقش ناياب منگي جو تحقيقي پورهيو گلاب جي پتين جيان ٽڙيل ته آهي، پر ان جي سرهاڻ اڄ به قائم آهي، جيستائين هن شهر جي تاريخ لکجندي رهندي، تيستائين تاريخ جي ورقن ۾ سندس حوالو مستند سند طور ايندو رهندو. ڇو جو سندس پورهيو ادبي حلقي ۾ اهڙي مڃتا تڏهن ماڻي چڪو هو، جڏهن سندس تحريرون ڪتابي صورت ۾ به پڌريون نه ٿيون هيون. هو ادارا ساز شخصيت مڃيو ويو، ڇو جو اهڙا ته عملي قدم کنيائين ۽ ساٿين کي همٿايائين، نوجوانن جي ادبي تربيت ڪيائين جو هر هڪ سندس رنگ ۾ رڱجي ويو ۽ تاريخ جهڙي موضوع ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ايئن به چئجي ته جيڪو وٽس علمي اڃ اجهائڻ لاءِ آيو ڪامياب ٿي ويو، ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي.
اهي به همسفر مليا، جي ڀٽڪن پيا سر منزل،
ڪئي منزل به منزل مون گهڻن جي رهبري آهي.
شڪارپور جي تاريخ ۽ نقش ناياب منگي ٻئي هڪٻئي سان جڙيل آهن، شهر جي حوالي سان ڪو اهڙو ڪتاب نه هوندو جيڪو سندن مطالعي هيٺ نه آيو هجي، انگريزي، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ شڪارپور جي تاريخ ۽ ان سان سلهاڙيل موضوع تي ڪوبه ڪتاب بچيل نه هوندو، سندس لائبريري جو اڌ حصو آهي ئي شڪارپور! شهر جي تاريخ، شهر مان نڪرندڙ اخبارون، رسالا، اهي ڪتاب ۽ مضمون توڙي مقالا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي شڪارپور سان وابسته آهن، سي سڀ فائيل ٿيل آهن. پنهنجي شهر جي صديون پراڻي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هئس. اهي ڪتاب ۽ ڪٽنگس فائيل پاڻ تائين ڪٿي محدود رکيائين؟ يونيورسٽين جي شاگردن کي شل نه شڪارپور تي ڪم ڪرڻ جو حڪم ٿئي، شاگرد وٽس ايندا هئا ته ننڊ سندس ڦٽي ويندي هئي، ڪٻٽن مان ڪتابن جا ڪتاب لهي ويندا هئا، سنگتين کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ صلاحون ۽ مشورا پيو ڏيندو هو، ڪنهن تاريخي حوالي تي ڏينهن جا ڏينهن بحث پيا ٿيندا هئا، مقالو لکجي ويندو، پوءِ سڪون حاصل ٿيندو. اها به پرواهه ڪونه ڪندو هو ته ڪنهن پنهنجي پاران ۾ سندس شڪريو به ادا ڪيو يا نه! ڊاڪٽر قاضي منظر حيات چوندو آهي ته “ڪڏهن ڪڏهن سندس سموري محنت تي ڪنهن ٻي جي نالي جو گفٽ پيپر به ويڙهيل ڏٺو”.
ڪو تاريخي ڪاغذ ڪا گزٽ ڪنهن کي گهرجي ته آساني سان ساڻس رابطو ٿي ويندو هو، ڏانهس حجت رکندي ادبي ساٿي اچي پيش پوندا هئا، فوٽو اسٽيٽ جي خرچن کان وٺي ماني، چانهه، پان ۽ سگريٽ تائين پاڻ خرچ ڪندو هو. شڪارپور تي موضوع ڏيئي دوستن کان مضمون ۽ مقالا لکرائيندو هو، ڪتابن جي مدد ڪندو هو، سندن ڪچين ڦڪين تحريرن ۾ تبديليون ڪري ڄڻ ته روح وجهي ڇڏيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو نياز همايوني مرحوم لکي ويو ته “نقش سان ملي ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ شڪارپور جي شاهي باغ جي توتن بهاري ڏئي ڇڏي هجي”.
شڪارپور جي بهترين شاعرن مان هڪ هو، علم عروض جو به ماهر هو، غزل سندس پسنديده صنف هئي، ماهوار نئين زندگي، ماهوار پيغام، ٽه ماهي مهراڻ سميت مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري ڇپي. شڪارپور مان نڪرندڙ ۲ اخبارن ۾ حالات حاضره تي چوسٽا به لکندو هو. نئين دهلي جي “بيسوين صدي”، ڪراچي جي “شمع”، حيدرآباد جي “نئي قدرين” سميت ڪيترن ئي اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس اردو نظم ۽ غزل شايع ٿيندا هئا.
هو شڪارپور ۾ عبدالمجيد منگي جي گهر ۾ ۷ ڊسمبر ۱۹۴۸ع ۾ ڄائو، انٽر پاس ڪري آبپاشي کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ٻن ڇپيل، ۴ اڻڇپيل ڪتابن جو خالق، گهڻن ئي ڇپيل ڪتابن جو مرتب ۽ معاون هو. سچ ته اهو به آهي ته عمر جي آخري عرصي ۾ بيمار ڇا ٿي پيو، جن جي مدد ڪندي نه ٿڪبو هو، تن سرڪار کان سندس علاج واسطي اپيلون ڪرڻ شروع ڪيون. ڏاڍو ڏکارو ٿي ويو هو، هڪ خوددار شخص لاءِ اهو وڏو امتحان هو، لوچ پوچ ۾ اهي ڏينهن گذاريائين، ان ڏک واري حالت ۾ اهي دوست به ساٿ ڇڏي. ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي وفات ڪري ويو. افسوس جي ڳالهه آهي ته جن کي گهڻو ڪجهه سيکاري، سمجهائي ۽ ڏئي وٺي ويو هو، سي سندس وفات کانپوءِ ادبي مقام کي به ڇيهو رسائڻ لاءِ اهو چوندا رهيا ته ڪلاسيڪي شاعري سمجهه ۾ نه ايندي هئس. ڪلاسيڪي شاعرن جي ادبي آبياري ڪرڻ واري ڪردار لاءِ مرڻ کانپوءِ به اهي لفظ چوڻ اهو ثابت ٿا ڪن ته استاد کي چڱائي ۽ رهبري جي موٽ ۾ مئي پڄاڻان به درد ۽ ايذاءُ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ملي.
علمي ۽ ادبي خدمت ڪندي نقش ناياب منگي پنهنجو مقام پيدا ڪري ويو، پنهنجي شهر سان محبت جي اظهار ۾ هن جيڪي به تحريرون لکيون آهن سي سڀ جي سامهون آهن. اهڙا ڪردار جيڪڏهن پيدا ٿي پون ته سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي باب مڪمل ٿي سگهن ٿا.


نقش ناياب منگي

هڪ ”نقش“ هزار يادون...

حسيب ناياب منگي

هي هلندڙ سال ۲۰۱۱ع ته ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ خوشيون کڻي نروار ٿيو هوندو پر سنڌي ادب لاءِ ڪيترا ئي خال پيدا ٿيڻ جو وڏو سبب به بڻيو آهي. سنڌي ادب جا ڪيترا ئي روشن چهرا، جن پنهنجي قلم سان سنڌي ادب جي جهولي کي مالا مال ڪري ڇڏيو، هن ئي سال وفات ڪري ويا. شڪارپور جي وشال ڌرتيءَ جو اهم سپوت ”نقش“ ناياب منگي ۰۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سچ پچ ته شڪارپور پنهنجي تاريخ جي هڪ اهڙي محقق کي وڃائي ويٺي آهي، جنهن شڪارپور تي تحقيق ڪرڻ جا نوان ڏس ڏسيا. تحقيق جي شاگردن جي راهه هموار بڻائڻ ۾ به پٺتي نه رهيو. هڪ اهڙي دؤر ۾ جڏهن ڪيترا ئي شاعر، اديب پنهنجا ڪتاب گهر کان ٻاهر ڪڍڻ کان لنوائيندا هئا، تڏهن هن پنهنجي مختصر لائبريري جا دروازا کولي نه صرف شاگردن جي همت ۽ حوصلا افزائي ڪئي پر کين گهربل مواد جي فوٽو اسٽيٽ به فراهم ڪري ڏيندو هو. منهن تي مرڪ سجائي، سڀني سان ملڻ سندن طبيعت ۾ شامل هو. سائين نياز همايوني مرحوم هڪ هنڌ لکيو هو ته؛ ”ناياب ثاني، روايتي لحاظ کان شڪارپور جو شان آهي. سندس قربداري ۽ ڪچهري، شڪارپور جي تاريخ ۽ تهذيب جون سڪون لاهيندي آهي. جڏهن منگي صاحب جهڙا دوست ملندا آهن ته دل ايئن ٺري پوندي آهي ڄڻ شاهي باغ جي توتن بهاري ڏئي ڇڏي. اسان جو منگي صاحب اهو گل آهي، جيڪو توتن جي کاري مٿان گلاب جي گلن وانگي خوشبو پکيڙيندو رهندو آهي.“

ڪشمور ۽ روهڙي کي خيرآباد چئي، جڏهن اباڻي شهر شڪارپور جا وڻ وسايائون ته شڪارپور جي ادبي محفلن ۾ سندن لياقتن جو اعتراف ٿيڻ لڳو. مختلف ادبي تنظيمن سان، سندن جا وابستگي رهي تن تنظيمن جو رڪارڊ سندن قابليت ۽ محنت کي ظاهر ڪري رهيو آهي. انهن تنظيمن جي پروگرامن جي ترتيب ۽ خصوصا اشاعتي پروگرامن ۾ سندن اهم ڪردار ادا ٿيل آهي. مان پنهنجي شعور وارن ڏينهن ۾ اهو به ڏٺو ته؛ سنڌي ادب جي نامور ليکڪن جو قلمي پورهيو، مهينن جا مهينا، درست ڪندي گذاريائون. علم ابجد جي ماهر هجڻ سان گڏوگڏ، علم عروض جي بندشن کان انهن ڏينهن ۾ واقف هئا، جڏهن انگريزي تعليم وٺڻ لڳا هئا. علم ابجد جي حوالي سان سندن استاد مولوي رفيق احمد ڪشمور ۾ کين ايتري ته محنت سان مشق ڪرائي جو ڪنهن شخص جي نالي منجهان ان جي والده جو نالو معلوم ڪري وٺندا هئا. ان شخص جي نالي منجهان ئي ان شخص جي تڪليف جو علم حاصل ڪري وٺندا هئا. علم عروض ۾ ”آذر ناياب“ بدايوني ۽ شعبان ”بخت“ جهڙن پختن شاعر استادن جي رهبريءَ کيس ايترو اڳتي آندو جو ڪيترا ئي شاعر، علم عروض تي ساڻن بحث ڪندا هئا. نوجوان شاعرن جي جنهن نموني منهنجي والد اصلاح ڪئي، تنهن طريقي سان شايد ئي ڪو شاعر، جونيئر شاعرن جي اصلاح ڪندو هجي. ان جا ڪيترا ئي مثال نثر ۽ تحقيق جي حوالي سان، جيتري منهنجي رهبري ڪيائون تنهن جو مثال ئي ڪونهي. اڄ مان جيڪي ڪجهه آهيان، پنهنجي والد جي رهبري ڪري آهيان. مون کي سندن رهبري حاصل نه ٿئي ها ته مشڪل سان ئي ڪجهه لکي سگهان هان ۽ تحقيق جي فيلڊ ۾ پير پائي سگهان ها.

شڪارپور جي تاريخ ۽ ادب جي حوالي سان سندن لکيل تحقيقي مقالا ۽ مضمون ٻن چئن مهينن نه پر سالن جي تحقيق جو نتيجو آهن. سالن جا سال، هڪ موضوع تي تحقيق ڪرڻ، انگريزي، اردو ۽ سنڌي ڪتابن توڙي رسالن جو مطالعو ڪرڻ، مليل معلومات جي آڌار تي شهر جي تاريخي جاين ڏانهن رخ ڪرڻ ۽ وڃي جائزو وٺڻ، لاڳاپيل جاين جي تڪن جي نقشن تان مدد وٺي مقالو تيار ڪرڻ، وري ان رف مقالي کي سياري اچڻ تائين سانڍي رکڻ. سياري ۾ اُس تي ويهي مقالو فيئر ڪري ڇپرائڻ، سندن زندگيءَ جو خاص مشغلو رهيو. جهڙيءَ طرح پاڻ ادبي ڪم ڪندا هئا اسان وٽ ايترو آهستگيءَ سان شايد ئي ڪو قلمڪار ادبي ڪم ڪندو هجي.

شڪارپور ۾ نصب ٿيل مسجدن، مقبرن ۽ ٻين جاين تي فارسي، هندي ۽ انگريزي ڪتبن جي حوالي سان سندن تحقيق نرالي آهي. هڪ ڀيري اونهاري ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ جڏهن مسجدن مقبرن ۽ ٻين جاين جو رخ ڪيائون تڏهن مان به ساڻن گڏ هئس. ڪتبن جي فوٽوگرافي ڪرائي، ڪتبن کي نوٽ ڪري، مضمونن جي تياري لاءِ مواد گڏ ڪندا رهيا. انهن ئي ڏينهن ۾، پير اسماعيل شاهه جي مزار تي لڳل فارسي ڪتبن کي نوٽ ڪري آيا. اها مزار شڪارپور جي اسٽوئرٽ گنج ۾ آهي. اتفاق سان اهي ڪتبا، مختلف جاين تان ٽٽل هئا ۽ لکيل عبارت صحيح نموني پڙهي نه پئي وئي. پاڻ پنهنجي استاد مرحوم آذر ناياب صديقي بدايوني ۽ محسن دوست مرحوم نياز همايوني سان خط و ڪتابت ڪري، فارسي جي ٻنهي ماهرن کان انهن ڪتبن کي اهڙيءَ طرح مڪمل ڪرايائون، ڄڻ اهي ڪتبا انهن ٻنهي جا لکيل هجن. انهن ڪتبن کي مڪمل ڪرائڻ وارا اهي ٻئي پنا مون وٽ محفوظ آهن، جن کي وقت اچڻ تي ظاهر ڪبو.

ان کان علاوه سندن تحقيقي ڪم ۾ ”شڪارپور جا کوهه ۽ کوهيون“، ”شڪارپور جا مندر ۽ مڙهيون“، ”شڪارپور جا قديمي مقبرا ۽ قبرستان“ ۽ ”شڪارپور جا پاڙا ۽ حويليون“ توڙي ٻيا ڪيترا ئي موضوع اڌ ۾ رهيل آهن. جن جا تفصيل وري ڪنهن ٻئي ڀيري پيش ڪبا.

سندن ادبي ۽ تحقيقي ڪمن جو اڌ ۾ رهجي وڃڻ جو وڏو سبب، سندن طبيعت جي ناسازي هو. ۱۹ ڊسمبر ۲۰۰۵ع تي فاليج جي اٽيڪ کان پوءِ پنهنجي ادبي ۽ تحقيقي ڪم کي مڪمل نه ڪري سگهيا. ان ڪم کي مڪمل ڪرڻ منهنجو فرض آهي ۽ مان سندن اڌ ۾ ڇڏيل تحقيقي ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. سندن اڻ ڇپيل ڪتابن جي ترتيب ۽ ڪمپوزنگ جو ڪم هلندڙ آهي، جيڪي جلد منظر عام تي اچي ويندا.


 

نقش ناياب منگي

سنڌي ادب تي ”ناياب نقشَ“ ڇڏيندڙ قلمڪار

ياسر قاضي

اسان شاعرن، اديبن، ساهتڪارن جو ذڪر ته ڪندا آهيون... پر انتهائي محدُود انگ ۾... انهن جي ورسيُن ۽ جنم ڏينهن تي کين ياد ته ڪندا آهيون، پر سڀني کي نه! اسان روايت تحت ساهت ــ ديس جي ڪجهه درجن سُونهنِ کي ئي ياد ڪري پنهنجي فرض ادائيءَ جو پُورائو سمجهندا آهيون، جڏهن ته هزارن جي تعداد ۾ قلمي قبيلي جا اهڙا سپاهي، اسانکي ياد ئي ناهن پوندا، جن جو پنهنجي پنهنجي ادبي ڪرت ۾، پنهنجي پنهنجي خطي ۾، ۽ پنهنجي پنهنجي حلقي اندر تمام اهم ۽ اڻ وسرندڙ ڪردار رهيو هوندو آهي، پر انهن ڪڏهن پنهنجي تشهير جو انتظام ڪري، ان ڪم جو هوڪو ناهي ڏنو هوندو، جنهن ڪري سندن ڪم ۽ قلمي ڪارنامن کان پڙهندڙن جو وڏو حلقو اڻ واقف هوندو آهي.

اڄ اسان ياد ڪريون ٿا، هڪ اهڙي ئي سجيلي شاعر، نرالي نثر نويس ۽ مستند مؤرخ ۽ محقق کي، جنهن پنهنجي پُوري حيات نه رڳو قلم رستي سنڌي ادب جي جهولي ڀري، بلڪه تنظيم سازيءَ جي مدد سان به سنڌي ادب ۽ تاريخ جي اهم ۽ ڳڻائڻ جوڳي خدمت انجام ڏني، جيڪا فراموش نٿي ڪري سگهجي. سنڌي ٻوليءَ جي ان اهم شاعر، نثر نگار ۽ محقّق جو نالو آهي ــ نقش ”ناياب“ منگي.

نقش ”ناياب“ منگيءَ، ۷ ڊسمبر ۱۹۴۸ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس اصل (مائٽاڻو) نالو ’حق نواز‘ هو، جڏهن ته کيس ’امام بخش‘ جي عرفيت سان به سڏيو ويندو هو. سندس رسمي تعليم انٽر آرٽس هئي. ’نقش‘ پنهنجي روزيءَ ۽ روزگار جي سلسلي جو آغاز آبپاشي کاتي ۾ ملازمت سان ڪيو. جڏهن ۱۷ سالن جو ٿيو ته ۱۹۶۵ع ڌاري ادبي کيتر ۾ پير پاتائين، جيڪا وابستگي سندس پوئين ساهَه تائين سندس سُڃاڻپ رهي.

’نقش‘، بنيادي طور تي شاعر هو ۽ هُو مزاجاً به شاعر ئي لڳندو هو، پر نثر ۾ مضمون نويسيءَ، ڪالم نگاريءَ ۽ خاڪا نويسيءَ کان علاوه، تحقيق ۾ پڻ پنهنجي قلمي خدمتن سان سنڌي ادب جي جهولي ڀريائين. تحقيق جي حوالي سان هُن نه رڳو پاڻ شڪارپور ضلعي جي عمُومي ۽ شڪارپور شهر جي خصوصي طرح تاريخ تي لکيو، پر شڪارپور جي تاريخ بابت ٻين اديبن جي لکڻين کي پڻ سهيڙي شايع ڪرايو، اهو ئي سبب آهي، جو سندس ڇپيل ۵ ڪتابن منجهان ۴ ڪتاب رڳو شڪارپور جي تاريخ تي ٻڌل آهن، جن ۾ ”شڪارپور ــ هڪ اڀياس“ سندن طبع زاد تحقيق آهي، جڏهن ته ”شڪارپور سيمينار“ تحقيقي ڪتاب جي سهيڙ جو سهرو سندس سِرَ تي آهي ۽ ”شڪارپور ــ صدين کان“ ڪتاب ۾ سندن معاونت شامل رهي. ”شڪارپور ـ تاريخ جي آئيني ۾“ سندن چوٿون ڪتاب آهي، جيڪو سندن وفات کانپوءِ ڪجهه ورهه اڳ سندس فرزند، حسيب ناياب منگيءَ سهيڙي ”شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سُوسائٽيءَ“ پاران پڌرو ڪرايو آهي. سندن پنجون ڪتاب ”اسانجا اديب، اسانجا شاعر“ جي سَري هيٺ سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي تعارفن توڙي سندن تخليقن تي ٻڌل، متعدد ڪتابن تي ٻڌل ڪتابي سلسلو آهي، جنهن ۾ هن پنهجي پڳ مَٽ يارَ، ۽ نامياري اديب ۽ صحافيءَ، غلام رسول ميمڻ سان معاونت ڪندي هن منفرد ادبي ڊائريڪٽريءَ کي پنهنجي دؤرَ جي شهره آفاق ادبي سلسلي طور مڃتا ڏياري، جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾  ”جيءَ جيارا ماڻهو“ (خاڪا، مضمون ۽ مقالا) ۽ ”ايندي خزان کانپوءِ بهار“ (شاعري) شامل آهن. سندس شاعريءَ جي ڪتاب کي سُتت پڌري ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته شاعر جي حيثيت ۾ ’نقش‘ جي اظهار جا نقشَ، ايڏا اثرائتا آهن، جن کي سنڌي ادب جي پڙهندڙن تائين ضرور پهچڻ گهرجي.

سندس ڪلام پڙهندي اڄ به اهو احساس ٿو ٿئي ته سندس شاعري هن دؤرَ جو آواز به آهي. چوي ٿو:

هن اقتصادي دؤرَ ۾ هر وقت اي يارو!

انسان کي انسانَ جو احساس ٿو مارَي

هن مهانگائيءَ ۾ ٿي ظاهر خانَ جِي خانِي

ڀوتارَ کي مهمانَ جو ارمان ٿو مارَي

اشياء تي وڌ نرخَ وٺَي سيٺ جو نوڪر،

پر سيٺ کي چالانَ جو امڪان ٿو مارَي

”ناياب“ کي شعر و ادب جِي ڄاڻ آ ڪهڙي،

بس! ’نقش‘ کي اوزانَ جو ارڪان ٿو مارَي

سندس غزل ۾ رُومان جي رنگ سان گڏوگڏ، انساني اوصاف جا اُوچا معيار به بيان ٿيل آهن، جن رستي هو پنهنجي پڙهندڙ سان انسانيت جي عزم جو پرچار ڪندي نظر اچي ٿو:

جنهن بدگُمان کي مخلص، دشمن نظر اچي ٿو

روشن ضمير تَنهنجو مدفن نظر اچي ٿو

تاريڪيُون پسن ٿا اُوندهه اکين ۾ پائي،

مُونکي وطن جو تارو روشن نظر اچي ٿو

مُون لاءِ آهي سڀ ڪجهه، منهنجي وطن جي ڌرتِي

هر ذرّو مونکي ان جو ڪُندن نظر اچي ٿو

سرشار نيٺ ٿيندا سڀ نقشَ نينهَن وارا،

ساقي سلُوڻو ڏاڍو محسن نظر اچي ٿو

ناياب جو غزل، رڳو سنڌي روايتي غزل جي رنگ ۾ رڱيل، فارسيءَ جي اثر هيٺ ئي نظر نٿو اچي، بلڪه جڏهن جديد سنڌي شاعريءَ جي مُندَ مَٽي، ته ناياب جي اظهار به جدّت جو ويس ڍڪيو ۽ سندس شاعريءَ منجهان تازي هوا جي جُهوٽي جو احساس به آيو. سندس اهڙا غزلَ نه رڳو ننڍي بحر ۾ لکيل سليس ۽ سلوڻو اظهار کڻي آيا، بلڪه انهن ۾ اظهار جي اُڻت جو انداز به نواڻ مائل هو:

شهر اجنبي ۽ فضا اجنبي

سُڃاتل به چهرا لڳا اجنبي

رهِي آهه باقي شهرَ ۾ وفا

عجب آ شهرَ ۾ دغا اجنبي

سڙِي ويو هتي آرزُو جو چمن،

گُهلِي آهه جنهن ڏينهن هوا اجنبي

پريشانيءَ جو آهه عالم عجيب،

مصيبت ۾ آ مُبتلا اجنبي

وفا تي هيو ’نقش‘ کي ڀروسو،

مگر دلرُبا ڪئي جفا اجنبي

نقش ”ناياب“ منگيءَ جي نه رڳو مختلف علمي، ادبي ۽ تحقيقي تنظيمن توڙي انجمنن سان گهري وابستگي رهي، بلڪه هن ڪيترين ئي تنظيمن جو پاڻ بنياد رکي، انهن کي سرگرم ڪرڻ ۾ پڻ پنهنجو اهم ترين ڪردار ادا ڪيو، جنهن جو سڀ کان روشن مثال ”شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سُوسائٽي“ آهي، جنهن جو پاڻ باني ميمبر ۽ ان سٿ جو اهم ساٿي رهيو، جن پنهنجو رتُ، ستُ ڏئي، تاريخ جي سهيڙَ جي ڏس ۾ جوڙيل هن اهم تنظيم جو پايو وڌو، جيڪا اڄ سُوڌو شڪارپور جي تاريخ جي سهيڙ جو ڪم احسن طريقي سان انجام ڏئي رهي آهي. رڳو ايترو ئي نه، بلڪه هُو ”سنڌي ليکڪ يادگار ڪميٽيءَ“، ”مهراڻ پبليڪيشن، شڪارپور“ ۽ ”ڪتاب محل پبليڪيشن، شڪارپور“ جو باني ميمبر پڻ رهيو.

نقش ”ناياب“ منگي پنهنجيءَ ذات ۾ هڪ فقير منش، سادو، يار ويس، ملنسار ۽ هر ڪنهن کي جيءَ ۾ جايُون ڏيندڙ دلبر ماڻهو هو، جنهن جي سنگت ۽ صحبت ۾ شڪارپور جا سندس همعصر، همعمر توڙي جونيئر ساهتي، ايئن گڏ ٿي ويندا هئا، جيئن گل کي ڀؤنرَ مڙي ايندا آهن. چاچا غلام رسُول ميمڻ جي لکيدر تي قائم ’ماڊرن پرنٽنگ پريس‘ هجي، يا هاٿيدر تي ’اقبال سوئيٽ هائُوس‘،’نقش‘ ناياب جتي ويٺو، اتي يارن جو ميڙو مچي ويندو هو ۽ سچا ٽهڪ پيا گُونجندا هئا. اها ڳالهه ٻولهه رڳو عام موضوعن تي ٻڌل نه هوندي هئي، بلڪه علمَ، ادب، تاريخ، تهذيب، تمدّن ۽ ٻوليءَ سميت گهڻ رُخن موضوعن تي مشتمل اها گفتگو، هر اڀرندڙ توڙي سينيئر لکاريءَ لاءِ ڪنهن پُر مغز ليڪچر کان گهٽ ڪانه هوندي هئي.

ادب جو هي خاموش مجاهد، قلمي توڙي تنظيمي محاذ تي ”جان جان هُيو جيئرو“، مُور ”وِرچي نه ويٺو“ ۽ مختصرعلالت کانپوءِ اڄ کان ٺيڪ هڪ ڏهاڪو اڳ، ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي هن جهان مان لڏي، عدم جو راهي ٿيو ۽ ”وڃي ڀُونءِ پيٺو...“، پر ادب، تحقيق ۽ تاريخ جي ميدان ۾ سندس ڇڏيل ”ناياب نقشَ“ وقت گذرڻ سان ميساربا هرگز ڪونه، بلڪه ويتر چٽا ٿيندا ويندا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



نقش ناياب منگي

تاريخ ۽ تحقيق جو وساريل نرالو ڪردار

عديل علوي

فلسطين جي شاعر رسول حمزه توف جو چوڻ آهي ته “جيڪڏهن اوهان ماضي کي پستول هڻندا ته مستقبل توهان کي توپ هڻندو” اهڙو ئي رويو تاريخ ۽ تحقيق توڙي ادبي دنيا جي اهم ڪردار نقش ناياب منگي جي شخصيت سان رکيو ويو آهي. هن جي تحقيق جو محور شڪارپور هئي. شڪارپور جي سرزمين تي سوين عالم، اديب، استاد ۽ شاعر ته پيدا ٿيا پر سندن ذهني اوسر ۾ جن هٿن ۽ تخيل پنهنجو پاڻ کي ظاهر نه ڪندي ڪيئي ڪردار بڻايا، تن ۾ “نقش” ناياب منگي جو شمار به ٿئي ٿو. هن علمي، ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ شڪارپور اندر جيڪو شاگردن جو وسيع حلقو تيار ڪيو، تن تي پنهنجي تخليقن جيان محنت ڪندو رهيو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته استاد جي در تان فيض وٺڻ کانپوءِ استاد سان شاگرد نڀائڻ وساري ويٺا. شڪارپور جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾ صلاحون ڏيندڙ، دوستن جي تحقيقي مقالن کي درست ڪرڻ ۾ پنهنجو قيمتي وقت لڳائيندڙ هڏڏوکي ساٿي به پنهنجي دوستن وساري ڇڏيو. شڪارپور جي علمي سي اينڊ ايس ڪاليج صحتي ادارن راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال ۽ سر هينري هالينڊ اکين واري اسپتال جي تاريخ کي پهريون ڀيرو جديد انداز ۾ رقم ڪرڻ واري محقق کي انهن ادارن به ڪڏهن ياد ناهي ڪيو. “نقش” ناياب منگي شڪارپور جي تاريخ تي جيترو قلم هلائي نه سگهيو، اوتريون اديبن جون لکڻيون درست ڪري سندن منهن مٿانهون ڪرڻ ۾ سوڀارو ثابت ٿيو. اهو به سچ آهي ته جن ادارن ۽ تنظيمن توڙي شخصيتن مٿان سندس هٿ رهيو، انهن پنهنجو نانءُ ڪڍي ڏيکاريو. سندس وڇوڙي کانپوءِ ڪيترن ئي ادارن ۽ تنظيمن جو غير فعال ٿي وڃڻ اهو ثبوت آهي ته منگي صاحب جون خدمتون شڪارپور ۽ شڪارپور وارن خاص ڪري تاريخ جي شاگردن لاءِ ڪيتريون نه ڪارائتيون ثابت ٿيون.

هن جون ٽي “شڪارپور سيمينار” (۱۹۸۵ع)، “شڪارپور هڪ اڀياس” (۲۰۰۴ع) ۽ “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾” (۲۰۱۷ع) جهڙيون ڪاوشون ڇپجي سامهون آيون آهن. “شڪارپور صدين کان” ڪتاب ۾ مرتب سان معاون ٿي رهيو. شڪارپور جي تاريخ، آدمشماري، تاريخي ڪتبن، شڪارپور تي راڄ ڪندڙ گورنرن سميت علمي ادبي پورهئي جي تنقيدي اڀياس سميت ننڍي کنڊ ۾ شڪارپور نالي وارن شهرن جي تاريخ تي گهڻو ئي مواد ڇپيل ملي ٿو. ان کان علاوه شڪارپور جي مندرن، مڙهين، کوهن، کوهين، پاڙن، حويلين ۽ ٻين موضوعن تي لاتعداد مواد ٽڙيل پکڙيل موجود آهي.

“نقش” ناياب منگي ٻوليءَ جو ڄاڻو ۽ ادب جي خاموشيءَ سان خدمت ڪندڙ هو. سندس مختلف ٻولين مان سنڌيءَ ٻولي ۾ ڪيل ترجما به اهميت جوڳا آهن. افسوس جو اسان جي علمي ادبي ادارن ۽ فردن جي نظر کان هي ڪردار ايترو گسي ويو جو ڪنهن به ادبي تاريخ جو حصو نه بڻجي سگهيو آهي. هن جو سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ٻولين ۾ لکيل ڪلام به اڄ تائين ڪتابي صورت ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي نه ئي ڳايو ويو آهي. الائجي ڪڏهن اسان جا ادارا ۽ فرد پنهنجي قوم جي فرض شناس ڪردارن کي يا سندن پورهئي کي مان ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا

نقش ناياب منگي جو سوانحي خاڪو

سنڌ جو مشهور شاعر، اديب، محقق، مترجم ۽ صحافي “نقش” ناياب منگي شڪارپور ۾، ۷ ڊسمبر ۱۹۴۸ع تي عبدالمجيد منگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان جا فرد انگريز سرڪار جي دور ۾ پوليس انسپيڪٽر، مختيارڪار ۽ ٻين اهم عهدن تي رهي چڪا هئا. ڪجهه کي ته برٽش گورنمينٽ طرفان ٽائيٽل ۽ تمغه به مليا هئا. اهڙيون نشاندهيون ۽ تذڪرا “تاريخ سکر” کان علاوه “هوز هو”، “سنڌ آفيشل رڪارڊ” ۽ “سنڌ سول لسٽ” جهڙن انگريزي ڪتابن ۾ به ملي ٿو. “نقش” ناياب جو اصل نالو حق نواز آهي. گهر ۾ کيس امام بخش جي نالي سان سڏيندا هئا. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول هاٿيدر مان حاصل ڪري مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪشمور مان پاس ڪيائين. انٽر آرٽس گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج سکر مان پاس ڪري آبپاشي کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ڊيوٽي دوران هو سکر، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو ۲۰۰۸ع ۾ پينشن تي پهتو. ۱۹۶۳ع ۾ بدايون (هندستان) مان لڏي آيل اردو ۽ سنڌي جي قابل استاد آذر ناياب صديقي ۽ ماهوار نئين زندگي رسالي جي ايڊيٽر رهندڙ شعبان بخت جي صحبت ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. سندس شاعري سنڌ ۽ هند جي مشهور ادبي رسالن کان علاوه اخبارن ۾ ڇپي. سندس نثري تحريرون ۱۹۷۰ع کان شايع ٿيڻ لڳيون. ڪشمور ۽ روهڙي ۾ رهڻ دوران صحافت به ڪندو رهيو. تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندي هن نه صرف فردن جي رهنمائي ڪئي پر “شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي”، “مهراڻ پبليڪيشن”، “سنڌي ليکڪ يادگار ڪاميٽي” وغيره جو باني ميمبر پڻ هو. ۱۹۷۷ع ۾ شادي ڪيائين. ۱۹۸۰ع ۾ شڪارپور جي صحافي ۽ پبلشر غلام رسول ميمڻ سان گڏ “اسان جا اديب اسان جا شاعر” جو ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين. ۱۹۸۵ع ۾ سندس ترتيب ڏنل “شڪارپور سيمينار” شايع ٿيو. ۱۹۸۸ع ۾ شڪارپور صدين کان ڪتاب جي سهيڙ ۾ معاون ٿي رهيو. ترجمي، ترتيب ۽ تخليق ۾ هن اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جا ٻه ٻيا ڪتاب “شڪارپور هڪ اڀياس” ۽ “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾” ڇپيل آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ “شڪارپور جي تاريخ”، “جيءَ جيارا ماڻهو”، “ايندي خزان کان پوءِ بهار” وغيره سندس پوين وٽ محفوظ آهن. سندس هڪ پٽ حسيب ناياب منگي سندس ادبي وارث ۽ بين الاقوامي سطع تي تاريخ، تحقيق ۽ تخليقي پورهئي کي ڇپرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو نظر اچي ٿو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۰۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

نقش ناياب منگي

شڪارپور جو جاکوڙي فرد

فقير محمد سنڌي.

سونهن جي سنسار ۾ گم ٿو ٿيان،

مان انھي ويچار ۾ گم ٿو ٿيان.

(منٺار سولنگي)

سڄي سماج ۾ حسناڪيءَ جو محور فطرتي طور تي انسان ئي آهي، جنهن بيابان کي زندگيءَ جي حسين روپ ۾ بيهاريو آهي. اهڙو ئي شعور وند فرد شڪارپور جو نقش ناياب منگي به پڻ آهي جنھن وقت کي تاريخ بنائڻ جو ڏانءُ پيش ڪرڻ جو اتم نمونو منظر عام تي آڻڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. نقش ناياب منگي هن دنيا ۾ موجود نه هوندي به موجود آهي، ڇو جو وقت جي دامن کي تاريخ جو حسين زيور آڇي امر بڻجي ويو آهي. نقش ناياب منگي رات جي پيٽ ۾ امر ڪونه بڻيو آهي، هن جيڪو ڪم سرانجام ڏنو آهي اهو ڪم ڪشالو ٿو گھري، سچائي ٿو گھري ۽ تاريخ سان پنھنجا احساس جوڙڻا ٿا پون، تڏهن تاريخ پنهنجي ڀڪ ۾ بيھڻ ٿي ڏئي. شاعر، اديب، صحافي ۽ محقق ايترا حوالا نقش ناياب منگيءَ جي حصي ۾ آهن ۽ ايترا رکڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي ان لاءِ هن دنيا ۾ سائنس، فطرت ۽ انساني ضابطن کي سمجھڻ کان پوءِ ئي ڪنهن مقام تي پهچي سگھجي ٿو. نقش ناياب منگي شڪارپور سان گڏ سنڌ جو سرچشمو آهي، جنهن پنهنجي علمي خدمت سان انمول ڪتاب ترتيب ڏنا جنهن ۾، “شڪارپور هڪ اڀياس”، “شڪارپور صدين کان”،( معاونت )، “شڪارپور سيمينار”( ترتيب )، “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾”( مقالا ۽ مضمون )۽ “اسان جا اديب، اسان جا شاعر”( معاونت ) طور پيش ڪيا. ھوڏانھن نقش ناياب منگيءَ جا شاعريءَ ۾ به حوصلا بلند آهن، تڏهن شاعريءَ ۾ بي ساخته چئي ٿو.

ڀلي ڀت ارادن ۾ آ پختگي،

گذاريان ٿو همت ڀري زندگي.

اڃان ساڻ آ عزم ۽ حوصلو،

وفا ۾ اڃا آهي برجستگي.

آ پيري ۾ ڀي دل جوان دوستو،

ڪري نقش ناياب ٿو دل لڳي.

نقش ناياب منگي پنهنجي زندگيءَ ۾ پر اميد رهڻ وارو انسان ٿو محسوس ٿئي ۽ جيڪو پر اميد هوندو آهي اهو ئي فرد حقيقت پسند هوندو آهي، نقش ناياب منگي به پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترا ئي پر اميد نقش ڇڏيا آهن، اُهي نقش سنڌي ادب جا فرد سوجهري جي بنياد طور استعمال ڪري سگھن ٿا، بس ٿوري پرک جي ضرورت آهي. جيئن شاعرن جي سرتاج شاھ لطيف فرمايو آهي ته :

ايڪ قصر در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،

جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.

نقش ناياب منگيءَ معاشري کي، تاريخ کي ۽ شاعريءَ کي پرکيو تڏهن ته هر ادب وند فرد نقش جي ڳالھ دل جي حضور سان ڪري ٿو.

نقش ناياب منگيءَ جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو:

اصل نالو حق نواز عرف امام بخش، ادبي نالو نقش ناياب منگي، ۷ڊسمبر ۱۹۴۸ع تي عبدالمجيد منگيءَ جي گھر جنم ورتو. نقش ناياب منگي تعليمي سلسلي ۾ انٽر اسلاميه ڪاليج سکر مان ڪئي. ڪرت جي حوالي سان ايريگيشن کاتي ۾ ملازمت ڪئي. ادب سان وابستگيءَ جو سلسلو ۱۹۶۵ع کان جڙيو. نقش ناياب منگيءَ کي اولاد ۾ ٽي پٽ، حفيظ الرحمان، انيس الرحمان، حسيب الرحمان ۽ هڪ نياڻي پڻ آهي. ادبي سفر ۾ نقش ناياب منگي جن ادارن سان وابستا رهيو انھن ۾، شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي، باني ميمبر. سنڌ ليکڪ يادگار ڪاميٽي، باني ميمبر. ۽ ڪتاب محل پبليڪيشن شڪارپور، باني ميمبر، طور پنهنجا فرض نڀايا.

نقش ناياب منگي شاعري، نثر ۽ تحقيق ۾ پاڻ موکيو جنهن ۾ ڪافي ڪتاب ترتيب به ڏنائين ۽ ڪجھ مواد اڃان شايع ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي. انساني وجود ۾ جڏهن ڀڄ ڊاھ جو عمل شروع ٿئي ٿو، تڏهن ئي ڪا نئين شيءَ ايجاد ڪري ٿو، يا ڪنھن سياسي، سماجي ۽ ادبي سوچ ويچار کان پوءِ هن نموني جون سٽون لکڻ لاءِ ڪوي کي آماده ڪن ٿيون.

شيخ سعدي جو گلستان مائل فرياد ٿيو،

پير رومي جي مقدس مثنوي خطري ۾ آ،

شاهه، سامي ۽ سچل سان رکان ٿو واسطو،

ملڪ منهنجي ۾ اُها وابستگي خطري ۾ آ.

ڀٽائي سرڪار لاءِ نقش ناياب منگيءَ جا احساس ڪجهه هن طرح آهن ته :

سر زمين سنڌ جو حافظ به تون جامي به تون،

واديءِ مهراڻ جو توکي ئي سعدي ٿا چئون،

سنڌ ۽ سنڌي زبان کي جڳ ۾ تو ممتاز ڪيو،

اي ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌ جو رومي ٿا چئون.

ڪشمور ۾ نقش ناياب منگي تعليم دوران پنهنجي درسي استاد، آذر ناياب صديقي ۽ ناليواري شاعر، اديب ۽ صحافي شعبان بخت منگيءَ جي صحبت ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. شاعريءَ جي عشق نقش ناياب بڻائيندي کيس استاد شاعرن جي صف ۾ اچي بيهاريس. شڪارپور کي شاعريءَ جي سورمن سامي ۽ شيخ اياز تي ناز آهي، انهن ۾ نقش ناياب منگي، خليل مورياڻي ۽ انهن جي ٽهي تي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي صدين تائين ناز رهندو.

ايمرسن جو خيال آهي ته :”فطرت هڪڙو مندر آهي جنھن جون ديوارون نشانن سان ڀريل آهن” اهڙئي طريقي سان شڪارپور جو علم ادب جون ديوارون ۽نشان به اونچا آهن. نقش ناياب منگيءَ جون سٽون به رومانس جي پنڌ ۾ برجستيون آهن.

خواب ۾ جلوو پسائي پاند ڪو اٽڪائي ويو،

پل گهوڙيءَ ۾ ڌار ٿي جيءَ کي ته جهوري لائي ويو.

هت سڪون قلب لٽيو مان رهان ٿو بيقرار،

زندگيءَ ۾ درد ڏيئي باھ ڀڙڪائي ويو.

نقش ناياب منگي جي جيتري حياتي هئي ان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ جاکوڙ جاري رکي، شاعري، تحقيق ۽ تاريخ ڄڻ نقش ناياب منگي جي زندگيءَ جو وظيفو هئي. نقش ناياب منگي ۶۳ ورهين جي ڄمار ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي راھ رباني ورتي آخري آرام گاهه چڻنگي جي قبرستان شڪار پور ۾ اٿس. آخر ۾ نقش ناياب منگي لاءِ شاھ لطيف جون هي سٽون ته :

اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا،

ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،

سندي سڪ سپرين لوڪ ڏٺئي نه لھي.

 

(ڏھاڙي عوامي ڪوشش لاڙڪاڻو ۾، ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

“نقش” ناياب منگي

سندس سنڌي ۽ اردو شاعري جو مختصر جائزو

نسيم بخاري

سنڌ جي شڪارپوري اديب نقش ناياب منگي جي جڏهن مون شاعري پڙهي ته پنهنجو پاڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو ته اهڙي شاندار تخليقي پورهئي کي منهنجي اکين اڳ ڇو نه ڏٺو هو ۽ دل شعر جي سحر کان ڳچ وقت پهرين ڇو نه لطف اندوز ٿي هئي.

’نقش‘ ناياب منگي جي شاعري بنيادي طور تي هڪ عاشق جي “آهه” آهي. درد جو اهڙو سمنڊ آهي جنهن ۾ لهڻ کانپوءِ ان جو احساس نه رڳو ٻاهر نڪرڻ ناھي ڏيندو پر ماڻهو خود به انهيءَ مان نڪرڻ نه چاهيندو آهي. شعر ۾ وزن بحر جي ته پختگي آهي ئي آهي پر فني اڏام به پنهنجي عروج تي پهتل آهي. ويتر جو ان کي انتهائي سادو ۽ سلوڻو ٻوليءَ جو ويس ڍڪيل آهي ته اصل واهه واهه ٿي وڃي ٿي. مثال طور هي خيال ڏسو:

سڄڻ ياد تنهنجي ٿي هر دم ستائي،

مٺا وڃ تون هڪ وار جلوو پسائي،

پري “نقش” کان ڇو رهين دلربا ٿو،

سندس دل ۾ رهه دوست ديرو ڄمائي.

سڪ تڙپ ۽ اڪيلائي جي احساسن ۾ جڏهن دل بدران ماڻهو دماغ سان سوچيندو آهي ته ڪجهه بغاوت به اندر ئي اندر ۾ بلند ٿيندي آهي. تنهن باغي احساسن جي جهلڪ سائين نقش ڪجهه هن طرح سان بيان ڪري ٿو:

شب فرقت نه مون کي راس آئي ته ڇا ٿيندو،

خيالن ۾ صنم جي زلف لهرائي ته ڇا ٿيندو،

کڻي تون نيڻ پنهنجا “نقش” ڏي جنهن دم نهارين ٿو،

اها ساعت اگر مون کي نه راس آئي ته ڇا ٿيندو.

مٿين شعر ۾هڪ ميار آهي وصال ناهي وڇوڙو آهي. اهو وڇوڙو جيڪو هونئن ته هر عاشق کي وک وک تي وڍ ڏيندو آهي پر اهو عاشق وري شاعر به هجي ته اڃان تڪليف ٻيڻي ٽيڻي ٿي وڃي ٿي. خود اهو اعتراف “نقش” ناياب منگي پاڻ ڪري ٿو:

جدائي جو لمحو آ مون لئه عذاب،

نه ڏي زندگي جي دعا تون نه ڏي. ـ

ـــــــ

دور خزان ۾ پنهنجي گذاري ڄمار مون،

فصلِ بهار آئي سهاني ڪڏهن ڪڏهن.

عاشقاڻي ۽ شاعراڻي معصوميت واري خيال جي جهلڪ منگي صاحب ڪجهه هن طرح قلمبند ڪري ٿو:

ڪيو مون پيش دلبر تو اڳيان آ دل جو نذرانو،

قبولي مون کي تون پنهنجو بڻائيندين ته ڇا ٿيندءُ.

خواهش ۽ خواب کي جڏهن حقيقتن جي ڌرتي نصيب نه ٿي ٿئي ته تلخ تجربن جي روشني ۾ شاعر کي اهو اقرار ڪرڻو ٿو پوي ته:

وفا تي هيو “نقش” کي ڀروسو،

مگر دلربا ڪئي جفا اجنبي.

“نقش” ناياب منگي پنهنجي شاعري ذريعي ڌڙڪندڙ جوان دلين تي جيڪي درد سان ڀرپور نقش چٽي ويو آهي، اهي ان وقت تائين سدا بهار رهڻا آهن، جيستائين هن ڌرتيءَ تي محبت قائم ۽ دائم رهڻي آهي. اهو ئي سبب آهي ته “نقش” جو شعر زندهه آهي ۽ زنده رهڻو آهي. ڇو ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ انساني جذبن ۽ امنگن جي عڪاسي ڪئي آهي. هن اڌمن کي اظهار جو روپ بخشيو آهي. هن جي سوچ ۽ لوچ هڪ فرد نه پر هڪ احساس جي علمبردار آهي. اهو احساس جيڪو تنهنجو ۽ منهنجو آهي. ائين نه آهي ته “نقش” ناياب نه رڳو رومانوي شاعري ڪئي آهي. پر هو عوامي زندگي تي به لکندو آيو آهي. اهڙي درد جو اظهار سندس هن قطعي مان ڪري سگهجي ٿو ته:

اڄ سرِ بازار پوڙهو پيٽ خاطر پيو نچي،

ناچ مفلس جو ڏسي پيو هر تماشائي اچي.

هن گراني دور ۾ هر فرد پيو واھ واھ ڪري،

هڪ ته پيري ٻي گراني ٽئين پئي غربت نچي.

هڪ پوڙهي پورهيت جي درد جو داستان حقيقت ۾ ان منظر ڪشي جو شاهڪار اظهار آهي جيڪا اسان گهر گهٽي ۾ پيا ڏسون. جيڪا اسان جي عوام جي اڪثريتي تقدير آهي. جيڪا هر صورت ۾ دور ٿيڻ کپي. پر “نقش” ناياب جي نصيحت تي ڪير ڪٿي ٿو هلي. اهو ئي سبب آهي ته هو ڏاڍي عاجزي ۽ معصوميت سان نماڻو ٿي چوي ٿو ته:

مرڪي مرڪي دل جو نذرانو ڪيو مون پيش پر،

بي رخيءَ سان هو ستمگر دل کي ٺڪرائي ويو.

ڳالهه محبوب جي هجي يا عام ماڻهو جي، پر جي اها بي رخي آهي ته دل رنجائي ٿي، ڏکائي ٿي ۽ تڙپائي ٿي. “نقش” ناياب منگي جي سنڌي شاعري جيان اردو شاعري به ڪمال جي آهي. هونئن ڀلي هر ڪمال کي زوال ايندو هجي پر شاعري جي ڪمال کي زوال ناهي ايندو. ائين چئجي ته ان ۾ ذري برابر به وڌاءُ نه ٿيندو ته “نقش” پنهنجي دل پڙهندڙ جي هٿ جي تريءَ تي شاعري جي صورت ۾ رکي ڇڏي آهي. ڇا ته غضب جي شاعري آهي. ان جا وري اردو جلوا ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مثال طور لکي ٿو ته:

گواره جدائي نه تهي جن کو پل بهر،

وهي آج هم سي جدا هوگئي هين.

شاعري ۾ ڪنهن عاشق پاران محبوب تي تشدد واري ترڪيب گهٽ ۾ گهٽ مون اردو ۽ سنڌي شاعري ۾ سواءِ نقش ناياب جي ٻئي ڪنهن جي شاعري ۾ نه پڙهي آهي. لفظ تشدد نثر جو آهي پر اهو جڏهن “نقش” شعر ۾ استعمال ڪري ته ان کي به نغمگي ٿي ملي وڃي. اوهان پاڻ پڙهي ڏسو:

صنم ايک بي بس په اتنا تشدد!

همين ديکهه هم کيا سي کيا هو گئي هين.

“نقش” سائين جو هيٺيون اردو نظم نه رڳو ماضيءَ جي ترجماني ٿو ڪري پر حال جو به عڪاسي آهي ۽ مستقبل جون به چغليون هڻي ٿو:

بهائي بهائي سي هي تنگ،

ديکهو دنيا کا يه رنگ.

دنيا ڪي سب رشتي چهوڻي،

چهوڻا هي اب انگ سي انگ.

عرياني کا آيا دور،

جس کو ديکهو ننگ دهڙنگ.

ناصح سي هي اپنا بير،

واعظ سي هي اپني جنگ.

اپنون کو بهي سمجهين غير،

دل اپنا آلوده زنگ.

پاپي جگ مين پاپي لوگ،

جن کا اپنا اپنا رنگ.

دور هي رهنا ان سي اچها،

“نقش” نا کرنا ان سي سنگ.

منهنجي وس ۾ هجي ته مان سائين جو مٿيون نظم اخبارن جي پهرين صفحي تي اشتهار جي صورت ۾ ڇپرايان ها. اهو نظم هر ٽي. وي چينل جي خبر کان اڳ هلرايان ها. ٻيو ته ڇڏيو پر ريڊيو، ڪيبل ۽ ويب چينلن سميت يوٽيوب تي به رکرايان. ڇو ته ان ۾ قهر جي سچائي آهي. منافقي، مطلب پرستي، مفاد پرستي ۽ مصلحت پسنديءَ جا اصل مهانڊا ڏيکاريا ويا آهن.

حقيقت اها آهي ته شڪارپور جو نثار بزمي هجي يا “نقش” ناياب انهن کي سندن زندگي ۾ توڙي مرڻ پڄاڻان اوتري اهميت ميسر نه ٿي سگهي آهي جيتري وڏي علمي ادبي قد ڪاٺ جا هو ماڻهو آهن. مٿين ٻنهي شاعرن ڪيترا ڪامياب شاگرد ڇڏيا پر بدقسمتيءَ سان انهن کان استاد جي عظمت جو عملي اقرار وسري ويو آهي. ۽ شايد اهو ئي سبب آهي ته اهڙن همعصرن بي فيض انسانن کي پس منظر ۾ رکندي سائين نقش چئي ويو ته:

“نقش” اپني داستان ان کو سناتا جا ضرور،

ياد ماضي پر کبهي تو شرم ان کو آئيگي.

“نقش” جي ذهن، زبان ۽ دل مان مٿيون شيون جڏهن شعري سانچي ۾ گهڙي تيار ٿيون هونديون، تڏهن خود کيس انهن احساسن جي تلخي ڪيتري تلخ لڳي هوندي. جن احساسن جي اظهار لاءِ ڪتب آيل لفظ شرمندگي کي پڙهندي خود اسان کي الائي ڇا ٿو ٿئي. “نقش” ناياب جي من تي پيڙا جا جيڪي نقش چٽيل آهن، انهن جي اذيت واري احساس تي سوچجي ٿو ته روح رنجيدو رهي ٿو.

سائين “نقش” ناياب منگي وڏو خوشنصيب آهي، جو نه رڳو ڪامياب شاعر، محقق ۽ اديب آهي پر هن جي اولاد به صالح آهي ۽ نينگرن مان حسيب ناياب سندس ادبي واٽ جي وارثي نه رڳو ايمانداريءَ سان ڪندو پيو اچي پر پاڻ به هن جون وکون ادبي کيتر ۾ اڳتي کڄي رهيون آهن. اميد آهي ته تمام جلد پنهنجي پيءُ جو شعري مجموعو به مارڪيٽ ۾ آڻيندو. بلڪل ائين جيئن هن شڪارپور تي سندس مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل ڪتاب “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾” ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. نيڪ ۽ پيار ڪندڙ اولاد به الله جي وڏي نعمت هوندي آهي، جيڪا هر ڪنهن جي حصي ۾ نه ايندي آهي.

ڇا ٿيو جو سائين “نقش” ناياب منگي کي بيحس ماڻهن ۽ ادارن وساري ڇڏيو. تاريخ ته ان جا گڻ ڳايا آهن ۽ ڳائيندي رهندي. ڇو ته اها ڪڏهن به ڪنهن جو تر جيترو به پورهيو نه وڃائيندي آهي. ان ڪري دير يا سوير “نقش” جي به هر تحرير تاريخ جو حصو بڻجڻي آهي، اهي ادارا به اڳ يا پوءِ جاڳڻا آهن، جن تي نقش پنهنجي تحقيق جا نقش ڇڏيا آهن ۽ جن جي تاريخ رقم ڪري ان انهن جي بڻ بنياد کان هر عام خاص کي آگاهي ڏني آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

استاد غلام رسول ميمڻ ۽ سائين حقنواز نقش ناياب منگي

منظور پرواز

ھي شڪارپور جي سونھن ٻه دوست ٻه ساٿي سائين استاد غلام رسول ميمڻ ۽ سائين حقنواز نقش ناياب منگي آھن جيڪي ٦۰ کان ۲۰۲۰ جي ڏھاڪي تائين علم ادب سماج سان لاڳاپيل رھيا ۽ شڪارپور جا سچا عاشق ٿي رھيا پڪ ڄاڻو ته ھو اسانجا ٻه ادارا ھيا جن ڪافي نوجوانن کي رھنمائي ڏئي اڳتي آندو. ھنن جون ذاتيون به ميم سان آھن تنھن ڪري محمد صلعم مٺڙي جو سايو سندن سرن تي سدا قائم رھيو ۽ ھنن ڏکن سکن سان محنت مشقت ڪري پاڻ نباھيو ان ڪري سوسائٽيءَ ۾ پنھنجو ڪردار سدا مومن بڻجي ادا ڪندا رھيا. مون ته پنھنجي وقت ۾ ائين ڏٺو ته ھنن ڪيترن ئي نوجوانن کي ٿوم مان زعفران بڻايو پر ڪي ھنوقت سندن نالو کڻڻ تي ذھني طور مفلوج ٿي وڃن ٿا پر پتو نٿو پوي ته ان جا پٺيءَ پٺيان ڪھڙا سبب آھن اھا خبر مالڪن کي ٻي رب سائين کي ھونئن به توھان ڏٺو ٻڌو ھوندو ته دنيا جو وڏو حصو محسن ڪش ئي رھيو آھي ان ڪري بھتر اھو آھي ته ڪنھن جو به ڏک نه ڪجي ۽ جيترو جيون آھي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري ماڻھو اڳتي رمندو رھي. نقش ناياب منگي ٿورڙي سونھاري رکندڙ ھو ۽ پان تمام گھڻو کائيندو ھو ۽ ننڍي سرڪاري نوڪري اريگيشن کاتي ۾ ھو سٺو شاعرھيو ۽ شڪارپور جي تاريخ ۽ علم ادب تي ڪافي ڪم ڪيو ۽ ڪجھ ڪتاب به لکيل مرتب ٿيل اٿس ۽ غلام رسول ميمڻ پڪي عمر تائين سونھاريءَ کان آجو رھيو ۽ آخري عمر ۾ ٿوري بيمار ٿيڻ کانپوءِ مٺ کن ڏاڙھي رکيائين ۽ پاڻ ناظم پريس جي ڪمپازيٽريءَ کان شروع ٿي ماڊرن پريس جو مالڪ ٿيو ۽ ٻه اخبارون به ڪڍيائين؛ ھڪ قرباني ۽ ٻي ناياب. جن ۾ شھر جا مسئلا، علمي ادبي سرگرميون ۽ بين الاقوامي حالات جو، ڀرپور اظھار ھوندو ھو. سال ۱۹۸۱ ۾ ٺھندڙ يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت شڪاپور جو به باني ميمبر ۽ صلاحڪار ھيو ۽ جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ به سندس وڏي عزت ڪندو ھو. دوست اڪثر ڪري کيس استاد غلام رسول ميمڻ، ان ڪري سڏيندا ھيا جو ھو تنظيمي ڪمن جو ڏاھو ھو ۽ سنگت جي ھر ساٿيءَ کي ڪجھه ھڙئون ڪجھه وڙئون ڪجھه نه ڪجھ ضرور سندن مدد ۽ رھنمائي ڪندو ھو. انشاءَالله ٻنھي جوانن جي تفصيلي ڪم تي جدا جدا احوال جلد رکبو پر بنيادي طور ٻئي علم، ادب، شاعري، ميڊيا، پريس ۽ سماجي علمي ادبي تنظيمن سان وابسته رھيا ۽ سندن دوستن جو به ھڪ وسيع حلقو ھيو. نقش سائين ۲۰۱۱ ۾ ۽ غلام رسول سائين ۲۰۱۴ ۾ ھن فاني دنيا کي ڇڏي، مالڪ حقيقيءَ جي حوالي ٿيا ۽ پاڻ لوڪ کان ان ڪري نه وسريا آھن جو ھنن ڌرتيءَ تي نه ڪو تڪبر ڪيو، نه ڪنھن کي نقصان پھچايو ۽ نه ڪنھن تي رعب تاب رکيو. جيڪو ٿي سگھيُن، سڀن جي ڪم آيا ۽ سڀني ۾ پيار، محبت، سچائي ۽ سونھن جا گل ورھائيندا آيا جو اڄ به اسان انھن جي خوشبوءِ کان معطر ٿي رھيا آھيون. رب مٺڙي کين سدا جنت ۾ جاءِ ڏني ھوندي آمين.

-- -- -- -- -- --

غلام رسول ميمڻ ۽ نقش ناياب منگي

قاضي منظر حيات

ٻئي پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ سچا ۽ کرا، مخلص ۽ بي لوث ڪردارَ. سماج سيواڪار ۽ محبتي/ محنتي....هر ڪنهن سان اُنس ۽ الفت، هر واسطيدار سان اهڙو ورتاءُ جو هر ڪو ڀانئي ته منهنجو دوست. منهنجي خوشنصيبي جو انهن ٻنهي شخصيتن سان وڏڙن جي ويجھڙائيءَ ڪري مان سندن فيض ۽ رهنمائي حاصل ڪئي ۽ ويجھو ڄڻ گھرڀاتي ٿي گھاريم. شڪارپور ماڊرن پريس ڄڻ بنيادي سکيا گھر رهيو، جتي علم، ادب، صحافت، پريس جا سڀ مرحلا، اڃا وڌيڪ جيون جي عملي واڌ ويجهه ۽ نوڪريءَ جي گنڀير مسئلن ۾ به ڏس ۽ ڏانءَ اُتي، انهن ٻنهي محبوب ماڻهن وٽان مليا. هي جيڪو ڪچو ڦڪو هٿ-هنر يا سوچ-شعور جو ڪو ڍنگ آهي، انهيءَ ۾ استاد غلام رسول ۽ نقش’ناياب‘ منگي جي محبتن ۽ محنتن جو اثر به ضرور آهي. اهي مون وانگر الائي ڪيترن ئي سيکڙاٽن جا سونهان ۽ رهنما رهيا آهن. مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا به اٽڪ نه ٿي ٿئي ته سندن صحبت ۸ رهي ڪيترا شاعر، اديب، صحافي، ڊاڪٽر بڻجي پيا ۽ هو پنهنجي سادگيءَ سبب پنهنجي انهيءَ هنڌ تي سواءِ ڏيکاءَ ۽ نمائش جي پنهنجي راهه وٺي هلندا رهيا.....هو فياضي ۽ سخا جا وکر ورهائي مسڪينيءَ ۾ مُرڪندا ۽ خودداريءَ سان جيئندا رهيا. کين ڪنهن به غرض ۽ لالچ يا خودنمائيءَ جي ڪڏهن به ڪا ئي ضرورت محسوس نه ٿي. ادب، علم ۽ شڪارپور سان سندن جنون جي حد تائين عشق رهيو ۽ سدائين نڪور عملي ڪمن سان پنهنجي اهميت ۽ حيثيت مڃرائي. شڪارپور مان اخبارون، رسالا ڪڍڻ کان وٺي ڪيترا ئي تاريخي ميڙاڪا، سيمينار، شاگردن جي جاڳرتا لاءِ ڪوچنگ ڪلاسَ، صحافتي سکيا جا عملي سبقَ سندن ڪريڊٽ تي آهن.....

ٻنهي تاريخ ساز شخصيتن کي ياد ڪندي اوهان سچ پڇ شڪارپور جي مُک ڪردارن کي ڀرپور ڀيٽا ڏني آهي!

 


نقش ناياب منگي

سندس فن ۽ فڪر ۾ موجوده دور جو عڪس

حسيب ناياب منگي

شاعري قدرت طرفان عطا ٿيل ڏات آهي، جيڪا فني ۽ فڪري گهرائيءَ سان لکي وڃي ٿي تنهن ۾ حسين خيالن جو اظهار به ڪيو وڃي ٿو ته ڪنهن ٻي عام موضوع تي به لکي پنهنجي من جو بار هلڪو ڪري سگهجي ٿو. شاعري جو رنگ ۽ ڍنگ جيڪو اڄڪلهه استعمال ٿئي ٿو سو شاعريءَ کي شاعري واري فريم ۾ نٿو آڻي، شاعري ته ڪيفيت ۽ احساس جي اظهار جو نالو آهي، ڪي چار سٽون بنا ڪنهن مقصد جي لکڻ ڪمال ناهي ها مگر هڪڙو شعر مقصد ۽ مطلب وارو چوڻ ڪمال آهي جنهن کي ٻڌڻ يا پڙهڻ سان ڪي ڪيفيتون نازل ٿين ۽ ڪجهه خيال جنم وٺن، ڪي سوچون من ۾ اٿن ۽ پنهنجو اثر ڇڏين تنهن کي ئي شعر چئي سگهجي ٿو.

شاعريءَ ۾ اظهار به اهڙو سادو ۽ سهڻي انداز جو هجي جو چئي سگهجي ته شعر جي طاري ٿيل سحر مان نڪري نه سگهيا آهيون.، ڪا تخليق اگر اهڙي سامهون اچي ٿي ته اها ئي شاعري علم ۽ حڪمت جو جوهر مڃي وڃي ٿي. دنيا جي عالمن ۽ فاضلن ان روايت کي تسليم ڪيو آهي ته شاعر اهو ئي آهي جيڪو انسانيت جو ترجمان آهي، هو رڳو وارن جي چڳن ۽ سونهن سندرتا تي لکڻ جو قائل ئي نه هجي، اهو به نه هجي جو صرف وطن جي نظارن ۽ خوبصورتي مٿس اثر ظاهر ڪيو هجي پر زندگي ۾ آيل سک ۽ آسائش، خوشي ۽ راحت سان گڏ درد، غربت، ناانصافي ۽ سماجي عڪس کي به پنهنجي اندر جي حقيقي تصوير جو عنوان بڻائي لکندو رهي، اها قدرتي ڏات جن به قلم ڌڻين جي حصي ۾ آئي آهي، سي پنهنجي ڏات جي چمڪ جي ڪارڻ اڄ به شاعريءَ جي تذڪرن ۾ ستارن جيان ٽمڪي رهيا آهن. ”نقش“ ناياب منگي به اهو شاعر آهي، جنهن وٽ پيار ۽ محبت سان گڏ ڌرتيءَ جي رهواسين جي درد جي هڪ آهه موجود آهي. ديس جي پهاڙن ۽ خوبصورت نظارن، دريائن ۽ ماڳن مڪانن جي تعريف آهي ته مزدور ۽ هاري جي ڏکن جو احوال به آهي، پاڻ وٽ رائج داستانن جي جهلڪ به آهي ته غريبي ۽ اميريءَ جي فرق جا مثال به موجود آهن، چنڊ جي چاهه واري چٽائي جو ذڪر آهي ته سج جي تپش جو به ٻڌائي ويو آهي، ڏکن تي زارو زار رنو به آهي ته آٿت جو دامن به وسيع ڪندي دلجاءِ ڏيندي نظر اچي ٿو، سادن خيالن ۽ آسان بيان سان سندس خيالن جي نغمگي فطرت جي حقيقي رنگ جو راز ٻڌايو آهي.

اسان جي آڏو موجوده وقت ۾ گهڻا ئي مثال موجود آهن جو غريب محنت ڪندي به پورو نٿو ٿي سگهي جڏهن ته ٻين جي پئسي تي پلجڻ وارو خوش گذاري ٿو، محنت ڪش پنهنجي ٿوري اجرت تي ڏاڍو پريشان گذاري ٿو ۽ مشڪل سان پنهنجي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو ته وري ٻئي پاسي شاهوڪارن جي درن تان چاپلوس پلجي عيش ۽ عشرت جي زندگي گذارين ٿا. ”نقش“ ناياب منگي ٻڌائي ٿو ته:

هڏ هڻڻ وارن جو ناهين پيٽ ڀي پورو مگر،

خوش رهن ٿا پير ۽ پينار پنهنجي ديس ۾.

صبح سان ئي در وڏيرن جو وٺن ٿا چاپلوس،

اوبرون کائي ٿين ٿا تار پنهنجي ديس ۾.

شاعري انسان جي ضمير جو آواز ٿيندي آهي، شاعر مٿان لازم آهي ته هو وقت ۽ حالتن کي سامهون رکي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري، اکين جي آڏو جيڪي به حالتون اچن ٿيون تن کي بيان ڪندو رهي، اڄ جي دور ۾ هڪ انسان کي ٻئي انسان جو خيال رکڻ وارو جذبو گهٽ نظر اچي ٿو، جيڪڏهن ڪو ڪنهن جي مدد ڪري ٿو ته ان کي ٿورو تسليم ڪيو وڃي ٿو، اهڙي ريت واضح ٿئي ٿو ته انسان هر وقت ٻئي انسان کي احسان جو احساس ڏياريندي ان جي مدد ڪرڻ کان بعد ۾ عزت نفس کي مجروح ڪندو رهي ٿو، نقش به لکي ٿو ته:

هن اقتصادي دور ۾ هر وقت اي يارو!

انسان کي انسان جو احسان ٿو ماري.

شاعريءَ کي سرجڻ کان بعد ۾ سريلي خيال جو جتي نالو ڏنو وڃي ٿو اتي شاعري سماجي انڪشاف جو عجيب آئينو به ٿئي ٿي. جنهن ۾سچائي ۽ صداقت چٽي نظر اچي ٿي، اڄ جي دوستيءَ جي مطلب واري چادر جي هيٺان اچي پنهنجي اصلوڪي حيثيت وڃائي چڪي آهي، قدم قدم تي دوکو ۽ هر وقت فريب دوستيءَ جي رنگ کي دشمني ۾ پيش ڪيو آهي، شاعر وٽ لفظن جي چونڊ سان خيالن جي بهتري ۽ ادائگيءَ جو نرالو انداز موجود آهي، هو چوي ٿو ته،

هو روپ دوستيءَ جو پر رنگ دشمنيءَ جو،

قاصد کي آزمايم دشمن آ دوستي جو.

نقش ڳالهه کي اتي ئي ختم نٿو ڪري هو اڳتي اڃان وڌيڪ لکي ٿو ته اڄوڪي زماني ۾ پنهنجي وطن مان اتفاق هلي ويو آهي، دوستي موڪلائي چڪي آهي، رشتا به ختم ٿيندا نظر ٿا اچن، يار به هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا آهن، هيءَ دور اهڙو اچي ويو آهي جو طرفداري ته ٺهيو پر هر ڪنهن کي ايذاءَ ڏيڻ ۾ ماڻهو خوشي محسوس ڪن ٿا.

اتفاق باهمي ويندي رهي،

مخلصانه دوستداري ختم ٿي.

ڀائرن ۾ آ وفاداري ڪٿي؟

ڏس ته يارن مان ڀي ياري ختم ٿي.

دور آ ايذا رساني جو فقط،

منصفي ۽ پاسداري ختم ٿي.

”نقش“ ناياب منگيءَ جي نظمن ۽ غزلن ۾ ئي نه پر چوسٽن ۾ به موجوده دور جي حالتن جو عڪس موجود نظر اچي ٿو، هن وٽ لکڻ جو ڍنگ هئڻ سان گڏوگڏ حالتن جي عڪاسي ڪرڻ جو به فن هو، پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ بنا ڪنهن رک رکاءَ جي کليو لکيو اٿائين، علامت نگاريءَ جي حوالي سان اگر سندس شاعريءَ تي لکبو ته به ظاهر ڪري سگهجي ٿو ته هو ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آهي، نصيحت ڪندي سماج ۾ غلط لاڙن جي نشاندهي به ڪري ٿو ۽ انهن جي پاڙ پٽڻ جو طريقو پڻ ٻڌائي ٿو، بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ مفلسيءَ جي جهلڪ ڏيکاري ٿو ته پنهنجي سنڌڙي جي روشن مستقل جي لاءِ پر اميد به نظر اچي ٿو، سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ”نقش“ کي ”ناياب“ سمجهي ادب ۾ وسارڻ واري روايت ختم ڪري کيس محقق ۽ اديب کان علاوه شاعر جي روپ ۾ به پڌرو ڪيو وڃي.

مون لاءِ آهي سڀ ڪجهه منهنجي وطن جي ڌرتي،

هر ذرو ان جو مون کي ڪندن نظر اچي ٿو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا