; سنڌي شخصيتون: ريٽا شاهاڻي

22 September, 2013

ريٽا شاهاڻي


ريٽا شهاڻيءَ جي شخصي سڃاڻپ
نالو- ريٽا شهاڻي
والد جو نالو- عالمچندر اڌارام ملڪاڻي
وَرَ جو نالو- وشنو شهاڻي
شادي جي تاريخ - ويهه آڪٽوبر ۱۹۵۷
چاچو - منگهارام ملڪاڻي
اولاد - پٽ، ڪمار ڌي، لليتا
ڪتابن جو تعداد- ٽيٽيهه سنڌي، چار هندي ٻه انگريزي
سفر- ڪيترا ئي ملڪ، خاص طور سنڌ ۲۰۰۴ع
لاڳاپو – مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊمي جي ميمبر،
مهاراشٽر ٽيڪسٽ بڪ بيورو جي ميمبر
نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لينگئيج جي ميمبر
موڪلاڻي- آچر پندرهن سيپٽمبر ۲۰۱۳ع پونا انڊيا


ريٽا شهاڻيءَ جي ادبي پونجي
(۱) پنک وڄائين شنک‘ (شاعري: ۱۹۸۲ع)،
(۲) ’منهنجي حد آڪـاش‘ (شاعري: ۱۹۸۴ع)،
(۳) ’ڀنڀرڪي جي ڀُـڻ ڀُـڻ‘ (ناول: ۱۹۸۵ع)،
(۴) ’کٿوريءَ جي کاڻ‘ (سفرنامو: ۱۹۸۶ع)،
(۵) ’گيت رامايڻ‘ (مرهٽي گيت-رامائڻ جو سنڌي منظوم ترجمو: ۱۹۸۷ع)،
(۶) ’سوريه ياترا‘ (شاعري: ۱۹۸۷ع)،
(۷) ’منع ٿيل ميوو‘ (ڪهاڻيون: ۱۹۸۸ع)،
(۸) ’سج کان چنڊ تائين‘ (ناول: ۱۹۸۹ع)،
(۹) ’سڄاڻ جون سمرتيون‘ (منگھارام ملڪاڻيءَ جي سوانح: ۱۹۹۰ع)،
(۱۰) ’پرهه جا پياڪ‘ (ناول: ۱۹۹۱ع)،
(۱۱) ’پچڻ کي پچاءِ‘ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۲ع)،
(۱۲) ’گھنڊ ڄاڻ وڳو‘ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: ۱۹۹۳ع)،
(۱۳) ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا: (ڀاڱو ٻيو: ۱۹۹۴ع)،
(۱۴) ’ڇُهي مُئي‘ (ناول: ۱۹۹۵ع)،
(۱۵) ’ارٽ جو آواز‘ (شاعري: ۱۹۹۶ع)،
(۱۶) ’ببليءَ جون آکاڻيون‘ (ٻاراڻو ادب: ۱۹۹۶ع)،
(۱۷) لپ ڀر مهراڻ‘ (ادبي مضمون: ۱۹۹۷ع)،
(۱۸) ’سوال ئي سوال‘ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۸ع)،
(۱۹) ’يرودا جيل جون ڪهاڻيون‘ (سوانح: ۲۰۰۰ع)
(۲۰) ’جيون ۽ ساهت‘ (ادبي مضمون: ۲۰۰۱ع)،
(۲۱) گونگي گگن سان گفتگو (ناول: ۲۰۰۱ع)،
(۲۲) ’ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ‘ (مڪالماتي گفتگو: ۲۰۰۲ع)،
(۲۳) ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ (سفرنامو: ۲۰۰۳ع)،
(۲۴) ’ترڪڻا ترورا‘ (ناول: ۲۰۰۴ع)،
(۲۵) ٻيپهريءَ جا ٻه پل (آتم ڪٿا: ٻئي ڀاڱا گڏ، سنڌ ۾ ڇپيل، ۲۰۰۴ع)،
(۲۶) ’رشتن جو رقص‘ (ڪهاڻيون: ۲۰۰۸ع)،
(۲۷) ’ست سر، ست رنگ‘ (ناول: ۲۰۰۸ع)،
(۲۸) ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ (سوانح: ۲۰۰۸ع)،
(۲۹) ’جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ‘ (دادا جشن جي سوانح: ۲۰۰۸ع)،
(۳۰) ’سفر در سفر‘ (سفرنامو: ۲۰۱۰ع)،
(۳۱) ’بي زبان زبان‘ (ناول: ۲۰۱۰ع)،
(۳۲) ’روبرو‘ (سوانح: ۲۰۱۲ع)،
(۳۳) آڪاس- گنگا (خاڪا: ۲۰۱۳ع)
(۳۴) چار هندي ڪتاب ۽ ٻن انگريزي ڪتاب
ريٽا شهاڻيءَ کي مليل ادبي مڃتا
(۱) ’سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ پاران سندس ڪتاب ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ‘  تي انعام (۱۹۸۷ع)،
(۲) بيسٽ سڀا، بمبئيءَ پاران سندس ڪتاب ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ کي انعام (۱۹۹۴ع)،
(۳) ڪوشي ڏيئلداس ٽرسٽ پاران ۱۹۹۶ع جو انعام (۱۹۹۷ع)،
(۴) اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران برک ليکڪا جو انعام (۱۹۹۷ع)،
(۵) آر. جي. آڏواڻي ٽرسٽ پاران هڪ لک روپين جو انعام (۹۷-۱۹۹۸ع)،
(۶) انتر راشٽريه سنسڪرتي، ڪلا پريشد پاران ’گديه سرجن پُرسڪار‘ سندس هندي ڪتاب ’رنگريزوا ني رنگ دي‘ تي (جنوري ۱۹۹۹ع)،
(۷) مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران ’لائيف لانگ اچيومنٽ اوارڊ‘- ۱۹۹۸ع لاءِ فيبروري (۱۹۹۹ع)،
(۸) ايشوري ٻائي بخشاڻي اوارڊ (۲۰۰۰ع)،
(۹) نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ (۲۰۰۰ع)،
(۱۰) نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ (۲۰۰۸ع)،
(۱۱) سنڌو سڀا ۽ جئسر ٽرسٽ پاران اوارڊ (۲۰۱۲ع)،
(۱۲) اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا اوارڊ (۲۰۱۲ع).


نه سهي سگهڻ جهڙو وڇوڙو
موهن مدهوش
اڃان صبح جو اٿڻ لاءِ اکيون ڦڙ ڦڙ ڪري رهيون هيون ته اچانڪ موبائيل فون تي گهنٽي وڄڻ شروع ڪئي. ڏٺم ته Lalita Calling.
ڊپ وچان فون اٽينڊ ڪيم ته آواز نه پئي آيو. وري ڪال بئڪ ڪيم ته آواز غائب. مسلسل پنجن منٽن کان هڪ ٻئي ڏانهن ڪال ڪندا رهياسين پر آواز غائب. نيٺ هن دفعي هُن جو آواز ٻُڌم:
”موهن! مونکي ٻُڌو ٿا.“
”جي ادي! ٻڌان پيو.“
Very sad news for you. She is passed away.”
مون وراڻيو: “Oh! My God!”
ڪجهه ئي لمحن ۾ ساز اگروال پوني مان فون تي چوڻ لڳي:
”موهن جي! آپ ڪو ريٽا جِي ڪي باري مين ڪڇ پتا چلا هي؟
”جي هان، ابهي ابهي لليتا ني بتايا هي. I am sorry“ ۽ فون بند ٿي ويو.
بس منهنجي پيرن هيٺان ته ڄڻ زمين نڪري ويئي ۽ آئون اتي ئي گهر جي دريءَ وٽ سُن ٿي بيٺو رهيس. هاڻ ته منهنجا حواس ئي خطا ٿي ويا. هاڻ ڪنهن کي ڀاڪر پايان ۽ ڪنهن کان آٿت وٺان ....
يڪدم گوورڌن گهايل شرما جو فون ملائي هُن سان ڳالهايم ته هن کي به اڃان خبر نه پئي هئي. مون کيس ٻڌايم ته هينئر ئي لليتا فون تي اطلاع ڏنو آهي. هُن به اچرج کائيندي چيو:
”هان! Rita is passed away. بس سائين مالڪ جي جيڪا مرضي. ڪالهه آئون اسپتال ۾ ڏسي آيس ته هُن جي طبيعت ۾ بهتري نه هئي ۽ ڏاڍي critical condition هئي.“ هو لڳاتار ڳالهائيندو ويو.
”ادا سائين گوورڌن هڪڙو توهان کان عرض آهي ته ڇا توهان جو هُتي وڃڻ ٿيندو؟“
”ها، ها، آئون هاڻ ئي اتي وڃان ٿو.“
”سائين عرض ته منهنجا عقيدت جا گل هن کي ڀيٽا ڪرڻا آهن، اهي توهان جي هٿان ڪرڻا آهن.“
”ها پيارا، ضرور کڻي ويندس ڀائي، ضرور.“
وري تارا ميرچنداڻيءَ کي فون لڳايم جيڪا هن جي پڪي ساهيڙي آهي. چيم:
”ادي تارا، توهان کي خبر پئي هوندي ريٽا جي باري ۾؟“
”ها موهن! مون کي لليتا ۽ گوورڌن فون تي هينئر ئي اطلاع ڏنو آهي. آئون هينئر پوني کان پري آهيان ۽ اسان جي سڄي فيملي هڪ وڏو يگيه (پوڄا) ڪيو آهي سو اتي وڃڻ ڏکيو ٿيندو، سڀاڻي وينديس.“
”ٺيڪ آهي ادي تارا  .... توهان هن جي سامهون هجو ها ته منهنجي پاران پرارٿنا جي التجا ڪريان ها.“ بس مون فون بند ڪيو ۽ وري خيالن ۾ گم ٿي ويس.
مون کي چڱي ريت ياد آهي ته هن ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۵ع تي مون کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هو لکي ٿي ته:
”پيارا ڀاءُ موهن، نمستي! منهنجا هن کان اڳ چند supporters هئا. منهنجو هسبنڊ هو، هري دلگير صاحب هئا، ڊاڪٽر گدواڻي ۽ ڪي.آر.ملڪاڻي (وشنو جو مامو جنهن مون کي سهارو ڏنو هو) هئا. ماڻهن ۾ ٿورو لحاظ هو، ڊپ هو، هاڻي چار ئي نه رهيا آهن. مگر قدرت جو ڪمال ڏس! هڪ ٻيو سهارو ملي ويو اٿم. دوست جي روپ ۾، ننڍي ڀاءُ جي روپ ۾، ڪجهه به سمجهه ــ تنهنجي روپ ۾، جيڪو شايد مون کي ڪجهه قدر سمجهي سگهيو آهي، بلڪل ٿوري عرصي ۾!“
ويجهڙ ۾ هن جو جنم ڏينهن ۲۴ آگسٽ هو ته ۲۵ آگسٽ تي شڪايت ڀريي لهجي ۾ فون ڪيو ۽ چيو ته، ”موهن! ڪالهه گهڻن ئي ماڻهن جا wishes پهتل هئا، ۽ اسان جي گهر پارٽيءَ جهڙو سمان هو.“
”ڪنهن لاءِ wishes هئا؟“ مون سوال ڪيو.
”خبر ناهي اهو تون پاڻ سمجهه.“
مون کي شڪ ٿي ويو ۽ مون ڊائري ۾ ڏٺو ته واقعي هن جي سالگره جو ڏينهن هو ۽ اهو بغير ڪنهن birthday wishes ڏيڻ جي گذري ويو. حالانڪه پاڻ مون کي مسلسل منهنجي جنم ڏينهن تي ٺيڪ ۱۲ لڳي ۱ منٽ تي ضرور فون ڪندي هئي. پوءِ ته آئون پنهنجي پاڻ کي لڄي محسوس ڪري رهيو هئس. ٻئي ڏينهن هن وري فون ڪيو.
”موهن! هاڻ تون هتي اچ. دادا جي ورسيءَ جي موقعي تي هڪڙو پروگرام رکون ٿا، جنهن ۾ ”يرودا جيل جون ڪهاڻيون“ جو ساز اگروال پاران انگريزي ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب پڌرو ڪنداسين ۽ ڏاڍو سٺو لڳندو ۽ تون احمدآباد ۾ وڃي پنهنجن مائٽن سان ملي اچجانءِ.“
”نه ادي اڄ ڪلهه آئون مصروف آهيان، مشڪل لڳي رهيو آهي، پندرهن ڏينهن ڪڍڻ ڏکيو ٿيندو.“
”ڏس وري تون ان ڳالهه تي وري سوچ.“
”نه بس مون سوچي ڇڏيو آهي.“ ۽ بس اها هئي مون سان هن جي آخري گفتگو.
ان کانپوءِ اٺ ڏهه ڏينهن وري ڳالهائڻ ئي ڪونه ٿيو. ۱۱-سيپٽمبر تي سندس ڌي time line تي ميسيج ڪيو ته:
My mother is in ICU and we are seriously in tense, pray for her life.”
تنهن تي مون کي جهڙوڪر هڪ ڌچڪو لڳو ۽ مون هن کان پنهنجو نمبر وٺي ڳالهايو ته هن ٻڌايو، ”هن جي very critical condition آهي. بس توهان pray ڪريو.
وري ڪمار شهاڻي ريٽا جي پٽ سان ڳالهايم ته هن چيو:
Mohan! She is too much in critical condition, not good.”
آئون توهان جو نمبر save ڪريان ٿو ۽ فون بند ٿي ويو.
هو به ويچارو ماءُ جي ڪري چنتا ۾ هو، اڪيلو گهر کي سنڀاليندڙ. ٽن چئن ڏينهن کان مسلسل هُنن سان رابطي ۾ هئس. ته هر ڀيري جواب ملندو هو:
She is on the ventilator, can’t say yes for better.
هن جي ڀيڻ منجو گلراجاڻي، ڀيڻويي پريتم گلراجاڻي، پٽ ڪمار شهاڻي، ڌي لليتا، تارا ميرچنداڻي ۽ گوورڌن گهايل سان مسلسل رابطي ۾ هئس.
ڪالهه ۱۵ سيپٽمبر تي آچر صبح جو ۹ لڳي ۴۵ منٽن تي سندس ڌي لليتا فون تي اسان جي سنڌي ادب جي باوقار ۽ شانائتي ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ جي ديهانت تي Sad news ٻڌائي ته منهنجو سڄو گهر سوڳوار ٿي ويو. خاص ڪري منهنجي ڌي ڪويتا ته منهنجي ڀرسان بيهي چوڻ لڳي:
”ابُو، آنٽي ريٽا ڀڳوان ڏانهن ويئي آهي، هاڻ ڪڏهن ايندي!؟“ هن جو جملو ٻڌي آئون ماضيءَ جي خيالن ۾ گم ٿي ويس.


ريٽا شهاڻي
هاڻي اهو چهرو ڪڏهن نه ڏسي سگهبو
رکيل مورائي
اڄ جي تاريخ تائين سنڌ جي علمي ۽ ادبي شهر واري پنهنجي شاندار سڃاڻپ قائم رکندڙ شهر حيدرآباد ۾ جنهن صبح جو ريٽا شهاڻيءَ جنم ورتو اهو ادب لاءِ اڳتي هلي سڀاڳو ٿيڻ وارو ڏينهن چوويهه آگسٽ اوڻيهه سئو چوٽيهه عيسويءَ جو هئو، جيتوڻيڪ ڏينهن اڀاڳا يا سڀاڳا نه ٿيندا آهن پر ڪن ڏينهن کي اهڙي نسبت ملي ويندي آهي. جيڪا سندن سڃاڻپ بڻجي رهجي ويندي آهي، ڪن گروهن، نسلن ۽ قومن وٽ!پڪ سنڌي ادب لاءِ اهو ڏينهن سڀاڳ جي نسبت سان ياد ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن جنم وٺندڙ ريٽا شهاڻيءَ سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم کي جيڪو ڏنو آهي، پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو گهڻو عرصو ياد رکڻ جهڙو آهي.
سنڌي ادب جي الڳ الڳ صنفن تي ٽيهن کان وڌيڪ ڪتاب ڏيندڙ ريٽا شهاڻيءَ اوڻيهه سئو اسيءَ کان پوءِ لکڻ شروع ڪيو، سندس عمر جو هيءَ اهڙو حصو هئو، جنهن ۾ اڪثر لکندڙ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندا آهن. پر ريٽا ان جي ابتڙ ان عمر ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. ۽ هن لڳاتار ايترو لکيو جو وفات وقت انهن ڪتابن جو جيڪو انگ جڙي ٿو اهو حيرت ڏياري ٿو. هن جي ٽيٽيهن سالن جو ادبي پورهيو ٽيٽيهه ڪتاب آهي. سندس ڇڙوڇڙ لکڻيون انهن ڪتابن کان الڳ آهن.
ريٽا شهاڻيءَ جيتوڻيڪ ڪيترن ئي موضوعن لکيو آهي، پر هن جي لکڻ جون صلاحيتون قوتون ناول ۾ وڌيڪ اڀري بيٺيون آهن، جنهن ڪري، هن کي اول ۽ آخر سنڌي ٻوليءَ جي اهم ناول نويس طور ئي ڏسي ۽ ڳڻائي سگهبو. منهنجو ساڻس ادبي مکاميلو به سندس ناول پرهه جا پياڪ“ جي معرفت ٿيو، جنهن ساڻس اهڙو تعلق جوڙيو، جيڪو سندس عمر جي آخري گهڙيءَ تائين جڙيل رهيو، جنهن عرصي جون ڪيتريون ئي يادگيريون اڳتي هلي به لکڻ جو موقعو ڪڍي وٺندس. ادب کان ٻاهر به هوءَ هڪ نهايت مهذب خاتون هئي، جنهن جي اٿڻي ويهڻيءَ مان مهذبپڻو ظاهر ٿيندو هئو. سندس گهر ۽ ان جي سجاوٽ، جنهن ڏٺي هوندي اهي اهڙي شاهدي ڏيئي سگهندا.
ريٽا شهاڻيءَ جو بوٽ ڪلب وارو گهر، هڪ نفيس خاتون/اديبا جي گهر طور ڏسڻ جهڙو آهي، هيءَ سٽون لکندي، جڏهن دوست نند ڇڳاڻيءَ پاران موڪليل ڪونج ۾ اهو پڙهيو اٿم ته ريٽا شهاڻيءَ گهر مٽايو آهي ۽ هاڻ هوءَ هڪ فليٽ ۾ رهڻ لڳي آهي. تڏهن هڪ ٻي سور جي سٽ اهو محسوس ڪرايو آهي، ته پنهنجي ماضي/ يادگيرين کان ڪٽجي ڪو به شخص/اديب ڪيترو جي سگهندو؟.
اڄ شدت سان محسوس ٿيو آهي ته ڪنهن به سبب ڪري ريٽا اهو گهر ته مٽايو جنهن سان هن جي زندگيءَ ۽ ادب جون ڪيتريون ئي يادون جڙيل هيون، پر سندس دل اهو ڪيئن مڃيو هوندو، سندس ديهانت سچ پچ مون کي يقين ڏياري ٿي ته برابر، ريٽا شهاڻي جسماني طور ان فليٽ ۾ رهي هوندي پر هن جي دل کي پنهنجي ماضيءَ کان ڌار ڪري جيئن ئي قبول نه ٿيو هوندو. سدس وفات ۽ سندس گهر مٽائڻ وارين ٻنهي خبرن جو منهنجي اکين اڳيان اچڻ ۾ فقط هڪ ڏينهن جو فرق آهي. مون کي گمان آهي ته ريٽا ان گهر ۾ ڪجهه به تخليق نه ڪري سگهي ها! ڇاڪاڻ ته بوٽ ڪلب وارو گهر هن تخليقي انداز سان سينگاريو هئو. بحرحال ڇا به هجي، ريٽا شهاڻيءَ جو ائين هليو وڃڻ اهو احساس ڏيئي ويو آهي ته يادن جي ميراث اهم ٿئي ٿي. هاڻ اهو گهر ڪنهن به قيمت جو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان گهر جو ملهه، سڃاڻپ ريٽا شهاڻي جهڙي تخليڪار جي موجودگيءَ جي ڪري ئي هئو. شهرن ۾ ڪيترائي وڏا گهر هوندا آهن، جن جي ڪا به سڃاڻپ نه هوندي آهي، سڃاڻپ فقط انهن ۾ رهڻ وارن جي هوندي آهي.
ريٽا شهاڻيءَ جو هيلو وڃڻ ڪمار ۽ لليتا لاءِ برابر ڏکوئيندڙ آهي، پر هيءَ  ڏک سموري ادبي برادري لاءِ هڪجهڙو آهي، ۽ انهن لاءِ اڃا به وڌيڪ، جن زندگيءَ ۾ ڪي گهڙيون ساڻس گهاريون هونديون. هوءَ جڏهن سنڌي ادب جي سفير دادا  هري موٽواڻيءَ سان گڏ پهريون ۽ آخري ڀيرو سنڌ ڏسڻ لاءِ  آئي ته جنهن سان به گڏي ان کي پنهنجي مٺڙي ۽ مهذب سڀاءَ سبب پنهنجو مداح بڻائي ڇڏيائين. ٻيءَ طرح هن کي جنهن به سنجيدگيءَ سان پڙهيو آهي، اهو هن جي تخليقي قوتن جو اعتراف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو.
سنڌ جي سفر بابت هن هڪ لاجواب سفر نامو لکيو جيڪو ”جتي منهنجا اوٺيئڙا“ جي نالي سان ڇپجي هنڌ توڻي سنڌ ۾ بي انتها پذيرائي ماڻي چڪو آهي. ائين سندس ناول ۽ ڪهاڻيون پڻ سنڌي ادبي جڳت ۾ ساراهيون ويون ۽ انهن کي مڃتا ڏني وئي. هن جي لکيل آتم ڪٿا جا ٻه جلد ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“ ۽ ”گهنڊ ڄاڻ وڳو“ جڏهن ڪويتا پبليڪيشن پاران سنڌ ۾ گڏي ڇپايا ويا ته سنڌي پڙهندڙن ۽ لکندڙ جي وڏي انگ ان جي تعريف ڪئي ۽ اها سڀ تعريف هن پنهنجي اکين سان ڏٺي ۽ محسوس ڪئي، هاڻ ٿيندڙ تعريف شايد هن جي ڪم جي نه هجي پر سنڌي ادب ۾ سندس تعريف سدائين ٿيندي رهندي. اڄ جڏهن هوءَ نه رهي آهي، تڏهن سندس سڀاءُ جون ڪيتريون کي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ذهن تي اچن ٿيون.
ريٽا جو آخري ڇپيل ”آڪاش گنگا“ آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي تڙيل پکڙيل لکڻين کي سهيڙيو آهي. سندس ادبي ڪم ته ياد ڪيو ئي ويندو پر ادبي دنيا ۾ اهو به ياد ڪيو ويندو ته هوءَ ان خاندان جي نياڻي هئي جنهن خاندان سنڌي ادب کي منگهارام ملڪاڻي جهڙو اديب ڏنو، جيڪو سندس سڳو چاچو هئو. مهاراشٽر صوبي جي حسين شهر پوني جي اداس شام جي مهڪندڙ اهو چهرو جيڪو مون ٻه هزار ست ۾ ڏٺو هئو، هاڻ وري ڪڏهن به ڏس نه سگهبو. اڄ ٻيو سڀ ڪجهه اتي ئي آهي، جيڪو ڪجهه نه رهيو آهي ان جو نالو ريٽا شهاڻي آهي. جيڪا پندرهين سپٽمبر تي ان ڏيهه ڏانهن رواني ٿي وئي، جتان ڪو به نه موٽيو آهي.


ريٽا شهاڻي
جنھن کي سنڌ نه وساريو آهي
رکيل مورائي
ريٽا شهاڻي ورهاڱي وقت سنڌ کان وڇڙي وئي! سنڌ کان وڇڙي ويل سنڌين جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خواهش اها رهي آهي ته هو هڪ ڀيرو سنڌ وري ڏسي سگهن ۽ هند جي سنڌي اديبن مان ريٽا شهاڻيءَ جي اها خواهش پوري ٿي ۽ هوءَ ٻه هزار هڪ ۾ ڪونج جي ايڊيٽر ۽ سنڌي ادب جي سفير ڪاڪي هري موٽواڻيءَ سان سنڌ ياترا تي آئي. سندس آجيان جيڪا سنڌ ۾ ٿي، ان جو کيس ڪڏهن تصور به ڪو نه ٿيو هوندو. هوءَ سنڌ جي ياترا وقت، ڪراچيءَ ۾ محترم عبدالرحمان شوري صاحب جي گهر ۾ رهي ۽ پنهنجي جنم واري شهر حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جي مانائتي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار محترمه ماهتاب محبوب جي گهر ۾ رهي.
هن واپس وڃي هند ۾ پنهنجي سفر جي ڪٿا لکي، جنهن کي سرو ڏنائين ”جتي منهنجا ڏوٿيئڙا“ ڪتاب سنڌ ۽ هند ۾ چڱي پذيرائي ماڻي. ريٽا کي سنڌ مان موٽي وڃڻ بعد ڄڻ نئون جنم مليو. هن هڪ نئين اتساهه سان لکڻ شروع ڪيو ۽ چڱائي ڪتاب لکي ورتائين، جيتوڻيڪ هوءَ سنڌي ادب ۾ پنهنجي عمر جي اڌ گذرڻ کان پوءِ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ داخل ٿي.ها اهو سچ آهي ته هن جڏهن کان قلم هٿ کنيون ته ان کي ساهي پٽڻ نه ڏنائين، لڳاتار لکيائين، ڪهاڻيون، شعر، مضمون، جيونيون، تبصرا، خاڪا ۽ ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه هند ۾ ذهين لکندڙن جي وچ ۾ ريٽا جو اڀري اچڻ هن جي ساندهه لکڻ ۽ سٺو لکڻ جي نتيجي ۾ ٿيو. پوءِ ڪيترن وٽ هن جو ادب قبول گهٽ پيو. سبب ڪيترا ئي آهن.
سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني حيدرآباد جي هوائن ۾ جنم ورتل ۽ ٻالڪپڻ گذاريندڙ ريٽا شهاڻي، سنڌي ناٽڪ جي ابي، ۽ ناٽڪ جي پهرين تاريخ لکندڙ عالم، اديب ۽ تعليمدان منگهارام ملڪاڻيءَ جي ڀائٽي ۽ ادب جا پهريان سبق وٺندڙ هئي. هند لڏي وڃڻ کان پوءِ ريٽا جو ادب سان ڪو خاص لڳاءُ نه رهيو. هن زندگيءَ جيئڻ جا ٻيا ساڌن ڳولي ورتا، سندس شادي، پراڻي ڪامريڊ وشنو شهاڻيءَ سان ٿي ته هوءَ ملڪاڻيءَ مان شهاڻي ٿي پئي. وشنو هڪ ذهين شخص ۽ پوني ۾ ڪتابن جو ڪاروبار ڪندڙ ترقي پسند نوجوان هئو،جنهن ريٽا کي هر طرح خوش رکيو ۽ ريٽا جي خوشيءَ ۾ ئي پاڻ به خوش رهيو. وشنو شهاڻيءَ سان ريٽا پاڻ کي هر طرح محفوظ سمجهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين اهو اعتماد هن جي چهري مان بکندو رهيو. وشنو شاهاڻي ڪجهه سال اڳ ديهانت ڪيو ته ريٽا پڻ کي بلڪل اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳي. پنهنجي ادبي زندگيءَ ۾ هن ٽي درجن کن ڪتاب لکيا، جنهن ۾ ادب جا گهڻيئي موضوع شامل آهن پر کيس مڪمل پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته هن جون تخليقي قوتون ناول ۾ وڌيڪ اڀري آيون آهن. ناول سان سندس لڳاءُ هئو يا سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول جي غربت جو احساس هئو، هن ناول واري پاسي وڌيڪ ڌيان ڏنو. هن ٽي ڏهاڪا ادب کي ڏنا هند ۾ هڪ طرف سندس آجيان ٿي ته ٻئي طرف وروڌ، پر سچ اهو آهي ته جڏهن سندس هڪ ناول تي سنڌي ٻوليءَ جي ذهين نقاد پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ مهاڳ لکيو تڏهن، هندو توڻي سنڌ جي ادبين هن جي ادب تي نئن سري کان نظر وجهڻ شروع ڪئي، خاص طور هند ۾، جيتوڻيڪ پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جي مهاڳ اچڻ تائين سنڌي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جي اهم لکندڙ ۽ پڙهندڙن جو وڏو حصو نه رهيو هئو. جن جو رد عمل اچڻ شايد سڀاويڪ هئو، مثال طور، موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، لعل پشپ، پرم اڀيچنداڻي، شيام جئسنگهاڻي، وشنو ڀاٽيا وغيره ۽ باقي بچيل، تن وٽان به ڪو ظاهر ڳڻائڻ جهڙو رد عمل لکڻ ۾ نه آيو.
ادب ۾ هڪ اهم سڃاڻپ رکندڙ مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ جو ايوارڊ ريٽا کي ملي نه سگيو، جيتوڻيڪ هوءَ ان جي حقدار هئي. پر سنڌ ۾ سياسي نظرين جي وٿي ۽ هند ۾ ادبي نظرين جي وٿيءَ بھرحال ريٽا کي ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ تائين رسڻ ڪو نه ڏنو. پر ريٽا کي سنڌ ۾ بيحد پيار ۽ احترام مليو. ممڪن آهي ته کيس سنڌ ۾ وڌيڪ سنجيدگيءَ سان پڙهيو ويو هجي. ۽ اهم ڳالهه ته ”محبت پائي من ۾“ پڙهيو ويو هجي. سندس وفات کان پوءِ هڪ اهڙو ڪتاب کيس ڀيٽا طور پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جي گهڻن ليکڪن جي مٿس راءِ سامهون اچي ٿي، اسان جي دوست موهن مدهوش پاران ترتيب ڏنل هيءَ ڪتاب ”هند سنڌ جي ڪهاڻي – ريٽا شهاڻيءَ“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جهڙو هن کان اڳ شايد ڪنهن هند جي اديب بابت ڇپيو هجي. ٻيءَ طرح ريٽا جا ڪيترا ئي ڪتاب سنڌ ۾ موهن مدهوش جي اداري ڪويتا پبليڪيشن پاران شايع ٿيا آهن. سندس آخري لکيل ڪتاب سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت واري کاتي، سندس وفات کان پوءِ تازو ئي سچل سر مست جي هڪ سئو ٽيانوي هين عرس مبارڪ تي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”سچل سرمست ۽ اتهاسڪ روايتون“ مان ڀايان ٿو ان کان وڏو ايوارڊ ريٽا شهاڻيءَ لاءِ ٻيو ڪو به ٿي نٿو سگهي. انسان زندگيءَ ۾ هزارين خواهشون سانڍي ٿو، ائين ريٽا به سانڍيون هونديون، پر ادبي طور هن جي سنڌ ياترا ۽ سنڌ ۾ ادبي مڃتا ”هن جون وڏيون خواهشون هيون واڌو هن جي وفات کان پوءِ ڀيٽا طورمٿس هڪ سانڍڻ جهڙو ڪتاب، کيس هڪ وڏي ڀيٽا آهي، هوءَ ادب ۾ پنهنجي تخليقن جي آڌار زندهه رهندي، اسان جي دلين ۾ هوءَ پنهنجي سڀاءَ جي ڪري زندهه رهندي. هڪ شخص لاءِ هڪ عمر ۾ اهو گهڻو آهي. سڀاڻي سندس ديهانت جو ڏينهن آهي، هند ۾ کيس ڪيترو ياد ڪيو ويندو، اهو ته پتو نه آهي، پر سنڌ کيس نه وساريو آهي اهڙي پڪ آهي ۽ بس!


ريٽا شهاڻي
منهنجي حد آڪاش
واحد پارس هيسباڻي
ڪالهه صبح هڪ دوست ريٽا شهاڻي جي ديهانت جي خبر ٻڌائي ته هڪڙي قسم جو شاڪ لڳي ويو. ريٽا جيڪا پونا جي روبي هاسپيٽل ۾ ICU ۾ داخل هئي، اسان مسلسل سندس صحتيابي لاءِ دعائون گهري رهيا هئاسين. ڪلهه واري ادبي صفحي ۾ موهن مدهوش ريٽا شهاڻي لاءِ احساساتي ۽ دعائن سان ڀرپور ڪالم به لکيو هو، پر افسوس.... موهن سان ويجهڙائپ جي ڪري آپا ريٽا مون سان به فون تي ڳالهائيندي رهندي هئي ۽ اسان جي وچ ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ادب بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي. سندس سڀاءُ وڏي ڀيڻ جهڙو هوندو هو. هوءَ پنهنجي من جي ائين ئي اجري هئي، جيئن اجرائپ ڀريون سندس لکڻيون آهن. سچ اهو آهي ته آپا ريٽا هند ۾ سنڌي ادب جي ڄڻ ته سفير هئي.
تاريخ ۲۴ آگسٽ ۱۹۳۴ع تي منگهن جي شهر حيدرآباد ۾ پڙهيل لکيل خاندان جي فرد عالمچند اڌارام جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ريٽا نامياري عالم اديب منگهارام اڌارام ملڪاڻي جي ڀائيٽي هئي، سنڌي ادب ۾ ملڪاڻي صاحب جون خدمتون ڪنهن کان به لڪل ڪونهن. ريٽا جو والد عالمچند موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو نه صرف ڄاڻو پر سٺو ڳائي ۽ وڄائي به ڄاڻندو هو. ۱۹۲۳ع ۾ جڏهن رابندر ناٿ ٽئگور سنڌ آيو هو ته ريٽا جي والد سندس شعري مجموعي ’باغبان‘ ۾ هڪ گيت ڳائي کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. ريٽا جي پڦي به شاهه جي ڄاڻو ۽ سٺو ڳائيندڙ هئي.
۱۵ سالن جي عمر ۾ ورهاڱي جي وڍ هن کي حيدرآباد کان کان ته دور ڪيو پر لکنئو ۽ پونا ۾ وڃي به هن پنهنجي ڌرتي کان پاڻ کي هڪ پل به دور نه ڪيو. ريٽا کي جيڪڏهن ڪا خوشبو پسند هئي ته اها سنڌ جي مٽي جي هئي، جيڪا سندس سرير ۾ ائين سمايل هئي جيئن رت. ريٽا جي سڃاڻپ صرف هڪ ڪهاڻيڪاره ۽ ناول نگار طور ناهي، پر هي بهترين قسم جي شاعره ۽ نقاد به هئي. سندس نثر هجي يا نظم پر ان ۾ جيڪا ڳالهه واضح نظر اچي ٿي اها جرئت آهي. هن جيڪو ڪجهه به لکيو اهو وڏي جرئت سان لکيو. ريٽا جون ڪهاڻيون هجن يا ناول هن انهن ۾ الف ليلوي انداز اختيار ڪرڻ بدران حقيقت جا رنگ ڀريا آهن، هن جون لکڻيون سندس ڀرپاسي جي ماحول تي لکيل آهن. ماحول هند جو هجي يا سنڌ جو گهڻو ڪري ملندڙ جلندڙ آهي. دلين جي ڪيفيت کان وٺي سرعام ٿيندڙ انيائن تائين گهڻو ڪري هڪجهڙو ئي آهي، ان ڪري پڙهڻ وقت هڪ پڙهندڙ کي اها پنهنجي ۽ پنهنجي ڀرپاسي جي ڪهاڻي لڳي ٿي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’رشتن جو رقص‘ جيڪو ڪويتا پبلڪيشن ڇپرايو آهي، ان ۾ موجود ڪهاڻيون روزمرهه جي مشاهدن ۽ تجربن جو چٽو پٽو ۽ واضح پرتوو آهن.
هن ڪتاب ۾ هيٺئين ڪلاس سميت مٿئين ڪلاس جن ۾ مرد، عورتون، ٻار، آيائون وغيره اچي وڃن ٿيون، انهن کي مني ڪهاڻين جي صورت ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. هي اهي ڪردار آهن، جيڪي هن هٿرادو گهڙيا ناهن پر پنهنجي آس پاس مان کنيا آهن. انهن ڪردارن ۾ رشتن جي بدلجندڙ روپ کي به ڏاڍي جرئتمندي ۽ سچائي سان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ريٽا جيتوڻيڪ هي سڀ ڪجهه هندستان اندر پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول جو مشاهدو ماڻي لکيو آهي، پر جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان ته هند ۽ سنڌ جي ڪلچر، ريتن، رسمن ۽ روپن ۾ هي ورهاڱو ڪا گهڻي تبديلي نه آڻي سگهيو آهي، ان ڪري سندس هي ڪهاڻيون اسان کي به ڄڻ پنهنجي ئي ماحول جي عڪاسي لڳن ٿيون. اهو طبقاتي سسٽم ريٽا هر ننڍي کان ننڍي موضوع کي به اهميت ڏيندي ان تي لکيو آهي، مٿئين ڪلاس جي ٺٺ ٺانگر جي آزادي کان وٺي، انهن جي اولاد جي بگڙڻ تائين، گهرن ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻين جي مجبورين کان وٺي انهن جي سازشن تائين، ازدواجي رشتا ٽٽڻ کان وٺي سماج ۾ بظاهر معتبر ٿي هلندڙ ماڻهن جي اصلي روپ کي ظاهر ڪرڻ تائين، ويندي سس ننهن جي جهيڙي جهٽي جهڙن موضوعن تائين تي هن ڏاڍي ڪمال حسن سان لکيو آهي. سندس مني ڪهاڻي ’بچايو‘ هڪ اهڙي وزير جي آهي، جيڪو عوام کي ته بجلي بچائڻ جي ليڪچر ڏئي ٿو پر پاڻ ان جو انتهائي لاپرواهي واري انداز ۾ استعمال ڪري ٿو، سندس ڪهاڻيون ’مرچي پارٽي‘، ’ان پٽ آئوٽ پٽ‘، ’اصلي‘، ’نڌڻڪي‘، ’نه بابا نه!‘، ’مان آهيان نه‘ ۽ ’هاڻي بس به ڪر‘ پنهنجي فارميٽ ۾ ته مختصر ڪهاڻيون آهن پر انهن جي اندر جيڪو پيغام سجايل آهي اهو ڪنهن طويل ناول کان گهٽ ناهي، ريٽا کي اهو ڏانءُ حاصل هو ته هوءَ ننڍي ڳالهه کي ناول جي صورت ۾ طويل به ڪري ڄاڻيندي هئي ته وڏي ڳالهه کي مني ڪهاڻي جي روپ ۾ مختصر به ڪري ڄاڻندي هئي. سندس انداز اجائي دانشوري جهاڙائڻ وارو نه هو، پر اهو سادو سودو ۽ عام عوامي انداز وارو هو، ان ڪري ئي سندس لکڻيون پڙهڻ وقت جتي پنهنجائپ وارو احساس ٿيڻ لڳندو هو، اتي وڏي ڳالهه ٿورن لفظن ۾ به حاصل ٿي ويندي هئي.
ريٽا شهاڻي ۱۹۸۰ع کان وٺي جيئن باقائدگي سان لکڻ شروع ڪيو ته سندس قلم ڪڏهن به ساهي نه پٽي. هند ۽ سنڌ ۾ سندس شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد ۳۶ کان مٿي آهي. سنڌ ۾ سندس خوبصورت لکڻين کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو ڪريڊٽ سچ پچ ڪويتا پبلڪيشن جي روح روان پياري موهن مدهوش ڏانهن وڃي ٿو. هن هي سڀ ڪجهه شايد هڪ خاص عقيدت ۽ احترام واري رشتي تحت ڪيو، پر سندس اهو پڙهندڙن تي سچ ته وڏو احسان آهي، جن کي هن پنهنجي دور جي انتهائي بردبار، برجستي ۽ سچار ليکڪا جي تخليقن کان محفوظ ڪرايو. مون کي اها خبر ناهي ته سنڌ ۾ آپا ريٽا جي وڇوڙي جو ٻيو ڪنهن کي سڀ کان وڏو صدمو پهتو هوندو. موهن جي دل ۾ درد جو هڪ تڏو وڇائجي چڪو آهي ۽ سندس من ۾ ڪلهه کان پن ڇڻ جي موسم لٿل آهي.
ريٽا شهاڻي جي وڇوڙي کي هند ۽ سنڌ جي ادب جو هڪ وڏو نقصان پوڻ الائي ڇو هڪ روايتي جملو لڳي ٿو، هڪ اهڙو جملو جيڪو پاڻ وٽ تقريباً هر اديب، شاعر جي وڇوڙي جي موقعي تي ورجايو ويندو آهي، ڪاش مون کي ڪو اهڙو نئون جملو ملي پوي، جيڪو مان هن وڇوڙي جي حوالي سان چئي سگهان.
ريٽا شهاڻي هڪ سڄي سنڌ ڄائي هئي، جنهن پنهنجي امڙ جي ٿڃ کي باقاعدي ملهائي ڏيکاريو. هن هند ۾ نه رڳو پاڻ پنهنجي جيجل جي ٻولي کي پنهنجي زبان، پنهنجي دل ۽ پنهنجي قلم ۾ قائم و دائم رکيو، پر پنهنجي اولاد کي به پنهنجي ٻولي سان ڳنڍي رکيو. نه ته هند ۾ هاڻي اهي خاندان تمام مختصر ٿيندا پيا وڃن، جن جو پويون نسل به پنهنجي اباڻي ٻولي سان رشتو قائم رکيو ايندو هجي. ريٽا سچ به پنهنجي علمي ادبي خانداني روايتن کي نڀائي ڏيکاريو. اڄ هوءَ پنهنجي بابا عالمچند اڌارام ۽ چاچا منگهارام اڌارام ملڪاڻي آڏو سرخرو ٿي پهتي آهي. ريٽا جسماني طور ته اڄ اسان جي وچ ۾ نه رهي آهي، پر سندس ڪتاب: ’پنک وڄائين شنگ‘ (شاعري)، ’منهنجي حد آڪاش‘ (شاعري)، ’ڀنڀرڪي جي ڀٽ ڀٽ‘ (ناول)، ’کٿوري جي کاڻ‘ (سفرنامو)، ’سوريه ياترا‘ (شاعري)، ’منع ٿيل ميوو (ڪهاڻيون)، ’سج کان چنڊ تائين‘ (ناول)، ’پرهه جا پياڪ‘ (ناول) ’گهنڊ ڄاڻ وڳو‘ (آتم ڪٿا)، ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا)، ’لپ ڀر مهراڻ‘ (مضمون)، ’گونگي گگن سان گفتگو‘ (ناول)، ’اڪٽ ڪهاڻي ڪبير‘ (سوانح)، سفر در سفر (سفرنامو) ۽ ٻيا سچ سنڌي ادب جو املهه خزانو آهن.
ريٽا شهاڻي بابت ڪلا پرڪاش جيڪو لکيو آهي، اهو بلڪل سچ ئي لکيو آهي: ’ريٽا جي اڪثر ڪهاڻين ۾ اڄ جي جيون جي آرسي  آهي ۽ سماجي اوڻاين جي اوگهڙ ڪيل آهي. هن گهري نظر رکندڙ ۽ انڀوي ليکڪ جيان پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڄ جي جيون جا ڇتر اڀاريا آهن....‘
۽ ريٽا به پاڻ بابت جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها به حقيقت پسندي واري آهي: ’مون عورت ۽ مرد جي رشتن کي متوازن نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ صرف هڪ ڌر کي ڏوهه ڏيڻ کان ڪنارو ڪيو آهي، نه Feminist بڻجڻ جي دعويٰ ٿي ڪريان ۽ نه مرد جو پاسو ٿي کڻان. سماج ۾ جن حقيقتن کي مون ڏٺو آهي ۽ محسوس ڪيو آهي، اهي خودبخود منهنجي ڪهاڻين ۾ اچي ويون آهن.‘
پنهنجي لاءِ پونا ۾ وڃي آپا جي پونيئرن سان تعزيت ڪرڻ سولو ناهي، ڇو ته پاڻ هن ڌرتي جي مٽي، هوائن ۽ درياهه سان تعزيت ڪري وٺون، ڏک ته هنن جو به ساڳيو آهي....


ريٽا شهاڻي
وئي هوءَ اُڏري اڪيلي اڪيلي...!
تاج جويو
من ته نه ٿو مڃي، پر موهن مدهوش چوي ٿو ته کيس لليتا فون ڪري چيو آهي ته، ”مميءَ جي ميز تي سوين ڪاغذ، اڌوريون ڪهاڻيون ۽ اڌورا گيت ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، پر ممي هلي وئي، پرلوڪ پڌاري وئي!“الا! ڪجهه ڏينهن ئي ته ٿيا هوندا، جو ريٽا پوني مان فون ڪري، مون کان منهنجي طبيعت جي باري ۾ پڇيو هو، ته مون کيس چيو هو ته، ”دِيدي! پنهنجو خيال رکجو، سياري ۾ توهان کي سهڪو ٿيندو آهي، پنهنجي صحت جي سنڀال ڪجو“ ۽ هُن هميشه جيان وڏا ٽهڪ ڏيندي چيو هو، ”تاج! پريشان نه ٿي، آئون اڃا جيئري رهنديس.“ پر اڄ قلم کي لڙڪن ۾ ٻوڙي لکڻو پوي ٿو ته اڃا دادي سُندري اتمچنداڻيءَ کي سرڳواس ٿئي ٻه مهينا ست ڏينهن مس ٿيا آهن ۽ ۱۶ سيپٽمبر تي سندس سدوري نياڻي آشا چاند، ”پوپٽي، سندري ۽ ڪلا پرڪاش“ جي انٽرويوئن تي مشتمل هڪ وڊيو ڪئسيٽ ”سنڌي ساهت جون ٽي برک ليکڪائون“ نالي سان، دبئي ۽ ممبئيءَ مان هڪ ئي وقت رليز ڪرڻ واري آهي ته هڪ ڏينهن اڳ ريٽا، پوني ۾ بوٽ ڪلب روڊ واري پنهنجي گهر ۾، ڌيءَ لليتا ۽ ڪمار سميت، اسان سنڌ ۽ هند جي سنڌي اديبن کي دلي صدمو رسائي، سرڳ لوڪ ڏانهن هلي وئي ۽ وڃي پوپٽي ۽ سندريءَ سان ملي، جڏهن ته ڪلا پرڪاش، اسان وانگر اڪيلي لڙڪ لاڙيندي رهجي وئي!
ريٽا سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۷ع ڌاري سندس گهر، ۸- فلورينا اسٽيٽس، بوٽ ڪلب روڊ، پوني ۾ ٿي هئي، جتي آئون، موهن ڪلپنا ۽ پنهنجي دوست جمن دربدر سان گڏ بنا اطلاع وڃي سندس مهمان ٿيو هوس. اُتي ڪچهريءَ دوران ريٽا جي شعري مجموعي ’منهنجي حد آڪاش‘ مان جڏهن جمن دربدر هڪ گيت ’اڪيلي اڪيلي‘ پنهنجي سُريلي آواز ۾ ڳاتو هو ته ريٽا هڪدم ڊوڙندي گهر جي ڪمري ۾ وئي. هن ٽيپ رڪارڊ کڻي اچي جمن جي ڳايل ڌُن رڪارڊ ڪئي. اُن ئي زماني ۾ ريٽا نوجوان ڇوڪرين جي هڪ نرتيه گروپ وسيلي پنهنجي ڪتاب ’گيت رامائڻ‘ (منظوم) کي ’دور درشن‘ ۽ اسٽيج ذريعي پيش ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. اسان کيس شيخ اياز جي مشهور وائي ’سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان‘ کي به ساڳئي نرتيه گروپ ذريعي پيش ڪرڻ جي گذارش ڪئي هئي، جنهن جو هُن وعدو ڪيو هو. ائين پوءِ ريٽا سان ادبي ناتو اهڙو جُڙيو، جيڪو سندس زندگيءَ جي آخري پساهن تائين جاري رهيو.
هوءَ جڏهن پهريون ڀيرو ۲۰۰۱ع ۾ سنڌ آئي هئي ته سندس ٻن ڪتابن جو هتي مهورت ٿيو هو. سندس ناول ’گونگي گگن سان گفتگو‘ جو مهورت، ماهتاب محبوب جي گهر ۾ ٿيو هو، ۽ هي منفرد نفسياتي ناول هُن ماهتاب محبوب کي هنن لفظن ۾ ارپيو هو: ”سڳوريءَ سنڌ جي سينڌ جي سونهن، ماهتاب محبوب- سنڌ ڄائيءَ کي، سنڌ ڄائيءَ وٽان“. اهڙيءَ طرح سندس ٻيو ڪتاب گوناگون مضمونن تي مشتمل ’جيون ۽ ساهت‘ جو مهورت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هال ۾ ٿيو هو، جيڪو ڪتاب هن ”وليرام ولڀ ۽ تاج جويي“ کي ارپيو هو. ريٽا، سنڌ ۾ ’سنڌيت جي سفير‘ هري موٽواڻيءَ سان گڏجي آئي هئي ۽ ماهتاب محبوب جي گهر ’ارم نما‘ ۾ اچي رهي هئي ۽ پهرينءَ رات آڌيءَ ويلي هُن پنهنجي ڊائريءَ ۾ هيٺيون سٽون درج ڪيون هيون:
”مان ڪهڙي جڳهه تي پهتي آهيان؟ هتي، جتي منهنجون جڙون آهن، منهنجي پرکن (وڏن) جو شهر! پوين چند سالن کان مون پاڻ کي ڪيڏو نه اڪيلو محسوس ڪيو هو، بلڪل تنها هئس مان ۽ جيئن تيئن جي رهي هئس، ڪنهن کي منهنجو قدر ڪونه هو، منهنجي حياتي وئرٿ هئي. مان جيئان يا مران، ڪهڙو فرق پوڻو هو؟ هرڪو پنهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ بيحد مصروف هو، شهري زندگيءَ جي ڀڄ ڀڄان ڪجهه اهڙي آهي، پر هِتي پهچي مون کي پروڙ پئي آهي ته مان اڪيلي ناهيان. منهنجو قدر ڪرڻ وارا، مون کي چاهڻ وارا هن جهان ۾ موجود آهن. منهنجي زندگي اجائي ناهي، منهنجو به ڪو ملهه آهي. هتي پارکو ويٺا آهن، هو مون کي سڃاڻي سگهيا آهن، مون کي سمجهي سگهيا آهن، اسان جي Wave Length لڳ ڀڳ هڪجهڙي آهي. زندگيءَ ۾ نئون اتساهه جاڳيو آهي، مون کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پختي جڳهه ملي آهي. مان تنها ناهيان، اڪيچار قدردان، منهنجا خيرخواهه، منهنجا متر آهن ۽ منهنجو جيون معنيٰ خيز بڻجي پيو آهي.“
۱۹۹۷ع ۾ جڏهن ريٽا شهاڻيءَ جو ور، وشنو شهاڻي وفات ڪري ويو هو ته هوءَ بلڪل اڪيلي ٿي پئي هئي، پر جڏهن هوءَ ۲۰۰۱ع ۾ سنڌ ۾ آئي ۽ پنهنجن سان اچي ملي ته سندس اڪيلائيءَ وارا احساس ختم ٿي ويا هئا. ريٽا شهاڻيءَ جو جنم ۲۴ آگسٽ ۱۹۳۴ع تي حيدرآباد ۾ درسگاهن جي ٽمورتي- نور محمد هاءِ اسڪول، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (فارمين) ۽ پگٽ گرلس هاءِ اسڪول جي ڀرسان ٿيو هو. سندس دل چاهيو هو ته پنهنجي پراڻي گهر جو درشن ڪري، ننڍپڻ جي يادن کي سهارو ڏئي، پر جڏهن هوءَ وليرام ولڀ ۽ اسان سان گڏ، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۽ نور محمد هاءِ اسڪول جي ڪُنڊ وٽ پهچي، پنهنجي اباڻي گهر کي ڳولڻ لڳي هئي ته اوچتو سندس اکين مان لڙڪن جون لارون وهي هليون هيون، ڇاڪاڻ ته سندس سهڻو ٻه ماڙ گهر ڊهي پٽ ٿي چڪو هو ۽ اُن جي جاءِ هڪ بدنما پلازه والاري چڪو هو، جنهن جي هيٺان دڪانن جون قطارون هيون! ريٽا حيدرآباد ۾ چوٿون درجو انگريزي پڙهندي هئي، تڏهن جولاءِ ۱۹۴۷ع جي ۲۳ تاريخ هئي، جو کيس پنهنجي مائٽن سان گڏ پيءُ جي بيماريءَ ڪارڻ لکنؤ وڃڻو پيو هو. کين اتي ٻه مهينا رهڻو هو ۽ پيءُ جي ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ واپس سنڌ اچڻو هو، پر ۲۱ ڏينهن به نه گذريا هئا ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي ويو ۽ هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ هڪ لڪير ڇڪجي وئي ۽ ريٽا به هري موٽواڻيءَ وانگر، پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ هند ۾ رهجي وئي. ۵۵ سالن کانپوءِ هُن پنهنجو وطن سنڌ ته اچي ڏٺو، پر پنهنجو گهر ٻيو ڀيرو وڃائي ويٺي. اُهي سموريون يادون، هن پنهنجي سنڌ جي سفرنامي ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ ۾ لکيون آهن. هوءَ لکي ٿي ته جڏهن سندس سنڌ وڃڻ جي ڄاڻ سندس اديب دوستن کي پئي ته هري دلگير ۽ ٻين کيس نيڪ خواهشن وارا خط لکيا، پر پوني جي بزرگ شاعر ڀڳوان کلناڻيءَ، کيس خط سان گڏ هڪ غزل ڏياري موڪليو:
کڻي وڃ اسان جون دعائون کڻي وڃ،
اُتي جون سُڳنڌي هوائون کڻي اچ.
اتي جي، جي مٽي نه آڻي سگهين تون،
مٽيءَ سان ڀريل سي فضائون کڻي اچ.
وطن جي جدائيءَ ڏنا زخم جيڪي،
ڇُٽائڻ لاءِ تن جون دوائون کڻي اچ.
گهٽين ۾ اڃا گونجنديون جي هجن ڪي،
سي راندين ڪرڻ جون صدائون کڻي اچ.
بهارون سدائين رهن سنڌ ۾ شل،
سنڌي پيار جون هت گهٽائون کڻي اچ.
هوءَ سنڌ آئي، سنڌ مان اڻ مئي پيار سان گڏ ڪي ڏُکارا منظر به پاڻ سان کڻي وئي، ۱۵ سيپٽمبر جو نڀاڳو ڏينهن هو، جڏهن هوائن جي دوش تي اها خبر اچي پهتي ته ريٽا پرلوڪ پڌاري وئي. موهن جي ڇا حالت ٿي هوندي، سا هُو ئي ڄاڻي، پر مون کان اوڇنگار نڪري وئي. جڏهن سندس سٻاجهي پٽ ڪمار سان فون تي رابطو ٿيو ۽ کيس پرچاڻي ڏنم، تڏهن مون محسوس ڪيو ته ڪمار ۽ منهنجي نيڻن ۽ دل جي ساڳي حالت هئي، پر ريٽا شايد پنهنجو ئي هيٺيون گيت ڳائي اڪيلي اڪيلي اُڏامي وئي!
پکي ٿي مان هيڪر، اُڏامان مان جيڪر،
وڃان آئون اُڏري اڪيلي اڪيلي! (ريٽا)

(سومر ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۱۳ع)


No comments:

راءِ ڏيندا