; سنڌي شخصيتون: حاجي، غلام، حيدر، نظاماڻي، ماتلي، اعجاز، علي، خواجا،
Showing posts with label حاجي، غلام، حيدر، نظاماڻي، ماتلي، اعجاز، علي، خواجا،. Show all posts
Showing posts with label حاجي، غلام، حيدر، نظاماڻي، ماتلي، اعجاز، علي، خواجا،. Show all posts

22 September, 2013

حاجي غلام حيدر نظاماڻي - اعجاز علي خواجا

حاجي غلام حيدر نظاماڻي
ماتليءَ وارو
اعجاز علي خواجا
چون ٿا ته زندگي زندهه دليءَ جو ٻيو نالو آهي. ڪو به انسان پنهنجن عقيدن، اصولن ۽ نظرين جي لحاظ کان ڪيترو به سخت ۽ ٺوس هجي پر جيڪڏهن سندس فطرت ۽ طبعيت ۾ خوش اخلاقي، خوش مزاجي ۽ سهپ به شامل هوندي آهي ته اهو ماڻهو زندگيءَ جي ڌارا ۾ بنهه بيمثال ۽ وڻندڙ هوندو آهي.
حاجي غلام حيدر نظاماڻي جنهن زماني ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو انهيءَ دور کان ساڻس نياز متديءَ واري هٿ جوڙ ۽ سلام دعا وارو تعلق آهي.