; سنڌي شخصيتون: شيام، جئسنگهاڻي، جديد، ڪهاڻيڪار، ڊاڪٽر، جڳديش، لڇاڻي،
Showing posts with label شيام، جئسنگهاڻي، جديد، ڪهاڻيڪار، ڊاڪٽر، جڳديش، لڇاڻي،. Show all posts
Showing posts with label شيام، جئسنگهاڻي، جديد، ڪهاڻيڪار، ڊاڪٽر، جڳديش، لڇاڻي،. Show all posts

21 October, 2013

شيام جئسنگهاڻي - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

شيام جئسنگهاڻي
جديد ڪهاڻيڪار
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
سنڌيءَ جو هڪ گهڻ پاسائون فنڪار هند سنڌ جي ادب ۾ هڪ وڏو نالو. هن جو جنم ۱۲ فيبروري ۱۹۳۷ع تي ڪوئيٽا (بلوچستان) ۾ ٿيو هئو، جيڪو هينئر پاڪستان جو حصو آهي. ڪهاڻيون لکيائين، ناول لکيائين، ناٽڪ لکيائين، تنقيد تي به قلم هلايائين ۽ پوءِ شاعريءَ طرف سري آيو. جيتوڻيڪ نئين ڪوتا جون ڪجهه سگهاريون جهلڪيون، هن جي ناولن ۾ به ملن ٿيون. شيام ڏهن سالن جو مس هئو، ته ڀارت جو ورهاڱو ٿيو. شيام پنهنجي پيءُ سانولداس، ماءُ ڪلاٻائي، پنجن ڀينرن ۽ ٽن ڀائرن سان ڪلياڻ ڪئمپ اچي وسائي. هو ۱۹۶۰ع تائين ڪلياڻ ڪئمپ (هاڻي الهاسنگر) ۾ رهيو ۽ پوءِ ڪلياڻ ڪئمپ کي الوداع ڪري، چيمبور ۾ وڃي رهيو. هو زندگيءَ جي پڇاڙيءَ وارين گهڙين تائين اتي رهيو.