نعمت الله ڀٽو
استاد، صـحافـي، ليکڪ، شڪارپور
جو عاشق
قاضي
منظر حيات
تاريخ ۱۸
جولاءِ ۲۰۰۹ع تي شڪارپور شهر جو سينئر صحافي، اديب، استاد، شاعر، سماج سڌارڪ سائين
نعمت الله ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو! سدائين لاءِ وڇڙي اهڙي ڏيهه هليو ويو، جتان ڪو به
موٽي نه آيو آهي...... اهڙي خبر سهيوڳي ساهتڪار ۽ صحافي دوست نسيم بخاريءَ شڪارپور
مان فون ڪري مون کي ڏني ھئي. ٻه لڙڪ لڙيا، هڪ همدرد کُٽو..... هو مخلص، محبتي ۽ محنتي
ماڻهو هيو. شڪارپور شهر سان اٿاههُ عشق ۽ اُنس هيس. شڪارپور جي سماجي ۽ ثقافتي
سرگرمين ۾ هو سدائين سرگرم رهيو. هر ننڍي وڏي ميڙ ۾ پهچڻ ۽ وڏي اتساهه سان شامل
ٿيڻ، سندس خاص مشغلو هيو.
ماضيءَ
جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو شڪارپور جي علمي، ادبي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو.
سندس والد محترم سائين حبيب الله ڀٽو پنهنجي وقت جو متحرڪ سماجي ۽ تعليمي ڪردار
آهي. سائين نعمت الله ڀٽو ۴ مارچ ۱۹۳۷ع تي پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم شڪارپور ۾
ورتائين. پنهنجي والد جي خاص نظر ۽ تربيت هيٺ رهيو. تنهنڪري درسي ڪتابن سواءِ ادبي
۽ غير نصابي ڪتابن پاسي لاڙو رکيائين ۽ سماجي، ثقافتي ڪمن ۾ حصو ورتائين.
عملي
زندگيءَ جو آغاز استاد جي حيثيت سان ڪيائين. هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي علم ۽ ڄاڻ جا
وکر ورهائڻ لڳو. ايم اي سنڌي ۽ ايم اي بين الاقوامي تعلقات ۾ هئڻ ڪري، شهر جي
پڙهيل لکيل، صحافتي ۽ ادبي حلقن ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي، الڳ انداز ۽ شخصي تعارف سان
پنهنجو حلقو جوڙي، شڪارپور جي شهر ۾ ڪڏهن ٽانگي تي ته ڪڏهن پنڌ هلندي، پنهنجي شهرت
ماڻي. هن ۾ وچئين طبقي جي محدود مالي آمدني هئڻ واري فرد باوجود دلي اميري ۽ سخي
هئڻ واري صفت تمام گھڻي نظر آئي. لکيدر تي اٿڻ ويهڻ ۽ سدائين ڪتابن/ اخبارن جي هڙ
سان نظر ايندي، اتان جي سماجي صحافي چوڪنڊي غلام مرتضي ابڙو، استاد غلام رسول ميمڻ،
نقش ناياب منگي ۽ خليل مورياڻي سان تعلق جڙيو. اڳتي هلي اها واسطيداري ويجھڙائيءَ
۾ تبديل ٿي ۽ سنگت وڌي وڻ بڻجي پئي. اها ٻي ڳالهه آهي، انهيءَ گھاٽي وڻ ۾ ڪي
ڇاپڙون به لڳيون ۽ ڪجهه لاميون لڏيون ۽ ڪي ڪَڪَا پَنَ پَٽِ پيا!
سنڌ
گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان سائين نعمت ڀٽو تمام گھڻو ڪم ڪيو، نوجوانن
جي تعليمي واڌاري لاءِ ڪوچنگ ڪلاس هلائڻ ۽ سي ايس ايس جي امتحانن جي تياري وارا
شاندار ڪم سندس حصي اچن ٿا. سال ۱۹۸۹ع کان
هفتيوار اخبار ”شڪارپور ٽائيمس“ جاري ڪرڻ ۽ ان جي مسلسل اشاعت لاءِ حد کان
وڌيڪ ڪوششون وٺڻ سندس جنون رهيو. مالي مونجهارن ۽ شديد پريشانين هوندي به هو چڻنگ
ٻاريو آيو ۽ آخر تائين نڀايائين. شهيد ذوالفقار ڀٽو جو عاشق هيو. انهيءَ ڪري پيپلز
پارٽيءَ وارن سان به سلهاڙيل رهيو.
نوڪريءَ
تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ علمي صحافت ۾ داخل ٿيو. پريس ڪلب شڪارپور جو مختلف وقتن ۾
ميمبر، جنرل سيڪريٽري، صدر ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. صحافتي حوالي سان
ڪيترن ئي شهرن جا دورا پڻ ڪيا. هر وڏي سياستڪار ۽ ڪاموري اڳيان اٿي انگريزي ۾ تيز
۽ تلخ سوال ڪرڻ سندس خاص انداز هيو. تحرير سان گڏ تقرير جو به فن هئس. جھونائپ ۾
به جڏهن اسٽيج تي ايندو هيو ته گرم جوشيءَ سان محفلون مهڪائيندو ۽ وڄندڙ خوب تاڙين
جي وچ ۾ داد ماڻيندو هيو.
هو
فقير منش، سادو، سٻاجھو، يارويس انسان هيو. کل مذاق سان زندگيءَ جي ڪٺورتائن کي
لنوائڻ ۽ اندر جي انيڪ ايذائن کي وقتي طور ٽارڻ جو ڏانءُ ڪمال درجي جو هئس. مون ته
کيس اڪيلائين جي عذابن ۽ سماجي ستم ظريفين تي ڳل آلا ٿيندي به ڏٺو. وڏڙن سان
واسطيدارين ڪري مون کي ڏاڍو قرب ڏيندو هيو. شڪارپور ۾ گهاريل ڏهه ٻارهن سال سندس
ويجھڙائيءَ جو سبب بڻيا. هو مون وٽ هاٿيدر ڪڏهن ڪڏهن ايندو به هيو........ هاڻ ته
صرف ساروڻيون آهن، جي سرمايو ئي چئي سگھجن ٿيون! عظيم شاعر شيخ اياز ئي ته چيو
آهي:
سـاروڻيون سَوَ ساهه ۾، جيئن روز اچن ڪانڍيون،
وڇـــوڙيـــل وانـــڍيــــون، چـــتا وانــــگر چـنڊ ۾!
No comments:
راءِ ڏيندا