; سنڌي شخصيتون: عبدالوحيد ڪٽپر

22 September, 2013

عبدالوحيد ڪٽپر

عبدالوحيد ڪٽپر
مڊل ڪلاسي سياستدان
ڊاڪٽر ايوب شيخ
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي وزير هيو ته لاڙڪاڻي ۾ مٿس ۽ سندس فيمليءَ جي خلاف هلندڙ سول ڪيسن ۾ جنهن وڪيل سندس غيرحاضريءَ ۾ سندس سڀ کان وڏي مدد ڪئي هئي تنهن وڪيل جو نالو کيس لاڙڪاڻي ۾ اچڻ کانپوءِ تڏهن معلوم ٿيو هيو جڏهن ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ويو ته ان جو نالو عبدالوحيد ڪٽپر آهي. اهو سفر ڪورٽ کان شروع ٿيو ۽ سياست ۾ کيس وڏو مقام ملي ويو. ان کان اڳ عبدالوحيد ڪٽپر ادبي محفلن ۾ ويهي شاعري پڻ ڪندو هيو. سندس هڪ شاعر سنڌي ڳائڻي مرحوم سليمان شاهه پڻ ڳايو هيو، جيڪو ريڊيو پاڪستان تي تمام گهڻو مشهور ٿيو هيو:


منهنجو دل جو دلبر، وري ايندو الائي نه
مٺو محبوب دل وارو، وري ايندو الائي نه!
عبدالوحيد ڪٽپر اڄ کان پورو هڪ سال اڳ ڪراچي شهر ۾ گذاري ويو. ۱۹۲۴ ۾ ڄائو ۽ ۲۰۱۲ع ۾ ۸۷ ورهين جي ڄمار ماڻي گذاري ويو. هُن جي شهرت سياست، قلمڪار، وڪالت ۽ بزنيس هئي پر انهن سڀني جي مٿان حاوي ڳالهه سندس سڄي عمر خوش مزاجي هئي. ڪٽپر صاحب جي زندگي موهين جي دڙي ڀرسان ڏوڪريءَ کان شروع ٿي لاڙڪاڻي کان ٿيندي ڪراچي ۾ پوري ٿي. هن جا وڏا اصل ڪٿان آيا هيا، اها ته خبر ناهي پر ”ڪٽپر“ ڀارتي صوبي گجرات ۾ هڪ وڏو شهر آهي، جنهن ۾ ڪٽپر ذات جا ماڻهو وڏي انگ ۾ اڄ به رهن ٿا.
هزارن جي انگ ۾ رهندڙ ڀارت جا ڪٽپر غريب ۽ گهٽ پڙهيل آهن. اسان وٽ سنڌ جي شهرن ڏوڪري، نئون ديرو، شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي، دادو ۽ سکر ۾ ڪٽپرن جا ڪيترا ئي گهر آباد آهن. سنڌ ۾ خيرپور ميرس ۾ ”پير ڪٽپر“ جي نالي سان مئن لائين تي ريلوي اسٽيشن پڻ ڪٽپرن جي مشهوري جو سبب آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ آباد ڪٽپرن مان ڪيئي فوج، سول سروسز، وڪالت، انجنيئري، ڊاڪٽري ۽ بزنس جي ڪري مشهور آهن، پر انهن سڀني ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهوري مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر ماڻي.
ڪٽپر صاحب جي مشهوري جو سبب ۱۹۶۷ع ۾ ”هالا ڪنوينشن“ ۾ پيپلزپارٽي جو سنڌ ۾ پوندڙ بنياد هيو، جتان هن پيپلزپارٽي جي سياست شروع ڪئي. هن ۱۹۷۰ع ۾ اليڪشن پ پ پ ٽڪيٽ تي وڙهي ۽ کٽي. پارٽي جي باني کيس پهرين ڏاڪي تي پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو. پهرين جمهوري سرڪار اچڻ کانپوءِ کيس صحت جو صوبائي وزير ۽ سنڌ جي سينئر وزير بڻايو ويو. هن جي صحت واري وزارت ۾ سنڌ ۾ ٽي اهم ميڊيڪل ڪاليج: سنڌ ميڊيڪل ڪاليج، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج سندس زندگيءَ جي ڪارڪردگيءَ جو وڏو نشان آهن. انهن ٽنهي اهم ڪاليجن جي ڪاميابيءَ کانپوءِ کيس وفاقي سرڪار چيو هيو ته ڪراچي ۾ موجود وفاقي اداري طور هلندڙ ”جناح اسپتال“ به سنڌ جو صحت کاتو سنڀالي پر انتظام کان سواءِ مقررين ۽ ٻين ضابطن جي واڳ نه ملڻ ڪري هن پنهنجي لاچاري ظاهر ڪئي هئي.
جڏهن جنرل ضيا الحق سڄي جمهوري سياست ۽ سرڪار کي درهم برهم ڪري ڇڏيو ته آمر وٽ ”انا“ طور اها ڳالهه سندس ڪارڊ تي موجود هئي ته ڪنهن به طريقي سان ذوالفقار علي ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻي مان پيپلزپارٽي جا ماڻهو ٽوڙجن. عبدالوحيد ڪٽپر به سندس نشاني تي هيو، پر هن سکر جيل ۾ سال کن رهڻ مناسب سمجهيو پر ضيا جي سٿ م شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندو رهيو. جنرل ضيا سندس ضد جي ڪري هن جي وڪالت ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي ۽ اها رڳو ان ڪري ختم ٿي پئي سگهي جي هو ضيائي ٽولي جو ساٿي ٿي وڃي.
جيل مان نڪرڻ کان پوءِ هن لاءِ زندگي ڪجهه نرم گرم رهي. هن جي وڪالت جا در بند هيا. هن ڪراچي شهر ۾ ئي گزري ۾ هڪ ميڊيڪل اسٽور کوليو. هن جي اها زندگي ڪا پهريون دفعو نرم گرم نه هئي. ان کان اڳ هن جڏهن ڏوڪري ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي هئي ته سندس والد کيس وڌيڪ پڙهڻ بدران ڪارخانو ۽ ٻنيون سنڀالڻ جو چيو هيو. هن پڙهڻ کي پنهنجو ڪيو ته سندس والد سهائتا کان انڪار ڪيو. هڪ ڀيري هو پڙهڻ لاءِ ڪراچي پهتو. ڊي جي ڪاليج مان بي ۽ ايم اي ڪيائين. پڙهائي لاءِ پئسا ڪٿان اچن ان لاءِ هن پوسٽ آفيس ۾ شام جي پارٽ ٽائيم نوڪري ڪري تعليم حاصل ڪئي. هن ايس ايم لا ڪاليج مان وڪالت ڪئي ۽ واپس لاڙڪاڻي پهتو ته سندس والد پيرسنيءَ جي ڪري سمورن پٽن ۾ ملڪيت ورهائي. هن پنهنجو حصو پڻ ڀائرن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ پنهنجي والد کي چيائين؛ ”منهنجي وڪالت سٺي پئي هلي، مونکي ڪجهه به نه گهرجي“
هن جي پٽن، پوٽن وٽ هن جا تفصيل ان ڪري به ٿورا آهن ڇوته، ان زماني ۾ سيلف ميڊ ماڻهو، مڊل ڪلاسي سياستدان گهرن جو خيال ڪرڻ بدران تمام گهڻي محنت ڪري موجود جاگيردارن ۽ جغادري وڏيرن لاءِ ڪابه گهنجائش نه ڇڏيندا هيا. پر سندس اولاد مان ڪنهن کي به پنهنجي وڏي جناب عبدالوحيد ڪٽپر مرحوم جي ڪنهن به ڳالهه تي ڏک ۽ افسوس ڪونهي. هن جيڪا زندگي گذاري سا واهه جي گذاري، تنهن سندس اولاد ۾ به ساهه وجهي ڇڏيو آهي.
هو پاڻ ڀرو، خود دار ۽ خوشمزاج شخص هيو. ان ڪري ڏک هن جي ويجهو نه ايندا هيا. پر هن جي ۸۷ ورهين جي زندگيءَ ۾ هن جا سمورا وسيل، ذاتي ۽ سياسي دوست رمندا رهيا ته هن جي دوستيءَ جو جهول هلڪو ٿيندو ويو تنهن کيس ڏکن سان وهنجاري ڇڏيو هيو. هن جي جيئري سندس آخري دوست جي وفات وڪيل راجا قريشيءَ جي وفات هئي جنهن کيس مڪمل نراس ڪري ڇڏيو هيو. پنهنجي وفات کان پنج ڏينهن اڳ تائين هو وڪالت ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن هو کل خوشيءَ، پنهنجي پونئرن کي تڪليف ڏيڻ بدران گذاري ويو. سندس وفات کان ٿورو وقت اڳ تائين هو ”عوامي آواز“ ۾ ”اچو ته تاريخ پڙهئون“ ۽ ان کان اڳ هلال پاڪستان ۾ ”ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آه“ لکندو هيو. اهي ڪالم پڙهڻ وٽان آهن جن ۾ ڪيئي ڳالهيون موجود آهن، جن ۾ سندس خوشمزاجي ۽ خطرناڪ ڪاٽ شامل آهي.
(حوالا: شاهجهان ڪٽپر ۽ ستار ڀٽي)



عبدالوحيد ڪٽپر
سندس ياد ۾
سُهيل ميمڻ
کل ڀوڳ، يار ويسي، نِج سنڌي لهجو ۽ لفظن جو استعمال، سنڌ جي هن برک قانوندان ۽ ليکڪ توڙي، ماضيءَ جي سياستدان جي طبيعت جا گُڻ هئا. مون سائين جي ايم سيد جي زندگيءَ جي آخري بغاوت ڪيس ۾، جنهن ۾ ڪٽپر صاحب سائينءَ جو وڪيل هو، دوران ڪٽپر صاحب سان ڪافي وقت گذاريو ۽ هو مون سان ائين پيش ايندو هو،  جيئن هڪ جيتري عمر واري دوست سان پيش اچبو آهي، عبدالوحيد ڪٽپر جي اڄ پهرين ورسي آهي، ڪٽپر صاحب ۱۴ سيپٽمبر ۲۰۱۲ع تي ۸۷ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، هن جي صحت ايڏي شاندار هئي، جو هو عمر جي آخري ڏينهن تائين عدالتن ۾ ڦڙتيءَ سان هلندو ڦرندو نظر ايندو هو. سائين جي ايم سيد جي آخري بغاوت ڪيس ۾ وڪيل حسين شاهه راشدي هو، جيڪو پيپلز پارٽي حڪومت پاران سائينءَ کي مشروط آزاديءَ لاءِ راضي ڪرڻ واري مشن تي لڳي ويو ۽ وڃي پيپلز پارٽيءَ جو سينيٽر ٿيو، سائينءَ سندس ڳالهه نه مڃي ۽ چيو ته، سڄي عمر سندن شرطون نه مڃيوسين ۽ هن عمر ۾ وري سندن شرطون مڃي پاڻ کي آزاد ڪرايون، حسين شاهه سائين جي ايم سيد جو ڪيس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو ته، عبدالوحيد ڪٽپر صاحب سائين ڏانهن نياپو موڪليو ته، سائين خدمت جو موقعو ڏيو ۽ ائين ڪٽپر صاحب سائين جي ايم سيد جو آخري ساهه تائين اهڙو وڪيل رهيو، جنهن ۾ مون ڪڏهن هڪ ڀيرو به عدم توجهه نه ڏٺي، ذاتي دلچسپي ۽ خرچ ڪري، سيشن ڪورٽ هاءِ ڪورٽ ۽ دهشتگردي ڪورٽ ۾ سائينءَ جا ڪيس وارو وڄائي وڙهيو، مان انهن سڀني معاملن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، جو سائين جي ايم سيد ۽ ڪٽپر صاحب وچ ۾ روزانو جي قانوني معاملن ۾ پُل جو ڪردار منهنجو ئي هو، ڪٽپر صاحب چوندو هو، سڄي عمر سياست ڪئيسين، الائي ڪهڙن ڪهڙن جا نعرا هنياسين، هاڻي سائين جي ايم سيد جي روپ ۾ سنڌ جي خدمت ڪري رهيو آهيان، عبدالوحيد ڪٽپر مديجي ۾ ڄائو ۽ پرائمري تعليم پڻ اتان ئي حاصل ڪيائين، ڊي جي سائنس ڪاليج مان سندس ڪاليجي تعليم هئي، پيپلز پارٽيءَ جي مُک عهدن تي رهيو ۽ ڀٽو صاحب کي ويجهو هو، سنڌ جو صحت جو وزير ۽ ڪجهه وقت قائم مقام وڏو وزير به رهيو، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج سندس ئي دور ۾ ٺهيا. ضياءَ الحق جي مارشل لا ۾ ٺاهه نه ڪيائين، سندس وڪالت ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي، جيڪا ۷ سال جاري رهي، لياريءَ ۾ هڪ ننڍڙو ميڊيڪل اسٽور کولي ٻچن جو گذر سفر ڪيائين، ڪيترين نگران حڪومتن ۾ کيس وزارتن ۾ اچڻ جي آڇ ٿي، پر قبول نه ڪيائين، ۱۹۹۲ع ۾ ٻيهر وڪالت بحال ٿيس، وڪالت جو بادشاهه سڏائيندو هو، سائين جي ايم سيد جو بغاوت ڪيس، حڪيم سعيد مرڊر ڪيس ۽ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل ڪيس سندس وڏي پروفائيل وارا ڪيس آهن، هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ سندس ڪالم صرف ۽ صرف سنڌ دوست ليک رهيا. عبدالوحيد ڪٽپر کي انهن ساڃاهه وندن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، جن پنهنجي آخري پساهه تائين سنڌ سان ناتو بحال رکيو ۽ وڏي واڪي اعلان ڪيو، ته هن باقي زندگيءَ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو سڀ ڪوڙ، ٺڳي ۽ انساني لالچ آهي، جڏهن ته اصل رشتو ڌرتي ۽ وطن جو آهي.


عبدالوحيد ڪٽپر
ڊاڪٽر ايوب شيخ
مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر ۱۹۲۴ع ۾ ڄائو ۽ ۲۰۱۲ع ۾ ۸۷ ورهين جي ڄمار ماڻي گذاري ويو. هُن جي شهرت سياست، قلمڪار، وڪالت ۽ بزنيس جي هئي پر انهن سڀني جي مٿان حاوي ڳالهه سندس سڄي عمر خوش مزاجي هئي. ڪٽپر صاحب جي زندگي مُهين جي دڙي ڀرسان ڏوڪريءَ کان شروع ٿي، لاڙڪاڻي کان ٿيندي ڪراچي ۾ پوري ٿي. هن جا وڏا اصل ڪٿان آيا هيا، اها ته خبر ناهي پر ”ڪٽپر“ ڀارتي صوبي گجرات ۾ هڪ وڏو شهر آهي، جنهن ۾ ڪٽپر ذات جا ماڻهو وڏي انگ ۾ اڄ به رهن ٿا.
هزارن جي انگ ۾ رهندڙ ڀارت جا ڪٽپر غريب ۽ گهٽ پڙهيل آهن. اسان وٽ سنڌ جي شهرن ڏوڪري، نئون ديرو، شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي، دادو ۽ سکر ۾ ڪٽپرن جا ڪيترا ئي گهر آباد آهن. سنڌ ۾ خيرپور ميرس ۾ ”پير ڪٽپر“ جي نالي سان مئن لائين تي ريلوي اسٽيشن پڻ ڪٽپرن جي مشهوري جو سبب آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ آباد ڪٽپرن مان ڪيئي فوج، سول سروسز، وڪالت، انجنيئري، ڊاڪٽري ۽ بزنيس جي ڪري مشهور آهن، پر انهن سڀني ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهوري مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر ماڻي، جنهن جو سبب سياست ۽ سندس ۷۰ع جي ڏهاڪي ۾ صحت جو وزير هجڻ هيو، جنهن ۾ هن جهرجهنگ ڀيٽيا.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي وزير هيو ته لاڙڪاڻي ۾ مٿس ۽ سندس فيمليءَ جي خلاف هلندڙ سول ڪيسن ۾ جنهن وڪيل سندس غيرحاضريءَ ۾ سندس سڀ کان وڏي مدد ڪئي هئي تنهن وڪيل جو نالو کيس لاڙڪاڻي ۾ اچڻ کانپوءِ تڏهن معلوم ٿيو هيو جڏهن ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ويو ته ان جو نالو عبدالوحيد ڪٽپر آهي. اهو سفر ڪورٽ کان شروع ٿيو ۽ سياست ۾ کيس وڏو مقام ملي ويو. ان کان اڳ عبدالوحيد ڪٽپر ادبي محفلن ۾ ويهي شاعري پڻ ڪندو هيو. سندس هڪ شاعر سنڌي ڳائڻي مرحوم سليمان شاهه پڻ ڳايو هيو، جيڪو ريڊيو پاڪستان تي تمام گهڻو مشهور ٿيو هيو:
منهنجو دل جو دلبر، وري ايندو الائي نه
مٺو محبوب دل وارو، وري ايندو الائي نه!
ڪٽپر صاحب جي مشهوري جو سبب ۱۹۶۷ع ۾ ”هالا ڪنوينشن“ ۾ پيپلزپارٽي جو لاهور کان پوءِ سنڌ ۾ پوندڙ بنياد هيو، جتان هن پيپلزپارٽي جي سياست شروع ڪئي. هن ۱۹۷۰ع ۾ اليڪشن پ پ پ  ٽڪيٽ تي وڙهي ۽ کٽي. پارٽي جي باني کيس پهرين ڏاڪي تي پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو. پهرين جمهوري سرڪار اچڻ کانپوءِ کيس صحت جو صوبائي وزير ۽ سنڌ جي سينئر وزير بڻايو ويو. هن جي صحت واري وزارت ۾ سنڌ ۾ ٽي اهم ميڊيڪل ڪاليج: سنڌ ميڊيڪل ڪاليج، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ پيپلزميڊيڪل ڪاليج سندس زندگيءَ جي ڪارڪردگيءَ جو وڏو نشان آهن. انهن ٽنهي اهم ڪاليجن جي ڪاميابيءَ کانپوءِ کيس وفاقي سرڪار چيو هيو ته ڪراچي ۾ موجود وفاقي اداري طور هلندڙ ”جناح اسپتال“ به سنڌ جو صحت کاتو سنڀالي پر انتظام کانسواءِ مقررين ۽ ٻين ضابطن جي واڳ نه ملڻ ڪري هن پنهنجي لاچاري ظاهر ڪئي هئي.
جڏهن جنرل ضيا الحق سڄي جمهوري سياست ۽ سرڪار کي درهم برهم ڪري ڇڏيو ته آمر وٽ ”انا“ طور اها ڳالهه سندس ڪارڊ تي موجود هئي ته ڪنهن به طريقي سان ذوالفقار علي ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻي مان پيپلزپارٽي جا ماڻهو ٽوڙجن. عبدالوحيد ڪٽپر به سندس نشاني تي هيو، پر هن سکر جيل ۾ سال کن رهڻ مناسب سمجهيو پر ضيا جي سٿ م شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندو رهيو. جنرل ضيا سندس ضد جي ڪري هن جي وڪالت ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي ۽ اها رڳو ان ڪري ختم ٿي پئي سگهي جي هو ضيائي ٽولي جو ساٿي ٿي وڃي.
جيل مان نڪرڻ کان پوءِ هن لاءِ زندگي ڪجهه نرم گرم رهي. هن جي وڪالت جا در بند هيا. هن ڪراچي شهر ۾ ئي گزري ۾ هڪ ميڊيڪل اسٽور کوليو. هن جي اها زندگي ڪا پهريون دفعو نرم گرم نه هئي. ان کان اڳ هن جڏهن ڏوڪري ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي هئي ته سندس والد کيس وڌيڪ پڙهڻ بدران ڪارخانو ۽ ٻنيون سنڀالڻ جو چيو هيو. هن ضد ڪري پنهنجي خواهش هيٺ پڙهڻ کي پنهنجو ڪيو ته سندس والد سهائتا کان انڪار ڪيو. هڪ ڀيري هو پڙهڻ لاءِ ڪراچي پهتو. ڊي جي ڪاليج مان بي اي ۽ ايم اي ڪيائين. پڙهائي لاءِ پئسا ڪٿان اچن ان لاءِ هن پوسٽ آفيس ۾ شام جي پارٽ ٽائيم نوڪري ڪري تعليم حاصل ڪئي. هن ايس ايم لا ڪاليج مان وڪالت ڪئي ۽ واپس لاڙڪاڻي پهتو ته سندس والد پيرسنيءَ جي ڪري سمورن پٽن ۾ ملڪيت ورهائي. هن پنهنجو حصو پڻ ڀائرن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ پنهنجي والد کي چيائين ته ” منهنجي وڪالت سٺي پئي هلي، مونکي ڪجهه به نه گهرجي“
هن جي پٽن، پوٽن وٽ هن جا تفصيل ان ڪري به ٿورا آهن ڇوته، ان زماني ۾ سيلف ميڊ ماڻهو، مڊل ڪلاسي سياستدان گهرن جو خيال ڪرڻ بدران تمام گهڻي محنت ڪري موجود جاگيردارن ۽ جغادري وڏيرن لاءِ ڪابه گنجائش نه ڇڏيندا هيا. پر سندس اولاد مان ڪنهن کي به پنهنجي وڏي جناب عبدالوحيد ڪٽپر مرحوم جي ڪنهن به ڳالهه تي ڏک ۽ افسوس ڪونهي. هن جيڪا زندگي گذاري سا واهه جي گذاري، تنهن سندس اولاد ۾ به ساهه وجهي ڇڏيو آهي.
هو پاڻ ڀرو، خود دار ۽ خوش مزاج شخص هيو. ان ڪري ڏک هن جي ويجهو نه ايندا هيا. پر هن جي ۸۷ ورهين جي زندگيءَ ۾ هن جا سمورا آباد، ذاتي ۽ سياسي دوست رمندا رهيا ته هن جي دوستيءَ جو جهول هلڪو ٿيندو ويو تنهن کيس ڏکن سان وهنجاري ڇڏيو هيو. هن جي جيئري سندس آخري دوست جي وفات وڪيل راجا قريشيءَ جي وفات هئي جنهن کيس مڪمل نراس ڪري ڇڏيو هيو. پنهنجي وفات کان پنج ڏينهن اڳ تائين هو وڪالت ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن هو کل خوشيءَ، پنهنجي پونئرن کي تڪليف ڏيڻ بدران گذاري ويو. سندس وفات کان ٿورو وقت اڳ تائين هو ”عوامي آواز“ ۾ ”اچو ته تاريخ پڙهئون“ ۽ ان کان اڳ هلال پاڪستان ۾ ”ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آه“ لکندو هيو. اهي ڪالم پڙهڻ وٽان آهن جن ۾ ڪيئي ڳالهيون موجود آهن، جن ۾ سندس خوش مزاجي ۽ سماج مٿان خطرناڪ چٿر شامل آهي.
(حوالا: شاهجهان ڪٽپر ۽ ستار ڀٽي)


عبدالوحيد ڪٽپر
سياسي ۽ سماجي خدمتون
لياقت راڄپر
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي ته ان وقت مان مئٽرڪ جو شاگرد هيس ۽ مون سان گڏ ڪجهه دوست اهڙا هئا، جيڪي سياسي طور تمام گهڻا سجاڳ هيا، جن ۾ اڪبر ڀٽو، الله ورايو شيخ، منور بخاري، ستار ڀٽي، يار محمد عباسي وغيره جيڪي ڀٽي جي تقرير کان پهريان اسٽيج تي اچي تقرير به ڪندا هئا ۽ جيئي ڀٽو جا نعرا بلند ڪرڻ جا ماهر هئا. مان ايترو متحرڪ نه هيس پر ڀٽي صاحب جي ٽيم ۾ انهن دوستن سان گڏجي اليڪشن جي مهم ۾ ڳوٺ ڳوٺ ڀٽي سان گڏ هياسين. هن مهم دوران اسان جو انچارج عبدالوحيد ڪٽپر هيو، جنهن جو مزاج مزاح وارو هيو ۽ پنهنجي ٽيم کي ڪڏهن به الڳ ٿيڻ نه ڏيندو هو. اليڪشن لاءِ ممتاز ڀٽي جو لاڙڪاڻي وارو بنگلو اسان کي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ مليل هو. ڪٽپر اڪثر واندو ٿي رات جو اسان وٽ اچي ڀوڳ ٺڪاءَ ڪري سڀني سان رلي ملي ويندو هو، جنهن جي ڪري ڪم جي ڪڏهن به ٿڪاوٽ محسوس نه ٿي.
بهرحال وقت جي موجن ۾ ڪٽپر صاحب ترندو ترندو اچي هڪ ڏينهن اهڙي هنڌ پهتو جتي زندگي هن لاءِ تمام گهڻي مشڪل ٿي وئي، هو وڏي دل ۽ گردي جو مالڪ هو، جنهن سڀ تڪليفون ۽ ڏک ڀٽي جي محبت ۽ عيقدت جي ڪري کلي سَٺا پر زندگيءَ سان نڀائيندي نڀائيندي ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪئي ۽ نه وري ڪنهن سهولت لاءِ درخواست ڏني. جڏهن ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق جو موت ٿيو ۽ ٻيهر جمهوريت جو سج اڀريو ته هن تان به عتاب گهٽيو، هن جي لا جي پريڪٽس واري بندش لٿي ۽ هو وري پنهنجا قانوني ڪيس وڙهڻ لڳو. جنهن ۾ هڪ مشهور ڪيس آمريڪي ماڻهو پرل ڊينيل جو هو. ڪٽپر ڪم ڪندي ڪندي نيٺ ۱۲ سيپٽمبر ۲۱۰۲ع تي هيءُ جهان ڇڏي ويو. پر پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن کي ماڻهن لاءِ مثالي ڇڏي، امر ٿي ويو. هن سان ملڻ لاءِ سستي ڪيم ۽ ملاقات نه ٿي سگهي. جنهن جو ڏک مون کي هميشه رهيو آهي.
عبدالوحيد ڪٽپر جي زندگيءَ تي نظر وجهبي ته هو هڪ پرعزم، محنتي، هوشيار، پڙهيل لکيل، مدبر ۽ معتبر ماڻهو هو. جنهن سڄي ڄمار جدوجهد ڪندي گذاري ۽ هر دفعي اها ڪوشش ڪئي ته هو غريبن جي ڪم اچي، جن ۾ سندس سماجي، ادبي ۽ سياسي خدمتن سان عملي ڪارناما به شامل آهن. جڏهن ۱۹۴۸ع ۾ هن، لاڙڪاڻي ۾ لا جي پريڪٽس شروع ڪئي ته هن جو استاد هڪ هندو وڪيل ميٺارام هيو، جنهن هن کي پهريون ڪيس هڪ خون جو ڏنو، جنهن لاءِ مخالف وڪيل ذوالفقار علي ڀٽو هيو پر اهو ڪيس ڪٽپر کٽي ويو. ڇو جو ڀٽي، پنهنجا دليل انگريزي ۾ ولايتي طرز سان ڏنا، جڏهن ته ڪٽپر پنهنجي ديسي طريقي سان ڪيس وڙهيو ۽ کٽي ويو. هن ڪيس کانپوءِ هو مهانگو وڪيل ٿي ويو ۽ ڪرمنل ڪيس واري مشهور وڪيل طور مقبول ٿيو ۽ هن وٽ وقت ئي نه هوندو هيو جو هو ٻيو نئون ڪيس وٺي.
ڪٽپر جي دوستي، ڀٽي سان تڏهن شروع ٿي ۽ مضبوط ٿيندي وئي، جڏهن ڀٽي صاحب ايوب خان جي ڪابينا مان استعيفيٰ ڏني. ڀٽي جي فيمليءَ مٿان ايوب حڪومت، ڪجهه ڪيس داخل ڪيا جن لاءِ ڪو به وڪيل ڪيس کڻڻ لاءِ تيار نه هو. ڇو جو هو ايوب خان کان ڊڄڻ لڳا هئا. پر ڪٽپر اهو ڪيس کنيو ۽ ڀٽو فيملي کي ضمانت ملي وئي. جيئن ته ان وقت، ڀٽو ملڪ کان ٻاهر هيو ۽ جڏهن هيءَ خبر پيس ته هن ڪٽپر کي گهرائي، ان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ هن جي مان ۾ هڪ سٺي دعوت جو اهتمام ڪيو. هن دعوت ۾ ڪچهريءَ کانپوءِ ٻنهي ۾ دوستيءَ جو رشتو جڙي ويو، جيڪو ڀٽي جي ڦاسيءَ تائين هلندو رهيو.
جنهن وقت ڀٽي، سياسي پارٽي ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ورتي ته هن سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جا دورا شروع ڪيا ۽ روڊ رستي هڪ هڪ شهر ويو، ماڻهن سان ۽ اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ هن سڄي دوري ۾ ڪٽپر هن سان گڏ هيو ۽ ڀٽي جي گاڏي هلائيندو رهيو. جڏهن هڪ ڀيرو لاهور ويندي لاڙڪاڻي کان سکر ويندي ڀٽي جيڪا غربت جي انتها ڏٺي ته ڪجهه عورتون پنهنجا ڪپڙا اس تي رائيس ڪئنال جي ڪپ هيٺان ٻوڙن تي سڪائي رهيون هيون ۽ کين پائڻ لاءِ صرف هڪڙو جوڙو هيو. ان واقعي کانپوءِ ڀٽي ڪٽپر کي چيو ته نئين پارٽي جو نعرو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان هوندو.
ڀٽو صاحب ڪٽپر جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته ڪٽپر، سچو ايماندار ۽ وفادار هيو. جنهن جي ڪري هن کي پي پي جو پهريون لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر ٺاهيو ويو. بعد ۾ هن کي ڊويزن جو صدر ۽ جڏهن رسول بخش ٽالپر جيل ويو ته ڪٽپر کي سنڌ ليول تي پارٽي جو ايڪٽنگ صدر بڻايو ويو ۽ بعد ۾ هن کي باقاعده ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۷ع تائين، سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو. هي اهو ماڻهو هو جو جڏهن به ڪو پارٽيءَ طرفان احتجاج ڪيو ويندو هو يا وري جلوس ڪڍيو ويندو هيو، جلسا ٿيندا هئا ته هو سڀني کان اڳ ۾ موجود هوندو هو. اليڪشن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لسٽن وارو معاملو هجي، ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هجي يا وري گرفتار ٿيل شاگرد ۽ پارٽي ورڪرن جي ضمانت هجي يا وڪالت، هو هميشه اتي پهچي ڪم ڪندو هو. هن جي مزاح واري عادت، ورڪرن کي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ هو پارٽي ورڪرن جو مقبول اڳواڻ هو. هن کي سڀ استاد ڪري سڏيندا هئا.
ڪٽپر جي زندگيءَ بابت اسان جو مرحوم دوست، ستار ڀٽي گهڻو ڪجهه ڄاڻيندو هو. ڇو جو هو ان جي ويجهو گهڻو رهيو. کيس هو پنهنجو سياسي استاد چوندو هو. هن پنهنجي ڪتاب ”لاڙڪاڻو؛ امر شخصيتون“ ۾ ڪٽپر جو به پروفائيل لکيو آهي، جيڪو تمام سٺو آهي. لاڙڪاڻي ۾ شروع وارن ڏينهن ۾، ڪٽپر جي بنگلي جو گرائونڊ فلور ته شاگردن ۽ پارٽي ورڪرن جي ڄڻ اوطاق هوندي هئي، ماني ٽڪي پئي ملندي هئي. هو جڏهن صحت جو صوبائي وزير ٿيو ته هن هائوس جاب الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ڊاڪٽرن لاءِ سيٽون وڌائڻ جو اعلان ڪيو. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪورس شروع ڪرايا. نوابشاهه ۾ گرلز ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرايو. اوجها سينٽوريم ۾ ٻارن جي اسپتال، لاڙڪاڻي ۾ شيخ زيد وومين اسپتال قائم ڪرڻ ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. لاڙڪاڻي ۾ نرسنگ تربيتي اسڪول ۾ لاڙڪاڻي ۾ وفاق طرفان قائم ڪيل ڪينسر اسپتال لاءِ سنڌ طرفان تربيت لاءِ ڪافي مالي سهائتا ڪئي. ان کان علاوه لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن لاءِ هڪ نئين عمارت اڏرائي ۽ حيدرآباد لاءِ به ساڳي قسم جي بار لاءِ عمارت اڏرائي. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد لاءِ ليڊيز جينٽس جون عمارتون جوڙايون، ڇاڪاڻ ته هو قانون جو به منسٽر هيو. جڏهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ٺهي تيار ٿيو ته ان جو افتتاح ڀٽي صاحب کي ڪرڻو هو پر هو نه اچي سگهيو ۽ ڪٽپر کي چيو ويو ته هو افتتاح ڪري، جنهن جو هن افتتاح ڪيو، جيڪو هڪ تاريخي يادگار موقعو هيو. هن پنهنجي دور ۾ سنڌ اندر ڪيتريون ئي اسپتالون، بيسڪ هيلٿ يونٽس ۽ صحت جا مرڪز قائم ڪيا.
ڪٽپر کي سماجي خدمت ڪرڻ جو پڻ وڏو جذبو هو، جنهن لاءِ هو جڏهن وڪيل هيو ته پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري، مهانگيون دوائون خريد ڪري، انهن علائقن ۾ ڪار ۾ چڙهي ويندو هو، جتي غربت گهڻي هوندي هئي ۽ ڪوهن تائين ڪا به صحت جي سهولت موجود نه هوندي هئي. جڏهن هو مقبول ٿي ويو ته هو صحت کاتي وارن جي سهڪار سان موبائيل گاڏي ذريعي ڊاڪٽرن جون ٽيمون وٺي ڳوٺن ۾ ويندو هو ۽ غريبن کي مفت دوائون ۽ چڪاس جي سهولت ڏيندو رهيو. جيئن ته هن جو تعلق هڪ خوشحال گهراڻي سان هو ۽ هو پنهنجي خرچ مان پئسو بچائي غريبن جي خدمت لاءِ خاص ڪري صحت لاءِ اهي پئسا خرچ ڪندو هيو. جڏهن ڊاڪٽر روشن ٻاهرين ملڪ مان ايف آر سي ايس ڪري لاڙڪاڻي آيو ته ڪٽپر ان کي به پاڻ سان گڏ وٺي ٻهراڙين ۾ وڃي غريبن جي مفت چڪاس ڪرائيندو هو. خاص ڪري گرمين جي موسم ۾ بارش ۽ سيلاب جي ڪري جيڪي پيٽ جون بيماريون ٿي پونديون هيون، انهن کي روڪڻ ۽ علاج لاءِ ڊرپون، انجيڪشنون ۽ ٻيون گهربل دوائون کڻي پهچندو هو.



عبدالوحيد ڪٽپر

ذوالفقار علي ڀٽو دور جا وزير

ذوالفقار قادري

عبدالوحيد ڪٽپر صاحب جو تعلق ڏوڪري تعلقي سان هو هن ۱۹۲۴ع ۾ جنم ورتو سندس والد جي مرضي هئي ته هو ڳوٺ جا ٻني ٻارا سنڀالي پر عبدالوحيد ڪٽپر صاحب کي پڙھڻ جو شوق هو آخر عبدالوحيد ڪٽپر پڙھي لاڙڪاڻي جو ناميارو وڪيل بڻجي ويو. ذوالفقارعلي ڀٽو جڏھن ۱۹۶۶ع ۾ ايوب خان حڪومت کان الڳ ٿي استعفيٰ ڏني ته جنرل ايوب خان سرڪار ذوالفقار علي ڀٽو تي مختلف ڪيس ڪيا. لاڙڪاڻي ۾ داخل ڪيسن جي وڪالت، ڪٽپر صاحب بغير في جي ڪئي. اهڙيءَ طرح عبدالوحيد ڪٽپر جي ذوالفقارعلي ڀٽي سان دوستي جڙي وئي.

اڳتي هلي نومبر ۱۹۶۷ع ۾ جڏھن ذوالفقارعلي ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ته ڪٽپر صاحب پارٽي جي بنيادي ميمبرن مان هو. بعد ۾ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي جڏھن ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار سنڀاليو ته عبدالوحيد ڪٽپر، ممتاز علي ڀٽو ۽ رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جي سنڌ ڪابينه ۾ مسلسل ساڍا پنج سال ۵ جولا۽ ۱۹۷۷ع تائين سينيئر صوبائي وزير ۽ مير رسول بخش ٽالپر جي استعفيٰ بعد، چار سال پ پ پ سنڌ جو صدر پڻ رهيو ۽ وٽس چار کاتا؛ صحت، قانون، پارليماني ۽ بين الاصوبائي معاملن جون وزارتون رهيون. سندس وزارتِ صحت وارن ڏينهن ۾، سنڌ ۾ ٽن ميڊيڪل ڪاليجن؛ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ پيپلز گرلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه جا بنياد رکيا ويا ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۽ تعلقن ۾ ضلعي ۽ تعلقه اسپتالن جي تعمير ڪئي وئي. هن ڪوشش وٺي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڳوٺ تي سندس نالي سان ريلوي اسٽيشن به جوڙائي. جنهن جو افتتاح به عبدالوحيد ڪٽپر صاحب ڪيو هو. ڪٽپر صاحب، هاڻي دنيا ۾ نه رهيا آھن پر سندس سان ڪچهريون رهيون.

هڪ دفعي عبدالوحيد ڪٽپر پئي ٻڌايو ته؛ مان پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ کان پهرين وڪيل هئس ۽ خوشحال هئس. پنهنجي وڪالت مان سٺو ڪمائيندو هئس. سندس گهر لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ٽاؤن ٿاڻي ۽ هاڻوڪي دڙي ٿاڻي لڳ، ديدارحسين خان اسراڻ جي ڀر ۾ هوندو هو. پوءِ اهو گهر ڀٽو صاحب جي سرڪار اسلامي سربراه ڪانفرنس جي ياد ۾ ٽاور جوڙائڻ لاءِ ورتو هو، جيڪو اڃا اڌورو آھي ۽ پلاٽ جي صورت ۾ پيو آھي. سو عبدالوحيد ڪٽپر صاحب پئي ٻڌايو ته؛ مان وزير ھئس ۽ چار کاتا مون حوالي هئا ۽ سنڌ جي انهن طاقتور وزيرن ۾ شامل هئس، جيڪي ذوالفقار علي ڀٽي جي ويجهو شمار ٿيندا هئا. پر منهنجي مالي حالت اها هئي جو پنهنجي چئن ٻارن کي تعليم پڙھائڻ کان قاصر هيس. هڪ ڏينهن مون پنهنجي اها تڪليف پنهنجي ڪابينه جي ساٿي دوست ۽ ان وقت جي تعليم واري صوبائي وزير پيارعلي الانا کي ٻڌائي ۽ چيومانس ته تعليم کاتي طرفان منهنجي ٻارن جي مفت تعليم ۽ اسڪالر جو ڪو بندوبست ڪيو وڃي. پيار علي الانا انڪار ڪري ڇڏيو ته هڪ وزير جي اولاد کي اهڙي قسم جي رعايت ڏيڻ سان هڪ غلط روايت پوندي ته تعليم کاتي وزير جي اولاد کي رعايت ڏني. سو پيار علي الانا منهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ هڪ ٻيو دڳ ڪڍيو. پيار علي الانا، آغا خاني خواجا هو. ان منهنجي ٻارن کي آغا خان ٽرسٽ جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺي ڏني. سو منهنجا ٻار ٽرسٽ مان پڙھيا. پيار علي الانا کي اها به خبر هئي ته مان ڀٽو صاحب جي ڪيترو ويجهو هئس پر هن مون کي ڪنهن به رعايت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

مان سندس ڳالهيون ٻڌي رهيو هئس. عبدالوحيد ڪٽپر پئي ٻڌايو ته؛ ڀٽي صاحب اسان کي ڪڏھن به غلط ڪم لاءِ نه چيو. هر وزير تي سخت نظر رکندو هو. ڀٽو صاحب سخت گير ماڻھو هو. سندس پاليسين سان ڪئين اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پر ڀٽو ڪرپٽ بلڪل نه هو.

جنرل ضياءَ جي مارشل لا ۾ عبدالوحيد ڪٽپر صاحب کي جيل ۾ وڌو ويو. سندس وڪالت جو لائسنس رد ڪيو ويو، پر هن آڻ نه مڃي. آخر ۾ ٻچن جي گذر سفر خاطر عبدالوحيد ڪٽپر صاحب ڪلفٽن گذري واري علائقي ۾ هڪ ميڊيڪل اسٽور کوليو. ضياءَ جي موت بعد سندس وڪالت جو لائسنس بحال ٿيو. بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي وزارت اعظميٰ وارن ڏينهن ۾، کيس مشير ٿيڻ جو چيو، پر ڪٽپر صاحب انڪار ڪري ڇڏيو.

عبدالوحيد ڪٽپر صاحب، صبح جو وڪالت ۽ شام جو پنهنجي پٽ سان گڏجي ميڊيڪل اسٽور هلائي، پنهنجو گذر سفر ڪندو هو. سائين جي ايم سيد تي جڏھن آخري غداري ڪيس داخل ٿيو ته شروع ۾ سائين جي ايم سيد جو وڪيل سيد حسين شاهه راشدي هو. پر هن کي جڏھن پ پ قيادت سينيٽر بڻايو ته سائين جي ايم سيد جو وڪيل عبدالوحيد ڪٽپر بڻيو. سائين جي ايم سيد مٿس زور وڌو ته هو کانئس وڪالت جي في وٺي. تنهن تي ڪٽپر صاحب اهو چئي انڪار ڪيو ته؛ سائين سڄي عمر پاڪستان جي وڪالت ڪئي اٿم. آخر ۾ اوهان جي صورت ۾ سنڌ جي وڪالت ڪرڻ ڏيو. هو آخر تائين سائين جي ايم سيد جو وڪيل رهيو. عبدالوحيد ڪٽپر صاحب ڪئين سال پ پ سنڌ جو صدر ۽ اهم وزارتن جو وزير رهيو، پر ڪو به مال ملڪيت نه ٺاهيائين. فقيري انداز ۾ زندگي گذاريائين. آخر ۲۰۱۲ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

چوڻ جو مقصد هو؛ اهي هئا ذوالفقار علي ڀٽو جي وقت جا وزير. پر هاڻي اڄ جي دور ۾ اها حالت آھي جو جيڪي پنڌ گهمي سگريٽن جا ٽوٽا ڳولهي پيئندا هئا، اهي لينڊ ڪروزر گاڏين ۽ محلن جا مالڪ بڻجي ويا آھن.


عبدالوحيد ڪٽپر سان سلهاڙيل ڪي يادگيريون

نصير سومرو

اڳوڻو صوبائي وزير، برک قانوندان ۽ عوامي آواز ڪالم نگار عبدالوحيد ڪٽپر (مرحوم) چوندو هو:

”مان حيران آهيان ته جوابدار، جيڪو بيگناهه قتل ڪري ٿو، خود به قتل ٿئي ٿو.. مطلب ته ڪا مطلق العنان (ُOmnipotent) طاقت آهي، جيڪا انصاف ڪري ٿي. دنيا ايئن نٿي هلي“.

هڪ چوڻي آهي؛ ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي“. يقينن اها سڀني جي ٻڌل هوندي. چوڻي هڪ آفاقي سچ جو درجو رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته سچ هر هنڌ ۽ هر دور ۾ آزمايل انساني تجربي جو ست ۽ تت ساڳيو هوندو آهي. ”ڪرما جو فلسفو“ ۽ ڪلاسيڪي طبعيات ۾ حرڪت جو ٽيون قانون به عمل جي رد عمل جي تائيد آھي. ”ڀلو ڪر ته ڀلو ٿيئي“ يا ”بڇڙائي ڪندين ته بڇڙائي ٿيندئي“ يعني ”جيترو عمل ٿيندو، اوترو ان جو رد عمل ٿيڻ ئي انصاف آھي.“

پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ مون،

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي تو کي لڳي.

حرڪت جو ٽيون قانون جڳ مشهور سائنسدان نيوٽن سان منسوب آهي، جنهن کي ڪوانٽم ٿيوري ۾ وڏي ترقي وٺرائي وئي آھي. معنيٰ آسپاس ٿيندڙ لقائن پٺيان لڪل خودڪار قاعدا ۽ قانون ڪارفرما آهن.

ڪٽپر صاحب هڪ ٻي ڳالھ ٻڌائي هئي ته ”جاڙن ٻارن مان ڪنهن هڪ کي جيڪا تڪليف ٿيندي آھي ته اها ٻيو ٻار، ڪهڙي به عمر ۾ ساڳي تڪليف محسوس ڪندو آهي“. هي پنهنجي وڏي ڀاءُ مير محمد مقبول سومري کان پڇي پڪ ڪيم ته واقعي اها ڳالهھ درست آھي، هو ۽ وڏي ڀيڻ ٻئي جاڙا ڄايا هئا.

ڪٽپر صاحب سان ملاقات پنهنجي ڪلاس فيلو خليل انصاريءَ معرفت ٿي هئي. سال ۱۹۹۶ع ۾ منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ”پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦڙا“ حميد سبزوئي جي اشاعت گھر واقع رمپا پلازا ڪراچي ۾ ٽائيپ ٿي رهيو هو ۽ اهو ٻڌائڻ تي ڪٽپر صاحب به پنهنجا ڇپيل ڪالم کيس ڇاپڻ لاءِ ڏنا، پر اهو ڪتاب جيتريقدر مونکي خبر آهي ته ڪونه ڇپيو هو. ان ڪري ته ”ڪير اشتهار وٺي ڏئي ته ڪتاب ڇپرايو وڃي.

ڪٽپر صاحب سياست ڇڏي وڪالت جو ڪل وقتي پيشو اختيار ڪيو. هن جي دل ۾ کوڙ سارا داستان سانڍيل هئا. شوقين مڙس هو، سندس باري ۾ اردو ميڊيا ۾ منفي قسم جون خبرون ڇپيون، وزارت گھڻو عرصو نه رهيس. چي، ”شهيد ڀٽو جڏهن لاڙڪاڻي اچي مون کي ماني گڏجي کائڻ لاءِ سڏائي وٺندو هو“.

بنديخاني ۾ رهڻ وقت جيڪو ڏٺائين ٻڌائين سو به هڪ ناول جو پلاٽ هو. هڪ جيل عملدار جنهن جو نالو ياد نٿو پئيم ڪٽپر صاحب بابت لکيو ته ”ٽيم ڪي بات هي“ سندس تڪيو هوندو هو. شاعري به ڪيائين، ڪڏهن ڪڏهن اها ٻڌائيندو ۽ راءِ پڇندو هو. هڪ چوپڙي ڇپيل هيس. شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا، ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ جي پهرئين جلد ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي جڏهن ڪراچي ۾ ايل ايل بي پڙهڻ دوران روپ ولاس هاسٽل ۾ گڏ رهندا هئا.

ڪٽپر صاحب جو ذڪر سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي سنڌيانا انسائڪليو پيڊيا ۾ ٿيڻ کپي. سنڌي سماج جي ڪردار ناتي سندس تذڪرو، هڪ عهد جو تذڪرو آھي. خبر ناهي ته ڪنهن يونيورسٽي طرفان مٿس پي ايڇ ڊي ٿيسز لکرائي هئي آهي، يا نه پر تحقيقي مقالي جو موضوع ته بهر طور هُو آھي ئي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا