حاجي غلام حيدر نظاماڻي
ماتليءَ وارو
اعجاز علي خواجا
چون ٿا ته زندگي زندهه دليءَ جو ٻيو نالو آهي. ڪو به انسان پنهنجن عقيدن،
اصولن ۽ نظرين جي لحاظ کان ڪيترو به سخت ۽ ٺوس هجي پر جيڪڏهن سندس فطرت ۽ طبعيت ۾ خوش
اخلاقي، خوش مزاجي ۽ سهپ به شامل هوندي آهي ته اهو ماڻهو زندگيءَ جي ڌارا ۾ بنهه بيمثال
۽ وڻندڙ هوندو آهي.
حاجي غلام حيدر نظاماڻي جنهن زماني ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو انهيءَ
دور کان ساڻس نياز متديءَ واري هٿ جوڙ ۽ سلام دعا وارو تعلق آهي.
حاجي صاحب هڪ متقي، پرهيزگار، زاهد ۽ مذهب سان گهاٽي رغبت رکندڙ انسان
آهي. نماز ۽ روزي جو پابند آهي. هيسي تائين ست دفعا حج جي سعادت ماڻي چڪو آهي. عمره
ڌار ڪيا اٿس اڃا به الله جي دربار ۾ اهڙا ٻيا سفر ڪرڻ جو اميدوار آهي. سندس گفتگو،
ميل ميلاپ ۽ هر عمل ۾ مذهبي رنگ ۽ جلوا نمايان هوندا آهن.
سياست به اهڙي جو MPA ليول جو ماڻهو آهي پنهنجي تڪ
۽ علائقي ۾ سٺي ساک پت رکي ٿو. کيس اليڪشن ۾ بيهڻ ۽ چونڊ کٽڻ ۾ ڪا به تڪليف ۽ پريشاني
ڪو نه ٿئي. ايترو وقت سياست کي ڏيڻ سان گڏ وري حاجي صاحب پنهنجو الاهي وقت تبليغي دورن
۾ به مصروف گذريندو آهي.
سياسي حوالي کان نظرياتي قسم جو ماڻهو آهي. سياست ۾ اسلامي مساوات يا
هڪ جهڙائي واري سوچ جو حامي آهي. سماج ۾ غير خط فطري، طبقاتي اونچ نيچ ۽ غاصبانه طرز
عمل ۽ روايتن جو سخت مخالف آهي حاجي صاحب شهيد ڀٽي واري دور ۾ ته ميمبر هو. صوبائي
اسيمبليءَ جو، پر ضيا ئي مارشل لاءِ واري دور ۾ جيڪا سياسي اٿل پٿل ۽ تبديلي آئي ان
۾ حاجي صاحب مذهبي جوش ۽ جذبي تحت وڃي بدين ضلعي جي ”عشر ۽ زڪوات ڪميٽيءَ“ جو چيئرمين
بڻيو پر هاڻي وري سياسي حالتن ۾ پيدا ٿيل گرميءَ سندس اندر ۾ به نئون جوش ۽ جولان پيد
ڪري ڇڏيو سو حاجي صاحب ”عشر ۽ زڪوات ڪميٽيءَ“ جي چيئرمين واري عهدي تان رضاڪارانه طرح
استعيفيٰ ڏيئي وري ساڳئي رضاڪارانه طرح MRD تحريڪ
۾ پنهنجي گرفتاري پيش ڪري جيل هليو آيو هو.
شروعاتي ڏينهن ۾ حاجي صاحب کي ڪاري چڪر جي ڪاري، فئڪٽري وارڊ ۾ رکيو ويو
پوءِ کيس لاءِ تڪڙو B ڪلاس منظور ٿي مليو. B ڪلاس ۾
حاجي غلام حيدر ۽ آئون ٻئي هڪ ئي کوليءَ ۾ گڏ رهنداهئاسين. اتي ئي سندس طبعيت ۽ مزاج
کي پڙهڻ، پرکڻ، ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو.
تمام گهڻو سادو ۽ بي حد اشراف ماڻهو، منجهس سهپ ۽ برداشت جو تمام گهڻو
مادو آهي. عام زندگيءَ ۾ صفا نهٺو، نرم دل ۽ نرم مزاج پر مذهبي يا ديني حوالي سان صفا
ڏکيو ۽ جذباتي تر جيتري ڳالهه تي به حاجي صاحب جي گرمي پد ۾ اضافو ٿي ويندو هو.
شروع ۾ حاجي صاحب B ڪلاس جي ميس جو انچارج هوندو
هو. مون ڏٺو ته سنگت يا هنڊيوال جي خدمت ڪري خوش پيو ٿيندو هو. جيل اندر به وري B ڪلاس، اتي
وري ڪي A ڪلاس جا
VIP قيدي دوست، مختلف عادتون ۽ مختلف مزاجن وارا ماڻهو
اچي گڏ ٿيا هئاسين. ڪن دوستن کي ماني سوير يا پوري وقت تي گهرجي ته ڪي صاحب وري ڄاڻي
ٻجهي اويرو لنگر ڪن.! ڪي صفا ڦڪا کاڌا کائين ته ڪن کي چٽڻي سرس گهرجي.
ڪي دوست گڏجي دسترخوان تي کائڻ پسند ڪن ته ڪي وري پنهنجي کوليءِ وارن
ڪمرن ۾ اڪيلي سر ويهي کائين. هن بزرگ شخص کي جس هجي جو هر ڪنهن جي حاضري ڀريندو هو.
سندس مزاج ۽ مرضيءَ موجب خدمت ڪندو هو ۽ اهڙي عمل ۾ بيزار ڪو نه ٿيندو هو. B ڪلاس ۾
اسان جي هنڊيوالن ۾ پير آفتاب شاهه جيلاني، سيد امير علي شاهه، رئيس عبدالستار سريوال،
رئيس منور علي خان ٻٽ ۽ سندس وڏو ڀاءُ رئيس محمد صالح ٻٽ، سيد مٺل شاهه، رئيس منظور
پتافي، رئيس احمد علي عباسي، رئيس غلام رسول انڙ، سيد شبير احمد شاهه، بابو غلام حسين
ميمڻ، سردار نور محمد ٿيٻو، رئيس مامون خان ملڪاڻي ۽ ٻيا به ڪيترائي دوست ۽ ڪارڪن،
غلام نبي ميمڻ مورائي، شفيع محمد ميمڻ وڪيل وغيره به شامل هئا.
جيستائين حاجي صاحب B ڪلاس ۾ اسان سان گڏ موجود هو
پنج وقت نماز با جماعت ادا ڪئي ويندي هئي. خاص اهتمام تحت B ڪلاس جي
تمام کولين ۽ وارڊن کي فجر جي وقت کوليو ويندو هو. حاجي صاحب هر کوليءَ تي وڃي سمورن
دوستن کي فجر نماز لاءِ سجاڳ ڪندو هو، ڪي يار ته خوشيءَ مان نماز ۾ شريڪ ٿيندا هئا
ته ڪي همراهه وري حاجي صاحب تي احسان ڪندا هئا ۽ ڪي ته وري سندس انهي مسلسل ۽ فجر جو
جاڳائڻ واري اڻٿڪ عمل تي رنج ۽ ناراض به ٿيندا هئا. جنهن تي پاڻ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري حاجيءَ
تي، ارها پيا ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻاڙو به ٻولي وجهندا هئا پر واهه ڙي حاجي صاحب!
سندس معمولات ۾ جيل جي آخري ڏينهن تائين به ڪو فرق نه آيو!
هر جمعي ڏينهن باقاعدگيءَ ۽ اهتمام سان جمعي جي نماز جو اجتماع ٿيندو
هو. اسپيشل وارڊ ۽ A ڪلاس توڙي چڪرن مان به ڪيترائي
دوست اچي نماز ۾ شرڪت ڪندا هئا. B ڪلاس جي
وڏي باريڪ ۾ جمعي نماز ٿيندي هئي. نماز کان پوءِ حاجي صاحب تبليغ وارن ڪتابن مان حديثون
۽ نيڪيءَ جا نڪتا بيان ڪندو هو ۽ وري ٺاهوڪڙي
ڪچهري به ٿي ويندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن ٽوٽل دير سان کلندو هو ته فجر واري نماز کوليءَ جي اندر ادا
ڪرڻي پوندي ۽ جماعت ٿي ڪا نه سگهندي هئي. اهڙي حالت ۾ حاجي صاحب جي بي چيني ۽ ڪاوڙ
عروج تي هوندي هئي. لوهي دروازي وٽ بيهي بلند آواز سان اذان به کوليءَ ۾ ڏيندو هو ته
وري پاڙي وارين کولين ۾ ستل دوستن کي سڏ ڪري نماز لاءِ سجاڳ به ڪندو هو. صبح ٿيڻ سان
ئي ماڙيءَ تي وڃي وسطيدار جيل عملدار ۽ ڊپٽي صاحب کي اهڙي شڪايت ڪندو هو ته ٽوٽل دير
سان لکڻ ڪري اسان جي جماعت فجر نماز جي ڪو نه ٿي سگهي.
حاجي صاحب لاءِ هونءَ ته منهنجي دل ۾ کوڙ سارو احترام موجود هو. پر هڪ
ئي کوليءَ ۾ گڏ رهڻ وقت ٿورو سو الڳ ۽ ويچار
هئم ته هي مولوي، تبليغي ۽ سخت عقيدي پرست مذهبي ماڻهو ! پاڻ انهي معاملي ۾ ٿورا بيڪار، ٿورا گنهه گار ۽
مذهبي شدت پسندي کان بنهه پاسيرا سو آخر اهڙي حالت ۾ ڪيئن گذارو ڪري سگهبو!! گڏ رهڻ
لاءِ مزاج، فطرت، عادتن ۽ خيالن جي ڪنهن قدر هم آهنگي به ضروري آهي. جيئن ته انهي ساڳي
کوليءَ ۾ آئون عبدالله خان ورياهه سان گڏ به رهي چڪو آهيان. بهرحال انهي سوچ ۾ ئي باريڪ
مان ٽپڙ سوري کڻي وڃي حاجي صاحب واري کوليءَ ۾ رکيم. ٻه چار ڏينهن ته اهو خوف هئم ته
متان منهنجي ڪا ڳالهه ڳت يا ڪا به روش حاجي صاحب کي ناگوار گذري ۽ وري نتيجي طور مون
کي کولي خالي ڪرڻي پوي، يا پاڻ ناراض ٿي هليو وڃي، ٻنهي صورتن ۾ ڪم خراب ٿيندو، سنگت
۽ چار ماڻهو کلندا. جيل ۾ وڏي خواري ٿيندي!
پر سچ ته حاجي صاحب جي رهڻي ڪهڻي ۽ عادتون ايترو ته ساديون، سلوڻيون هيون
جن جي ڪا حد ۽ حساب ئي ڪونهي! فهميدگي ۽ شائستگي ۽ حسن اخلاق به ايتري قدر جو سبحان
الله!
اڪثر ڪري پنهنجا ذاتي سموراڪم پاڻ ڪندو هو، ويندي ٿانون صاف ڪرڻ تائين.
ڪپڙا به پنهنجا پاڻ ئي ڌوئي ڇڏيندو هو. ڪيترا دفعا مون کيس عرض ڪيو ته حاجي صاحب انهن
ئي ڪمن لاءِ پاڻ کي برداشتي (ڪم ڪار لاءِ مليل قيدي) مليل آهن پوءِ ٿورو گهڻو ڪم انهن
کان ڇو نه ڪرائجي؟ جواب ڏنائين ته ” اسين تبليغي جماعت جا ماڻهو آهيون. اهڙا ڪم ڪرڻ
جي عادت پيل آهي نه ڪنداسين ته طبعيت سست ۽ ڪاهل ٿي ويندي“
اهڙي طرح ٿورن ئي ڏينهن ۾ اسان جو مزاج ۽ طبعيتون ايترو ٺهڪي آيا جو ڄڻ
ته ايامن کان وٺي ڪنهن هڪڙي ئي گهر جا ڀاتي آهيون!
۶ جنوري ۱۹۸۴ع تي اسان ٺٽي جي ڪجهه دوستن کي پيشيءَ لاءِ ٺٽي وٺي
ويا. جيل مان آزادي ملڻ جو آسرو هو جو هاڻي هوريان هوريا اهو عمل شروع ٿي چڪو هو، سو
انهيءَ خيال کان جيل اندر موجود سمورن دوستن، ساٿين ۽ هنڊيوالن کان موڪلائي رواناٿياسين.
جيل وارن چيو ته پنهنجو سامان به پاڻ سان کنيو وڃو سو اڀرا سڀرا ضروري ٽپڙ به ڪلهن
تي کنياسين. رات جو ٺٽي واري لاڪ اپ ۾ رکي صبح جو وڏي فوجي عملدار وٽ پيش ڪيائون، مون
سان گڏ ٺٽي وارو ڪامريڊ پنهون عقيلي هٿڪڙيءَ ۾ گڏ هو. فوجي صاحب سان بحث هلي پيو. فوجي
صاحب، هن وقت جي حڪومت سان وفاداريءَ جو راڳ
الا پيو ته ڪامريڊ پنهون عقيليءَ جي مارڪسن ۽ لنين واري نظرئي تحت آمريت جي خلاف ۽
عوام جي آزاديءَ واري حق ۾ دليل ڏنا، ورديءَ وارو همراهه تپي پيو ۽ چيو ته مون توهان
کي آزاد ڪيو پئي توهان جي دماغ جا اسڪرو اڃا ڍرا آهن، ان ڪري واپس ٿو جيل اماڻيان توهان
کي. مون ڪامريڊ جي منهن ۾ پئي نهاريو صفا جذباتي نوجوان هو سو جهيڙو ڪري واپس اچي ڪاري
ڪتا مار ليموزين ۾ سوار ٿي، ٺٽي واري لاڪ اپ مان سامان کڻي حيدرآباد سينٽرل جيل تي
پهتاسين.جيڪا رات اسان ٺٽي واري لاڪ اپ ۾ گذاري، اها رات حاجي صاحب اڪيلي سر B ڪلاس واري
کوليءَ ۾ گذاري. هنڊيوال سنگت کان خبر پئي ته حاجي صاحب اها رات سخت بي آرامي ۽ بي
چيني سان گذاري. گوريون کائڻ باوجود کيس ننڊ ڪا نه آئي. پاسا ورائيندي، الله الله ڪندي
رات گذاري صبح ڪيائين. وڏا ڀاڪر پائي، شفقت سان مليو خود پاڻ ئي ٻڌايائين ته دل ۾ دعا
پئي گهريم ته الله ڪري توهين اڄوڪي پيشيءَ ۾ آزاد ٿي وڃي ٻچن ڀيڙا ٿيو. پر سچ پڇين
ته حقيقت ۾ مون کي توهان کان سواءِ کوليءَ ۾ اڪيلو رهندي عجيب قسم جي اڪيلائپ ۽ بي
چيني محسوس ٿي رهي هئي. اها سندس محبت، قربت ۽ شفقت جي انتها هئي!
شروعات ڏينهن ۾ ڪنهن غلط فهميءَ
جي ڪري، يا جيل جي ماحول ۽ نفسياتي اثرن هيٺ مون کان حاجي صاحب کي ذهني تڪليف پهتي
هئي. حالانڪه ٻيو نه ته به عمر ۽ بزرگيءَ جي لحاظ کان سندس هر طرح جو احترام ڪرڻ واجب
۽ لازم هو. پر مون غير ضروري طرح سان جذباتيت يا غير شائستگيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ هن
محترم شخص کي ڏوکارو ڪري وڌو هو. هن شريف ماڻهوءَ ته صفا درگذر کان ڪم ورتو ۽ ڪڏهن
به اهڙو ذڪر نه ڇيڙيو سندس سهپ، صبر ۽ برداشت کي سلام هجي. پر مون کي انهي ڪوتا هي
۽ رويي جو شديد احساس رهندو هو. انهيءَ ڪري ٺٽي پيشيءَ لاءِ روانگيءَ وقت مون حاجي
صاحب کان پيرين پئي پنهنجي انهيءَ هلت جي معافي گهري.ڀاڪر پائي چمي ڏيئي چيائين ته
”ادا مون کي اها ڳالهه دل ۾ آهي ئي ڪو نه، تون مون کي ننڍي ڀاءَ يا اولاد وانگيان آهين“
منهنجي اکين مان ٻه تازا لڙڪ ڪري پيا ۽ مون کي وري به پنهنجي انهيءَ طرز عمل لاءِ افسوس
۽ پڇتاءُ رهيو.
حاجي غلام حيدر نظاماڻي جهڙا روائتي ۽ سادا سلوڪ انسان ۽ بزرگ، پنهنجي
سماج، تر، علائقي پارٽي ۽ راڄ ڀاڳ جو اثاثو، سرمايو ۽ آسرو، ڀر جهلو هوندا آهن.
اهو MRD تحريڪ جو ڪمال آهي. جيل جو جادو آهي يا جيل عملدارن
جي مهرباني آهي جو ههڙي بزرگ ۽ عملي شخصيت جي صحبت، محبت، شفقت، ساٿ ۽ هنڊيواليءَ جو
موقعو مليو ورنه ٻاهر جي آزاد دنيا، آزاد ماحول ۽ زندگيءَ جي نفسا نفسي ۽ وٺ پڪڙ واري
دنيا ۾ اهڙا موقعا ڪٿي ٿا نصيب ٿين. دعا آهي ته خدا حاجي صاحب کي وڏي عمر ۽ خدمت ڪرڻ
جو گهڻو وقت ۽ موقعا عنايت ڪري. ( آمين)
نوٽ MRD واري تحريڪ کان پوءِ اسان جو هي بزرگ حاجي غلام حيدر
نظاماڻ ڪجهه سالن کان بعد انتقال فرمائي ويو. کانئس پوءِ سندس ڀاڻيجو حاجي عبدالغفور
نظاماڻي ۲ يا
۳ دفعا
ساڳيءَ سيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو.
مون حاجي صاحب جي وفات جي تاريخ ۽ مضمون لاءِ حاجي صاحب جو فوٽو ڏيڻ لاءِ
کين گذارش ڪئي پر افسوس جو حاجي صاحب جي وارثن منهنجي عرض کي صفا درگذر ڪري ڇڏيو ۽
دلچسپي ڪا نه ورتي.
No comments:
راءِ ڏيندا