ميهر فقير
ڀلوڙ عوامي شاعر
خليل عارف سومرو
شاعري دلين جي ٻولي به آهي ته پيار جي پرولي به، شاعري اکين جي روشني
به آهي، ته گلن جي تازگي به، شاعري روحاني راز به آهي ته اندر جو آواز به، شاعري ڏات
ڏان ۽ ڏاهپ به آهي ته شاعر جي هڪ نيئن سڃاڻپ به آهي. شاعري سماج جي آرسي به آهي ته
سوچن، خيالن، جذبن ۽ خوابن جي دلڪشي به شاعري ۾ سمايل نظر اچي ٿي ۱۲ ڊسمبر ۱۹۴۲ع تي جنم وٺندڙ محمد حسن لُنڊ کي حضرت عشق جڏهن پنهنجي
اري ۾ آندو ته هن رئيساڻي ڳڀرو جوان سنڌي شاعري جي دنيا ۾ ميهر فقير جي نانءُ سان هڪ
الڳ سڃاڻپ ماڻي ورتي. پوءِ سندس زندگي ۾ جرڳن ۽ فيصلن جي جاءِ اچي سندس شعرن والاري.
ائين هو پنهنجي پيار جي پچار ڪندي ڌرتي جون ڳالهيون اوريندي ۽ داخلي ۽ خارجي جذبن جون
لفظن ۾ تصويرون جوڙيندي پنهنجي روايتي زندگي کان هٽي (ڇاڪاڻ ته اُها سندس روح ۽ مزاج
وٽان ڪانه هئي) ڪهنه مشق شاعرن جي صف ۾ اچي شهيد احمد خان آصف مصراڻي، استاد بخاري،
احمد خان مدهوش، تاج صحرائي، ڪاڇي جي حمل طالب لغاري، نواز رڪڻائي، محسن ڪڪڙائي ۽ راشد
مورائي جو هم عصر ۽ همراهه بڻجي بيهي رهيو. هن سنڌي ٻولي جي هنج ۾ ٽن خوبصورت ڪتابن
جا گلاب ارپيا ۰۱. ڪليات ميهر فقير، ۰۲. ”وارن ونگي جند“ ۰۳.
”باهه بڀڙ ٻل پئي“ ان کان علاوه سنڌ جي نامور راڳين ممتاز لاشاري، منظور سخيراڻي، جلال
چانڊيو، شبير شاهاڻي، رحمان مغل، ديبا سحر، عرس چانڊيو، حمت فقير، راحب ماڇي، سمينا
ڪنول، صائمه منظور، اختيار خشڪ ۽ ٻين سندس ڪلام ڳائي خوب داد ماڻيو ميهر فقير جي شاعري
علم عروض سان گڏ ڇند ودياتي پڻ آڌاريل آهي پاڻ جن صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين تن ۾ حمد،
نعت، منقبت، نوحا، مرثيا، بيت، وائي غزل، گيت، ڪافي، چوسٽا ۽ نظم وغيره اچي وڃن ٿا
سندس شاعري جي خوبي اها آهي ته اُن ۾ نج ۽ ٺيٺ لفظ سهڻي نموني سان سمايل آهن، جيڪي
گهري فڪر هوندي به عام فهم آهن، ميهر فقير
خود هڪ هند لکيو آهي ته ”عرض ڪيان ته مون جيڪو ڪجهه سرائيڪي ۽ سنڌي ۾ لکيو آهي، اهو
ڪنهن تي ٿورو نه بلڪه دردن جون اوڇنگارون ڏئي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪيو آهي” سنڌ جي
سدا بهار شاعر احمد خان مدهوش سندس شاعري تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته؛ ”ميهر فقير ۾
اهي سڀ خصوصيتون موجود آهن جيڪي ڪنهن فقيرمنش ۽ ادبي اوصاف رکندڙ شاعر ۾ هونديون آهن
۽ هئڻ گهرجن. سندس شعرن ۾ درد جي دکايل باهه جو ڀڀڙ منظرنگاريءَ جي صورت ۾ نظر اچي
ٿو.“ محبوبا جي نازڪ ادائن جهڙي هن شاعر جي شاعري ۾ ڪيئي اهڙيون سريلون سٽون آهن جيڪي
ساهه جي تند کي ڇُهي وجد کي ڇيڙي ڇڏين ٿيون، عشق ۽ محبت جو هي خوبصورت شاعر ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۱۰ تي سوين پرستار سوڳ وار ڇڏي
وڃي مٽي ماءُ سان مليو پر سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ جهر جهنگ وستي ۽ واهڻ ۾ سندس ڪلام جئيرو
آهي ۽ زنده آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا