استاد پارو مل ڪولهي
پريم نگر ۽ پارڪر جو پريمي
خالد ڪنڀار
هونئن ته هو پارڪريو ڪولهي هو، پر پارڪرين جي به پرمار نک مان هو. پارڪر
۾ هن جي پيڙهين جي پيرن جا نشان چڻيندا ڳوٺ ۾ آهن. هن جو پيءُ پرکو ڪاتر جي ڌڪ جو وڏو
چيٽڙو هو. اڏامندي پکي کي به ٻولائي ڌڪ هڻندو هو. هو سدائين ڌوتي، ڦينٽي ۽ صدري ۾ هوندو
هو ۽ اڪثر ڪري پن جي اڇي ڌاڳي واري ٻيڙي مٺ تي پيئندو هو. هڪڙي دفعي هي پنهنجي گهر
واري ڪيسر ٻائي کي اسلام آباد وٺي ويو. انهن ڏينهن ۾ پي ٽي وي تي سکان واري ڊرامي جي
ڌوم متل هئي. ايئرپورٽ تي جئين ئي ميڊيا وارن پارو مل سان گڏ ڪيسرٻائي کي پنهنجي ڪلچرل
ويس جهٻي، پڙي ۽ الهي ڪلهي ٻانهين سان ڪلچرل زيورن ۾ ڏٺو ته ڪئميرا جي فليشن جا چمڪا
ٿي ويا. هر ڪو پيو چوي..” سکان آ گئي، سکان آ گئي..“ پوءِ اها ڳالهه ڪي ڪيترا ڏينهن
اخبارن ۽ ٽي وي تي ايندي رهي. پارو مل پنهنجي ڪلچر کي ڪيش ڪرائڻ وارن مان ڪو نه هو.
هن کي پنهنجي ڪلچر سان پيار هو. هو نبي سر جي وچ شهر ۾ ڪولهين جي ڪلچرل راند ڏوڪي
(جنهن کي ڏانڊيا راند چون) ڪندو هو. ايم اين اي هوندي به هر سال ڪانهوڙي جي ڏينهن تي
هو سڄي شهر ۾ دهل تي اها ڏوڪي راند ڪندو هو. مرڻ کان هڪ سال اڳ به اها راند هن ڪئي
هئي. نانگن واري ميلي ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ورسي ۽ ادبي ڪانفرنس ٿيندي هئي.
اتي به هي ڏوڪي راند ڪري پوءِ ڪامريڊ غلام حيدر لغاري، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين مقررن
سان گڏ اسٽيج تي ويهندو هو. انهي ڏوڪي راند ۾ ٻن ٻن جون ٻه جوڙيون هونديون آهن، هڪڙو
ڏانڊيو هڻندو آهي، ٻيو هن جو بچاءِ ڪندو آهي. هي هڪڙي جنگي تربيت هئي. استاد پارو مل
ڪولهي راڳ جو وڏو پارکو هو. اڄ به هن جي پٽن وٽ استاد پارومل جو باجو، بينجو ۽ پڪواز
پيل آهن. هن کي هر راڳ جي خبر هئي ته ڪهڙو راڳ ڪهڙي ٽائيم تي ڳائجي. روز صبح جو اٿي
پهرين ڳائڻ جي پريڪٽس ڪندو هو. ايستائين جو عام محفلن ۾ به نبي سر شهر ۾ ڳائيندو هو.
استاد پارومل ڪولهي جو ڪتاب ”پريم ساگر جا موتي“ ڪلچر ۽ اصلوڪن رهاڪن ۽ ريتن رسمن تي
ڪمال جو ڪتاب آهي. هن جو ڪتاب” لڪ لساٽيا لوڪ“ اڻ ڇپيل رهجي ويو. هڪ ٻيو ڪتاب به اڻڇپيل
پيو آهي.
هن جو پيءُ پرکو چڻيندن مان نڪتو ته لڏو اچي ڏاجهيري ۾ لاٿائين. پارومل
ڏاجهيري ۾ وڏيرن جو مال چاريندي فائينل پاس ڪيو ۽ پوءِ انٽر تائين پڙهيو. پارڪر کانپوءِ
هنن جو مڙهه مقام ڏاجهيرو هو. اتان پڙهي نڪتو ته کيس ماستري ملي وئي. ملي وري نبي سر
۾. سو اتان لڏو کڻي اچي نبي سر روڊ ۾ ويٺا. هن پنهنجي ماستري جو پورو دور نبي سر روڊ کي ڏنو. اتي ئي نبي سر ۾ رهڻ دوران هن جو واسطو
لغاري ڀائرن سان پيو، جن هن جي سياسي تربيت ڪئي. هو سياست ۾ انهن لغارين ڪامريڊ غلام
محمد ۽ ڪامريڊ غلام حيدر کي پنهنجا سياسي استاد مڃيندو هو. اتي ئي هن ستر ڌاري ڪولهين
جو وڏو ڪٺ گڏ ڪيو، جنهن ۾ هن پهرين ڪولهي ايسو سيئيشن ٺاهي. اهو هن جو سياست ۾ پهريون
قدم هو. پر انهي ڪولهي ايسو سيئيشن جو ڪو به عهدو پاڻ وٽ ڪو نه رکيائين. انهيءَ کانپوءِ
هي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر به ٿيو. پر تڏهن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين ارباب غلام
رحيم ٿيو ۽ هن ميرن جي حق ۾ ووٽ ڪيو هو، جيڪي هارائي ويا. 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن
۾ هن قومي اسيمبلي جي سيٽ تي فارم ڀرايو. اوستائين هي ماستري تان رٽائر ٿي چڪو هو.
هن وٽ فارم ڀرائڻ لئه پئسا به ڪو نه هئا. گهر ۾ بيٺل ٻه سوئا ٻڪريون وڪيون ۽ ڪجهــ
پئسا ملندڙ ماهوار پينشن جا گڏائي هن اهو فارم جمع ڪرايو. فارم بحال ٿيڻ کانپوءِ هن
وٽ هڙ ۾ ته ڪجهه هو ڪو نه، پوءِ هن پنهنجا ورڪ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن سائيڪل تي، ڪڏهن پنڌ..
پر اڪثر ڪري بيل گاڏي ۾ ۽ بس جي ڇتن تي چڙهي پوري سنڌ ۾ ورڪ ڪيا. هن وٽ ماڻهو دعوتون
ڏيڻ ايندا هئا. هو چوندو هو؛ منهنجا ورڪ مون نه پر ماڻهن پاڻ ڪيا آهن. حقيقت ۾ جيڪو
جتي هن جي برادري جو ماڻهو هو، انهي اتان هن جا ورڪ ڪرڻ شروع ڪيا. سڄي ڪولهي برادري
سڄي سنڌ ۾ هن لاءِ اٿي بيهي رهي. انهي برادري هن جي چندو ڪري مدد به ڪئي. اهو ڪولهين
۾ آيل پهريون انقلاب هو. انهي لاءِ هن 1970ع کان ڪولهي ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان
ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. ايئن هن جا ورڪ هن جي برادري ڪري هن کي 1985ع ۾ قومي اسيمبلي جي
سيٽ کٽرائي. ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته بس جي ڇتن تي ويهي مٺ تي پن جي ٻيڙي پيئندڙ هي
ماڻهو ايم اين اي ٿيندو. هر ڪو هن تان ٽوڪون ڪندو هو ته بس جي ڇت ۽ ڍڳي گاڏين تي چڙهي
ايم اين اي ٿو ٿئي. هي پهريون ڪولهي هو، جيڪو پاڪستان قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. نه
وري هن کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪو ڪولهي قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿي سگهيو آهي. هو ڪمال
جو مقرر هو، انهي ڪري قومي اسيمبلي ۾ به ايئن ئي ڳالهائيندو هو. چون ٿا ٿر ۾ آيل
86ع واري ڏڪار تي هن قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور تقرير ڪئي، جنهن جي ڪري محمد خان جوڻيجي
انهي اجلاس کانپوءِ ٽي ڏينهن ٿر جو دورو ڪيو. ٿر ۾ جيڪا وڏن داڻن واري دال ۽ گيهه سان
گڏ ٻي امداد ملي، جنهن کي اڄ به ٿريا وساري ناهن سگهيا. اهو پارومل جي تقرير جو ڪمال
هو. انهي ئي قومي اسيمبلي ۾ هن سيتا ڪولهڻ ڪيس تي ڀرپور تقرير ڪئي، اها ڪولهڻ ڊگهڙي
جي هئي. جيڪا نوحاڻين اغوا ڪئي هئي. انهي ڪري ذات ڪولهي اچي ميرپور ۾ گڏ ٿيو. چون ٿا
انهي احتجاج ۾ ڏهه هزار ڪولهي ميرپور ۾ گڏ ٿيا. پوليس انهن ڪولهين تي وچ شهر ۾ گولي
هلائي هئي. چار ڪولهي مارجي به ويا هئا. پارو مل جي قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير جو اهو
نتيجو نڪتو، جو اسيمبلي چار رڪني جاچ ڪاميٽي ٺاهي. اها ڪاميٽي جاچ ڪري واپس پهتي ئي
ڪو نه، ته اسيمبلي ٽٽي چڪي هئي. پوءِ ڪشن چند پارواڻي انهي خاندان کي لڏائي پنهنجي
ڳوٺ ويهاري ڇڏيو. انهي وقت جي ڊي سي ۽ پارواڻي ملي انهي ڇوڪري جي مائٽن کي راضي ڪيو
۽ ڇوڪري کي مسلمان ڪري نوحاڻين حوالي ڪري ڇڏيو. پر تڏهن ئي ڪولهين جو هڪڙو ليڊر قرض
حسنه تان هن سان وڙهي پيو. پارو چيو سڀني غريبن کي ملڻ کپي، هن چيو؛ اڌ فارم مونکي
ڏي. اهو قرض غريب بي واهن لاءِ هو. انهي ليڊر هن تي ايف آءِ يو ۾ ڪيس ڪيو ته پارو مل
وڏي ڪرپشن ڪئي آهي ۽ هن پنهنجي پيءَ پرکي تي سرڪاري خرچ مان ڏيوڙي (مقبرو) ٺهرايو آهي
۽ هاڻ هو ڪروڙين رپيا کڻي انڊيا ڀڄڻ وارو آهي. انهي ڪيس ۾ سورنهن ڪولهين جا نالا هجن.
ايف آءِ يو جو ڊائريڪٽر اسلام آباد مان ڪيس جي پڇا ڳاڇا لا آيو. قبرستان ويو. ته پرکي
جي قبر جهڙي ڪلر ۾ هئي، اهڙي ئي هئي، ڪا ڏيوڙي ڪا نه هئي. پارو مل جي اڪائونٽ ۾ رپيو
به ڪو نه هو. پٽ جي اڪاونٽ ۾ ٻه هزار رپيا هئا. باقي ٻين پندرنهن ڄڻن جا بئنڪ اڪائونٽ
ئي ڪو نه هئا.
ڪستوري ڪيس کي ڪيش ڪرائي حادثاتي طور پئدا ٿيل ليڊر حيدر آباد ۾ روپلي
ڪولهي تي ڪانفرنس ڪرائي، انهي ۾ پارو مل کي پنڊال جي آخري ڪرسي ڏني. جڏهن پروگرام شروع
ٿيو ته پارومل پنڊال مان اٿي چيو..” اسٽيج تي ويٺل ڪو اهڙو ماڻهو آهي، جيڪو روپلي تي
مونسان ڳالهائي؟“ عطائي ليڊر ته عطائي هئا. هو نواب جي پٽ کي به منهن تي چئي ڇڏيندو
هو. پارومل انهي پروگرام مان اٿي هليو آيو. هڪ به ماڻهو روپلي تي هن سان نه ڳالهايو.
پرويز مشرف جي دور ۾ ڪڻن ذريعي اڳوڻن ايم اين ايز کي اسلام آباد ۾ پلاٽ ٿي مليا. انهي
۾ سائين پارو مل جو ڪڻو به نڪتو. اهو پلاٽ وڪڻي ڪار ورتائين، جيڪو هن جو پٽ شهر ۾ ٽيڪسي
طور هلائي ٿو. آخر ۾ سائين ٽي بي، دم ۽ گردن جي بيماري ۾ 2006 ۾ گذاري ويو. هن جي هڪڙي
پوٽي سائين ديودر جي ڌيءَ لمس ۾ پڙهي ٿي. هاڻ ڪولهين پارومل کي وساري ڇڏيو آهي. پر
هن جو پنهنجي ڪاتر سان گڏ مجسمو، جنهن ۾ هن جي زال ڪيسرٻائي داڻا پئي ڇڙي، اڄ به سنڌالاجي
حيدآباد ۾ پارڪر جي ڪلچر جي نشاني آهي. پنهنجي ڳوٺ کي ”پريم نگر“ ۽ پاڻ کي ”پريمي“ سڏائيندڙ سائين پارومل جو خاندان
موجوده دور ۾ خراب معاشي حالتن ۾ گهاري رهيو آهي.
واھ سائين تمام زبردست لکيو آھي توھان سلام آھي توھان کي
ReplyDeleteواه واه
Delete