; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار راشدي - امام راشدي

22 September, 2013

ذوالفقار راشدي - امام راشدي

ذوالفقار راشدي
خوابن جو شاعر
امام راشدي
جرڪڻيون، اوچلڪڻيون، اومرڪڻيون!
مون اوهان لئه دل جو در کولي ڇڏيو.
يا ته جرڪايوم جيءَ جي درسني،
يا ته ڪاريءَ رات ۾ رولي ڇڏيو.
يا وري سندس هي ٻيو شعر آهي ته؛
نگاه يار جي سامهون نگاهه ته کڻ،
اڙي او سائين، اهو هڪ گناهه ته کڻ،
اسين به آهيون ازل کان ٻه ڀٽيڪل روح،
گهڙي ته ويهه هتي، ساٿي ساهه ته کڻ.
ذوالفقار راشدي سنڌي ٻوليءَ جو سٻاجهو شاعر هو. سندس شمار سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس فن ۽ فڪر وسيع هو. پاڻ اسان وٽ هاڻي موجود ته ڪونهي، پر سندس شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون هن جي امر موجودگيءَ جو اطلاع ڏئي رهيون آهن.

ذوالفقار راشدي غزل جو وڏو ۽ جديد شاعر آهي. هن وٽ فڪر جي گهرائي آهي ته وسعت به آهي. اهو ئي سبب آهي جو راشديءَ کي همعصر شاعرن ”غزل جو بادشاهه“ يا ”غزل جو شهنشاهه“ سڏيو آهي. حقيقت به اها آهي ته هن جي غزلن ۾ جيڪا سونهن ۽ سوڀيا سمايل آهي، اها ٻئي ڪنهن شاعر وٽ گهٽ نظر اچي ٿي. ذوالفقار راشديءَ جو غزل جديد رنگ ۾ اهڙو رتل آهي جو ان جي سڳنڌ به نرالي آهي.
ذوالفقار راشدي اجائي سجائي، وڌاءُ، نعري باز، کوکلي، ٺلهي يا فلسفي سان ڀريل شاعريءَ جو قائل ناهي، پر هن وٽ مقصد ضرور آهي. سندس شاعري عام فهم، سهڻي ۽ سولي آهي. هو ان نظريي جو قائل ناهي ته شاعريءَ ۾ فلسفو ٽنبي پاڻ کي مهان شاعر ڪوٺائجي ان لاءِ هو پان ئي چوي ٿو ته ”مان ڪا به اهڙي هام نٿو هڻان ته ڪو منهنجي شاعريءَ ۾ فلسفي جي کاڻ آهي ڇو ته فلسفي جي کاڻ کي شاعري ڪوٺي به نه ٿو سگهي“
ذوالفقار راشدي جي شاعريءَ ۾ جديد ۽ قديم رنگ سمايل آهي. سنڌ جي برک ڏاهي مولانا غلام محمد گراميءَ ته سندس شاعريءَ کي ”جديد ۽ قديم جو سنگم ۽ عشق ۽ فلسفي جو امتزاج“ سڏيو آهي. هونئن به ڏٺو وڃي ته ذوالفقار راشدي جي شاعريءَ ۾ لفظن جو اڻ کٽ خزانو سمايل آهي. هن وٽ لفظن جو ڪمپوٽر آهي. هن اهڙا لفظ پڻ شاعريءِ ۾ استعمال ڪيا آهن جن ڏانهن ٻين شاعرن جو ڌيان تمام گهٽ ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تنوير عباسي جهڙي پارکوءَ کيس ”ٻوليءَ جو شاعر“ سڏيو آهي. فطري حسن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ قيد ڪرڻ ذوالفقار راشديءَ جو خاص شيوو رهيو آهي. هر ان شيءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو اٿس جيڪا پنهنجي حسن کان بي نياز آهي. هن جي شاعري وقت جي ڌارا آهي. پنهنجي شاعريءَ ۾ عشق جي آتش، محبت جي مستي ۽ پيار جي پياس وڌي وڃي ٿي.
ذوالفقار راشدي پنهنجي شاعريءَ ۾ محبوب جي آڏو پاڻ کي ڪجهه به نٿو سمجهي ڇو ته محبوب جي حسن جو ازل کان عاشق آهي، محبوب جو رسڻ هجي، پرچڻ هجي، محبوب جا طعنا تنڪا هجن، پر ذوالفقار راشديءَ وٽ اهائي نوڙت ۽ ٻانهپ واري ٻولي آهي. محبوب جي ٿورڙي ناراضگي به سندس سک ۽ آرام ڦٽا ئي ڇڏين ٿا.
تو کي ته منهنجي نانو کان نفرت به ٿي وئي،
منهنجون ته تنهنجي ياد ۾ راتيون لنگهي ويون،
جڏهن اهڙي ڪيفيت مان نڪتو ته ماڻهن کيس ڏاڍو ٽوڪيو. پوءِ چئي ڏنائين ته،
ڪئسين هن سان محبت ته ذوالفقار وري،
اسان جو نانءُ به لکجي ويو گهنگارن ۾.
انهي ڪيفيت ۾ هو ڏاڍو لڇندو رهيو. محبت جي مستي ۽ پيار جي پياس کيس ڏاڍو ستائيندي رهي.
بيقرارين ۾ ويا گذري بهارن جا بهار،
هاءِ لٽجي ويا لکين ڀيرا لکين دل جا قرار،
محبت جي مامري ۾ ذوالفقار راشدي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏاڍو جذباتي ماڻهو آهي. کيس محبت سان به ڏاڍي محبت آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته محبت جو پياسو به نظر اچي ٿو.
مون اڃاري اک کڻي ڪنهن ڏي ڏٺو،
ڪنهن جهڙالا نيڻ ڍرڪائي ڇڏيا.
ذوالفقار راشديءَ بابت گهڻن دوستن جو خيال آهي ته، هو خوابن جو شاعر آهي يا خوابن جو مسافر آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس شاعري واقعي هڪ عجيب دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. جتي نه پيار جو ڇيهه آهي ۽ نه محبت کي مات آهي بلڪ عشق جو آڙاهه آهي ۽ انهيءَ عشق جي آڙاهه جي خبر ذوالفقار راشديءَ کان وڌ ٻئي ڪنهن کي ڪونهي.
راشديءَ وٽ عشق جو مفهوم به ٻيو آهي ته عشق جو پرتو به ٻيو آهي ۽ ٻنهي جي حيثيت به جدا آهي. عشق ۽ محبت لاءِ راشديءَ جو پنهنجو هڪ الڳ نظريو قائم ڪيل آهي انهيءَ نظريي جا ڪيترائي دوست مخالفت به ڪن ٿا، پر هو پنهنجي نظريي سان سچو رهيو.
ذوالفقار راشديءَ جا شاعريءَ جي حوالي سان خيال ۽ وهڪرا آهن. جن جو ڪو انت نه آهي. ڪڏهن دوستن جي بيوفائي ٿي ماريس ته ڪڏهن محبوب جا ماڻا. ڪڏهن پيار ۽ پڇتاءُ ٿو ڪري ته ڪڏهن قرب ۾ ڪسي ٿو وڃي. ڪڏهن نراس  آهي ته ڪڏهن هماليه جيان اٽل آهي. انهن ڪيفيتن ۾ به راشديءَ نهايت خوبصورت خيال پيش ڪيا آهن.
اي محبت، عشق وارو، الوداع،
عشق جا رنگين نظارو، الوداع،
هاڻي ڪنهن سان ڀي نه آهي، دشمني،
اي رقيبو، اي پيارو، الوداع،
ڪڏهن ڪڏهن راشدي دوستن ۽ يارن کي ٺاهوڪا ڏوراپا ڏنا آهن.
ساري ڄمار جنهن کي رهي پياس پيار جي،
ماڻهو رکن ٿا وير انهيءَ ذوالفقار سان.
ذوالفقار راشدي پنهنجي محبوب جي نازڪ خياليءَ جو وڏو لحاظ رکي ٿو ڪڏهن محبوب سان ماڻا به ڪري ٿو ته ڪڏهن وري ان جي ارڏائپ تي سندس آڏو هٿيار به ڦٽا ڪري ٿو ۽ پوءِ ڏاڍي عاجزيءَ سان کيس چوي ٿو ته،
محبوب رڳو ٿوري رعايت نه ڪندين تون،
سچ پچ جي خطا ٿي پئي، شڪايت نه ڪندين تون،
راشدي محبوب سان ڳجهڙين جو ذڪر ڪيئن ڪري ٿو ۽ کيس يقين ڏياريندي چوي ٿو ته
هانو جو حال ٻڌايان ته گنهگار ٿيان،
هونئن جي توکان لڪايان ته گنهگار ٿيان.
ذوالفقار راشدي سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاعر آهي جنهن جو هڪ منفرد اسٽائيل ۽ انداز آهي. سندس شاعريءَ ۾ سٻاجهائي به آهي ته انفراديت به. هن جي شاعريءَ ۾ سندس ئي شخصيت جو گهڻو عمل دخل آهي. ذوالفقار راشدي جيترو وقت به شاعريءَ ۾ سونهن ۽ سندرتا جا گل پوکيا، انهن جي سرهاڻ اڄ به محسوس ٿئي ٿي جيڪا ذهنن کي تازگيءَ جو احساس ڏياري ٿي. شاعري هن جي اندر جو آواز آهي. انهيءَ آواز ۾ هو لڪي به نه سگهيو. سندس شخصيت جا ڪيترائي پهلو آهن. هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو جنهن جو عڪس ۽ اولڙو هن جي شاعريءَ ۾ جا بجا پسي سگهجي ٿو.


No comments:

راءِ ڏيندا