خان صاحب خير محمد خان
سريلو گائيڪ ۽ موسيقار
ناصر قاضي
اسان کي فخر آهي ته اسين سنڌي خوش نصيب قوم جا فرد آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان
جي تهذيب ۽ ثقافت تمام گھڻي شاهوڪار رهي آهي، ان سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ سنڌي موسيقيءَ
جو به هڪ عليحده ۽ هاڪارو مقام رهيو آهي. ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ جي تاريخ تمام آڳاٽي
آهي، پر اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته سنڌي موسيقارن، ڪلاڪارن، سازندن ۽ موسيقيءَ سان واسطيدار
سنڌي گھراڻن جي ذڪر کانسواءِ پوري برِصغير جي موسيقيءَ جي تاريخ اڻپوري ۽ اڌوري رهجي
ويندي.
برصغير ۾ رياست جيسلمير تي حڪومت ڪندڙ راجا جواهر سنگھه جي راڄ هيٺ ايندڙ
رياستن ۾ مڱڻيارن جا ۲۴ مختلف ڳوٺ آباد هئا، راجسٿان رياست جي مڱڻيارن جي انهن
۲۴ ڳوٺن
مان ’ماڙ‘ نالي هڪ علائقو ايامن کان آباد هو، جنهن جي نسبت سان هڪ گھراڻو ’ماڙيچا گھراڻو‘
سڏجي ٿو. ’ماڙيچا گھراڻي‘ جا وري چار پٿنگ (علائقا) (۱) ماڙ، (۲) سم، (۳) ڍاٽ ۽ (۴) کاڏاڙ جي نالن سان سڏجن
ٿا، موسيقيءَ جي فن سان وابسته ٻين گھراڻن سان گڏ ماڙيچا گھراڻي جون به موسيقيءَ جي
ميدان ۾ سگھاريون خدمتون سرانجام ڏنل آهن. اڳتي هلي هن گھراڻي جو عظيم گائيڪ ۽ موسيقار
استاد سومار خان پنهنجي پياري ڀائيٽي ۽ شاگرد خانصاحب استاد حاجي خير محمد خان سان
گڏجي ورهاڱي کان اڳ ئي ۱۹۱۱ع ڌاري هاڻوڪي سنڌ ۾ آيو
۽ پهريان سانگھڙ ۽ بعد ۾ حيدرآباد ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين، اهڙيءَ طرح هيءُ سنڌ
جو سنڌي موسيقار گھراڻو ’ماڙيچا گھراڻي‘ جي نالي سان سڃاڻجڻ لڳو.
استاد سومار خان جو پيارو ڀائٽيو ۽ سندس شاگرد استاد خانصاحب حاجي خير
محمد خان هند- سنڌ جي وڏن ڪلاسيڪل ڳائڻن ۾شمار ٿيندو هو. استاد حاجي خير محمد خان ولد
نبي بخش خان ٻوڌراڻي (مڱڻيار) ۱۸۹۸ع
ڌاري ماڙيچا گھراڻي ۾ جنم ورتو. جيئن ته ننڍ
پڻ ۾ ئي سندس ڪفالت هڪ موسيقار گھراڻي ۾ ٿي، ان ڪري سازن سان راند ۽ سريلن آلاپن جو
ورجاءُ سندس وندر بڻيا، اهوئي سبب هو خانصاحب خير محمد خان جو آواز ننڍپڻ کان ئي سريلو
هوندو هو. خانصاحب شروعاتي موسيقيءَ جي تعليم پنهنجي چاچي استاد سومار خان ٻوڌراڻي
وٽان حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن ۱۹۱۸ع
ڌاري ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا پٽيالا گھراڻي جي بزرگ خانصاحب استاد امير علي خان کان ورتي. خانصاحب حاجي خير
محمد خان جو وڏو ڀاءُ استاد محمد اسماعيل عرف سڀ رنگ خان سارنگي ۽ ڪُماچ سازن جو وڏو
ماهر ٿي گذريو آهي.
خانصاحب حاجي خير محمد خان آل انڊيا ريڊيو جي دهلي ۽ بمبئي اسٽيشنن تي
پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ان کانسواءِ ۱۹۵۵ع ڌاري جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نشريات جو آغاز ٿيو ته ان جي افتتاحي
تقريب حيدرآباد ۾ پڪي قلعي جي ڀرسان ’هوم اسٽيٽ هال‘ ۾ ٿي، جتي خانصاحب حاجي خير محمد
خان پنهنجي فرزند خانصاحب استاد محمد رمضان خان سان گڏ هڪ يادگار محفل ڪئي. ان حوالي
سان خانصاحب حاجي خير محمد خان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شروعاتي ڪلاڪارن ۾ شامل آهي.
خانصاحب خير محمد خان جا ڳايل ڪيترائي ڪلام گرامون فون ريڪارن ذريعي بيحد
مقبول ٿيا، سندس مقبول ڪلامن ۾: (۱)
نه مار تير پيارا، پيارا نيڻن وارا، (۲) منهنجي مارن جو آهي پنڌڙو پري، (۳) دلبر لاتو توسان نينهن، (۴) رمز رندن جي رول ڇا ڄاڻن، ڪي نر سڃاڻن ننگ نيهي، (۵) توسان منهنجي دل ڙي الائي ڇو اڙي آ، (۶) مون کي پون ٿا پور، جيجل جوڳيئڙن جا ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. خانصاحب جي شاگردن
۾ استاد ڀڳرو خان، جنهن کي ڀارت جو وڏو ايوارڊ ’پدم ڀوشن‘ به مليو، انکانسواءِ سنڌ
۾ جيوڻي ٻائي، استاد علم الدين خان، مراد فقير، استاد دين محمد خان، استاد شادي فقير،
استاد زوار بسنت، مائي بدرالنساءِ، تيجو خان، استاد خدا بخش خان، انب، ڪرڙ خان (ڪنڊياري
وارو) عيدو فقير ڀيرونمل وارو ۽ ٻيا مشهور راڳي ٿي گذريا آهن.
استاد خير محمد خان ۱۹۶۴ع
۾ حج جي سعادت ماڻي ۽ ۱۸ سيپٽمبر ۱۹۶۵ع تي ۶۷ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، سندس مزار ٽنڊي يوسف حيدرآباد
۾ آهي. سندس فرزند استاد محمد رمضان مرحوم ۽ پوٽي استاد امير علي خان به موسيقيءَ جي
ميدان ۾ هاڪاريون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ۽ راڳ جي دنيا ۾ پاڻ مڃايو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا