مولابخش چانڊيو
اعجاز علي خواجا
ماڻهو ته مڙيوئي ماڻهو آهن پر هزارن، لکن ۽ ڪروڙن ماڻهن منجهان ڪي ماڻهو
پيدا ٿيندا آهن جن جو ماڻهپو ڏاڍو مختلف ۽ منفرد هوندو آهي. اهي ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ
پاڻ بنجي ويندا آهن ۽ سماج ۾ پنهنجي قدمن جا نشان ۽ هڳاءَ پکيڙيندا رهندا آهن ۽ هر
دور ۾ انهن کي پنهنجي ڌار اهميت ۽ شناخت واري حيثيت حاصل هوندي آهي. هونءَ ته ساٿي
مولا بخش چانڊيو به هڪڙو عام قسم جو ماڻهو آهي پر سندس ذات، وجود ۽ ماڻهپو خاص قسم
جو آهي ڇاڪاڻ ته گهڻن کان گهڻن ماڻهن ۾ به هي ماڻهو ڌار نظر ايندو آهي.
سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ادبي حلقن ۾ مولا بخش چانڊئي جو نالو ڪنهن به وڌيڪ
واقفيت يا تعارف جو محتاج ڪونهي. جيئن هوش سنڀاليو اٿس ۽ شعور ڀريو ٿيو آهي تيئن سندس
سموري زندگي هڪڙي ڀرپور سماجي ۽ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ گذري رهي آهي. منهنجي ساڻس
هونءَ ته الاهي پراڻي نيازمندي ۽ لاڳاپو آهي. جدوجهد واري سفر ۾ زندگيءَ جي ڪيترن ئي
ڏکين سکين ورن، وڪڙن تي گڏ رهندا پيا اچون ان ۾ به ڪڏهن ويجهائپ ۽ ڪڏهن ٿوري وڇوٽي
به رهي آهي! پر نظرياتي ۽ فڪري سوچ جي حوالي کان ڪڏهن به هڪ ٻئي کان پري ڪو نه رهيا آهيون، توڻي جو هيل
ملاقات به تڪڙي ڪا نه ٿئي پر محبتن جا رشتا هميشه قائم رهندا پيا اچن.
چاچي حفيظ قريشيءَ چواڻي ته مختلف ماڻهن، ڌرين ۽ قافلن جي جيڪڏهن منزل
ساڳي آهي ۽ رستا مختلف آهن ته اهو ڪو وڏو تضاد يا وڇوٽي ڪانهي ساڳي منزل لاءِ ڪي ماڻهو
۲۰۰ ميلن
وارو گس اختيار ڪندا ڪي ۱۵۰ ميلن وارو ته ڪي وري اها ڪوشش ڪندا ته وچان ئي ڪا ۱۰۰ ميلن واري واٽ هٿ ڪري ان منزل
تي پهچون. رستا ڪهڙا به هجن پر جي منزل ۽ مقصد ساڳيو هوندو ته پوءِ ڪي به ويڇا سار
با ته ڪو نه !
ادي مولابخش لاءِ جيل ڪا نئين جاءِ ڪونهي، پاڻ به ۽ اسين به جيلن ۾ ايندا
رهيا آهيون پر هن سان گڏ جيل گهارڻ جو هي پهريون موقعو هو. جنهن ۾ مون کي هن جي شخصيت
۽ صلاحيت کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ گهڻو وقت ۽ سندس صحت نصيب ٿي.
آئون ٺٽي واري لاڪ اپ ۾ گهڻو بيمار ٿي پيو هوس ۽ انهي ڪيفيت ۾ مون کي
حيدرآباد سينٽرل جيل موڪليو ويو هو. طبعيت ۾ ڪو به سرتال ڪو نه هو، پاڻ کي ڏاڍو مجبور
۽ تڪليف ۾ محسوس ڪري رهيو هُئس. حيدرآباد جيل ۾ ايتري گهڻي انداز ۾ قيدي اچي چڪا هئا
جو هڪ طرف نفسا نفسيءَ جو عالم هو ته ٻئي طرف ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪو تمام وڏو سياسي ميلو
متل هجي. آئون ڪنهن حد تائي مايوس هئس ته هنن حالتن ۾ ڪير منهنجي خبرگيري ڪندو سار
لهندو يا تيارداري ڪندو. پر سچ چوان ته مون کي جيڪو قرب، محبتون ۽ مالڪي جيل جي نون
پراڻن دوستن ۽ ساٿين کان مليون اهو بيان ڪرڻ لاءِ مون کي لفظ ئي ڪو نه پيا لڀن.
ڀائو مولابخش خان ته صفا پيرن ڀر بيٺو هوندو هو. گهڙيءَ گهڙيءَ پيو سار
لهندو هو. دوا درمل جي پڇا ڪندو هو. سندس رويي ۾ ايتري ته همدردي، شفقت ۽ پيار هوندو
هو جو سموريو تڪليفون جسماني ۽ ذهني ٿوري دير لاءِ وسري وينديون هيون.
جيل واري اسپتال ۾ داخل هئس ته به ڀائو مولا بخش روزانو ڀيرو ڪندو رهندو
هو. نون دوستن سان به واقفيت ڪرائيندو هئو، اتفاق سان پاڻ به انهيءَ عرصي دوران اگهو
ٿي پيو سو اچي اسپتال ۾ داخل ٿيو اتي به سندس محبت، قربت ۽ شفقت جو لنگر جاري هو. سندس اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي ڪري
اتي روزانو ساڻس ملڻ لاءِ ايندا هئا.
ڀاءُ مولا بخش ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون ۽ هو ڄاڻ سان مالا مال آهي. اهي
علم، اهل ادب هئڻ سان گڏ کيس زندگيءَ جو عام مشاهدو به بي پناهه حاصل آهي. گفتگو ۾
نفاست ۽ نزاڪت سان گڏ دليل جو به بهترين ۽ وقتائتو استعمال ڪندو آهي. پنهنجي موقف جي
شديد مخالف ماڻهوءَ کي به تڪڙو قائل ڪري وجهندو آهي.
اسپتال واري وارڊ ۾ ئي هڪ دفعو پٿرن ( نگينا) جي خاصيت، سڃاڻپ، اثرن
۽ ستارن ( برجن) جي علم تي بحث پئي هليو. نواب شاهه جو قيدي ڊاڪٽر فضل ۽ هڪ ٻيو دوست
قاضي رشيد نالي، ٻئي همراهه انهي معاملي ۾ گهڻو ڄاڻو ۽ هوشيار ٿي لڳا پر اسان جي دوست
چانڊئي صاحب ايترو ته سٺو ۽ سهڻو علمي بحث ڪيو، پٿرن ۽ ستارن تي ڳالهايو جو ڪچهريءَ
۾ ويٺل هڙئي همراهه ڏاڍو متاثر ٿيا.
مولابخش ڏاڍو سٺو، سهڻو ۽ زوردار مقرر آهي. سندس تقرير جي ڪهڙي ۽ ڪيتري
ڳالهه يا تعريف ڪجي؟ انهي معاملي ۾ به وڏي ڏات جو ڌڻي آهي. منجهس خداداد صلاحيت آهي
پنهنجو موقف بيان ڪرڻ جي! سندس لفظن ۽ لهجي ۾ پالوٽ هوندي آهي علم جي. ٻڌڻ وارن کي
کن پل ۾ ئي پنهجي سحر ۾ گرفتار ڪري وٺندو آهي. مجموعو ڪيترو به غير منظم ۽ شور غل وارو
هجي، ٻڌڻ وارا ڊسپلن ۾ نه هجن، ڪنهن به مقرر جي دال نه ڳرندي هجي پر استاد مولا بخش
چانڊئي جو نالو اچڻ سان ئي سموري تقريب يا جلسي ۾ ماٺار ۽ خاموشي طاري ٿي ويندي. رڳو
جوشيلو يا جذباتي مقرر به ڪونهي، ڪيترو به ڳالهائي پر ايجنڊا ۽ مقصد سندس اڳيان هوندا
آهن ۽ ڏاڍي خوبصورت طريقي سان سٺا تاثر ڇڏي اسٽيج تان لهندو آهي.
چاچو، حفيظ قريشي لاءِ مشهور آهي ته هو تقرير ڪندي ڪندي ماڻهن کي ته گهڻو
کلائيندو آهي پر اندر جي جذبات تي ڪنٽرول نه ڪري سگهڻ سبب پاڻ زارو قطار روئندو آهي
پر هي دوست وري ان جي ابتڙ آهي جذبن کي بيان ڪرڻ ۽ سمجهائڻ جو ايترو ته بادشاهه آهي
جو ٻڌڻ وارن کي روئاڙي ڇڏيندو آهي. جن به دوستن کيس تقرير ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو اهي
منهنجي راءِ جي تصديق ڪري سگهن ٿا.
منهنجي طبعيت ۾ ڪافي سڌارو اچي چڪو هو مون کي B ڪلاس موڪليو
ويو ۽ مولا بخش کي علاج لاءِ سول اسپتال اماڻيو ويو جتي ڪجهه ڏينهن رهي واپس موٽي آيو.
اچڻ وڃڻ ۽ ڪچهرين جو اهو سلسلو جاري رهيو ڪڏهن ڪنهن دوست جي کوليءَ ۾، ڪڏهن A ڪلاس ۾
نواب يوسف، عاشق حسين جتوئي وارن وٽ ته ڪڏهن عابد زيدي ۽ فدا حسين ڏيري ۽ ڪڏهن اڇي
چڪر جي ڪنهن باريڪ ۾ ته ڪڏهن وري اسپيشل وارڊ يا ڪاري چڪر ۾.
ڀائو مولابخش کي انهي جيل ياترا دوران کوڙ ساريون سماجي ۽ ذاتي مجبوريون
به در پيش هيون. هن ضيا جي مارشل لائي دور ۾ گهڻو ڀوڳيو هو پويان ۷-۶ سال
ايجنسيون ۽ ادارا هن جي ڪڍ لڳل هوندا هئا ۽ همراهه مسلسل اندر ٻاهر هوندو هو. ان ڪري
سندس گهرو مسئلن ۾ بي پناهه پريشانيءَ جو اضافو ٿيندو رهيو. سندس اهليه محترم گهڻو
بيمار، زندگي ۽ موت جي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا رهندي هئي. اهڙين حالتن ۾ سندس لڳاتار جيل ۾ رهڻ
تڪليف ڏيندڙ هو. جيل کان وڌيڪ هن جي ضرورت پنهنجي گهر وارن کي هئي ۽ جيڪڏهن پاڻ آزادي
چاهي ها ته کيس آسانيءَ سان ڪنهن به نموني سان اها ملي پئي سگهي ها پر هن ماڻهوءَ جي
خودداري، اصول پرستي ۽ جاڳندڙ ضمير کيس اها اجازت ڪو نه ڏني ته آزاديءَ جي خيرات گهري،
مون سان سو ايترو قرب ٿي ويو هئس جو ڪڏهن ڪڏهن ويهي اهي دل جون ڳالهيون به ڪري وٺندا
هئاسين ته جيئن اندر جو بار ڪجهه هلڪو ٿئي.
جيل ۾ سياسي قيدين جي انتظام ۽ مسئلن لاءِ جيڪا ڪميٽي قائم ٿيل هئي ان
۾ ۽ سمورين ٻين اتحادي سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان جيل ۾ موجود ۽ پيش ايندڙ
مسئلن کي حل ڪرڻ، اڪلائڻ، مناسب سهوليتون، ملاقات، کاڌو، علاج، رهائش ۽ ٻين معاملن
۾ هي دوست اڳڀرو هوندو هو ۽ معاملا فهميءَ ۾ مهارت جو مظاهرو ڪندو هو. تنظيمن ۾ مختلف
ڳالهين تان ڪڏهن ڪڏهن ڪي ننڍا وڏا اختلاف يا ناراضگي پيدا ٿيندي هئي ته انهن ۾ هن همراهه
جو ڪردار تعريف جوڳو هوندو هو. پنهنجي پارٽيءَ جي جيالن ۽ جذباتي ڪارڪنن کي به ٺيڪ
نموني سنڀالي وٺندو هو.
مولابخش تي ساروڻين جو هي مضمون لکڻ وقت کيس جيل اندر پورو هڪ سال گذري
چڪو آهي. سنڌ جا سمورا جيل هاڻي تقريبًا سياسي قيدين کان خالي ٿي چڪا آهن، ايڪڙ ٻيڪڙ
ڪي ٿورا ٿورا سياسي ڪارڪن قيدي يا نظر بند آهن پر ڇاڪاڻ ته جيل جي ٻوليءَ آڌار ”مولابخش
ڊانڊرس (ڊئنجرز) (خطرناڪ) قيدي“ آهي. هن جو تڪڙو ٻاهر اچڻ وقت جي حڪمرانن کي ناگوار
آهي، ان ڪري هن همراهه کي اڃان تائين بند ۾ رکيو اچن ته ڪنهن طريقي سان همراهه جا حوصلا
ڪمزور ٿين ۽ ڪا سفارشي حرڪت ڪري وجهي ته ٻيلي هاڻي رحم ڪريو. پر هي دوست به انهي معاملي ۾ خوديءَ جي چوٽ تي چڙهيل آهي ۽ ڪا
به مروت ۽ نرميءَ جي خيرات وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي.
هن دور ۾ ڪو به اهڙو دامن ڪونهي جيڪو تڪليفن ۽ مسئلن کان خالي هجي. هر
ماڻهو ٻئي کان وڌيڪ پريشان ۽ مجبور آهي پر جيڪي ماڻهو ان جي باوجود به پنهنجي نظرئي،
فڪر، مقصد ۽ اصول ۽ انا سان پيار ٿا ڪن ان کي اتم ٿا سمجهن. آدرشن کي مڃتا ٿا ڏين. پنهنجي حياتيءَ جي سگهه ان جي حاصلات کي
ارپي ٿا ڇڏين اُهي ماڻهو ئي لکن ۽ ڪروڙن ۾ بي مثال ۽ خاص ماڻهو هوندا آهن. مولا بخش
هونءَ ته هيٺئين ڪلاس جو ماڻهو آهي، آڻيون چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا وانگيان پورهيت طبقي
سان واسطو اٿس. محنت مزدوري ڪري گذران ڪندا آهن ڀلي وٽس دنيا وي مال متاع ڪونهي پر
ذهن، ضمير ۽ علم جي دولت سان مالا مال آهي. انسانيت جي قدرن جو شناس آهي. محبتن جي
اهميت کان واقف آهي.
استاد مولابخش جهڙا ماڻهو پنهنجي سنگت پارٽي ۽ سماج جو بهترين سرمايو
هوندا آهن سندس محبتن جو عمر تائين شڪر گزار آهيان.
نوٽ
۲۰۱۳-۸-۱۵
۱۹۸۴ کان ۲۰۱۳ تائين ۲۹ سالن جي عرصي دوران مولا بخش
چانڊئي زندگيءَ جي سفر جا الاهي سارا ڏاڪا طئي ڪيا. نظرياتي ۽ فڪري حوالي سان پارٽيءَ
جي اندر هن کي دانشور ۽ استاد جي حيثيت حاصل آهي. سڄي سنڌ ۾ مولا بخش کي ٿنڪ ٿنئڪ جو
درجو مليل آهي ۽ کيس هاڻي استاد چيو ويندو آهي. سندس مسلسل محنت ۽ ڪاوشن جو قدر ڪندي.
پارٽيءَ جي گذريل حڪومتي دور ۾ کيس سينيٽ جو ميمبر ۽ پوءِ گهڻي عرصي تائين وزير قانون
(مرڪزي) بنايو ويو. هن وقت به هو سينيٽ آف پاڪستان جو تمام گهڻو متحرڪ ميمبر آهي. مولا
بخش چانڊيو پاڻ به هڪڙي خوبصورت جيل ڊائري لکي چڪو آهي ۽ منهنجي لکيل جيل ڊائري ”ڳالهيون
ڪوٽ ڪڙن جون“ ۾ به ڀائو مولا بخش جو گهڻو ذڪر ٿيل آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا