; سنڌي شخصيتون: استاد گلزار علي خان

29 September, 2013

استاد گلزار علي خان

استاد گلزار علي خان

سنڌي موسيقيءَ جو وڏو راڳي

وزير فرهاد سولنگي



استاد گلزار علي خان جو اصل نالو گلاب خان دايو هيو. هيءُ ۱۹۳۴ع ڌاري، محمد مراد دايي جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڳوٺ ضلعي نوشهرو فيروز جي شهر خانواهڻ جي ڀرسان ڳوٺ ديهات نالي سان آهي. استاد گلزار علي خان شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي کيس ٻالڪ پڻ کان ئي راڳ ڳائڻ جو شوق هو، ڇو ته سندس والد صاحب محمد مراد خان دايو به راڳ ڳائيندو هيو هن پنهنجي پيءَ کان متاثر ٿي راڳ جي دنيا ۾ قدم رکيو پاڻ جڏهن ۸ سالن جي عمر جو هيو ته هن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو هن شروعات ۾ راڳ جي سکيا پنهنجي پيءَ کان ورتي ان کان پوءِ هن ۱۶ سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي وڃي استاد مهر علي خان کان راڳ جي سکيا ورتي ان کان پوءِ جڏهن هو ۲۵ سالن جو ٿيو ته پاڻ استاد منظور علي خان وٽ وڌيڪ راڳ سکڻ لاءِ ويو. استاد منظور علي خان ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا. جن راڳداريءَ جي دنيا ۾ تمام سٺو نالو پيدا ڪيو سندس انهن شاگردن ۾ استاد گلزار علي خان جو به نالو به نمايان آهي.


استاد منظور علي خان جو هن تي تمام گهڻو راض هيو. جنهن سبب هن جي گائيڪي جو انداز به هوبهو استاد منظور علي خان جهڙو هوندو هيو. استاد گلزار علي خان لاڙڪاڻي ۾ راڳ سيکارڻ جي هڪ اڪيڊمي به هلائي جتي پاڻ ڪيترن ئي شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏيڻ لڳو. جن ۾ غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، عبدالحميد راڄپر، سڄڻ سنڌي، نجم علي مڱڻهار، عبدالغفور سومرو، مختيار علي، غلام قادر ۽ عبداللطيف مهر شامل آهن. استاد گلزار علي خان ۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو حيدرآباد سان وابسته رهيو ۽ ڪيترن سالن تائين موسيقيءَ جي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ان کانپوءِ ريڊيو پاڪستان خيرپور مارچ ۱۹۸۳ع ۾ قائم ٿي ته اتي هو بحيثيت موسيقار جي ڪم ڪرڻ لڳو. استاد گلزار علي خان پاڪستان ٽيليوزن تي به ڪافي پروگرام ڪيا ان کان علاوه سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون رليز ٿيون. جن کي پڻ ٻڌندڙن طرفان سٺي پذيرائي ملي. استاد گلزار علي خان ريڊيو پاڪستان سان ۳۰ سالن تائين وابسته رهيو ۽ فن موسيقيءَ جي خدمت ڪيائين.

استاد گلزار علي خان ڳائڻ کان علاوه هو مختلف ساز وڄائڻ جو به ماهر هيو جن ۾ هارميونيم، بينجو، وائيلن، ستار، تبلو، تانپورو، ڍولڪ وغيره اچي وڃن ٿا کيس ٻه پٽ ۽ چئن نياڻين جو اولاد هيو جن ۾ مظهر علي، اظهر علي، صنم، افشان، ارم ۽ ڪرن شامل آهن.

سندس مشهور ڪلام جن کي عوام ۾ بيحد مقبوليت ملي. جن ۾ طالب المولا جو ڪلام :دل جون ڳجهڙيون ڳالهيون ڀلا توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان، شاھ ولايت جو ڪلام، تون آن باغ حسن جو گل گل، اسين واس وٺڻ لاءِ ڪل ڪل. يا حضرت سچل سرمست جو ڪلام: ميندي مون هٿ لايوڙي ڀينر ، محب مئيءِ جي گهر آيو. ان کان علاوه لاکيڻي لطيف جو ڪلام :مونکي ڏونگر ڏک نه ڏي ادا ڙي، يا حضرت سيد صالح شاھ جو ڪلام: ڪانگ لنوين مٺي لات. هيءَ سندس ڳايل اُهي ڪلام آهن جن کي سنڌ واسين پنهنجي جيءَ ۾ سانڍيو ۽ استاد گلزار علي خان جي سڃاڻپ بڻجي ويا.

استاد گلزار علي خان ۱۹۸۵ع کان بيمار رهڻ لڳو ۽ کيس ٻه ڀيرا فالج جو اٽيڪ ٿيو جنهنڪري ڊاڪٽرن کيس ڳائڻ کان منع ڪئي. پر انهيءَ بيماري هن جي دل ۽ گردن تي اثر ڪيو ۽ ۱۹۹۰ع کان پوءِ مسلسل بيمار رهڻ ڪري ڪيترن ئي اسپتالن مان علاج ڪرايائين پر ڏينهون ڏينهن ڪمزوري طرف وڌڻ لڳو. اهڙي طرح هن کي جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن کيس لاعلاج ڪري ڇڏيو. آخر ۾ هي مايوس ٿي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو نيٺ سنڌ جو هي وڏو راڳي ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۲ع ۾ پنهنجي هزارين مداحن کي ڇڏي هميشه لاءِ ابدي آرامي ٿيو. اڄ سندس ۲۱هين ورسي ملهائي پئي وڃي.


 

استاد گلزار علي خان

منھنجي تو سان مٺا محبت ايتري جھڙا ڪلام ڳائي محبتون ونڊيندڙ ڪلاڪار

ناصر قاضي

سالن پڄاڻا اڄ ڏينهن تائين ريڊيو پاڪستان خيرپور تان روزانو شام جو ڇهين بجي جي خبرن کانپوءِ هڪ سريلي آواز ۾ هڪ نغمو ’اسين ماڻهو مٺڙي ملڪ جا‘ نشر ٿيندو آهي ۽ اهو ئي سهڻي آلاپ وارو نغمو ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن جي پروگرام ’سهڻي ڌرتي‘ جي شروعات جو اطلاع هوندو آهي. ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ان پروگرام کي جن جن ساٿين به ٻڌو هوندو، تن کي يقيناً اها خبر هوندي ته ان پروگرام جو اهو ٽائيٽل سانگ ”اسين ماڻهو مٺڙي ملڪ جا“ سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم ڪلاڪار استاد گلزار علي خان جي سهڻي، سريلي ۽ لافاني آواز ۾ ڳايل آهي.

اهو استاد گلزار علي خان هو، جيڪو شخصيت، فن، اخلاق توڙي گفتار ۾ واقعي به گلزار هو ۽ نه صرف گلزار هو، پر پنهنجي نالي جي پهرين اکر ’استاد‘ جي نسبت سان به هو هڪ مڪمل ۽ شفيق استاد هو. سندس شمار سنڌ ڌرتيءَ جي انهن فنڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجا وڌ ۾ وڌ شاگرد تيار ڪيا. سنڌ جا اڄ به ڪيترا ئي سريلا راڳي سندس ئي ڏنل فيض سان فيضياب آهن. هن پنهنجي شاگردن کي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي ڪلا جي ڪيميا سان نوازيو. کيس پنهنجن شاگردن سان بي انتها شفقت ۽ محبت هوندي هئي. هو پنهنجي شاگردن کي به اولاد جيان سمجھندو هو. ايتري قدر جو پتو پيو آهي ته هن پنهنجي استعمال جو تانپورو سنڌ جي تمام سريلي فنڪار، پنهنجي شاگرد غلام شبير سمون کي، جڏهن ته پنهنجي استعمال جي هارمونيم رتيديري شهر جي پنهنجي ٻئي شاگرد مرليڌر کي ۽ پنهنجو سر منڊل پنهنجي هڪ ٻئي شاگرد نظير حسين تنيو کي نشاني طور ڏئي ڇڏيا هئا.

استاد گلزار علي خان ساهتي پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ضلعي نوشهري فيروز ۾ ۱۹۳۴ع ڌاري محمد مراد دايو جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد مراد دايو پڻ سٺو ڪلاسيڪل راڳي هو. استاد گلزار علي خان جي ڇٺيءَ جو نالو ’گلاب خان‘ رکيو ويو. پر جڏهن پاڻ ۱۰ سالن جي ننڍڙي وهيءَ ۾ پنهنجي مرشد پاڪ سيد مهدي شاهه جي خدمت ۾ فيض وٺڻ لاءِ حاضر ٿيو ته سائين مهدي شاهه کيس هڪ گلاب مان گلزار ڪري ڇڏيو. مطلب ته مٿس طريقت جو نالو گلزار علي رکيائين. استاد گلزار علي خان، پرائمري تعليم ڳوٺ مان ئي پرائي. جنهن کانپوءِ هو پنهنجي نصابي تعليم اڳتي جاري نه رکي سگھيو.

جيئن ته سندس والد محترم محمد مراد خان دايو به ڳائيندو هو. جنهن کيس راڳ جي بنيادي تعليم ڏني. پنهنجي هڪ ڏنل انٽرويو ۾ موسيقيءَ جي سکيا وقت پنهنجي والد پاران ڏنل سبق طور پهريون راڳ ’ڀيرو‘ ڄاڻايو اٿائين ۽ ساڳئي راڳ جو ياد ڪرايل هڪ خيال ’پنجتن ڪي پوجا ڪر لي‘ پڻ ٻڌايو اٿائين. ان کانپوءِ استاد گلزار علي خان، ماسٽر مهر علي لاڙڪاڻي واري کان ڪجھه ٽائيم موسيقيءَ جي سکيا ورتي. تڏهن استاد گلزار علي خان پندرهن سورهن سالن جو هو.

قدرت واري کي شايد هڪ عظيم استاد سان هڪ عظيم شاگرد ملڻو هو. شايد اهو ئي سبب هو، جو هيءُ استاد منظور علي خان جي خدمت ۾ راڳ جي سکيا لاءِ حاضر ٿيو. جنهن دل سان کيس پنهنجو شاگرد قبول ڪيو. ان وقت سندس عمر ۲۵ سال هئي. هو استاد منظور علي خان جي ويجھن ۽ پيارن شاگردن مان هو.

۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو حيدرآباد قائم ٿيو ته استاد گلزار علي خان ان سان سلهاڙجي ويو. ڪيترن سالن تائين هو اتي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. وري جڏهن مارچ ۱۹۸۳ع ۾ ريڊيو خيرپور شروع ٿيو ته اتي هو هڪ موسيقار جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ريڊيو تي اچڻ کان پوءِ هو ٽي ويءَ تي به ڳائڻ لڳو. ٽي ويءَ تي کيس پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو. سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسيٽون رليز ٿيون آهن. هن پنهنجي عمر جا لڳ ڀڳ چاليهه سال ريڊيي ۽ ٽي ويءَ وسيلي فن کي ارپي ڇڏيا. هو تقريباً سڀ ساز جهڙوڪ: باجو، طبلو، ڍولڪ، بينجو، ستار، تانپورو، وائلن وغيره مهارت سان وڄائي ويندو هو. سندس ڳايل ڪيترا ئي ڪلام ۽ گيت اڄ به مشهور آهن، جن ۾:

·      ’مان دل جون ڳجھڙيون ڳالهيون، ڀلا تو کي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان‘،

·      ’جيءُ جيءَ سان ملاءِ جاني جاني‘،

·      ’تون آن باغ حسن جو گل گل گل‘،

·      ’حال مون هيڻا ڪيا، منهنجا مٺا تنهنجي ڪري‘،

·      ’تون رسي هليو وڃين ٿو اهو يار پيار ناهي‘،

·      ’منهنجي توسان محبت مٺا ايتري‘،

·      ’اي دلي آرزو غير جو هر ستم تنهنجي خاطر سٺم سنڌ جو آقسم‘

وغيره شامل آهن. سندس آواز ۾ ڳايل سرڪش سنڌيءَ جو هڪ گيت ’زبان رت سان ڀري پئي آ‘ ڪافي مقبول ٿيو. استاد گلزار علي خان مڙني ڪلاسيڪل شاعرن کان علاوه پنهنجي دور جي جديد شاعرن جهڙوڪ: ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘، استاد بخاري، سرڪش سنڌي ۽ ٻين جي شاعري ڳائي.

استاد گلزار علي خان لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ واري محلي ۾، راڳ سيکارڻ جو اسڪول پڻ کوليو هو، جتي ڪيترن ئي ڳائڻن کي سکيا ڏنائين. سندس لائق شاگردن ۾ مرحوم خان محمد سمون، عبدالغفور سومرو، غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، عبدالحميد راڄپر، علي محمد وڳڻ، حاجي نثار بزمي، نياز حسين سمون، سڄڻ سنڌي، نجم علي مڱڻهار، عبداللطيف مهر، غلام قادر ۽ مختيار علي شيخ  وغيره قابل ذڪر آهن.

استاد گلزار علي خان ۱۹۸۵ع کان بيمار رهڻ لڳو. ڊاڪٽرن کيس نه ڳائڻ جي صلاح ڏني، پر ان باوجود هو ڳائيندو رهيو. مٿس ٻه ڀيرا اڌ رنگ جو حملو به ٿيو، جنهن ۾ سندس دل ۽ بڪيون متاثر ٿيون. ۱۹۹۰ع کان پوءِ، سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. مختلف اسپتالن ۾ سندس علاج ڪرايو ويو، پر هو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو ۽ ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۲ع تي اڱاري جي ڏينهن ۳ وڳي دم ڌڻيءَ سائينءَ حوالي ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه سندس ڳوٺ ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي، جتي هر سال سيپٽمبر مهيني ۾ سندس ورسي منعقد ڪئي ويندي آهي.

استاد گلزار علي خان جا ڪافي شاگرد، ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري جا رهاڪو آهن. جن پنهنجي استاد جي ياد ۾ رتيديري شهر ۾ ’استاد گلزار علي خان سنگيت ڪلب‘ قائم ڪئي آهي، جيڪا اڄ به سندس ياد کي تازو ڪندي رهي ٿي.


 

استاد گلزار علي خان

سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي

ناصر مقصود گل

شايد اهو ۱۹۴۰ع ڌاري انگريزن جو دور هوندو، جڏهن هڪ پنجن، ستن سالن جي ڪمسن ٻالڪ ’گلاب خان‘ کي سندس والد محترم محمد مراد دايو اڳوڻي ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز) جي هڪ ننڍڙي وسنديءَ ’ديهات‘ مان ’شاهپور جهانيان‘ طرف ازلي اوشاق، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي برجستي نالي ۽ حوالي سيد مهدي شاهه جي خدمت ۾ حاضري ڀرائڻ لاءِ وٺي آيو ۽ ’مالڪ توبهه تو در‘ جهڙين لافاني سٽن جي خالق وٽان، مالڪِ حقيقيءَ جي در تي ترت توبهه ڪرڻ جو هنر سکڻ لاءِ، مهدي شاهه جي محبت خاني تي پنهنجي ٻچڙي کي طريقت جي طالبَ طور حاضر ڪيائين. موٽ ۾ مڻيادار مهديءَ به ننڍڙي گلاب کي شفقت ڀريل هڪ نگاهه سان گلزار بڻائي ڇڏيو، يعني مٿس نالو ’گلزار علي‘ رکندي، سندس سِرَ بخت جي عمر درازيءَ توڙي سـُرَ سواد جي تازگيءَ لاءِ ايتريون ته دعائون ڪيون، جو اهو ٻالڪ گلزار علي ٻالڪپڻو اڪري، جڏهن جوڀن ۽ جوانيءَ جي جوت کي رسيو، تڏهن سچ پچ ته هڪ رسيل وسيل گلزار جيان پوري سنڌي سنگيت کي سرهو ڪري ڇڏيو. سندس آواز ميڊيا جي مائيڪن کان جھر جھنگ تائين اهڙو ته گونجيو، جو اهو آواز هڪ فرد تائين محدود نه رهيو، پر هن ڌرتيءَ، هن مٺڙي ملڪ جي هر هڪ ماروءَ، جھانگيءَ، توڙي سانگيءَ جو آواز بڻجي ويو. ان ڳالهه جو واضح ثبوت هي آهي، ته سالن پڄاڻا اڄ ڏينهن تائين ريڊيو خيرپور تان روزانو شام جو ڇهين وڳي جي خبرن کانپوءِ ان ئي سريلي آواز ۾ هڪ نغمو ’اسين ماڻهو مٺڙي ملڪ جا‘ نشر ٿيندو آهي ۽ اهو ئي سهڻي آلاپ وارو نغمو ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن جي پروگرام ’سهڻي ڌرتي‘ جي شروعات جو اطلاع هوندو آهي. ريڊيو خيرپور جي ان پروگرام کي جن جن ساٿين به ٻڌو هوندو، تن جي دل يقيناً ان Title song تي ضرور ڌڙڪي هوندي ۽ کين اها خبر هوندي ته اهو Title song ’اسين ماڻهو مٺڙي ملڪ جا‘ سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم ڪلاڪار استاد گلزار علي خان جي سهڻي، سريلي ۽ لافاني آواز ۾ ڳايل آهي.

جي ها! اهو استاد گلزار علي خان هو، جيڪو شخصيت، فن، اخلاق توڙي گفتار ۾ واقعي به گلزار هو ۽ نه صرف گلزار هو، پر پنهنجي نالي جي پهرئين لفظ ’استاد‘ جي نسبت سان به هو هڪ مڪمل ۽ شفيق استاد به هو، سندس شمار سنڌ ڌرتيءَ جي انهن ڪلاڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجا وڌ ۾ وڌ شاگرد تيار ڪيا. سنڌ جا ڪيترا ئي سريلا راڳي اڄ به سندس ئي ڏنل راڳ ويراڳ جي ونڊ سان واسيل آهن، هن پنهنجن شاگردن کي هڪ اعلى ظرف استاد جي حيثيت سان ڪلا جي ڪيميا سان نوازيو. کيس پنهنجن شاگردن سان بي انتها شفقت ۽ محبت هوندي هئي ۽ هو شاگردن کي به اولاد جيان سمجھندو هو.

استاد گلزار علي خان ساهتي، پرڳڻي جي ’ديهات‘ نالي هڪ ڳوٺ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ۱۹۳۴ع ڌاري محمد مراد دايي جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد مراد دايو پڻ سٺو ڪلاسيڪل راڳي هو. استاد گلزار علي خان جو ڇٺيءَ جو نالو ’گلاب خان‘ رکيو ويو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ’ديهات‘ مان ئي پرائي. جنهن کانپوءِ هو  پنهنجي نصابي تعليم اڳتي جاري نه رکي سگھيو.

سندس والدِ محترم محمد مراد خان به پنهنجي وقت جو ڪلاسيڪل ڪلا ڌڻي هو، جنهنجي خواهش هئي ته سندس ٻچڙو به اڳتي هلي سرن سان سلهاڙجي وڃي. ان خواهش جي تڪميل لاءِ پنهنجي نگرانيءَ ۾ هن پنهنجي پٽ جي راڳ ۾ رهنمائي ڪئي. استاد گلزار علي خان پنهنجي هڪ ڏنل انٽرويو ۾ موسيقيءَ جي سکيا وقت پنهنجي والد پاران  ڏنل پهرئين سبق طور راڳ ’ڀيرو‘ ڄاڻايو آهي ۽ ساڳئي راڳ جو ياد ڪرايل هڪ خيال ’پنجتن ڪي پوجا ڪر لي‘ پڻ ٻڌايو اٿس. ان کانپوءِ استاد گلزار علي خان پنهنجي والد محترم جي ئي خواهش تي لاڙڪاڻي شهر جي ڪلاسيڪل ڪلاڪار ماسٽر ميهر عليءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن وٽان به ڪافي وقت موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. تڏهن پاڻ  پندرهن سورهن سالن جو ڪمسن ٻار ئي هو.

اڳتي هلي قدرت واري کي شايد هڪ عظيم استاد سان هڪ عظيم شاگرد ملائڻو هو، ائين استاد گلزار علي خان ٽنڊي آدم تائين، پريم جا واڌو پنڌ ڪري، هند توڙي سنڌ جي مهان ڪلاڪار خانصاحب استاد منظور علي خان جي خدمت ۾ راڳ جي سکيا لاءِ حاضر ٿيو، جنهن دل سان کيس پنهنجو شاگرد قبول ڪيو. ان وقت سندس عمر پنجويهه سال هئي. هو استاد منظور علي خان جي ويجھن ۽ پيارن شاگردن مان هو.

استاد گلزار علي خان باقاعده طور پنهنجي سر جي سفر جو آغاز ته اسٽيج توڙي عوامي ميڙاڪن جهڙي مضبوط ۽ برجستي ذريعي کان ڪيو، پر سندس برقي ابلاغي سفر جي ابتدا ريڊيو حيدرآباد کان تڏهن ٿي، جڏهن ۱۹۶۲ع ڌاري ريڊيو حيدرآباد پنهنجي نشرياتي سفر جا ست سرها سال پورا ڪيا هئا. ان وقت قانون موجب استاد گلزار علي خان کان پروڊيوسر ايم. بي انصاريءَ ۽ پروڊيوسر الله بخش بخاريءَ آڊيشن وٺي کيس ڪامياب فنڪار قرار ڏنو، جنهن کان پوءِ استاد گلزار علي خان ريڊيو جي دنيا سان سلهاڙجي ويو. بعد ۾ وري جڏهن مارچ ۱۹۸۳ع ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جو افتتاح ٿيو، ته اتي کيس موسيقار جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو، جتي ڪيترن سالن تائين هو پنهنجون فني خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ريڊيو تي اچڻ کان پوءِ هو ٽي ويءَ تي به ڳائڻ لڳو. ٽي ويءَ تي کيس پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو. سندس آواز ۾ ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسيٽون پڻ رليز ٿيون. هن پنهنجي عمر جا لڳ ڀڳ چاليهه  سال ريڊيي ۽ ٽي ويءَ وسيلي فن کي ارپي ڇڏيا. استاد گلزار علي خان تقريباً سڀ ساز جهڙوڪ: هارمونيم، طبلو، ڍولڪ، بينجو، ستار، تانپورو، وائلن وغيره مهارت سان وڄائي ويندو هو. سندس ڳايل ڪيترا ڪلام ۽ گيت اڄ به جڏهن نشر ٿيندا آهن، تڏهن سماعتن توڙي ساهن کي سرهو ڪري ڇڏيندا آهن، جن ۾: ’مان دل جون ڳجھڙيون ڳالهيون ڀلا توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان‘، ’جيءُ جيءَ سان ملاءِ جاني جاني‘، ’تون آن باغ حسن جو گل گل گل‘، ’حال مون هيڻا ڪيا، منهنجا مٺا تنهنجي ڪري‘، ’تون رسي هليو وڃين ٿو اهو يار پيار ناهي‘، ’منهنجي تو سان محبت مٺا ايتري‘، ’اي دلي آرزو غير جو هر ستم تنهنجي خاطر سٺم سنڌ جو آقسم‘ وغيره شامل آهن، سندس آواز ۾ ڳايل سرڪش سنڌيءَ جو هڪ گيت ’زبان رت سان ڀري پئي آ‘ ڪافي مقبول ٿيو. استاد گلزار علي خان مڙني ڪلاسيڪل شاعرن کان علاوه پنهنجي دؤر جي جديد شاعرن جهڙوڪ: ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، تاج جويي ۽ ٻين جي شاعري به ڳائي.

استاد گلزار علي خان اڳتي هلي پنهنجي جنم ڀوميءَ ’ديهات‘ مان لڏي پلاڻي اتر سنڌ جي تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ اچي آباد ٿيو، جتي علي گوهرآباد محلي ۾ راڳ سيکارڻ جي اسڪول جو بنياد رکيائين، جتي دورِ حاضر توڙي ماضي قريب جي ڪيترن ئي ڳاڻ ڳڻين ڳائڻن کي سکيا ڏنائين. سندس لائق شاگردن ۾ مرحوم خان محمد سمون، استاد عبدالغفور سومرو، غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، عبدالحميد راڄپر، علي محمد وڳڻ، مختيار علي سانگي، سڪندر علي سرگاڻي، حاجي نثار بزمي، وجيش ڪمار شرما، مرحوم نياز حسين سمون (شهنائي نواز)، سڄڻ سنڌي، نجم علي مڱڻهار، عبداللطيف مهر، مرحوم غلام قادر لنجواڻي، غلام قادر شيخ ۽ مختيار علي شيخ  وغيره قابل ذڪر آهن.

استاد گلزار علي خان جي طبيعت ۱۹۸۵ع کان ناساز رهڻ لڳي، ڊاڪٽرن کيس نه ڳائڻ جي صلاح ڏني، پر ان باوجود هو ڳائيندو رهيو، مٿس ٻه ڀيرا اڌ-رنگ جو حملو ٿيو، جنهن ۾ سندس دل ۽ بڪيون متاثر ٿيون. ۱۹۹۰ع کان پوءِ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. مختلف اسپتالن ۾ سندس علاج ڪرايو ويو، پر هو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو ۽ ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۲ع تي اڱاري جي ڏينهن ۳ وڳي دم ڌڻيءَ سائينءَ حوالي ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه سندس ڳوٺ ديهات ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي، سندس سالياني ورسي هر سال سيپٽمبر مهيني ۾ خيرپور ميرس شهر ۾ سندس لائق شاگرد استاد عبدالغفور سومري پاران منعقد ڪئي ويندي آهي. سندس پويان هڪ اهو خال ضرور رهجي ويوآهي، جو سنڌي موسيقيءَ جي هيڏي وڏي مدرسي صفت، اخلاق اجار عظيم استاد جو فن پوريءَ سنڌ جي هاڪارن ڪلاڪارن، سندس شانائتن شاگردن ۾ برابر ونڊجڻ باوجود اهڙو ورثو نسل در نسل سندس پونئرن ۾ منتقل ڪين ٿي سگھيو، جنهنڪري سندس خاندان هڪ موسيقار گھراڻي واري منصب کان وانجھيل رهجي ويو.

استاد گلزار علي خان جي وفات پڄاڻان سندس چاليهي جي موقعي تي ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر محرابپور ۾ هڪ موسيقيءَ جو مانڊاڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن موقعي تي روزاني ’جنگ‘ اخبار جي ڪنهن شماري ۾ استاد گلزار علي خان پاران ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سندس ڪيل وصيت جو حوالو ڏيندي، استاد جي پونئرن ۽ وقت جي استاد ڪلاڪارن پاران سندس استاديءَ واري پڳ ۽ ٻيون استاديءَ واريون مڙئي ذميواريون سندس مڙني شاگردن مان اتفاقِ راءِ سان عبدالغفور سومري جي سپرد ڪيون ويون. استاد گلزار علي خان جا ڪافي شاگرد ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري جا رهاڪو آهن، جن پنهنجي استاد جي ياد ۾ رتيديري شهر ۾ ’استاد گلزار علي خان سنگيت ڪلب‘ قائم ڪئي آهي، جيڪا اڄ به سندس ياد کي تازو ڪندي رهي ٿي.

۲۲ سيپٽمبر: سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري ڪلاڪار خانصاحب استاد گلزار علي خان جي ورسيءَ جي مناسبت سان

استاد گلزار علي خان

سنڌي سنگيت جي ڪلاسيڪل راڳي جي ياد ۾....

زاهد سومرو

ڪلاسيڪل راڳ جو سهڻو سٻاجهڙو انسان گلزار علي خان ولد محمد مراد ذات دايو تاريخ ۵ جولاءِ ۱۹۳۸ع تي ڳوٺ ديهات لڳ خانواهڻ تعلقو ڪنڊيارو هاڻوڪي نوشهرو فيروز ضلعي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پڻ پنهنجي علائقي جو مشهور ڳائڻو ۽ موسيقار هو. استاد گلزار علي خان پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي پر موسيقي ڏانهن دلچسپي هئڻ سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سندس خاندان لاڙڪاڻي لڏي آيو. استاد گلزار ٻارنهن سالن جي ڄمار ۾ موسيقي جي ابتدائي ڄاڻ پنهنجي والد استاد محمد مراد خان کان حاصل ڪئي بعد ۾ لاڙڪاڻي شهر جي موسيقي بابت ڪتاب لکندڙ مشهور استاد مهر علي خان وٽ سال شاگردي ۾ رهي پنهنجي فن ۽ ڪلام کي جلا بخشڻ لاءِ وس ڪيا. هن مڻيادار مٺڙي ماڻهوءَ موسيقي جي عشق ڏانهن پير پائيندي راڳ کي پنهنجي روح لاءِ راحت ۽ وجود لاءِ بقا جو درجو ڏنو اهوئي سبب آهي جو هو ۱۹۶۳ع کان ۱۹۷۰ع تائين لڳاتار ست سال سنڌ ۾ ڪلاسيڪل راڳ جو بادشاهه ۽ فن جي ديوتا استاد منظور علي خان جي ڳوٺ ٽنڊو آدم ۾ موسيقي جي مندر ۾ موجود مورتي جي پوڄا ڪندو رهيو. هن پنهنجي وجود کي راڳ جي رمزن ۾ فنا ڪري ڇڏيو ۽ وڏي چاهت سان ڪلاسيڪل راڳ جو بادشاهه وٽان ملندڙ فيض مان هيرا موتي ميڙيندو رهيو. هن پنهنجي عقيدت ۽ احترام سبب استاد منظور علي خان جي دل ۾ جڳهه بڻائي. استاد به پنهنجي سڀني شاگردن مان ساڻس وڏي محبت ۽ پيار ڪندو هو نه صرف سندس ادب عقيدت پر راڳ کي به پسند ڪندو هو. استاد گلزار ڪيترن محفلن ۾ استاد منظور علي خان سان گڏجي به ڳايو. استاد پنهنجي شاگرد کي محفلن ۾ داد ۽ شاباس ڏيندو هو. سندس راڳ ٻڌڻ ۽ الاپ ڏسڻ وارا چوندا ها ته سنڌ ۾ ڪلاسيڪل راڳ جي انفراديت ۽ پختگي وٽس موجود آهي ۽ ڪلاسيڪل راڳ اڃا زندهه آهي. استاد منظور علي خان استائين به چيو ته منهنجي وڃڻ کانپوءِ منهنجو راڳ اوهان کي گلزار علي خان ٻڌائيندو.

استاد گلزار علي خان تعليمي لحاظ کان ته نان مئٽرڪ هو پر موسيقي جي تعليم ۾ استاد جو درجو حاصل هيس. راڳ ڀوپالي ۽ ڀيروي کانسواءِ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل غزل يا قومي گيت ڳائڻ ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس فني قابليت کي ڏسندي شهر جي راڳ دوست حڪام ٽائون هال جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڪمرو استاد گلزار علي خان کي ڏئي ڇڏيو هو. جتي بنا ڪنهن لالچ جي ڪيترن ئي شاگردن کي فن جي سکيا ڏيندي فيض عام ڪيائين. هن ميوزيڪل اسڪول ۾ وٽس اڄ جا مشهور نوجوان راڳي غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، اسلم تنيو، عبدالغفور سومرو، حميد راڄپر ۽ ٻيا فن جي درياهه ۾ ٽٻيون هڻي موتي ڳولهي مالامال ٿيا.

سال ۱۹۵۵ع ۾ استاد گلزار جي سريلي آواز جي جهونگار کان متاثر ٿي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن کيس ريڊيو تي موقعو ڏنو ته هن جي مڌر مست آواز سڄي سنڌ ۾ ماڻهن جي ڪنن، دل، دماغ تائين پهتو. پوءِ ٽي وي تان به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهائيائين. هي کلڻو ملڻو خوش طبع ماڻهو سڄي سنڌ ۾ لطيف سرڪار جي منعقد ٿيندڙ ورسين ۾ بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي وڏي عقيدت وچان حاضري ڀريندو هو. نه صرف ايترو پر شادين ۽ ٻين ذاتي تقريبن ۾ به ليکو ڪونه ڪندو هو. بس وٽس مقصد ڪلاسيڪل راڳ کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ هوندو هو. استاد محفلن ۾ ويٺلن کي پنهنجي راڳ ۽ رمزن ۾ مست ڪري، خاموشي جو سحر طاري ڪرڻ يا پنهنجي مخصوص پلٽن جي رواني سان پنڊال کي بيخود ڪري ديوانه وار جهومڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، ماڻهن جي دلين ۾ گهري وڃڻ، دماغ تي اثر ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ ۽ فن رکندو هو. استاد گلزار علي خان پنهنجو هڪ ڪتاب “اسان جي موسيقي” به لکيو جيڪو ڇپائي جي مرحلي ۾ هو.

ڏات جو خزانو هو. ان جو هڪ حصو به ڪيش ڪرائي نه سگهيو. لاڙڪاڻي سان محبت ڪري هن فنڪار وڏو نقصان ماڻيو. ڪاش هو ڪراچي يا حيدرآباد ۾ رهي ها ته پنهنجي فن آهر مڃتا ماڻي ها. سال ۱۹۷۵ع ۾ هن کي بڪين جي تڪليف شروع ٿي پوءِ ٻه دفعا فالج جي حملي سال ۱۹۹۰ع ۾ استاد کي وڏي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. بيماري سبب حالت گهڻي خراب ته وري غربت مفلسي ڪري بستري حوالي ٿيو. اسان جو سماج جيڪو چلهه تي سو دل تي چواڻي مطابق آهي. ڪجهه دوستن کانسواءِ ڪنهن به هن ڏي مدد لاءِ قدم ڪونه وڌايو. سرڪار به چار پنج سوماهوار وظيفو مقرر ڪيو.

شروع ۾ ريڊيو خيرپور انتظاميه کيس عارضي طرح ڪمپوزر به ڪري رکيو . پر ڪڏهن گهرائن ڪڏهن ڪونه واري ريت رسم جي ور چڙهيل رهيو. آخري زندگي جا پورا ٻه سال وڏي تڪليف ۽ پريشاني ۾ گذاريائين. استاد کي زندگي ۾ ثقافت کاتي پاران ڀٽ شاهه تي هر سال ملندڙ لطيف ايوارڊ ماڻڻ جي وڏي حسرت هئي پر شايد سنڌ جي مهان ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جي پهريون نمبر شاگردي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ ۽ پياري شاگرد جي پنجٽيهه سال ڪلاسيڪل راڳ جي الاپ ۽ خدمت به ڀٽ شاهه ادبي ڪميٽي وٽ “لطيف ايوارڊ” لاءَ اهليت ماڻي نه سگهي.

استاد گلزار علي خان جا ڪلام “مان دل جو ڳجهيون ڳالهيون ڀلا توکي نه چوان ته ڪنهن کي چوان”. “تون آن باغ حسن جو”. “جتي به شوق پورو شباب ايندو آ اتي ضرور انقلاب ايندو آ”. کانسواءِ ٻڍل فقير جي شاعري ۾ “محب مئيءَ جي گهر آيو” تمام گهڻا مشهور ۽ سدا بهار آهن.

استاد گلزار ٻه شاديون ڪيون پهرين ۱۹۶۰ع ۽ بي ۱۹۷۵ع ۾. پوئين زال مان ٻه پٽ مظهر علي ۽ اظهر علي کانسواءِ چار نياڻيون صنم، افشان، ارم، ۽ ڪرن اٿس.

هي خوبصورت سرن جو خالق، محبتي ڪلاڪار اسان کان تاريخ ۲۲ سيمپٽمبر ۱۹۹۲ع تي هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. کيس اباڻي ڳوٺ ديهات ۾ دفنايو ويو.


 

استاد گلزار علي خان

ڪمال ڄامڙو

خان صاحب منظور علي خان جيتري سنڌ موسيقي جي خدمت ڪئي اوتري شايد ئي ٻئي ڪنهن ڪئي هجي. هن کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته وڌ ۾ وڌ سريلا راڳي خان صاحب ئي ٺاهيا. هن جي شاگردن نه رڳو سنڌ ۾ پر سنڌ کان ٻاهر به پنهنجو نالو ڪڍيو ۽ پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو. استاد جي اهڙن شاگردن منجهان استاد گلزار علي خان به هڪ هو. هن راڳ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. هن جو اصل نالو گلاب هو. سندس مرشد مهدي شاهه مٿس گلزار علي نالو رکيو. ان وقت گلزار علي جي عمر ڏهه سال هئي. گلزار علي خان، محمد مراد خان دائي جي گهر ۾ ۱۹۳۴ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ ديهات ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم ديهات مان پرائي.

کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. ڳائڻ هن کي ورثي ۾ مليو، اٺن سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين. سندس پيءُ محمد مراد خان دايو به ڳائيندو هو. هن راڳ جي سکيا پهريان پنهنجي پيءُ کان پوءِ ماستر مهر علي لاڙڪاڻي واري کان ورتي. تڏهن هو پندرهن سورهن سالن جو هو. بعد ۾ استاد منظور علي خان کان سکيائين. ان وقت هن جي عمر ۲۵ سال هئي. هو استاد منظور علي خان جي پيارن شاگردن منجهان هو. هن استاد کان تمام گهڻو پرايو هو ۽ استاد وارو انداز پنهنجايو هو. جنهن ڪري به هن کي تمام گهڻي موٽ ملي.

سال ۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو حيدرآباد ٺهيو ته گلزار علي خان اُن سان لاڳاپجي ويو. ڪيترن ئي سالن تائين هو اُتي خدمتون ڪندو رهيو. وري جڏهن مارچ ۱۹۸۳ع ۾ ريڊيو خيرپور شروع ٿيو ته اُتي هو هڪ موسيقار جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ريڊي تي اچڻ کانپوءِ هو ٽي ويءَ تي به ڳائڻ لڳو. ٽي ويءَ تي کيس پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو. سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون به رليز ٿيون. هُن ٽيهه پنجٽيهه سال رڊيي ۽ ٽي وي وسيلي فن جي خدمت ڪئي.

سال ۱۹۸۵ع کان بيمار رهڻ لڳو، ڊاڪٽرن کيس نه ڳائڻ جي صلاح ڏني پر اُن جي باوجود هو ڳائيندو رهيو. مٿس ٻه ڀيرا اڌ رنگي جو حملو به ٿيو. دل ۽ بڪيون متاثر ٿيون. سال ۱۹۹۰ع کان پوءِ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. مختلف اسپتالن ۾ سندس علاج ڪرايو ويو پر هو زندگيءَ کان جنگ هارائي ويو. جناح اسپتال ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن کيس لاعلاج ڪري ڇڏيو ته مائٽ کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا. جتي ۱۹۹۲ع ۾ ٻاويهين سيپٽمبر اڱاري جي ڏينهن شام جو ٽين وڳي دم الله حوالي ڪيائين. هو تقريبن سڀ ساز جهڙوڪ: باجو، طبلو، ڍولڪ، بينجو، ستار، تنبورو، وائلن وغيره مهارت سان وڄائي ويندو هو.

استاد گلزار علي خان لاڙڪاڻي شهر ۾ راڳ سيکارڻ جو اسڪول به کوليو هو. جتي ڪيترن ئي ڳائڻن کي سکيا ڏنائين. هُن جي شاگردن ۾ غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، عبدالحميد راڄپر، سڄڻ سنڌي، نجم علي مڱڻهار، عبداللطيف مهر، غلام قادر، مختيار علي ۽ عبدالغفور سومرو وغيره شامل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا