شيام جئسنگهاڻي
جديد ڪهاڻيڪار
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
سنڌيءَ جو هڪ گهڻ پاسائون فنڪار هند سنڌ جي ادب ۾ هڪ وڏو نالو. هن جو
جنم ۱۲ فيبروري
۱۹۳۷ع تي ڪوئيٽا (بلوچستان) ۾ ٿيو هئو، جيڪو هينئر پاڪستان
جو حصو آهي. ڪهاڻيون لکيائين، ناول لکيائين، ناٽڪ لکيائين، تنقيد تي به قلم هلايائين
۽ پوءِ شاعريءَ طرف سري آيو. جيتوڻيڪ نئين ڪوتا جون ڪجهه سگهاريون جهلڪيون، هن جي ناولن
۾ به ملن ٿيون. شيام ڏهن سالن جو مس هئو، ته ڀارت جو ورهاڱو ٿيو. شيام پنهنجي پيءُ
سانولداس، ماءُ ڪلاٻائي، پنجن ڀينرن ۽ ٽن ڀائرن سان ڪلياڻ ڪئمپ اچي وسائي. هو ۱۹۶۰ع تائين ڪلياڻ ڪئمپ (هاڻي الهاسنگر) ۾ رهيو ۽ پوءِ
ڪلياڻ ڪئمپ کي الوداع ڪري، چيمبور ۾ وڃي رهيو. هو زندگيءَ جي پڇاڙيءَ وارين گهڙين تائين
اتي رهيو.
ڪلياڻ ڪئمپ جي رهائش دوران شيام، سنڌو ايڊيوڪيشن سوسائٽي طرفان هلندڙ
نيتاجي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جيڪو ڪئمپ نمبر چوٿين ۾ آهي. ڇو ته صاحب سيتلداس،
ٻارن جي تعليم لاءِ، هر هڪ ڪئمپ ۾ اسڪول کوليو هو. جن سنڌين ديش جي آزاديءَ خاطر، پنهنجو
سڀ ڪجهه قربان ڪيو، تن کي پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻي پيئي. انهن جي حالت ڏاڍي خسته هئي.
پنجن هزارن سالن جي شاهوڪار سڀيتا جي وارث، اعليٰ تعليم يافته جاتيءَ کي ڍورن وانگر،
ملٽريءَ جي ڀڳل بئرڪن ۾ رکيو ويو، جتي سڌريل حياتي گذارڻ جون ڪي به سهولتون ميسر نه
هيون. ضروري حاجت لاءِ مردن کي جهنگل وڃڻو پوندو هو ته زالن کي وري هٿن ۾ لوٽا کڻي،
فوجي ڪئمپن جي گندن پائخانن ٻاهران قطارن ۾ بيهڻو پوندو هو. پيٽ گذران لاءِ هر هفتي
قطارن ۾ بيهي، راشن وٺي اچڻو پوندو هو، تڏهن چلهه ٻرندي هئي. سياست، سنڌي هندن سان
ڪيڏو نه وڏو قهر ڪيو هو! اهڙين ناگوار ۽ ناساز حالتن جي باوجود سنڌين همت نه هاري.
هو تڪليفده حالتن سان منهن ڏيندي، سور سختيون سهندي، پنهنجي آتم وشواس ۽ اورچائيءَ
سان هن ڌاري زمين تي، پنهنجي روٽي روزي ڪمائڻ لاءِ ڪشمڪش ڪندا رهيا. شيام به پنهنجي
همت، محنت، اورچائي، سمجهه ۽ وشواس سان اهو اڻانگو سفر طئه ڪيو.
شيام ليکڪ نه، پر چترڪار بڻجڻ ٿي چاهيو، پر هو بڻيو ليکڪ. هند سنڌ ۾ وڏو
نانءُ هن جي destiny ۾ ليکڪ بڻجڻ لکيل هو. هن کي ماحول ۽ دوست ئي
اهڙا مليا، جو هن جي ليکڪ بڻجڻ جو رستو ازخود ٺهندو ويو.
شيام لکڻ جي شروعات هڪ ڪچي ڪوتا سان ڪئي.
هو ننڍو هئو، اسڪول ۾ پڙهندو هئو، هن کي هڪ پپن پري وڻندي هئي. هو لڪي
لڪي هڪ نوٽبڪ ۾ ان پريءَ بابت ڪوتائون لکندو هئو. هڪ طرح اهو هن جي پيار جو پهريون
مها ڪاويه هو، جنهن کي صرف هن جي اسڪولي دوست شاليواهن آشر ئي پڙهيو هو. شيام، اهو
نوٽبڪ هميشه تالي بند ٽرنڪ ۾ لڪائي رکندو هئو. اها ٽرنڪ هن جي نانيءَ جي گهر ۾ محفوظ
هئي. هن جي نانيءَ جو نالو سکي هو ۽ هوءَ ئي شيام جي پهرين دوست هئي. هوءَ به سندس
ڀرسان ئي ڪلياڻ ڪئمپ ۾ رهندي هئي.
شاليواهن آشر هن جو گهرو دوست هو. هو به شيام سان گڏ نيتاجي هاءِ اسڪول
۾ پڙهندو هو. هو ذهين هو، هڪ سٺو گايڪ به هو. هو ننڍي عمر ۾ ئي فڪشن لکڻ لڳو هو. سندس
ماءُ به ادب جي شوقين ۽ اڀياسي هئي. شاليواهن آشر تي ماءُ جو وڏو اثر هو. اهڙي نموني
شيام ۽ آشر ٻئي ادب ڏانهن ڇڪبا ويا. انهن ڏينهن ۾ جڳت آڏواڻيءَ جي ڪهاڻي، ۽ تيج پارواڻيءَ
جي نرگس، جو بول بالا هو. هو ٻئي انهن رسالن ڏانهن مائل ٿيا. ان کان سواءِ اردو ۽ هنديءَ
جي معرفت ڀارتي ادب کان به واقف ٿيندا ويا. ديال آهوجا به انهن ڏينهن ۾ چرچا ۾ هوندو
هو. ديال آهوجا، شيام ۽ آشر کي ڪيترن ئي سنڌي ساهيتڪارن کان واقف ڪيو.
شيام ادب ڏانهن سرندو ويو. شيام چواڻي:
”سنڌي ليکڪن جي برادريءَ مان سڀ کان پهرين منهنجي دوستي موهن ڪلپنا
سان ٿي. ان وقت سندس پهريون ناول ”آواره“ ديال آهوجا ڇپائي رهيو هو. موهن، کجيءَ جيان
اونچو جوان هو. شڪل صورت مان ئي رومانٽڪ لڳندڙ ۽ مان اسڪولي ڪتابن جي ڍير مان ٻاهر
نڪرڻ لاءِ واجهائيندڙ، هڪ ئي وقت بي انداز ڳالهين کي تهه کان سمجهڻ جي ڪوشش ۾ بي آرام
نظر ايندڙ مڪي مائوس نينگر! ڇا ته ياري هئي! قد بت جي ٻن الڳ نقشن جي ئي نه بلڪ هڪ
حساس دل فنڪار ۽ هڪ اڻ گهڙيل بي لغام ڪيئين (Worm) جو پاڻ
۾ هڪ لڳاءُ هو. جيئن ۽ جيترو ياد اٿم. موهن ان وقت گهڻو تڻو هڪ نه سمجهه ۾ ايندڙ، اڻ
ڄاتل انوکيءَ دنيا جون ڳالهيون ڪندڙ ۽ سپنا لهندڙ فيلسوف جيان لڳندو هو. موهن سان آخري
ودائي ان ساڳي شمشان ڀوميءَ ۾ ٿي، جتي مان اسڪولي زماني ۾ ڪيترا ئي دفعا رات جو ساڻس
گڏجي ويو هوس. فرق صرف اهو هو ته آخري دفعي، ڏينهن جو ساڻس گڏ هوس ۽ گني سامتاڻيءَ
جو هٿ منهنجي هٿ ۾ هو. موهن کان سواءِ اسان مان ڪير به گهمڻ لاءِ نه نڪتو هو. مون موهن
جو مستڪ ڇهيو. نه ڄاڻ ڇا ڇا کڻي ويو هو. پاڻ سان!
پنجين ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. شيام جن جي مالي حالت ٺيڪ نه هئي. هو گهٽيءَ
جي بلب هيٺان ويهي پڙهندو هئو. هن کي ڪتاب ۽ ڪاپيون خريد ڪرڻ لاءِ به پورا پئسا نه
ملندا هئا. شيام کي رف نوٽبڪ، ان جو دوست موهن پنواڻي ڏيندو هو، ۽ اسڪول مان ڀڄي وڃڻ
تي، شيام جا ڪتاب به هو ئي سندس گهر پهچائيندو هو. هو ننڍپڻ کان ئي رولاڪ هئو. شيام
ان لحاظ کان بيحد ئي خوشنصيب هئو، جو کيس ننڍپڻ کان ئي دوستن جو پيار نصيب ٿيو. مان
جيڪر شيام کي سنڌيءَ جو اجات، شترو چوان. هن جو ڪو به دشمن نه هئو ۽ شيام به ڪنهن جو
دشمن نه هئو. پڇاڙيءَ تائين هن جو سڀني ننڍن وڏن سان پيار ڀريو ورتاءُ رهيو.
شيام چترڪار بڻجڻ ٿي چاهيو. امرتا شير گل، رامڪمار، بيندري، مقبول فدا
حسين (M.F Hsaih) جي چترڪاريءَ کان، هو بخوبي واقف ٿي چڪو هئو.
پر مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، مائٽن جي زور بار تي شيام سائنس ۾ داخلا ورتي. پر هو سائنس
پڙهي نه سگهيو. هن سائنس ٻئي سال ڇڏي ڏني. آخر گهڻن ڌڪن ڌومن ۽ آواره گرديءَ کان پوءِ،
هن ممبئي يونيورسٽيءَ مان ايڪنامڪس ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان سواءِ هن سر جي جي اسڪول
آف آرٽس مان فوٽوگرافي ڪورس ۽ فلم ۽ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ پونا مان، course in script writing and film appreciation به ڪيو. گرئجوئيشن کان پوءِ شيام ساهتيه اڪاڊمي، ريجنل آفيس، ممبئيءَ
۾ ملازمت ڪئي ۽ اتان ئي سن ۱۹۹۵ع
اسٽنٽ ايڊيٽر جي عهدي تان رٽاير ڪيو.
شيام حياتيءَ جا ٽيهه سال پورا ڪري چڪو هئو. هينئر هو زندگيءَ جي پيچرن
کان واقف ٿي چڪو هئو.
شاديءَ لاءِ پڻس جو زور وڌندو ٿي ويو. ليڪن شيام جي شاديءَ ۾ ڪا ئي خاص
دلچسپي نه هئي. هن جي پنجن ڀينرن مان هڪ جي شادي ٿي چڪي هئي. پر گهرو اڻبڻت سبب، هن
ساهرن کي ڇڏي، پيڪو گهر اچي وسايو هو. هينئر هن جي طلاق جون ڳالهيون هلي رهيون هيون.
سندن گهر جون مالي حالتون خوشگوار نه هيون. پوءِ به شيام جي پيءُ چاهيو پئي ته هو شادي
ڪري. هو شيام جي پهرين ناڪام محبت کان به چڱيءَ پر واقف هو. شيام کي نوڪري به هئي
۽ هو سڀن ڀائرن ڀينرن ۾ وڏو به هئو. شادي نه ڪرڻ جو، شيام کي ڪو به سبب نه هئو. مائٽيون
چالو رهيون. اڪثر موڪل جي ڏينهن يا وقتي مهل ڪمهل اڻڄاڻ شخص يا ڪا اڻڄاڻ عورت سندس
گهر ۾ گهسي ايندا هئا. ڏاڙهي وڌيل، ڪپڙا تتر بتر ۽ ابتا سبتا جواب پائي، اهي شيام بابت
ڪو به سٺو اميج پاڻ سان کڻي نه ويندا هئا. شيام من ئي من ۾ مسڪرائيندو هئو... ”جيڪڏهن
منهنجا مائٽ مون کي ان طرح بازارو چيز بڻائي رهيا آهن ته مان ڪنهن به طرح سندن اها
مراد پوري ٿيڻ نه ڏيندس.“
شيام جو حياتيءَ سان سنگهرش جاري رهيو. شام تائين آفيس ۾ ۽ پوءِ فري لانس
فوٽوگرافي، هن جي خواهش ته ان کيتر ۾ معياري ڪلامتڪ ڍنگ جي ڪم ڪرڻ جي هئي. ليڪن مالي
حالتن جي مجبوري سبب، شيام جي اها خواهش، خواهش هئي بڻجي رهجي ويئي. لاچار ٿي هن ڪمرشل
فوٽوگرافي شروع ڪئي. پنهنجي گهرو مالي حالتن کي سڌارڻ خاطر، شيام شادين، پارٽين، جلسن
۽ محفلن ۾ فوٽو ڪڍڻ شروع ڪيا. شيام رات جو گهر دير دير سان اچڻ لڳو. هو هڪ رات گهر
تمام دير سان آيو. جوهو بيچ تي ڪنهن ڪاڪ ٽيل پارٽيءَ جا فوٽا ڪڍندي، هن کي دير ٿي ويئي
هئي. سندس پتا شيام جو بي صبريءَ سان انتظار پئي ڪيو. هي بيحد ٽامڻيل چهرو بنائي بيٺو
هو. فوٽوگرافيءَ جي بئگ، شيام جي ڪلهي ۾ ڏسندي به هو غصي مان چوڻ لڳس؛ ”مون کي ڪجهه
ٻڌڻو ڪونهي، تون ڪجهه به ڪر، مان چاهيان ٿو ته تون بنا دير شادي ڪر. هيءُ گهر ڇڏ ۽
پنهنجو گهر وڃي وساءِ. تنهن جي آوارگي هن گهر ۾ وڌيڪ وقت نه هلي سگهندي.“
شيام ننڍپڻ کان ئي سڀاءَ جو ڏاڍو ضدي، بي چيو بنڊ هئو. ماءُ پيءُ جو ڪجهه
به نه مڃي، اڪثر پنهنجي هوڏ هلائڻ، هڪ طرح سان هن جي عادت بڻجي چڪي هئي. شيام جو پيءُ،
اندر ئي اندر، بيحد نرم ليڪن ٻاهران نهايت ئي سخت، آدرشي، انتظام پسند ڌرمي ۽ پراڻن
خيالن وارو تعليم يافته شخص هو. شيام شروع کان ئي ڪنهن به گهيري ۾ نه ٻڌجندڙ، اوشواسي،
هوڏي رِبيل رهيو. اڳتي هلي هن ادب ۾ به ڪنهن مقرر دائري ۾ پاڻ کي قيد نه ڪيو.
سن ۱۹۶۸ع ڌاري هڪ تيجسوي ڪرڻو غئب مان پرگهٽ ٿي، هن جي سموري
تن من تي ڇانئجي وڃي ٿو. شيام ان کي سڃاڻي ورتو. گويا هن کي يگن کان ان ڪرن، جي تلاش
هئي. ڪرن کي پائي، هو ڪجهه وقت سڀ ڪجهه ڀلجي ويو. ڪرن هن جي زندگيءَ ۾ بهار بڻجي آئي.
۲۲ مئي
۱۹۶۸ع ۾ ڪرن سان شاديءَ بعد، هن جي حياتي پٽڙيءَ تي اچي
ويئي. ڪرن جي حياتيءَ ۾ اچڻ سان، هن جا خوشگوار ڏينهن شروع ٿي ويا. ادبي مشغولين تيزي
پڪڙي. پر هن جو رولاڪ-پڻو به قائم رهيو. هن کي گهڻو وقت هڪ هنڌ ٽڪي ويهڻ هر گز پسند
نه هو.
اتي ئي هن جي ويجهائپ هري موٽواڻيءَ سان جڙي ٿي. سن ۱۹۶۵ع ۾ شيام جون ٻه ڪهاڻيون ”ننگو آسمان“ ۽ ”پڙاڏا“ هريءَ
جي ڪونج ۾ شايع ٿي چڪيون هيون. ۱۹۶۸ع
۾ هري موٽواڻيءَ ”هو جمالو“ فلم ڪڍي. شيام فوٽوگرافي ۽ اسڪرپٽ رائيٽنگ جي تعليم اڳ
ئي حاصل ڪري چڪو هئو. بس پوءِ ڇا ٿيو، هري موٽواڻيءَ هن کي يونٽ ۾ ملٽيپل جوابداريون
ڏيئي، گهر تڙ ئي ڇڏائي ڇڏيو. شيام هڪ ئي وقت ڪلئپر بواءِ، ڪنٽيونيوٽي گرل، اسٽل فوٽوگرافر
۽ اسٽنٽ ڊائريڪٽر بڻجي ويو.
سن ۱۹۶۰ع وارو ڏهاڪو ڀارتي ادب ۾ ڪافي هلچل وارو ڏهاڪو هو.
هندي ادب ۾ نئين ڪهاڻي زور پڪڙي چڪي هئي. اگييه جي تار سپتڪ تي ڪافي بحث مباحثا ٿي
ٿيا. موهن راڪيش ڪمليشور، راجيندر يادو، نرمل ورما، دوڌناٿ سنگهه، رويندر ڪاليا ۽ رميش
بخشيءَ جي ڪهاڻين جو هنديءَ ۾ ڪافي بول بالا هئو. تار سپتڪ جي ڪوين، گجانن مڪتيبوڌ،
نيمچندر جئن، ڀارت ڀوشڻ اگروال، گرجا ڪمار ماٿر، پرڀاڪر ماچوي، رام ولاس شرما ۽ اگييه
جون ڪوتائون به چرچا جا موضوع هيون. مغربي ادب ۾ سارتر، ڪامو، اليٽ، پائونڊ، بڪيت،
جايس، ڪافڪا، وولف، پئسٽرنڪ جو جتي ڪٿي ذڪر هو. شيام جي چوطرف فلمن، پاپ ميوزڪ، جئز
۽ چترڪلا جي پر ڪشش وسيع دنيا هئي. ايلوس پرسلي، فرئنڪ سناٽرا، ڪلف رچرڊ، ڪوني فرئنسز
کان وٺي لوئي آرم اسٽرانگ جا بليوز ۽ جئز، جيوڪ باڪسز، بئنڊ، بسٽروز ۽ جئم سيشنس، هئمبرگرس
۽ ايسپريسو ڪافي هن جي ڪشش جا مرڪز هوندا هئا. هن کي فلمن جو به ڪافي شوق هئو. هن پنهنجي
بئرڪ جي ڪوٺيءَ جي ڀت تي چار تصويرون فريم ڪرائي ڪوڪن سان لڳايون هيون. دلپسند فلمي
هيرو دليپ ڪمار جو ڪلوز اپ، چيخوف جو پورٽريٽ، امرتا شيرگل جو سيلف پورٽريٽ ۽ هنديءَ
جي برک شاعر نرالا جو پروفائيل. گريگري پيڪ، مارلن برئنڊو، گارڊنر، آڊري هئپبرن جون
فلمون ڏسڻ جو هن تي جنون سوار هوندو هئو. ساڳي طرح نرگس، گيتا بالي، وحيده رحمان، نوتن،
راجڪپور ۽ گرودت جي فلمن لاءِ به ڪريز هوس. گيتادت، طلعت محمود ۽ سچن ديو برمن هن جا
فيوريٽس هئا. هن کي سئيڊس ۽ اٽالين ڊائريڪٽرس انگهار برگمن ۽ مائيڪل ائنجيلو ائنٽونيوني
جي فيسٽيولس جو به بي صبريءَ سان انتظار رهندو هئو. چترڪلا ۾ سباوالا، سوزا، پايني
۽ گائتو نڊي سان گڏ حسين جي نون تجربن ڏانهن به هن جو ڌيان ويندو هئو. ستيه جيت ري
کان وڌيڪ رتوڪ گهٽڪ جون فلمون، هن کي وڻنديون هيون.
انهن ڏينهن ۾ شيام کي ائبنارمل شخص پاڻ ڏانهن وڌيڪ ڇڪيندا هئا. هو سوچڻ
لڳندو هئو ۽ بعد واري حياتيءَ ۾ به هو اڪثر سوچيندو رهيو ته ڪلاڪار نارمل ڇو نه هوندا
آهن يا نارمل طرح سان سندن سڀاءُ ۽ هلت ڇو نه هوندي آهي؟ لگن، جنون، ڪجهه اڳ ڪري ڏيکارڻ
واري مراد ۽ مقصد کي سمجهي سگهجي ٿو. هڪ الڳ قسم جي مئٿميٽڪس ڪلاڪارن سان لاڳو هوندي
آهي. شيام جئسنگهاڻيءَ چواڻي:
”ڪوي نرالا (هنديءَ جو برک شاعر) سموري زندگي ڪشمڪش ڪندي دماغي ميزان
وڃائي به سرجڻ نه ڇڏيو. چيخوف ڊاڪٽري پيشي ۾ دلچسپي نه وٺي ساهت ۾ پاڻ کي لين ڪري ڇڏيو.
ساحر لڌيانوي صرف شاعريءَ ۾ زنده رهيو ۽ شاعريءَ ۾ مري ويو. دوستو وسڪي زندگيءَ جون
ذلتون سهندي به لکڻ جي پچر نه ڇڏي. ڦاسيءَ جي سزا کان بچي هن سائبيريا جيل ۾ ”دي هائوس
آف دي ڊيڊ“ لکيو. گنٽر گراس جرمنيءَ کان هزارين ڪلو ميٽر دور ڪلڪتي جي گندين بستين
۾ رهي ”ڪالي“ تي ناول لکيو. عورت جي بنيادي فطرت، واسنا ۽ ترپتيءَ سان وابسته الجهيل
سوالن جا جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ ڊراس ليسنگ پنهنجي نجي ڊائريءَ کي ناول جو روپ ڏيئي،
”گولڊن نوٽبڪ“ پيش ڪيو. تڪشي شو شنڪر پليئي ڪيرل جي دور دراز ڳوٺ ۾ گهڻو تڻو زندگي
نشي ۾ گهاريندي به هڪ کان وڌيڪ شاهڪار لکيا. جيمس جايس ”ڊبلن“ شهر جوڙيو ۽ ”يوليسز“
۾ ان شهر ۽ شهر واسين جي جاگرافيءَ جي سنڀال ڪندو رهيو. سيميوئل بڪيت اهڙي ٽرالاجي
لکي، جنهن جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش اڄ تائين ڪو به نه ڪري سگهيو آهي. سريش جوشيءَ اڪاڊيمي
انعام ٺڪرائي ڇڏيو ۽ جيڪي چاهيو سو ئي لکيو. موهن ڪلپنا آخري گهڙيءَ تائين زندگيءَ
کان آڻ نه مڃي، نه ئي هٿيار ڦٽا ڪيا.“
شيام جو ادب ۾ هڪ وڏو سفر رهيو. ان سفر ۾ هن جي تلاش جاري رهي. تلاش زندگيءَ
کي ڏسڻ جي، ان کي الڳ الڳ ڪنڊن کان جاچڻ جي، ان کي سمجهڻ جي، زندگي جا اڄ جي زندگي
آهي، جيڪا اسين جيئون پيا، سا زندگي! زندگيءَ جي هر سرحد تي، جنگ جي احساس، تهذيب جي
ماڻن جو ٽٽڻ يا بدلجڻ، رشتن جو برف ٿيڻ، اڄ جي زندگيءَ مان پيدا ٿيل بي احساسي، ڍونگ،
فريب، انسان جي بنيادي ڀاونائن ڏانهن بي رخيءَ جهڙن ويچارن جو اظهار، هن جي ادب ۾ ڇتي
انداز ۾ ٿيل آهي. هن روايت جي بي معنيٰ دهراءَ کان هٽي اخلاقي يا آدرشي نقط نظر کان
بلڪل ئي بي نياز بڻجي، جيون ملهن کي نئين صورتحال ۾ فنائتو اظهار ڏنو آهي. هن جو گهرو،
اڀياس ۽ احساس جي شدت، سندس زبان ۽ انداز بيان ۾ نرالپ کڻي اچي ٿي، جا شيام جي سڃاڻپ
بڻجي پوي ٿي. الڳ الڳ قلمڪارن جي اظهاريل ويچارن، نڪتن ۽ هوشمنديءَ مان هن جي عالمگير
سطح تي، ٻين ٻولين جي عالمن ۽ اديبن جو مطالعو صاف جهلڪي ٿو. هو پاڻ تي ڪنهن به فيلسوفي،
منوگيان، منطق يا آدرش جو نسخائي تهه چاڙهڻ پسند نٿو ڪري. هو هڪ هنڌ Henry Carties Bresson جا لفظ ڪوٽ ٿو
ڪري: I have neither a message
nor a mission. I have a point of view هن جي لکڻين ۾ وزن آهي، وڪڙ آهن، تجربن ۾ سندس وشواس
آهي. شيام چوي ٿو. ائڊوينچر يعنيٰ للڪار يعنيٰ جيئڻ جي ڪسوٽي! هيترو سارو ادب لکڻ کان
پوءِ به هن کي دلجاءِ نه ٿي. هو هڪ هنڌ چوي ٿو:
”مون جيڪي ڪجهه چاهيو ۽ سوچيو آهي اهو اڪثر لکي نه سگهيو آهيان. ڪهاڻيءَ
۽ ناول ۾ ته بلڪل ئي نه. جيڪي به لکيو اٿم، لکڻ بعد پٺيان نهارڻ نه چاهيو اٿم. ان کي
اتي ئي ڇڏي، وڌي وڃڻ چاهيو اٿم. بلڪل ان ڌارڻا جيان ته، ڪنهن به سناتني رولاڪ کي زمين
جي ساڳئي حصي کي ٻه دفعا لتاڙڻ نه کپي.“
هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو:
”تازي هوا پائڻ لاءِ جڏهن جڏهن مان ڪنهن پاور فل پنچ يا ڪڪ لاءِ موڊ
کي تيار ٿيل ڏسندو آهيان ته دوستو وسڪيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن رچنا کي کڻي جتان به ايندو
آهي، پڙهڻ شروع ڪندو آهيان. لڳندو آهي ڄڻ هو مون کي ئي چئي رهيو آهي؛ ”پاڻ کي گوشہ-نشينيءَ
۾ بند نه ڪر، پرڪرتيءَ کي پاڻ سونڀ، مٿي اچ، چاهي ٿورو ئي سهي. ٻاهرين دنيا ۽ ٻاهرين
چيزن سان مخاطب ٿيءُ.“
سال ۲۰۰۹ع سنڌيءَ لاءِ سڀاڳو سال ناهي. هند ۽ سنڌ جا ڪيترا
ئي ساهتيڪار ۽ فنڪار هڪ ٻئي پٺيان راهه رباني وٺي ويا. شيام جئسنگهاڻي به آرتوار ۲۲ مارچ ۲۰۰۹ع تي، هن فاني دنيا کي ڇڏي، رب ڏانهن روانو ٿي ويو.
۱۹ جون ۱۹۹۱ع ۾ ڪرن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ، شيام اڪيلائپ جي پيڙا
ڀوڳي، جنهن هن کي نهوڙي ڇڏيو. شيام کي ڪو پنهنجو اولاد به ڪين هئو، پر سندس مائٽياڻيءَ
مينا جڳتياڻيءَ (شاديءَ کان پوءِ جيشما سامتاڻي) هن جي ماءُ جيان پرگهور لڌي. شيام
هن جي ماسيءَ جو گهوٽ يعني ماسڙ هئو. مينا شاديءَ بعد سينگاپور هلي ويئي پر پوءِ به
سندن رشتو قائم رهيو. شيام ٽي ٽي مهينا هن جي گهر سينگاپور ۾ وڃي رهندو هئو. مون سان
به شيام مينا جو ذڪر ڪيترا ئي دفعا ڪيو هئو.
شيام زندگيءَ جا پويان سال، لاعلاج بيمارين ۾ ڏاڍا ڏکيا گذاريا. هو Wheel chair تي به رهيو. هو
لاعلاج بيمارين سان لڙندو رهيو پر هار قبول نه ڪئي. شيام جئسنگهاڻي اڪثر ارنيسٽ هيمنگوي
جي ناول Old man and
the Sea جو ذڪر ڪندو هئو، ان جي ٻڍي مڇيمار نائڪ جو ذڪر ڪندو
هئو، چوندو هئو:
The man can be destroyed, but not be feared ۽ سچ پچ شيام به بيمارين جي باوجود شڪست قبول نه ڪئي. وهيل چيئر تي
هئو، کيس ڳالهائڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي، پوءِ به جڏهن ممبئيءَ ۾ هوندو هئو، رات جو فون
ضرور ڪندو: ”منهنجو صاحب ويٺو آ؟“ ڪيترو نه لڪل درد هوندو هو، انهن لفظن ۾! هڪ ازغئبي
طاقت کانئس اهو سڀ ڪرائيندي هئي.
شيام جئسنگهاڻيءَ ويڻا پبليڪيشن جي Book Release جي لڳ ڀڳ سڀني جلسن ۾ شرڪت ڪئي هئي. پويون پروگرام،
جنهن ۾ هو شامل ٿيو هئو، سو هو يوٿ سرڪل الهاسنگر ۾ ۲۷
آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي. منهنجي لکيل ڪتاب ”ايم ڪمل جي شاعري“ جو مهورتي
جلسو، ڪتاب جي رونمائي ڪندي، شيام جيڪي لفظ چيا هئا، سي اڄ به منهنجي ذهن ۾ ٻرن پيا؛
”اڄ جي مبارڪ محفل ۾ پروفيسر هيرو شيوڪاڻي ۽ ڊاڪٽر لڇاڻيءَ جهڙا قابل استاد ويٺا آهن،
جن مون کي ٻيو سڀ ڪجهه ته سيکاريو پر ڳالهائڻ نه سيکاريو. ان ڪري اڄ ڪمل صاحب تي لکيل
بي مثل ڪتاب جو مهورت مون کان ٿو ڪرايو وڃي. حضرت ڪمل صاحب، اڄ هند ۽ سنڌ جو ممتاز
۽ اول نمبر شاعر آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ جنهن طرح جدت اڀري اوج تي آئي آهي، ڪمل صاحب شاعريءَ
۾ ان طرح ئي جدت سان جڙيل سينسيبلٽيءَ کي ڪمال بلنديءَ تي ڇڪي ويو آهي. ڊاڪٽر جگديش
لڇاڻيءَ مون کي هن ڪتاب جي آف پرنٽ نظر مان ڪڍڻ لاءِ موڪلي، تڏهن مون کيس پڙهي چيو
ته؛ ”مان پٽ تي ته ڊانس نٿو ڪري سگهان پر پنهنجي صحت جي مد نظر بستري تي نچي سگهان
ٿو.“
اڄ شيام جسماني طور اسان وٽ ڪونهي. پر چوندا آهن؛ لفظ ڪڏهن مرن نٿا. شيام
پنهنجين ڪهاڻين، ناولن ۽ ڪوتائن ۾ اسان سان گڏ آهي. هن جيڪا فڪري روشني ڦهلائي آهي
ان جي لاٽ اجهامڻ جي ناهي. اڄ به منهنجي ڪنن ۾ شيام جا لفظ ٻرن ٿا؛ ”منهنجو صاحب ويٺو
آهي.“ پوءِ مان ڪيئن چوان ته شيام اسان وٽ ڪونهي. هو اسان وٽ آهي، آهي، آهي!
No comments:
راءِ ڏيندا