; سنڌي شخصيتون: اُستاد مُحمد يُوسفُ

02 September, 2013

اُستاد مُحمد يُوسفُ

اُستاد مُحمد يُوسفُ

(جنم ۱۴ جنوري ۱۹۴۰ع وفات ۱۴ فبروري ۱۹۹۷ع)

سنڌي راڳ جو راڻُو، سنڌ جو مهدي حسن

عبدالرزاق ميمڻ



ٿڌڙين هَوائُن جي هيرن واري شهر حيدرآباد ۾، ٽنڊي طيب ويجھو رهندڙ سنڌي راڳ جو راڻو، اُستاد مُحمد يُوسُف، ۱۴ جنوري ۱۹۴۰ع ۾، ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاه پاڙي ۾ ڄائو هو. پاڻ ذات جو مڱڻهار ۽ لونگ فقير جو فرزند هو. لونگ فقير چوٽيءَ جي ڍولڪ نوازن (دُهلاري) ۾ ڳڻيو ويندو آهي. ھو ڳائيندو به هو ته وڄائيندو به هو. لونگ فقير هڪ سازندي جي حيثيت ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مُلازم هو. هُن تمام وڏن وڏن گَوين سان دُهل وڄائيو. ان ڳائڻ وڄائڻ واري ماحول، مُحمد يوسف کي پنهنجي ابي ڏاڏي جي ڪِرت جاري رکڻ تي هيريو. دين علي شاه پاڙي ۾ مُحمد يوسف جي چاچي زنوار بسنت وسند جي نالي سان مڱڻهارن جو هڪ الڳ ننڍڙو پاڙو آهي جيڪو سنڌ جي وڏن شرنائي وڄتن ۾ ليکيو وڃي ٿو. محمد يوسف ٻه شاديون ڪيون، پهرين سن ۱۹۶۴ع ۾ پنهنجي چاچي زنوار بسنت فقير جي ڌيءَ سان، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ڄايون ۽ ٻي شادي سن ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي گھرو سيڪريٽري يوسف لوڌيءَ جي ڌيءَ سان.


مُحمد يوسف جي پيءُ سڀ کان پهرين کيس ”ٻار سُڌار اسڪول“ ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو هو، پر سندس پڙهائيءَ سان اصل نه پئي ۽ هُو اسڪولن مان ڀڄي مُختلف اوتارن ۽ درگاهُن ۾ ٿيندڙ راڳن جي محفلن ۾ هليو ويندو هو ۽ اُتي جيڪو ڪلام يا ڪافي ڳائي ويندي هُئي، اُن کي ياد ڪري پاڻ ڳائيندو هو. اهو ڏسي، پڻس سندس اسڪول تبديل ڪري ڇڏيو ۽ چُک واري اسڪول ۾ ڇڏيائينس، جيڪو اڄ ڪلهه سيٺ ڪمال الدين ميمڻ اسڪول سڏجي ٿو. جتي هو، ڏاڍي زور ۽ جبُرَ سان مس مس پرائمري پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو هو پر اُتي به پڙهڻ ڇڏي مڪمل طور تي راڳ جي دُنيا ۾ گِھڙي پيو. هُن پهريائين حيدرآباد ۾ اُستاد غلام حُسين خان عُرف اُستاد بيبي خان جي قائم ٿيل موسيقيءَ جي ڪلب ۾ به داخلا ورتي هُئي. اُن ريت اُستاد غلام حُسين سندس پهريون اُستاد آهي. بعد ۾ هن اُستاد اُميد علي خان، اُستاد مُبارڪ علي خان ۽ سونا خان بلوچ کان به سکيو. سڀني کان وڌيڪ کيس خانصاحب منظور علي خان سيکاريو.

سندس پڙهڻ ۾ دلچسپي نه ڏسي مجبورن لونگ فقير کيس ٽنڊي آدم ۾ رهندڙ اُن زماني جي وڏي گويئي خانصاحب اُستاد منظور علي خان وٽ راڳ جي تربيت وٺڻ لاِ موڪليو، پر اوتان به هُو ڪيترا ئي ڀيرا ڀڄي آيو ۽ پوءِ کيس والد صاحب سمجھايو ته ”پُٽَ راڳ بابت اُتان ئي تو کي سڀ ڪُجهه مِلندو ۽ اُهو اُستادن وٽان خدمت وسيلي ئي ملندئي“. آخر اها ڳالهه مُحمد يوسف کي سمجهه ۾ اچي وئي ۽ پوءِ هُو ستن سالن تائي لاڳيتو خانصاحب کي رُڳو غور سان ٻُڌندو رهيو ۽ سندس گھر جو ڪم ڪار ڪندو رهيو ۽ پوءِ ستن سالن کان پوءِ جڏهن اُستاد منظور علي خانَ محسوس ڪيو ته هيءُ ڇوڪرو سکي سُٺو ۽ وڏو فنڪار بڻجي سگھي ٿو ته هُن کيس ڪافي، ڪلام ۽ نيم ڪلاسيڪيءَ جي اهڙي تربيت ڏني جو شايد ئي ڪو اُستاد پنهنجي اولاد کي ڏئي سگھي. اهڙيءَ طرح مُحمد يوسف تيرهن سالن تائين اُستاد وٽ سکندو رهيو. هُو محمد يوسف لاءِ چوندو هو ته مُنهنجي شاگردن مان جيڪا منزل هن ماڻي آهي، اُها ٻين کي ناهي ملي، ايستائين جو خانصاحب جو سڳو ڀاڻيجو وحيد علي به اُن منزل تي نه پُهچي سگھيو.

مُحمد يوسف کي الله سائينءَ سُهڻي آواز سان نوازيو هو. هُن جي ڳلي ۾ اهڙي سگھه هُئي جو هُو ڏکئي کان ڏُکيو سُر به ڳائي ويندو هو ۽ اُهو به جهڙو تهڙو نه، هو اُن ۾ اهڙو ته رنگ ڀريندو هو جو ٻوڌندڙَ موهجي ويندا هُئا. اهڙيون خوبيون تمام گھٽ فنڪارن ۾ ٿين ٿيون. هُن گھڻي ڀاڱي ڳايو ته سنڌيءَ ۾ ئي آهي پر اُن کان علاوه اُڙدو، سرائڪي ۽ بلوچي وغيره ۾ به ڏاڍو خوبصورت ڳايو اٿس. ڪافي، ڪلام، گيت، غزل، نظم، نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ غزل، ٺُمري ۽ دادرو وغيره وڏي مهارت سان ڳائيندو آهي.

هن پهرئين راڳ جي محفل ۱۹۵۱ع ۾ جيڪا لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) ۾ ٿي هُئي، جنهن ۾ تنهن وقت جو وزير پير علي احمد راشدي به شريڪ ٿيو هو، ڳائي هُئي. اها محفل اصل ۾ نون ڳائڻن وچ ۾ مقابلي لاءِ رکي وئي هُئي ۽ اُهو مُقابلو مُحمد يوسف نه رڳو کٽيو هو پر ايترو ته داد ۽ انعام مليس جو سندس قسمت ئي مٽجي وئي ۽ پوءِ هُن ريڊئي پاڪستان ڪراچيءَ تان ڳائڻ شروع ڪيو. اُتي کيس سنڌي شُعبي جي انچارج علي احمد چاڳلا مُتعارف ڪرايو هو. ناميارو براڊ ڪاسٽر ايم بي (مُحمد بخش) انصاري تڏهن اُتي انائونسر هو. شروع ۾هو ڳائڻ جي شوق ۾ حيدرآباد کان ڪراچي آيو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ جھوني مارڪيٽ جي صرافه بازار ۾ اُستاد مُبارڪ علي خان جي ڪلب ۾ رهيو. جتي رهي ڪجھه عرصي کانپوءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ آڊيشن ڏنائين ۽ پاس ٿي ويو. اُن وقت رُڳو ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن هوندي هُئي ۽ نئون نئون سنڌي پروگرام شُروع ٿيو هو. هو ريڊئي تي پنهنجي اُستاد مُبارڪ عليءَ کي ٻُڌائڻ کان سواءِ چوري چوري آيو هو ۽ جڏهن سندس ڪلام نشر ٿيو ته، جيڪو ٻين سان گڏ اُستاد مبارڪ علي خان جي پُٽَ قُدرت الله خان ٻڌو ته هو مٿس ڏاڍو ڪاوڙجي پيو ۽ جڏهن مُحمد يوسف پروگرام ڪري موٽيو ته هُن سان ڏاڍي حالت ڪيائين ۽ جواب طلبي ڪيائين ته هُو سندس اجازت کانسواءِ ريڊئي تي ڇو ويو؟ ان آڏي پُڇا ڳاڇا، تنبيهه ۽ زوردار ڌوم ڌمڪڙي کانپوءِ محمد يوسف ناراض ٿي واپس حيدرآباد هليو ويو ۽ وري نه موٽيو. پوءِ جڏهن ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن کُلي ته پاڻ اُتي ڳائڻ شُروع ڪيائين ۽ اُن وقت سندس عُمر پندرهن، سورنهن سال هُئي.

مُحمد يوسف جي محنت ۽ مليل تربيت جو اهو نتيجو نڪتو جو، سنڌي فلمن لاءِ پلي بيڪ سنگر جي حيثيت ۾ جهڙيءَ ريت مُحمد يوسف ڳايو، کيس سنڌ جو مهدي حسن چيو وڃي ٿو. موسيقيءَ جو ڄاڻو ممتاز مرزا صاحب مرحوم، نثار ميمڻ صاحب ۽ جھانگير قُريشي صاحب ته کيس مهدي حسن کان به مٿانهون سمجھندا هُئا. ڇاڪاڻ ته علم، آواز ۽ انداز ۾ محمد يوسف گھڻن کان مٿانهون آهي. سندس آواز کُليو ۽ صاف آهي. تنهن هوندي به مهدي حسن جي الڳ ۽ محمد يوسف جي الڳ حيثيت آهي، ٻئي هڪٻئي کان گھٽ يا وڌ ناهن.

سنڌي زبان ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيتريون به فلمون ٺهيون، انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ فلمن جا گانا محمد يوسف ڳايا. هن ننڍي کنڊ جي تمام وڏن ڳائڻن سان فلمي نغما ڳايا. انهن ۾ ميڊم نورجھان ۽ رونا ليلي وغيره شامل آهن. محمد يوسف جن فلمن جا نغما ڳايا انهن ۾ شهروفيروز، ليلا مجنون، مومل راڻو، مٺڙا شال ملن، جيجل ماءُ، رت ۽ اجرڪ، ڌرتي لال ڪنوار، محبوب مٺا، چانڊوڪي، سوني مُنهنجي ڌرتي، بادل، غيرت جو سوال، رنگ محل، سنڌڙيءَ تان صدقي، ۽ اُڙدو فلم عورت ايڪ ڪهاني شامل آهن. سندس پهرين فلم شهرو فيروز آهي، اُن فلم جو ڊائريڪٽر شيخ حسن ۽ موسيقار غلام علي هو، ان فلم جو نغمو ”راحت ملي ٿي درد ۾، ان پيار تان صدقي“ جنهن جو شاعر هو رشيد احمد لاشاري ھو. اهو محمد يوسف جو پهريون فلمي نغمو آهي.

ريڊئي پاڪستان لاڙڪاڻي جي اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر جهانگير قريشي صاحب جي روايت مُطابق ته جڏهن موسيقار غلام علي، محمد يوسف کي شهرو فيروز فلم جي ڊائريڪٽر وٽ ڳارائڻ وٺي ويو ته هُن مُحمد يوسف جي سُهڻي صورت ۽ قد بُت ڏسي چيو ته هُن کي فلم ۾ هيرو بڻائڻ چاهيان ٿو پر محمد يوسف راضي نه ٿيو ۽ نماڻائيءَ سان چيائين ته ”سائين اسين مڱڻهار ماڻهُو سو ڳائڻ کي ئي اوليت ڏينداسون. تنهنڪري مون کان ڳائرايو“.

اسان وٽ ادب، شاعري ۽ فڪشن وغيره ۽ شاعرن ۽ اديبن وغيره تي ڪتاب لکيا وڃن ٿا پر ڳائڻن تي نَھ جي برابر لکيو ويو آهي. رُڳو اُنهن جون آڊيو يا وڊيو ڪيسٽون ئي نڪرن ٿيون. ريڊيو ۽ ٽي وي ئي کين پذيرائي ڏين ٿا ۽ محمد يوسف به اهي سمورا وسيلا ڪتب آندا. ان کان سواءِ محمد يوسف انهن ڀاڳ ڀرين مان آهي، جن تي شاه جي پارکوءَ، موسيقي ۽ ثقافت جي ڳاڻوءَ ۽ نالي واري اديب ممتاز مرزا صاحب پورو ڪتاب لکيو آهي. ان ڪتاب جو نالو رکيائين ”سپيريان سنديون ڳالهڙيون.“ ان ڪتاب ۾ سائين ممتاز مرزا لکي ٿو ته؛ محمد يوسف صحيح معني ۾ سورهن سترهن سالن جي عمر ۾ مقبوليت حاصل ڪئي. ماڻهو پنهنجي شادين جي تِٿِ محمد يوسف جي تاريخ ڏيڻ تي ٻڌندا هُئا. جڏهن هو محفل ۾ پُهچندو هو ته ميزبان پنهنجيون اکيون وڇائي، اُڀ کَڙو بيهي رهندو هو. شادي ھجي يا ٻي ڪا تقريب، محمد يوسف ماڻهن جي دلين تي پنهنجي سُرَ ۽ لئي سان راڄ ڪندو هو، ۽ ماڻهن به نه رُڳو هُن کي دل سان ڀانيو پر کيس دُهرا دان به ڏنا. ٿورڙي ئي عرصي ۾ هُو سنڌ جي راڳ جي دُنيا جو مهانگو ۽ مشهور ڳائڻو بڻجي ويو.

پئسي جي اوچتو آمد، محمد يوسف کي شاھ-خرچ بڻائي ڇڏيو. اوتارن ۽ خانقاهن جي راڳ واري رمز کي لهڻ ۽ سمجھڻ لاءِ هُن جا اُتي ڦيرا هُئا ۽ اُتي جون مڙئي روايتون هُن پنهنجون ڪيون. هُو شاعريءَ جي هر صنف جهڙوڪ: حمد، نعت، ڪيڏارو، قصيدو، وائي، ڪافي، گيت، غزل، نظم، نيم ڪلاسڪي راڳ ۽ راڳڻيون، قومي نغما، ٻارڙن لاءِ نغما وغير وغيره ڳائيندو هو. هُن پنهنجي مُلڪ جي مُختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان علاوه ڏيساور ۾ انگلينڊ، دُبئي، بيلجيم، روس، جرمني ۽ چين وغيره ۾ پنهنجي لاثاني فن جو مُظاهرو ڪيو.

محمد يوسف کي ٻه ڀيرا پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ، چار دفعا شاه لطيف ايوارڊ، چار مرتبا قلندر شهباز ايوارڊ، ۽ ٽي ڀيرا سچل سرمست ايوارڊ مليا. هن کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته سڀ کان پهرين شاھ لطيف ايوارڊ کيس ئي مليو آهي. بالآخر دُنيا جون سڀئي رمزون ماڻي، ننڍي کنڊ جو هي نالي وارو راڳي ۽ سنڌ جو مهدي حسن ۱۴ فبروري ۱۹۹۷ع ۾ سڀني کان وڇڙي ويو. انا لله و انا اليہ راجعون. بيشڪ هر وُجود الله لاءِ ئي آهي ۽ بيشڪ هر وُجود کي اُن طرف ئي موٽڻو آهي.


 

استاد محمد يوسف

سنڌي راڳ جي راڻي جي ياد ۾

ابراهيم لاشاري

سياڻا چون ٿا ته موسيقي روح جي غذا آهي، هن جي ابتدا پراڻي زماني کان ٿي آهي ۽ سنگيت جو هر ساز هن وقت تائين جاري ساري آهي هن سونهن ڀري سنسار جي رونقن ۾ اضافو ڪندي ڪيترا ئي فنڪار پنهنجي آواز جو جادو جڳائي وڏا وڏا اعزاز ۽ خطاب حاصل ڪري پنهنجي واري وڄائي ويا، ڪيترا ئي انهي جستجو سان هن وقت به لاڳاپيل آهنم هن جنت نما ڌرتي جي ٽڪري جي ٿڌين هوائن واري شهر حيدرآباد جي ٽنڊي طيب جي ڀرسان ٽئين تلاءَ جي دين علي شاهه محلي ۾  مهڱڻهار قبيلي جي سر سنگيت جي سازندي لونگ فقير جي گهر ۾ محبت جي عالمي ڏينهن واري تاريخ ۱۴فيبروري ۱۹۴۰ع ۾ اربع ڏينهن  جو پرهه ڦٽي سويل واري ساعت ۾ هڪ حسين جميل اکين جي ٺار پٽ جنم ورتو جنهن جي ڇٺي جو نالو (محمد يوسف ) رکيو ويو، جيڪو اڳتي هلي (استاد محمد يوسف) جي نالي سان هن سونهن ڀري ڌرتي تي مشهور ٿيو، راڳ ۽ سازن واري گهر جي ماحول  ۾ جنم وٺندڙ هن نينگر تي ابتدا کان وٺي وڏو اثر ٿيو.

سندس والدين کيس پڙهڻ واري عمر ۾ اسڪول وٺي ويا اسڪول ۾ داخلا ته ورتائين، پر موسيقي واري مزاج ۾ هن جي رڳ رڳ ۽ رت ۾ سر سنگيت جا سر پئي سرجيا، اسڪول منجهان سبق وٺي اڌ ڏينهن پڙهي پوءِ سڄو ڏينهن سرن سان روح پيو وندرائيندو هو، بس نصابي تعليم ۾ ڌيان گهٽ موسيقي واري علم ۾ رڳو ڌيان ڌريائين ڪلاس مان گسائي وڃي فقير جي مزارن تي سرن کي دل سان پيو ڳائيندو هو سندس والد لونگ فقير پنهنجي لاڏي پٽ کي پڙهائڻ جا وڏا وس ڪيا پر هن مهان فنڪار جي پڙهائي سان بنهه نه پئي لڳي محمد يوسف جا وڏا موسيقي جي دنيا ۾ ڏاڍو مشهور هوندا هئا سندس چاچو زوار (بسنت فقير) شرناءِ سندس والد وري پڪواز وڄائڻ جا واهه جو ماهر هوندا هئا، هنن ٻنهي موسيقي راڳ واري دنيا جي وڏن وڏن نالن سان سنگت ڪري پنهنجي پنهنجي مهارت جو جادو ڏيکاري پنهنجو نالو نروار ڪيو، سندس فن کي اڄ به ياد ڪيو پيو وڃي،

محمد يوسف راڳ جو راڻو راڳ سکڻ ۾ ايترو ته ننڍي وهي ۾ محو ٿي ويو جو (استاد بيبي خان) جي ڪٽنب منجهان استاد اميد علي خان وٽ مڪمل چار سالن جي عرصي تائين موسيقي جي سکيا ۽ گر سکندو رهيو تنهن بعد ايشيا جي عظيم راڳي خانصاحب استاد منظور علي خان وٽ باقاعدي شاگردي جو ڳانو ٻڌرايو سندس جي خدمت ۾ (تيرهن سال) ساز سکندي سکندي وڃي وڏي منزل ماڻيائين مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿئي ٿو ته محمد يوسف وقت به وقت مختلف استادن کان راڳ جي سکيا وٺندو رهيو، انهن ۾ استاد غلام حسين عرف بيبوخان، استاد منظورعلي خان، استاد اميد علي خان، استاد مبارڪ علي خان، ۽ سونا خان بلوچ جي خدمتن ۾ وقت گذاري رياضت پڻ ڪندو رهيو، سنڌ جو هي ناليوارو فنڪار سنڌي، سرائيڪي، اردو، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ ٻين ٻولين ۾ به وڏي مهارت سان پنهنجي فن کي جرڪائيندو رهيو، محمد يوسف فن جي دنيا جو نرالو آواز هو، پاڻ ڪلاسيڪل ۽ لوڪ موسيقي جو زبردست ڄاڻو هوندو هو سنڌ جيوهي نرالي انداز جي مالڪ راڳي سنڌي شاعري جي مڙني صنفن جهڙوڪ وائي، گيت، غزل، نظم، قصيدو، نعت، حمد، ڪافي، قومي نغما، ٻارڙن لاءِ نغما ڳائي ٻڌڙن جي دل ئي ٺاري ڇڏيندو هو، سندس مشهو ڪلامن ۾ (لڳي ڏکڻ جي هير )۽ (ننگر ننگر ۾ گيت ٿو ڳايان )  کي چاهيندڙن مان وڏي پذيرائي پڻ ملي محمد يوسف کي پنهنجي ڏيهه کان علاوه پرڏيهه ۾ به ٻڌو ويو،

محمد يوسف دنيا جي مختلف ملڪن جرمني، چين، برطانيا، روس ۽ متحده عرب امارات ۾ به ڳائي ماڻهن کي جهومائي داد حاصل ڪندو رهيو راڳ جي هن من موهيندڙ آواز محمد يوسف نه رڳو ريڊيو، ٽي وي پر ان کان علاوه هن فلمن ۾ به بهترين انداز ۾ ڳايو اڪثر سنڌي فلمن جا نغما محمد يوسف جي آواز جي سونهن سان سرشار آهن انهن ۾ ڌرتي لال ڪنوار، ليلا مجنون، ڌرتي ۽ اجرڪ، مومل راڻو، بادل، چانڊوڪي، رنگ محل، شهرو فيروز، محبوب مٺا، غيرت جو سوال، سنڌڙي تان صدقي، انهن کان علاوه هن اردو فلم (عورت ايڪ ڪهاني) جا نغما پڻ ڳائي اعزاز حاصل ڪيو،

لوڪ موسيقي جي هن ناليواري راڳي کي ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پهريون ڀيرو محمد علي چاڳلا ٻڌي معتارف پڻ ڪرايو جڏهن پاڻ ۱۵ سالن جي عمر کي رسيو ته هن ريڊيو تي مسلسل ڳائي ريڊيو جي لهرن وسيلي پنهنجي چاهيندڙن کان داد ۽ مشهوري ماڻيندو رهيو سر سنگيت جو هي وڏو ڄاڻو پنهنجي مٺڙي آواز سان سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن، ميلن، محفلن، اسٽيج کي هميشه رونقون بخشدو رهيو پاڻ دنيا جي وڏي مان وڏي شاعر جي شاعري کي دل سان پيو ڳائيندو هو جڏهن لطيف سرڪار جي ورسي جي موقعي تي (لطيف ايوارڊ ) ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته سنڌ جي هن ليجنڊ فنڪار کي اهو اعزاز حاصل ٿيو ته کيس پهريون ايوارڊ ۳۱مارچ ۱۹۸۰ع ۾ حيدرآباد جي اوپن ايئر ٿيئٽر ۾ منعقد ٿيل تقريب منجهه ان زماني جي وقتي سنڌ جي گورنر (ايس ايم عباسي) هٿان  هن حاصل ڪيو تنهن بعد سال ۱۹۸۲ع ڌاري حضرت سچل سرمت جي ۱۶۰ عرس مبارڪ جي تقريب ۾ (گولڊ ميڊل) جي اعزاز سان نوازيو ويو، راڳ جي سهڻي آواز انداز جي مالڪ هن عظيم راڳي کي اها فخر جهڙي ڳالهه آهي ته هي واحد سنڌي فنڪار هو جو حڪومت پاڪستان سندس کي (ٻه ڀيرا) صدارتي ايوارڊ (تمغه حسن ڪارڪردگي) سان نوازيو ويو ان کانسواءِ ليجنڊ سر سنگيت جي لاجواب فنڪار چار ڀيرا لطيف ايوارڊ، ٽي ڀيرا سچل ايوارڊ، چار ڀيرا قلندر ايوارڊ پڻ پنهنجي فن جي مهارت سان حاصل ڪري ورتا، جيڪا پڻ ڪنهن فنڪار لاءِ وڏي اعزاز کان ڳالهه گهٽ ناهي،

محمد يوسف سال ۱۹۶۴ع ڌاري پنهنجي سوٽ سان نڪاح ڪري شاديءَ جا موڙ ٻڌا، ان گهرواري منجهان رب سائين کيس (ٻن نياڻين) جي اولاد سان نوازيو، تنهن بعد محمد يوسف کي پٽاڻي اولاد جي خواش دل ۾ جاڳي تنهن بعد ۱۰ سالن بعد سال۱۹۷۴ع ڌاري پڙهيل لکيل ڪٽنب سنڌ حڪومت جي اڳوڻي گهرو سيڪريٽري (محمد يوسف لوڌي) جي نياڻي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو، جنهن منجهان پڻ کيس هڪ نياڻي جي اولاد ٿي سنڌ جو هي البيلو راڳي پنهنجي سالگرهه واري ڏهاڙي ۱۴فيبروري سال ۱۹۹۷ع جمعي جي ڏينهن ۵۷ سالن جي عمر ۾ راڳ جا سڀ سر ساز بند ڪري سنڌي ڪلاسيڪي راڳ کي ڇورو ڇنو ڪري ۲۱سال اڳ اسان سنڌ واسين کان رسي هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، سنڌ جي هن عظيم راڳي جي اڄ ۲۱هين ورسي سڄي سنڌ ۾ ملهائي ويندي منهنجي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي اعلي عملدارن کي گذارش ته هن ليجنڊ فنڪار جي ورسي سرڪاري سطح تي ملهائڻ گهرجي.


 

استاد محمد يوسف

سريلي راڳي جي وڇوڙي جو ڏينهن

طارق عزيز شيخ

سنڌ جو سريلو راڳي استاد محمد يوسف سنڌ جو سريلو راڳي استاد محمد يوسف اڄوڪي ڏينهن يعني ۱۴ فيبروري ۱۹۹۷ع تي اسان کان وڇڙيو ھو. منھنجي جنم ڀوميءَ حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي طيب ۾ مڱڻهارن جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ محمد يوسف ننڍي ھوندي کان ئي ڳائڻ وڄائڻ جي سکيا ائين وٺندو رھيو جو دھل شرنائي نه وڃي ته سندن پيٽ گذر نه ٿئي.

سندس پيءُ لونگ فقير ماھر مڱڻهار ھو انھيءَ ڪري يوسف ھن جي تربيت ۾ سر تار کي سمجھي ويو مٿان وري رب پاڪ سندس آواز کي سھڻو بڻائي وڌو ته موسيقيءَ جي ميدان ۾ لھي پيو. اھڙي زماني ۾ استاد منظور علي خان جھڙي عاليشان گلوڪار کان ڳائڻ سکيو ته منڊيءَ تي ٽڪ جيان جڙي پيو. انھن ڏينھن ۾ سنڌ جي نامياري اديب، عالم، ريڊئي ۽ ٽي وي جي مقبول ميزبان ممتاز مرزا سان موسيقي جي پروگرامن ۾ ملاقات ٿيس.

ٻنهي جو واسطو ڏينھون ڏينهن ويجھو ٿيندو ويو. ريڊيو ٽي وي کان ويندي شاھ لطيف جي عرس تي ٿيندڙ محفل موسيقيءَ توڙي ڏيھي پرڏيهي ثقافتي پروگرامن ۾ گڏ رھندا آيا. بعد ۾ ممتاز مرزا، محمد يوسف جي زندگيءَ تي شاندار ڪتاب سپيريان سندي ڳالهڙي؛ لکيو. ٻنهي ثقافت جي ستارن جو وڇوڙو به ساڳئي سال ۱۹۹۷ع ۾ ئي ٿيو.

محمد يوسف سر راڻو ڳائڻ جو ماھر ھو. ھن جي آواز ۾ راڻو ٻڌندڙن مٿان جادو طاري ڪري ڇڏيندو ھو. سندس آواز ايترو متاثر ڪندڙ ھو جو ممتاز مرزا پنهنجي ڪتاب سپيريان سندي ڳالهڙي ۾ لکيو آهي ته ملڪ جي مايه ناز گلوڪاره نورجهان سان سنڌي فلم لاءِ گانو رڪارڊ ڪرائڻ جو جڏهن موسيقار فيصلو ڪيو ته نورجهان اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل گلوڪار سان ڳائڻ کان نٽائي رھي ھئي پر گانو رڪارڊ ڪرائڻ بعد نورجهان کي يوسف جي آواز ايترو متاثر ڪيو جو ھن يوسف کي ٿپڪي ڏيندي کيس شابس ڏني.

سنڌ جو ھي سريلو ڳائڻو ھميشه اسان جي دلين ۾ زنده رھندو جھڙي ريت اڄ ياد آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا