; سنڌي شخصيتون: سائين محمد علي شاھه - اظهار مٺل جسڪاڻي

22 October, 2013

سائين محمد علي شاھه - اظهار مٺل جسڪاڻي

سائين محمد علي شاھه
هڪ مثالي استاد
اظهار مٺل جسڪاڻي
پڙهڻ دوران اسان جو واسطو ٻن اهم قسم جي سيکاريندڙن سان پوي ٿو. هڪڙا استاد جن کي اسين بهترين استاد چئون ٿا ۽ ٻيا ماستر جن کي اسين پهرئين جو ابتڙ سمجهون ٿا. ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته استاد معاشري جو سيکاريندڙ، سينگاريندڙ ۽ سنواريندڙ آهي. استاد وٽ قوم جي مستقبل جون تقديرون آهن، جنهن قوم ۽ ملڪ جو استاد زنده آهي، اها قوم ڪڏهن به مرڻي ناهي. استاد معاشري جو هڪ اهو فرد آهي، جنهن جي سکيا سان انسان پنهنجي منزل حاصل ڪري ٿو.

استادن کي اسان سٺن لفظن ۾ ياد ڪري رول ماڊل ۽ آئڊيل جو درجو ڏيون ٿا ۽ سندن ڪيل ڪم ۽ محنت جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهون. ماسترن کي يا ته ياد ئي نه رکندا آهيون، پر جي ڪو ماستر ياد رهجي به ويندو آهي، ته کيس سٺن لفظن ۾ بيان نه ڪندا آهيون.
انٽر جا امتحان پاس ڪري، يونيورسٽي جي ٽيسٽ جي تياري واري مرحلي ۾ پهتس، ته هر ڪو چوندو هو؛ ”يونيورسٽي جا استاد ڏنگا ٿئي. سڀ ڪجھ پاڻ ڪرڻو پوندئي. زندگي ۾ جيڪو سکيئي سو سکيئي، اڳتي سڀ ڪجھ تنهنجو پنهنجو ذمو هوندو. يونيورسٽي جا استاد صرف ليڪچر ڏئي هليا ويندا. پوءِ انهن جو توهان سان واسطو ئي نه رهندو. اتي گهڻن جا حال بُرا ٿي ويندا آهن.“ بهرحال اهڙيون هزارين ڳالهيون، مختلف ماڻهن وٽان مليون. نيٺ اهي ڏينهن به گذري ويا ۽ منهنجي داخلا مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي کاڻين واري شعبي (مائيننگ انجنيئرنگ) ۾ ٿي.
اهو مائيننگ ڊپارٽمينٽ ۾ پهريون ڏينهن هو. صبح جو وقت، تڌڙي موسم ۽ سُنسان ماحول. پهرئين ڏينهن جينٽل مين وانگر پينٽ بُشيٽ بوٽ پائي ڊپارٽمينٽ ۾ اندر داخل ٿيس، ته هڪ پروفيسر تي نظر پئي، جيڪو مختلف شاگردن سان ڳالهائي ۽ ڪلاس طرف موڪلي رهيو هو. آئون ويجهو پهتس ته hello gentle man چئي هٿ ملايائين ۽ پڇيائين؛ New admission ”جي سر!“ چئي جواب ڏنم. پاڻ نيڪ تمنائون ڏئي، منهنجو ڪلاس ڏيکاريائين ۽ موڪلي ڇڏيائين. سائين جو منفرد انداز ۽ رهنمائي وارو سلوڪ ڏسي، ٿوري خوشي محسوس ٿي ۽ وري ملڻ جي تمنا پڻ. ٻن ڪلاسن کانپوءِ اهو پروفيسر اسان جي ڪلاس ۾ داخل ٿيو، جنهن جي چهري تي انتهائي سنجيدگي ۽ جسم ۾ ڦڙتي هئي.
جڏهن هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته، مون سميت گهڻن ئي دوستن جو ڌيان سندن طرف مائل ٿيندو ويو. هن استاد جو انداز، جيڪو ڪڏهن به ڪنهن کان وسري نه سگهيو آهي، نه وسري سگهندو.
سائين جيڪو ڪجھ ڳالهايو ان جو اختصار لکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. سائين چيو ته توهان جيڪي ڪاليجز مان پڙهي آيا آهيو ۽ دماغ ۾ داداگيري، آزادي جا خيال کڻي ويٺا آهيو، اهي غلطي تي آهيو، ڇاڪاڻ ته انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ ته سولي آهي، پر هن ڊپارٽمينٽ ۾ سٺو انجنيئر ٿيڻ لاءِ توهان کي پنهنجي سوچ، ارادن، خيالن ۽ عملن ۾ پختگي آڻڻي پوندي. سٺو اخلاق، بهتر تعليم، سهڻي فضيلت سان گڏوگڏ چال چلت، هلت، رويو، ڍنگ، انداز ۽ ورتاءُ توهان جي ترجيح هجڻ گهرجي.
هونئن ته سڀئي استاد انتهائي شفيق مهربان ۽ پنهنجي پنهنجي مضمونن ۾ تمام گهڻي مهارت رکندڙ آهن ۽ سڀ مون کي گهڻا پيارا آهن، پر اِهو مانوارو استاد هڪ ماڊل ڪردار، اندر ۾ مينهن ڪڻين جهڙي ٿڌاڻ ۽ نيري اُڀ جهڙي اڇاڻ ۽ اجرائپ رکندڙ گهڻ رخي شخصيت جو ڌڻي پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي شاھ آهي، جيڪو سڀني سان گڏ هوندي به، سڀني کان مختلف ۽ سڀني کان جدا رهندي به، سڀني سان گڏ هوندو آهي. سندس اٿڻ ويهڻ، هلڻ گهمڻ، ڳالهائڻ، ۽ زندگي جو هر وهنوار، کيس نرالي سڃاڻپ ڏيندڙ آهي. سائين ٻڌايو ته هو مهراڻ يونيورسٽي جي پهرئين بئچ جو شاگرد آهي ۽ ۲۰۰۵ کان شعبي جي نشستمان طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر، ڪيترين ئي فني سرگرمين ۾ هڪ وڏو نالو آهي.
هن استاد پهرئين ئي ڏينهن، ڄڻ ڪلاس روم ۾ قدم نه رکيو هو، پر منهنجي دل ۾ قدم رکيو هو. سندن ڪم سان سچائي، لڳن ۽ ايمانداري واري روش مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو.
سائين شاھ صاحب جڏهن به، جيڪو به پڙهائيندا آهن، وري ان جهڙو ڪڏهن ڪو به پڙهائي نه سگهندو. سندن ليڪچر دوران ڪيترا ئي لاڳاپيل مثال ڏيڻ، حوالا ڏيڻ ۽ ان جو روزمره زندگي سان تعلق رکندڙ شين سان ڀيٽ جو ته هڪ الڳ ئي انداز آهي. هڪ دفعو ليڪچر ڏيندي ،سائينءَ جي نظر ڀت تي پاتل پينسل جي نشان تي پئي ۽ پنهنجي کيسي مان ٽِشو پيپر ڪڍي صاف ڪرڻ لڳو. شعبي جو سربراھ هجڻ واري ناتي، هو ڪنهن پٽيوالي کان به اهو ڪم ڪرائي پئي سگهيو، پر اسان جي سمجهاڻي ۽ سٺي اثر لاءِ سادگي جو مثال قائم ڪري، اهو ڪم هن پاڻ ڪيو. يونيورسٽي جي تقريبا سڀني شعبن ۾ اسٽيڪر لڳل ۽ وال چاڪنگ ٿيل هوندي آهي، پر مائيننگ ڊپارٽمنٽ اهڙين شين کان پاڪ آهي. جنهن کي يقين نه اچي، ته مون سان گڏ هلي، آئون ٿو ڏيکاريانس.
سائين موجوده دور مطابق سکيائي سهائتا (teaching aid) جي جديد گهرجن پٽ-اندر، هر ڳالھ واضح ۽ چٽي سمجهائڻ جو ڏانءُ رکي ٿو. هڪ عنوان تي ايترو ۽ ڪارائتو ڳالهائڻ، سندن صفتن مان هڪ آهي.
سائين شاھ صاحب جي باري ۾ هي سڀ ڪجھ تمام گهٽ آهي. جنهن ليول جو ماڻهو، سائين سان ملندو، اُهو ان نموني سائين جي شخصيت مان سبق پرائيندو. ڇو ته سائين شاھ صاحب رڳو ڪلاس جي اندر ئي استاد نه آهي، پر جتي ڪٿي زندگي جا اصول سيکاريندڙ انسان آهي. سائين جو سلوڪ، رويو ۽ قابليت، شاگردن ۾ سکڻ جي سگهه کي ڏينهون ڏينهن وڌائيندي رهي ٿي. پاڻ ڪلاس دوران، شاگرد جي ذهني اوسر مطابق، دلچسپي وارو ماحول پيدا ڪري، هر شيءِ جي معلومات ڏيڻ ۾ ڪا به ڪنجوسپائي نه ڪندو آهي. اڄڪلهه جي هن تيز تبديل ٿيندڙ دور ۾، سائين شاگردن جي همت افزائي ۽ رهنمائي ڪندو رهي ٿو، جيڪا هن وقت جي ضرورت آهي.
اڄ استادن جي عالمي ڏهاڙي (۵ آڪٽوبر) جي موقعي تي، سڀني استادن کي اپيل آهي ته سائين محمد علي شاھ سميت، ٻين سٺن استادن وانگر پنهنجو فرض ادا ڪن ۽ قوم سان اهو واعدو ڪن، ته اڄ کان وٺي، اسان پنهنجي قوم کي ايمانداري ۽ سچائي سان پڙهائينداسين ۽ پنهنجي پيغمبري پيشي جو ڀرم رکندي قوم جي ٻارڙن کي سماج ۾ هلڻ جو شعور ڏينداسين ۽ ماستر لفظ جو وجود ختم ڪنداسين.
اسان کي به پنهنجي استادن جو وڌ کان وڌ ادب ۽ احترام ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي حقن جو خيال ڪرڻ گهرجي. استادن کي مڪمل سهوليتون ڏنيون وڃن ۽ انهن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.

No comments:

راءِ ڏيندا