; سنڌي شخصيتون: سندري اتمچنداڻي

29 September, 2013

سندري اتمچنداڻي


سندري اتمچنداڻي
سنڌي ناول جي خاتون اول
رکيل مورائي
اڄ منهنجي آڏو لکت ۾ اهڙو پروف موجود آهي، جو مان سنڌي ٻوليءَ جي نهايت آبرودار ڪهاڻيڪار ۽ بيحد تخليقي ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ جهڙن ناولن جي ليکڪا محترمه سندري اتم چنداڻيءَ کي ”سنڌي ناول جي خاتون اول چوان“ ڇاڪاڻ ته اها منهنجي درستي نامياري ليکڪا ۽ سنڌي ادب کي گهڻي کان گهڻا ناول ڏيندڙ ۽ سنڌي ناول کي هڪ مرتبو عطا ڪندڙ، ڪلا پرڪاش ڪئي هئي، جڏهن مون سندس اڄ تائين ڇپيل آخري ناول ”اوکا پنڌ پيار جا“ جو مهاڳ لکندي کيس ”سنڌي ناول جي خاتون اول ڪوٺيو هئو ۽ پوءِ هن پنهنجي خط ۾ لکيو هئو ته ”سندري ئي سنڌي ناول جي خاتون اول آهي ۽ اهڙي اهميت هن کي ملڻ گهرجي“.


حيدرآباد جي ڄاول سندري اتمچنداڻيءَ ورهاڱي جي واءَ ۾ اڏامي ممبئيءَ وڃي وسائي، ۽ هند ۾سنڌيت جي جوت کي آخري ساهه تائين سلامت رکندڙ اي جي اتم سان شادي ڪيائين.
سنڌي ادب جي مان ڀايان ٿو ته هيءُ پهرين جوڙي آهي، جنهن هند ۾سنڌي ادب لاءِ لاڳيتو پاڻ پتوڙيو. اي جي اتم، سنڌيت لاءِ وڙهندڙ ان ٽمورتيءَ جي هڪ مورت هئو، جنهن جون ٻه مورتيون گوبند مالهي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي آهن. اتم نظرياتي طور ترقي پسند رهيو ۽ آخري گهڙي تائين، سندري پڻ ذهني طور ترقي پسنديءَ کي ويجهو رهي، پر هن پنهنجي تخليقن ۾ نظرئي کي داخل ٿيڻ گهٽ ڏنو ۽ ائين سنڌي ادب ۾ اهو مشهور ٿيو ته سندري ۽ اتم ريل جون ٻه پٽڙيون آهن جيڪي گڏوگڏ هلي رهيون آهن. سندريءَ جون تخليقي صلاحيتون سندس شروعاتي لکڻين ۾ ئي ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون ۽ ڏسندي ڏسندي هوءَ سنڌي ادب جي آڪاس تي اڏامڻ لڳي.
ان ڳالهه کان سنڌي ادب پڙهندڙ توڻي سنڌي ادب جا سنجيده نقاد، ساڳئي وقت سندريءَ جي لکڻين جا نقاد ڪڏهن به انڪار نه ڪري سگهندا، ته سندريءَ کي ادب ۾ اهم جڳهه  ڏيارڻ ۾ ڪامريڊ اتم جو گهڻو هٿ هيو. هن کيس مڪمل سهڪار ڏنو ۽ اڳتي آڻڻ ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو. هند ۾ پهريون ۽ شايد آخري به ترقي پسند ادب کي ڇپيندڙ رسالو ”نئين دنيا“ رسالو آهي، جنهن ۾ سندريءَ جون لکڻيون لڳاتار شايع ٿينديون هيون، سندس ڪهاڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محاوري جو استعمال ايترو سهڻو آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهي گمان ئي نه ٿيندو ته اهي ممبئيءَ ۾ ويهي لکيل آهن، آخر تائين دادي سندريءَ جي ڪهاڻين مان حيدرآباد جو هڳاءُ ايندو رهيو ۽ هيرا آباد جي عاملياڻين جي سندرتا نظر ايندي هئي، ساڳئي وقت سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ جو ساءُ به محسوس ٿيندو هئو. سندريءَ ڪهاڻين سان گڏ به ناول به لکيا آهن، جنهن مان هڪ جو نالو آهي ”ڪرندڙ ديوارون ۱۹۵۳ع“ ۽ ٻئي نالو آهي ”پريت پراڻي ريت نرالي ۱۹۶۱ع“.
ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ لکيل ”ڪرندڙ ديوارون“ اهم سنڌي ناول آهي، جيڪوهڪ عورت ليکڪا جو آهي، هيءُ اهڙو ناول آهي جيڪو الڳ الڳ نظريو رکندڙ سڀني اديبن ۾ تخليقي طور اهميت ڀريو ڄاتو ويو آهي.
۽ هاڻ مان بنا ڪنهن تهميد جي سڌو ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ تي اچان ٿو، سندريءَ اتمچنداڻي جو هيءُ ناول ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ وارين تڪڙين بدلجندڙ حالتن تي لکيل آهي. ۽ ورهاڱي کان پوءِ شايد سنڌي ڪنهن به ليکڪا جو هي پهرين ڪجهه ناولن مان هڪ ناول پڻ!
هيءُ ناول ايتري وضاحت به لهڻي ٿو جو چوان ته هن ناول کي انهن ادب جي الڳ الڳ ڌارائن سان تعلق رکندڙ سنڌي اديبن به ساراهيو آهي جيڪي سندري اتمچنداڻيءَ کي ترقي پسند ليکڪا مڃيندا رهيا. انهن مان ٽي نالا مان اوس ڏيڻ چاهيندس. جيڪي ٽئي ترقي پسند ادب جا وروڌي/مخالف هئا، هڪ لعل پشپ ٻيون گنو سامتاڻي ۽ ٽيون موهن ڪلپنا، مان قبول ڪيان ٿو، ته هن ناول کي اهم ناول قبول ڪرڻ لاءِ مٿين ليکڪن جي راءِ سند جي حيثيت رکي ٿي. ڪرندڙ ديوارون ناول ڇا هي، اڄ جي ادب ۾ هن جي اهميت ڇا بڻجندي، ان بحث کي ڇڏي، مان ناول جي هڪ ڪردار ريکا کي کڻان ٿو جيڪو هن ناول جو مرڪزي ڪردار آهي. سندري اتمچنداڻي هن کي ڪيئن پيش ڪيو آهي، سندس زباني ” رڪمڻي ! هيءَ ڌيءَ ته کير پي ڄڻي اٿئي“ ۽ هن سٽ مان ريکا جي سموري سونهن ظاهر ٿي پوي ٿي. ناول جي هن اهم ڪردار ريکا ڪجهه عمر سنڌ ۾ گذاري آهي ۽ ورهاڱي کان پوءِ ممبئي جي هڪ غريب وسنديءَ ۾ پنهنجي زندگي، مڙس سان نهايت سک ۾ گذاري رهي آهي.
چندر نالي نوجوان ريکا جو مڙس آهي ۽ مارڪسوادي آهي. ريکا جي ذهني اوسر کي مخصوص سماجي حقيقت نگاريءَ جي نقطي نظر کان چٽيو ويو آهي جيڪو تخليقي آهي. سنڌ جي ماحول ۾ پليل ريکا شاديءَ کان پوءِ پنهنجي مڙس چندر جي ويجهڙائپ ۾ جنهن طرح بدلجندي ڏيکاري وئي آهي اتي ريکا جو ڪردار گورڪيءَ جي جڳ مشهور ناول ماءُ جي مرڪزي ”ڪردار پاويل ماءُ“ سان ملي ٿو، پنهنجي دور جي ادب تي سموري دنيا ۾ اثر انداز ٿيندڙ هن ويچار ڌارا جي اثر هيٺ لکيل هيءُ ناول پنجن ڪردارن تي ٻڌل آهي. ٻه ڀائر، ٻه انهن جون زالون ۽ هڪ ماءُ آهي جيڪا سنڌ ۾ هوندي هڪ سکيئي ستابي گهر جي مالڪياڻي هئي. پر ورهاڱي کان پوءِ ممبئيءَ ۾ اچي هڪ ننڍي گهر ۾ ٻن پٽن ۽ انهن جي زالن سان گڏ گهاري ٿي. کيس ٻه ننڍڙا پٽ به آهن. گلاب ۽ چندر ٻه ڀائر آهن، وڏو گلاب پيسا ڪمائي گهڻي حد تائين ماڻهپو ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ننڍو چندر ماڻهپي کي بچائڻ لاءِ پيسن جي پٺيان نٿو لڳي، هن جو مڃڻ آهي ته جڏهن طبقاتي انقلاب ايندو ته ڪو به غريب نه رهندو، ائين اسين به غريب نه رهنداسين. سندس بيحد سهڻي زال ريکا جيڪا هڪ چڱي موچاري گهر مان پرڻجي غريب گهر ۾ آيل آهي، ۽ جڏهن ان گهر جو وڏو گلاب آفريقا مان جهجو ناڻو ڪمائي ٿو اچي تڏهن پنهنجي تکي سڀاءُ واري زال ديوي سان گڏ ننڍي ڀاءُ کان الڳ ٿي رهڻ ٿو لڳي ۽ آخر ۾ ڀڏن ڪمن سبب سندس پيسو توڙي فليٽ هليا وڃن ٿا ۽ هو موٽي پنهنجي ڀاءَ چندر وٽ اچي ٿو رهي.
گهر کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ ريکا نوڪري ڪرڻ لاءِ گهران نڪري ٿي ۽ چندر کي پڪ ڏياري ٿي ته هن سماج کي بدلائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين ۽ ريکا  جي اهڙي ارادي آڏو طبقاتي سماج جون ديوارون ڪرڻ لڳن ٿيون وغير وغيره.
سندريءَ جو هيءَ ناول، جيڪو ويچار جي سطح تي مارڪسوادي ويچارڌارا کي کڻي اڳتي وڌي ٿو. پر ادب ۾ ان جي اهميت ڪيتري جڙي ٿي ان لاءِ منهنجي جاچنا انهن ليکن تي بيهي ٿي جيڪي شڌ/تخليقي ليکڪ آهن مثال طور، هريش واسواڻي، موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، لعل پشپ، هيرو شيوڪاڻي، جيڪي تخليقڪارن سان گڏ اعليٰ نقاد پڻ آهن ۽ اهي نالا کڻي مون کي حيرت جي حد تائين عجيب لڳي ٿو ۽ سندن ادبي ايمانداريءَ ثبوت ملي ٿو ته ڪامريڊ اتم سان وڏي جنگ وڙهندي به ادب جي هن اهم ٽمورتي ۽ هريش واسواڻيءَ جهڙي ليجنڊ اديب هن ناول کي بيحد ساراهيو آهي، ساڳئي وقت هيري شيوڪاڻيءَ جهڙي سخت نقاد پڻ هن ناول کي تخليقي ناول سڏيو آهي ۽ منهنجي نظر ۾ هيءَ ناول پنهنجي هڪ هڪ پيرا ۾ جنهن تخليقي سطح تي اڀري آيو آهي، اهو ان دور جي ترقي پسند ادب جو معجزو آهي. ريکا، چندر، گلاب، گلاب جي ماءُ ۽ ديوي، اهي ڪردار سڀ مختلف سوچيندڙ آهن انهن کي سندريءَ جهڙي بيمثال ليکڪا جنهن ترتيب سان پنهنجي ناول ۾ اڻيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندري اتمچنداڻيءَ جي ٻولي محاوريدار ۽ نج تخليقي ٻولي آهي، جنهن هن کي ادب ۾ بيحد مڃتا ڏني آهي. ها اڄ به مون کي هڪ ڳالهه ضرور کٽڪي ٿي ته هيءَ بيحد تخليقي ناول پنهنجي پڄاڻي تي تبليغي سطح تي اچي ٿو بيهي، جنهن ڪري وري به هيءُ ناول نظرياتي ادب جي ور چڙهي وڃڻ جو امڪان رکي ٿو. جڏهن ته هن کي نج تخليقي مڃتا تي پورو لهڻ گهربو هئو، ۽ هاڻ سندري اتمچنداڻيءَ جو ٻيون ناول، ”پريت پراڻي ريت نرالي“.
هيءُ ناول ۱۹۶۱ع ۾ ڇپيو آهي، ۽ سندريءَ جو ٻيون نمبر ناول آهي، هن سماجي ناول تي گهڻي حد تائين رومانوي، ويچارڌارا جو اثر آهي.
ناول ۾ هڪ ننڍڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ پيار به آهي، وڇوڙو به آهي ۽ اميد به آهي. ناول ۾ مکيه ڪردار ٽي آهن، موتي، سولا ۽ جمنا، ٻيا ننڍا ڪردار سندن خاندان وارا آهن، ناول، سنڌي سماج کي ڪجهه ڏئي ٿو، هڪ اعتماد، اعتبار ۽ نيڪي، جيڪا دراصل، ليکڪا جي پنهنجي اندر ۾ موجود آهي. هي ناول سنڌي ناول کي ڪي وکون اڳتي وٺي اچي اهڙو منجهيس گهٽ آهي، جيڪو گهڻي ۾ گهڻو هن ناول ۾ آهي، اهو آهي سندري اتمچنداڻيءَ جي  بيحد خوبصورت ۽ محاوريدار ٻولي جيڪا ڪردار ڳالهائين ٿا، هڪ ڏکوئيندڙ پيار ڀريو قصو، ۽ ڪردارن پاران پنهنجي اندر جو نج اظهار موتي ۽ سرلا، ڪلاس فيلو آهن، هڪ ٻئي سان پيار ڪن ٿا، پر موتيءَ جي شادي مائٽن جي پسند تي جمنا سان ٿئي ٿي جيڪا هڪ ڳوٺائي ڇوڪري آهي. موتي دکي آهي، سرلا پنهنجي ليکي دکي آهي، ٻئي ڪردار پنهنجي پنهنجي اندر کي اظهارين ٿا، هنن جا پنهنجا پنهنجا ويچار آهن، سرلا، آفيس ۾ هڪ ٻئي نوجوان نارايڻ سان شادي ڪرڻ جو سوچي ٿي، وچ ۾ وري موتي اچي ٿو پر سرلا بهادريءَ سان پنهنجي موقف تي بيٺل آهي. سڀ ڪردار پنهنجي پنهنجي اندر ۾ دکي آهن، پر هڪ موهه ۾ جڙيل آهن جيڪو ئي کين ڳنڍي ٿو. سندن آس پاس ٻيا ڪردار به آهن، سرلا جا ماءُ، پيءُ، موتي جا دوست وغيره وغيره.
پر ناول ٽن مکيه ڪردارن موتي، سرلا ۽ جمنا تي آڌارت آهي. هنن جي پنهنجي نفسياتي ۽ ذهني ايپروج آهي، هن ناول سان گڏ جيڪڏهن همعصر ادب جو مطالعو ڪبو ته هند جا ٻه ٻيا ناول ناول سامهون اچي ويندا جيڪي ساڳيو گهاڙيٽو کڻي اچن ٿا. ڀڳوان اٽلاڻيءَ جو هندي ناول اپني اپني مريچڪا، پنهنجي پنهنجي رڃ ۽ گجراتي ناول نگار خاتون ڪندنيڪا ڪاپڙيا جو اعليٰ ترين ناول. ”ست قدم آڪاش“ ۾ هنن ٻنهي ناولن ۽ ”ريت پراڻي ريت نرالي“ جا موضوع الڳ هوندو به گهاڙيٽو ساڳيو آهي، جنهن مان اها ڳالهه چٽي ٿي پئي ته هند جي لکندڙن کي هند ۾ هڪ وسيع تجربو حاصل ٿيو آهي، جنهن ڪري سندن ناول اڄ سنڌ جي ناول کان گهڻو مٿي بيٺو آهي، سندريءَ جي هن ناول جو ڪردار موتي، پنهنجي دوستن جا پنهنجي گهروارين ڏانهن رويا ڏسي، پنهنجي گهرواريءَ ڏانهن موٽي ٿو، جيڪا سندس وڇوڙي، ۾ ڪنهن مرض سبب آخري پساهن ۾ آهي، هوءَ موتيءَ کي ڏسي دم ڌڻيءَ حوالي ڪير ٿي ۽ موتي پنهنجي پراڻي پريت کي ساري، نئين ريت نڀائڻ واري جمنا لاءِ غمگين ٿي وڃي ٿو. ائين جيئن ڪنهن انڊين فلم ۾ ٿيندو آهي. مون کي احساس آهي ته ناول تي هن طرح لکڻ سان لکڻ جو رواج هند جي مختلف  ٻولين ۾ عام آهي، خود سنڌيءَ ۾ به عام جام آهي. بهرحال هن ڪجهه حقيقت نگاري ڪجهه رومانوي، ڪجهه سماجي ۽ ڪجهه ترقي پسند ويچار کي گڏيل نموني کڻي هلندڙ ناول سندري اتمچنداڻي ان دور ۾ لکيو جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ناول جي گهڻي گهرج هئي، جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ کي اڄ به ناول جي گهرج آهي، تنهن هوندي به خاص طور هند جو سنڌي ناول ۽ عام طور سنڌ جو سنڌي ناول اڄ گهڻو اڳتي نڪري آيو آهي، ايترو اڳتي جو ان کي کڻي ادب ۾ چڱو موچارو، اڀياس لکي سگهجي ٿو، ٻيءَ طرح سنڌي ناول کي اڃا گهڻو پنڌ ڪرڻو آهي، اهو طئه آهي ته هند توڻي سنڌ جي ناول بابت ۽ ان جي ترقيءَ بابت جڏهن به ڪو اڀياس لکيو ويندو ته سندريءَ جو ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ان ترقيءَ واري سفر جي هڪ اهم اڳتي وڌايل وک طور ضرور ڳڻايو ويندو ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ ان فهرست ۾ ڳڻايو ويندو جنهن ۾ ٻه سؤ کن ناولن جا نالا درج هوندا ۽ بس!.


سندري اتمچنداڻي
سڄڻ سونيءَ تند جئن!
تاج جويو
”تاج! اڄ تاريخ جو هڪ دؤر پورو ٿي ويو، اسان جي ادبي ساٿاري سندري اتمچنداڻي به موڪلائي وئي.“ هي هو موتي پرڪاش، جيڪو آديپور، ڪڇ مان موبائيل فون تي ڳالهائي رهيو هو، ۽ گڏوگڏ اوڇنگارون به ڏئي رهيو هو. خبر ٻُڌندي مون کان به هڪ وڏي اوڇنگار نڪري وئي. الا! سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڇورا ڇنا ٿيندا پيا وڃن. هر سال ڪيترا ساڃهه وند اديب ۽ اديبائون اسان کان دؤر ٿيندا پيا وڃن ۽ شيخ اياز پُڪاري پيو چوي:
ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا،
تون اڃا پيو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا.
سُندري، سنڌ ۽ هند جي اوچي پد جي ليکڪائن ۾ شمار ٿيندي هئي. هوءَ ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۴ع تي حيدرآباد سنڌ جي سُرهين هوائن ۾ ڄائي هئي. هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نگار ۽ شاعر هئي، پر ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج جي به هڪ سٺي اداڪار هئي. گذريل ساٺيڪو سالن کان سنڌي ادب جي لاڳيتو خدمت ڪندي پئي آئي. هن جو وَر سنڌي زبان جو ترقي پسند، روشن خيال اديب ۽ انقلابي، اي. جي. اتم هو، جيڪو پڻ ٻه ٽي سال اڳ اسان کان وڇڙي ويو هو. سُندريءَ پرائمري تعليم شوقيرام چانڊو مل ميونسپل اسڪول حيدرآباد ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان انٽر سائنس ڪئي، کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪو ميڊيڪل ڪاليج نه هو ۽ هن جو اهو شوق پورو نه ٿي سگهيو. هن ورهاڱي کانپوءِ ۱۹۴۹ع ۾ بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي ۽ ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. سندري اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ کان ڏاڍي متاثر هئي ۽ کيس ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو. تعليمي اڀياس پوري ڪرڻ کانپوءِ هن ڪجهه وقت لئبررين، ڪلرڪ ۽ ماسترياڻيءَ طور فرض سرانجام ڏنا ۽ اڳتي هلي بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرار طور رٽائر ڪيو.
سندريءَ کي ننڍپڻ کان وٺي ادبي ڪتابن پڙهڻ جو وڏو چاهه هو. ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران هوءَ ڪجهه وقت لاءِ عورتن جي رسالي ’ساٿيءَ‘ جي ايڊيٽر به رهي ۽ ان ۾ هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري ڇپائي هئائين. هن جي ترقي پسند ويچار ڌارا تي ٻَڌل پهرين لکڻي، ’منهنجي ڌيءَ‘ ۴۷-۱۹۴۶ع ڌاري ’ساٿي‘ رسالي ۾ شايع ٿي هئي. جڏهن ۱۹۴۹ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) قائم ٿي، ته سندري اُن جي هفتيوار ڪلاسن ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندي هئي. سندري ورهاڱي کان اڳي ’سنڌي سرڪل‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪلاسن ۾ به شريڪ ٿيندي هئي، جن ۾ منگهارام ملڪاڻي، رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، بهاري لال ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، شيخ اياز ۽ سوڀو گيانچنداڻي شريڪ ٿيندا هئا، ان ڪري جديد ترقي پسند ادب سان هن جا لاڳاپا منڍ کان ئي قائم هئا، جيڪي اتم سان گهر گرهستي ٻنڌڻ ۾ لاڳاپجڻ کانپوءِ وڌيڪ پڪا ۽ پختا ٿي ويا.  سندري، ڀارت ۽ يورپ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد ترقي پسند اديبن- ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريم چند، يشپال، ڪرشن چندر، شيڪسپيئر، وڪٽر هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هارڊي، اوهينري ۽ ٻين کان متاثر هئي. هن مئڪسم گورڪيءَ جو ناول ’ٽُٽل ساز‘ ۽ ڪرشن چندر جو ناول ’پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون‘ ترجمو ڪري ڇپرايا. ان کانسواءِ هن امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو ’هڪ سسئي، سئو سُور‘ جي نالي سان ۽ مليالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول ’ساگر جي سنتان‘ (اولاد) عنوان سان ترجمو ڪري ڇپايا. ان کانسواءِ هن شولوخوف جي چونڊ ادب جو ترجمو ’شولوخوف جي جهلڪ‘ عنوان سان پڻ ترجمو ڪري ڇپايو هو.
سندري هڪ سٺي شاعر به هئي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’هڳاءُ‘ ۽ ’ڏات بڻي لات‘ ڇپيل آهن، جڏهن ته هن ۹۵ روسي شاعرن جي شاعري، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ’امن سڏي پيو‘ (۱۹۶۵ع) نالي ڪتاب ۾ شامل ڪئي. ان کانسواءِ هن روسي صدر ليونڊ برزنيف جي يادگيرين تي ٻَڌل ٽي ڪتابڙا: ’ملايازيمليا‘، ’نئون جنم‘ ۽ ’ڪنواري ڌرتي‘ به ترجمو ڪيا، جن تي کيس ۱۹۷۹ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ مليو ۽ هن ۱۴ ڏينهن جو روس جو مهماني دؤرو به ڪيو. ان دوري کانپوءِ هن ’نئين سڀيتا درشن‘ عنوان سان روس جو سفرنامو پڻ لکي ڇپايو هو، جنهن کي وڏي مقبوليت ملي. سندري، نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار به هئي. سندس ڪهاڻين جا ڏهه مجموعا، ٻه ناول ۽ هڪ ناٽڪن جو مجموعو شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌي جديد ادب ۾ اهم مقام رکن ٿا. ان کانسواءِ سندس مضمونن جا به ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن. سندريءَ کي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي ۽ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترا ادبي انعام ۽ اوارڊ به مليا.
سندريءَ جو سنڌي ٻوليءَ کي هندستاني آئين جي اٺين شيڊول ۾، ’قومي ٻوليءَ‘ طور مڃائڻ واري تحريڪ ۾ به وڏو ڪردار رهيو آهي، جنهن سفر ۾ سندس گهر وارو اي. جي. اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي، هري دلگير، گورڌن ڀارتي، ٽيڪچند مست، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا به شامل هئا. اهو ڪيڏو نه روح پرور منظر هو، جڏهن سندري اتمچنداڻيءَ، پنهنجن ۵۱ ساٿين سان گڏ سنڌي الف- ب جي ۵۲ اکرن جا ڪارڊ سيني تي سجائي، ’انڊين پارليامينٽ‘ آڏو هڙتال ڪئي هئي ۽ نعرا هنيا هئا. اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي جيڪڏهن زنده آهي، ته اُن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جهڙين ليکڪائن جو وڏو ڪردار آهي.
سندري نهايت سٻاجهي عورت هئي، سندس لهجي ۽ رويي ۾ مامتا واري محبت جا مڻ ڀريل هئا. منهنجون ساڻس ۸۶-۸۷، ۲۰۰۸ع، ۽ ۲۰۱۱ع ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيل هيون. مون هن جهڙي ٻاجهاري ليکڪا صرف پوپٽي هيراننداڻيءَ کي ئي پاتو هو. هن جي آشا چاند جهڙي سڀاڳي ڌيءُ، دبئيءَ ۾ ’سنڌيت‘ جي جوت جلايو ويٺي آهي ۽ اُن دنيا جو پهريون سنڌي سکيا سافٽ ويئر ’اچو ته سنڌي سکون‘ (Lets’ Learn Sindhi) پڌرو ڪيو آهي ۽ KTN سان گڏ ڪيترا ثقافتي ۽ سنگيت جا پروگرام به ڪرايا آهن. سندريءَ سان آخري ملاقات ۾ مون سان شوڪت شورو ۽ اياز گل به گڏ هئا، اڄ جڏهن سندري هن دنيا ۾ نه رهي آهي، تڏهن سندس چهرو ۽ سڀاءُ اکين آڏو ڦري اچن ٿا ته هڪ نامعلوم سنڌي شاعر جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو:
وساريان نه وسرن، نه وسارڻ جيها،
ريکون ٿي رهيا، سڄڻ سونيءَ تند جئن!

(اڱارو ۰۹ جولاءِ ۲۰۱۳ع)

No comments:

راءِ ڏيندا