خان صاحب خير محمد خان
سريلو گائيڪ ۽ موسيقار
ناصر قاضي
اسان کي فخر آهي ته اسين سنڌي خوش نصيب قوم جا فرد آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان
جي تهذيب ۽ ثقافت تمام گھڻي شاهوڪار رهي آهي، ان سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ سنڌي موسيقيءَ
جو به هڪ عليحده ۽ هاڪارو مقام رهيو آهي. ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ جي تاريخ تمام آڳاٽي
آهي، پر اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته سنڌي موسيقارن، ڪلاڪارن، سازندن ۽ موسيقيءَ سان واسطيدار
سنڌي گھراڻن جي ذڪر کانسواءِ پوري برِصغير جي موسيقيءَ جي تاريخ اڻپوري ۽ اڌوري رهجي
ويندي.
