; سنڌي شخصيتون: مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي - طارق عزيز شيخ

22 September, 2013

مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي - طارق عزيز شيخ

مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي
شاعر، عالم ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر
طارق عزيز شيخ
مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي انگريزن جي دور جو ناميارو شاعر هو. هن جو جنم سنڌ جي علمي ادبي مرزا گهراڻي ۾ ٿيو جيڪو صدين کان وٺي سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. مير عبدالحسين سانگي، محمد بخش واصف، محمد صديق مسافر، محمد هاشم مخلص، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، شمس الدين ”بلبل“، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ مولانا دين محمد وفائي جهڙا ادب جا ستارا هن جا همعصر هئا.

مرزا گل حسن ۱۸۸۰ع ۾ حيدرآباد ۾ مرزا دوست محمد جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ئي حاصل ڪئي جيڪا عربي ۽ فارسي ۾ هئي. علمي ادبي ماحول جي ڪري ننڍپڻ کان ئي شعرو شاعريءَ جو شوق جاڳيس ۽ طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. ڪچا ڦڪا شعر بلوغت واري ڄمار ۾ ئي لکيائين جنهن جي اصلاح سندس والد ڪندو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي هن جي شاعريءَ ۾ پختگي اچي وئي. شروع شروع ۾ مرزا گل حسن بيگ مذهبي شاعري ڪرڻ لڳو، بعد ۾ ٻين صنفن ۾ ڪلام چيائين. حيدرآباد ۾ علمي ادبي ماحول قديم زماني کان ئي هلندو آيو آهي سو مرزا صاحب جي جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ به مشاعرن جو انعقاد ٿيندو هو جنهن ۾ وڏيون ادبي شخصيتون شرڪت ڪنديون هيون. پهريون مشاعرو سندس زندگيءَ جو ۱۹۱۷ع ۾ ٿيو، جنهن ۾ غزل پڙهيو هئائين. هن مشاعري جو ميزبان محمد بخش واصف هو. پاڻ نعت جي شعر تي سٺي مهارت رکندو هو. فارسي شاعرن جو مطالعو شوق سان ڪندو هو. مرثيو پڻ تمام سهڻو چوندو هو. سنڌيءَ کان علاوهه فارسيءَ ۾ به هن شاعري ڪئي. حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شان ۾ سندس ڪلام پڻ ملي ٿو.
مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ جو تخلص رکندڙ هو. مير عبدالحسين سانگي سندس تمام ويجهو دوست رهيو. هنن ٻنهي ڪيترائي مشاعرا گڏجي ڪيا. سندس وقت جي مشهور عالمن ۽ اديبن سان دوستيءَ به گهڻي رهي. ساڻن اڪثر خط و ڪتابت به ڪندو رهيو جيڪي خط سندس پونيرن وٽ سانڍيل آهن. مرزا گل حسن بيگ غزل، رباعي، نظم، نعت، حمد، مثنوي، مرثيو، قصيدو، سلام، مدح ۽ بيت چيا. سندس شاعريءَ جو هڪ نمونو هيءُ آهي.
هي شب غم جي مصيبت هڪ عذاب زندگي،
ويو لڪي هن تيرگي ۾ آفتاب زندگي.
رنج دنيا، خوف عقبيٰ، بار غم، فڪر معاش،
هڪڙي جانِ ناتوان ٿي سَوَ عذاب زندگي.
وقت نزاع دل تي روشن ٿي ويو هي مون تي راز،
ٿيو فنا تعبير ان جو خوب زندگي.
مرزا گل حسن بيگ جو ديوان اڻ ڇپيل شڪل ۾ سندس فرزند مرزا نجم الحسن وٽ موجود آهي جيڪو سنڌي شاعريءَ جو انمول تحفو آهي، پاڻ ريڊيو تي بهترين پروگرام ڪيائين. هو ۱۹۵۳ع ۾ جڏهن ميونسپالٽي جي نوڪريءَ تان ريٽائر ٿيو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. جڏهن ريڊيو تي ويندو هو ته ساڻس گڏ پٽ سندس ممتاز مرزا به ويندو هئو جيڪو وڏو ٿي ناميارو اديب، ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ڪمپيئر به ٿيو.
مرزا گل حسن بيگ جي شاعريءَ ۾ فارسي انداز جو گهڻو اثر ڏسڻ اچي ٿو ۽ زيرِ اضافت جو استعمال پڻ ٿيل آهي جهڙي طرح ان زماني جي شاعرن جو ڪلام هوندو هو جيئن هن شعر ۾ ڏسڻ اچي ٿو.
لازم ٿيو بشر طاعت باري ۾ رهي،
۽ خوف خدا کان آهه و زاري ۾ رهي،
دنيا ۾ هجي رنج يا راحت ”احسن“،
هر طرح مگر شڪر گذاري ۾ رهي.
مرزا صاحب سنڌي کان علاوهه فارسي ۽ اردو ۾ به مضمون لکيا آهن. هن ۸۰ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۹۶۲ع ۾ حيدرآباد وفات ڪئي. آخر وقت تائين لکڻ پڙهڻ سان چاهه رهيس. سندس شعرن جو وڏو تعداد اڃا به سندس پونيرن وٽ سانڍيل آهي جيڪو سنڌ جا ادبي ۽ اشاعتي ادارا چاهين ته شايع ڪراِئي سگهن ٿا. هيءُ قادرالڪلام شاعر، هر موضوع تي ڪلام چئي ويو آهي جنهن کي ريڪارڊ تي آڻڻ لاءِ ڪوشش وٺي ڇپائڻ گهرجي. هن اڻ ڇپيل مواد کي منظر عام تي آڻڻ سان سنڌي ادب کي لاڀ حاصل ٿيندو.


No comments:

راءِ ڏيندا