; سنڌي شخصيتون: پروفيسر عزيز پلي

22 September, 2013

پروفيسر عزيز پلي

پروفيسر عزيز پلي

تعارف



سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي جو استاد ۽ ناميارو ليکڪ، پروفيسر عزيز پلي، ۲ مارچ ۱۹۶۰ع تي ڳوٺ منعم پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. هي جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ پڙهندو هو ته کيس ادب مان دلچسپي پيدا ٿي ۽ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيائين. هن ۱۹۸۵ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب مان ايم اي ڪئي ۽ ترت ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هي نه رڳو هڪ سٺو استاد هو، پر گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب، خاص ڪري انگريزي ادب جو وسيع مطالعو رکندو هو. سندس پسند جي صنف ’ناول‘ هئي. کيس شاهه لطيف سان عشق هو. هن شاهه لطيف ۽ شيڪسپيئر تي تمام گهڻو مطالعو ڪيو ۽ ٻنهي جي تقابلي مطالعي بابت ڪلاس ۾ اڪثر ليڪچر ڏيندو هو.


سادي مزاج رکندڙ عزيز پليءَ جو پنهنجن شاگردن سان هميشه دوستاڻو رويو هوندو هو. يونيورسٽيءَ ۾ پنجويهن سالن تائين پڙهائيندي پروفيسر جي عهدي تي پهتو، پر سندس مزاج ۽ طبيعت ۾ ساڳي لچڪ ۽ سادگي برقرار رهي.

عزيز پليءَ کي انگريزي ادب سان گڏ فرينچ، اٽالين، روسي ۽ فارسي ادب تي به درسترس هئي. هو مختلف وقتن تي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم ۽ مضمون لکندو رهندو هو. سماجي، طبقاتي نظام جا ويڇا، عام انسانن جا درد ۽ سندن درد ڪٿائون، هن جي لکڻين جا هميشه موضوع رهيا. پوئين دور ۾ هو انتهائي منتشر ذهن رهيو، ڪيترا ڏسڻا وائسڻا دوست ساڻس سندس ذهني پريشانين کي ڏسي کانئس مُنهن مَٽي ويا، جنهن جو کيس تمام گهڻو ارمان رهيو. هو حساس ۽ جينيئس شخص هو. زماني، ماحول ۽ دوستن جي رويي هُن کي فراريت ۽ مايوسيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڌِڪي ڇڏيو، پوءِ به هو جڏهن لکندو هو ته سندس لکڻيون پڙهندڙن تي ڪافي متاثر ڪنديون هيون.

پروفيسر عزيز پليءَ، ۹ نومبر ۲۰۰۹ع تي وفات ڪئي.

 

(انسائيڪلوپيڊئا سنڌيانا تان کنيل)


 

پروفيسر عزيز پلي

ھڪ ديومالائي ڪردار

شوڪت لوهار

زندگي به ائين ئي آهي؛ پاڻيءَ سان، پاڻيءَ جي مٿان، پاڻي لِکڻ! واقعي زندگي جي عجيب گوناگونيت ۽ پراسراريت اڄ تائين ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي. هي هڪ اهڙو حساب آهي، جنهن جو ڪو به حل/جواب نه آهي. ”سيموئل بيڪٽ“ چواڻي ته هي هڪ Absurd دنيا آهي. سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه، ڪجهه به نه هوندي به سڀ ڪجهه.

وجوديت جون ڳالهيون تهائين وڌيڪ چٽيون ٿيون هيون جڏهن ان ڳوڙهي فلسفي کي هڪ عام فهم ڳالهين ذريعي هن اهڙي نموني سمجهايو هو جو اسين سڀ دنگ رهجي ويا هئاسين.

جڏهن اڃان ڳوٺ ۾ ئي هئس ته گهڻن دوستن جو اِهو اسرار ته اوهان ڀلي سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ۾ ايم اي ڪيو پر گهڻن اِهو پڻ ٻڌايو ته اتي چڱن ڀلن جي دال نه ٿي ڳري ۽ توکي ڇو ٿو ازل کڻي؟ سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي ڊپارٽمينٽ جو انداز سڀني کان نرالو آهي. مارڪن جي حوالي سان اهڙي سختي آهي جو خود شيڪسپيئر به جيڪڏهن هتي پڙهي ها ته ان کي به پنهنجي ئي لکيل ڊرامي هيملٽ (هونئن ته گهڻا ئي آهن پر وڌيڪ مشهور هجڻ ڪري) سپلي لڳي وڃي ها! بهرحال آئون تلوار کان تکي ۽ وار کان سنهي انگريزي ادب جي ڊگري ماڻڻ لاءِ هتي اچي پُهتس. تقريبن اهڙا ئي ڏينهن هئا جڏهن ڄامشوري اچي پڙاءُ وڌو هو.

اهو ڪلاس ۾ پهريون ڏينهن هو، صبح جو وقت هو آرٽس فيڪلٽي جي ديومالائي ماحول ۾ صبح صبح سان سڀ ڪجهه هڪ خواب مثل ئي ته لڳي رهيو هو.

اسين سڀ شاگرد انتهائي پرجوش ويٺا هئاسين ۽ پروفيسر جو انتظار ڪري رهيا هئاسين جنهن کي انگريزي ادب سان تعارف تي ليڪچر ڏيڻو هو ۽ ان کي انگريزي ادب جي تاريخ جو مضمون پڙهائڻ لاءِ ڏنو ويو هو. پرائمري کان پي ايڇ ڊي تائين سڀئي استاد محترم ۽ عزت مآب ٿين ٿا ۽ منهنجي نظر ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ جيڪو هاڻ هڪ انسٽيٽيوٽ جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي ۾ سڀئي استاد انتهائي شفيق مهربان ۽ پنهنجي پنهنجي مضمونن ۾ تمام گهڻي مهارت رکندڙ هئا اهي سڀ مون کي تمام گهڻا پيارا آهن، انهن جي پڙهائڻ جو انداز مون سميت ڪنهن به شاگرد کان نه وسري سگهيو هوندو. اهو سڀ ڪجهه هوندي به پنهنجي Evaluation ۾ ايترا سخت ۽ ايماندار جو رزلٽ اچڻ تي ڪنن مان دونها نڪري ويندا هئا.

پروفيسر ڪلاس ۾ داخل ٿيو، جنهن کي جينز جي پينٽ ۽ شرٽ مٿان واسڪٽ، چهري تي انتهائي سنجيدگي، مٿي تي تمام گهٽ وار هڪ عينڪ چهري تي چڙهيل ۽ ٻئي عينڪ واڳين سان سيني تي لڙڪيل.

جڏهن هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته، مون سميت گهڻن ئي دوستن جي دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويا جيڪي انگريزي ادب جي ٽريلر مان واقف هئا پر کين ڇا خبر ته اڃا پوري فلم باقي پيئي هئي.

هن استاد جو انداز جيڪو ڪڏهن به ڪنهن کان وسري نه سگهيو آهي نه وسري سگهندو. ٿيندو ائين آهي ته تعارفي ڪلمات هميشه ڪجهه اهڙا هُجن جن سان ائين محسوس ٿئي ته هي سڀ ڪجهه آسان آهي ۽ اسين ڪنهن نئين دنيا ۾ داخل ٿي رهيا آهيون وغيره پر هن پروفيسر ڇا چيو اهو ٻڌو:

Now the question arises, that you students who are coming from Sarkari (Govt) schools, by learning active and passive voice have joined English department and you want to learn English literature; I think you are mistaken or haven been made fool when you will be bombard with allegory, symbolism and existentialism, you mind will burst out, you will weep and runaway. But if you are committed, devote yourself rather than enjoying here and there.

اهي ابتدائي ڳالهيون نه هيون ڄڻ هٿوڙا هئا، جيڪي اسان سڀني جي مٿن مٿان وسي رهيا هئا. مختصرن تت اِهو ته سائين فرمايو توهان جيڪي سرڪاري اسڪولن مان پڙهي آيا آهيو ۽ فعل معروف ۽ مجهول پڙهي، انگريزي ادب پڙهڻ آيا آهيو، اهي غلطي تي آهيو، ڇاڪاڻ ته انگريزي ادب جي ٽرمينولوجي پڙهڻ کانپوءِ اسان جا دونهان نڪري ويندا.

جي ها اِهو مانوارو استاد هڪ ديومالائي ڪردار، بظاهر ٿر جي تپندڙ واري جهڙي گرمي رکندڙ پر اندر ۾ ٿر جي ڀٽن تي پوندڙ مينهن ڪڻين جهڙي ٿڌاڻ ۽ نيري اُڀ جهڙي اڇاڻ ۽ اجرائپ رکندڙ ماڻهو هو پروفيسر عزيز پلي، جيڪو سڀ ۾ رهندي سڀ کان جدا ۽ سڀ کان جدا رهندي سڀني سان گڏ. هن استاد پهرين ئي ڏينهن ڄڻ ڪلاس روم ۾ قدم نه رکيو هو پر منهنجي دل ۾ قدم رکيو هو. پروفيسر عزيز پلي جيڪو بظاهر اسان جي هن ٻيائي ۽ منافقت جي ور چڙهيل سماج ۾ هڪ Anarchist طبيعت رکندڙ ماڻهو هو. هن کي ڪنهن جي پرواهه ڪو نه هوندي هئي، پنهنجي به نه، تنهن ڪري ئي ته هن شروع کان وٺي پنهنجو پاڻ کي دنياوي منافقي جي ڪٽ کي پنهنجي اندر ۾ اوتجندڙ انگريزي ادب جي مڌ سان پنهنجا سڀئي ٻاهريان خول لاهي اڇلي ڇڏيا هئا.

پروفيسر عزيز پلي جڏهن به جيڪو به پڙهائيندا هئا وري ان جهڙو ڪڏهن ڪو به پڙهائي نه سگهندو. هو ليڪچر دوران انگريزي، اردو، سنڌي، فارسي، عربي، پنجابي، بروهي، بلوچي ۽ نه ڄاڻ ڪيترين ٻولين سان لاڳاپيل مثال ڏيڻ، حوالا ڏيڻ، ڳالهائيندي ڳالهائيندي انگريزي ٻولي ۾ پنهنجا لفظ ٺاهڻ، پنهنجا محاورا جوڙڻ، کين پنهنجي پڙهائڻ تي ايترو ناز هوندو هئن جو ايترو جذباتي ٿي ويندا هئا جو هو انگريزي ادب جي تاريخ پڙهائيندي چوندا هئا ته بابا ڊچيز نه پڙهو توڙي ڊچيز جو پيءُ پڙهو انگريزي ادب ڇا ڪو به ادب بس هن هڪ شعر تي ختم آهي ۽ توهان جي سمجهه کان ٻاهر آهي ته:

تيري دو ٽڪيا ڪي نوڪري

ميرا لاکون ڪا ساون جائي!

ليڪچر دوران ئي پنهنجي نرالي انداز ۾ چوندو هو.

Chaucer was the great poet of English language and literature, he was founder, fountain and father of English literature. “This is your teacher.”

Chaucer did not do anything for the common people. People were dying from hunger and plague he was singing the songs of courts, that why he was nothing but a reference as Aziz Palli.

پڙهائڻ دوارن انگريزي ادب جي ليکڪن تي اهڙي تنقيد ڪرڻ مون سائين عزيز پلي کان ئي سکي هئي.

هن جي آفيس ۾ سدائين چهچٽو لڳل رهندو هو. چهچٽو اهو ته هي ڇا هو ڇا؟ پر دنيا جي ادب جي باري ۾، دنيا جي سياست جي باري ۾، سائين جي آفيس ۾ دنيا جي سڀني باغين جا فوٽو لڳل هوندا هئا. هنن جي حوالن ۾ هميشه سيفو، خانم گگوش، سمن دي بوئر، قرت العين حيدر، ميران ٻائي جون ڳالهيون ٻُرنديون هيون. هو عورتن کي ڪمزور سمجهڻ ۽ انهن کي صرف رڌڻي تائين محدود مخلوق هجڻ جي سخت خلاف هوندو هو.

جڏهن فائنل ۾ ٿياسين ته ويسٽرن لٽريچر پڙهائڻ دوران هن جڏهن هيمنگوي جي Fare well to arms تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته شاگردن جا وات پٽجي ويا ته هڪ ٽائيٽل تي ايترو ڳالهائڻ ڪمائتو ۽ ڪارائتو ڳالهائڻ.

Fare well to arms جيڪو هيمنگوي جي چند ناولن مان هڪ شاهڪار ناول آهي ۽ ان ۾ جنگ ۽ پيار جي موضوع تي اڻيل ان جي پلاٽ هر پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. ناول جي هيروئن ڪيٿرين بارڪلي جي قرباني ۽ هيرو هينري، جيڪو جنگ ۾ هڪ سپاهي هو جي رولاڪين تي ٻڌل خوبصورت انداز ۾ لکيل، پر سائين عزيز پلي ان جي تعارف کي اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو ۽ اهو چيائين ته:

Hemingway has shown that the hero Henry has drank the drums of wine and without formal social contract Catharine has been pregnant.”

But in your class all the birds are in black! How can I talk? Until the veils should be unveil it is difficult for me to teach you western literature.

هڪڙي اسان جي دوست سائين کان پڇا ڪئي ته سائين فيض احمد فيض جي شاعري سمجهه ۾ نٿي اچي. تنهن تي سائين سگريٽ جو وڏو ڪش هڻندي چيو ته فيض جيڪڏهن توهان جهڙن امتحان پاس ڪندڙن شعوري طور منڊڪائيندڙ لاءِ شاعري ڪري ها ته اوهان کي ضرور سمجهه ۾ اچي ها. توهان لاءِ بهتر آهي ته ادب ڇڏي وڃي بسن ۾ دوائون کپايون!

Literature cannot be taught it is something which spring from within- It is unreachable curriculum. Study of human feelings, whose short course is not possible!

هو اوهان کي هميشه حيدرآباد جي نسيم نگر، قاسم آباد جي پڪوڙا اسٽاپ تي پنڌ هلندي ملي ويندو هو ۽ اوهان کان پڇندو ته اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب ٿو پڙهين؟ اِهو سوال گهڻن ئي دوستن کي ڇرڪائي وجهندو هو جيڪي گائيڊن جي سهاري انگريزي ادب جا پيپر پاس ڪري خدا خدا ڪري جان ڇڏائيندا هئا. پروفيسر عزير پلي جواب ۾ چوندو هو ته اڄڪلهه پئبلو کي پيو پڙهان، يار دوستو وسڪي Crime and punishment ۾ ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، فڪشن بس دوستو وسڪي تي دنگ آ، مارڪيز به چڱو ٿو لکي، پالو ڪوئلو بس مارڪيٽي ليکڪ آهي وغيره وغيره پنج منٽن ۾ اوهان کي پوري دنيا جي ادب جو سير صرف سائين عزيز پلي وٽ ئي ممڪن هئي.

سينٽرل لائبريري وٽ اوچتو ملي ويندو هو ته سائين جيڪڏهن ڪنهن شاگرد جي هٿن ۾ ادب جي ڪتاب جي گائيڊ ڏسندو هو ته هن تي سانوڻ جيان وسي پوندو هو. ”گائيڊون پيا پڙهو، ها ها ها پڙهو پڙهو، امتحان پاس ڪيو.“

زماني جي بي رخين ۽ تلخين ۽ هن سماج کي هڪ انارڪسٽ جي نظر سان ڏسڻ جي ڪري هر وقت مدهوش رهڻ جيڪو اسان جي سماجي ٺيڪيدارن لاءِ هڪ سٺو عمل نه آهي پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ماڻهو جي من ۾ ڇا آهي ۽ هن جي من ۾ ڇا هوندو ڇا وهي واپري رهيو هوندو.

مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته چوويهه ڪلاڪ مڌ جي ٻانهن ۾ رهندڙ پروفيسر عزيز پلي اسان جي چوڌاري گهڻن ئي ظاهري پرهيزگارن کان ڀلو هو، جيڪي سدائين چڱائي سيکارڻ جي ڊپلوما لاءِ تلقين ڪندا رهندا آهن ۽ پنهنجي داخلي زندگي ۾ ايتري ئي رجعت پرستي ۽ پراڻ پسندي جو شڪار هوندا آهن جهڙوڪ اکين بند ڪرڻ پڄاڻان گگهه اوندهه نظر ايندي آهي. پروفيسر عزيز پلي جو من ٿر جي واري سان ڳوهيل هو ۽ هو زماني جي هي بي رخي ۽ تلخي کي پنهنجي اندر ۾ ائين ئي جذب ڪري ڇڏيندو هو جيئن موسلاڌار بارش کانپوءِ ٿر جون اڃاريون ڀٽون پاڻي جذب ڪري ڇڏينديون آهن.

پروفيسر عزيز پلي جو من هميشه سنڌو جي ميٽوڙي پاڻي جيان اڇو ۽ اجرو ۽ هر ڪنهن کي سيراب ڪرڻ لاءِ هڪ جهڙو اثر ۽ تاثير رکندڙ هو. هُن وٽ هر ان شاگرد جي عزت هوندي هئي، جيڪو ڪتابن جي ويجهو هوندو هو.

گهڻن دوستن جي واتان اِهو ٻڌو اٿم ته سائين کيسي ۾ هٿ هڻي سگريٽن جو خرچ پاڻي ڪڍي وٺندو هو پر آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿو ته سائين عزيز پلي گهڻن ئي شاگردن جي ڪفالت به ڪندو هو. جيڪڏهن ڪو گهر وڃي رهيو هوندو هو ۽ ان وٽ ڏوڪڙ نه هوندا هئا ته هن وٽ جيڪي ڪجهه به هوندو هو ڏيئي ڇڏيندو هو. پنهنجا ڪتاب، اهم اهم ناول هن کوڙ شاگردن جي حوالي ڪري ڇڏيا.

جڏهن اسان جي الوداعي پارٽي ٿي رهي هئي جيڪا ڏيئلداس ڪلب حيدرآباد ۾ هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب هئي ان ۾ سائين عيز پلي پنهنجي ڪمينٽس ۾ هي تاريخي ڳالهه ڪئي هئي.

Shakespear maintains seven stages of life but I maintain that there are only three stages of life, life before English department

life within English deptt,

life after English dept.”

Anything else is tale told by an idiot full of sound and fury signifying nothing.”

پوءِ هڪڙي ڏينهن هو جيڪو دنيا جي ادب جي گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلو پيڊيا هو ڪوڙي پاڻي هٿان شڪست کائي ويو ۽ پنهنجي کير جهڙي اڇي اجري دل کڻي هن ميري ۽ گدلي دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.

هر شيءِ ساڳي آهي. يونيورسٽي، ان جا رستا، آرٽس فيڪلٽي، آرٽس فيڪلٽي جي گيٽ وٽ لڳل بادام جو وڻ، انگلش ڊپارٽمينٽ ترقي ڪري انسٽيٽيوٽ بڻجي چڪو آهي ۽ عزيز پلي جي وڃڻ کانپوءِ انگلش ڊپارٽمينٽ آرٽس فيڪلٽي مان نڪري هڪ اڪيلي عمارت ۾ سوئجي ويو آهي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي پر نه ڄاڻ پوءِ به ڪا کوٽ آهي، ڪا ڪمي آهي جو هي يونيورسٽي اٻاڻڪي آهي ڪيمپس جي رستن جي نڙي ۾ سڏڪو اٽڪيل آهي، انگريزي شعبو ويڳاڻو آهي ۽ انگريزي ادب جا ڪتاب ڪنهن يتيم ٻار جيان ڳل تي آيل ڳوڙهن ۾ پُسي مون ڏانهن حيرت سان ڏسن ٿا ته آئون هيڏي عظيم استاد بابت پني جي پتڪڙي ڪئنواس تي ڪهڙو پورٽريٽ ٺاهيو آهي، جيڪو بنهه سندس تعارف به نه آهي!


 

عزيز پلي

نه مرحوم، نه محروم!

شهناز شورو

هيءَ اها خبر آهي، جيڪا گهڻي دير تائين قدرت Postpone نه پئي ڪري سگهي. خبر ملي به ته ڄڻ اچرج جي ڪا ڳالهه نه هئي. اسان مان ڪجهه ته جيئرا ئي ان لاءِ هئا ته، جيئن هيءَ خبر ٻڌي ۽ دوستن کي چئي سگهن ته؛ “ڏٺوَ...اسان ته اڳ ۾ ئي چيو هو ته نشو ماڻهن کي ايئن ختم ڪندو آهي” (ڄڻ نشو نه واپرائيندڙ ماڻهو نه مرندا هجن!) پر پوءِ به جڏهن هيءَ خبر ملي ته ڄڻ هڪ موتمار ماٺار هئي، جيڪا ماحول تي ڇانئجي ويئي. دل جو درد، انهيءَ سور گهر جي لاءِ کلي ويو، جتي اداس يادون، نئين ڏک جو آڌرڀاءُ ڪنديون آهن.

آئيڊيل ازم ۽ رومانٽسزم جو شڪار ماڻهو، پنهنجي چوطرف نفيءَ جي جهان کي جهاڳيندا رهندا آهن. اهڙي ئي هڪ رڃ ۾ ڦاٿل، مان جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي نالي تي هڪ ويران، ڪچري جي ڍيرن سان ڀريل، علميت جي نالي کان پري، نااهل شاگردن جي اڪثريت تي ٻڌل، Academically barrens يونيورسٽيءَ ۾ پهتس ته ڄڻ منهنجيءَ نفاست پسند طبيعت جي تصوراتي عملي ماحول جو جنازو نڪرندي محسوس ٿيم. حيرانگيءَ سان محسوس ڪرڻ جي لاءِ ڪا هڪ ڳالهه به نه هئي- هتي ته ڄڻ افسوسناڪين جا انبوهه هئا. بي مقصد، لاحاصل، ڄٽڪي سياست، عورت ذات جي لاءِ قائم فرسوده روايتن جا نام نهاد محافظ، تميز ۽ اخلاق کان مٿانهن شاگردن جا انبوهه..... احمقن جي جهان ۾ رهندڙ شاگردن جا اهي قافلا الائي ڪهڙيءَ رڃ مان اتي پهتا هئا، جيڪي وات پٽي پيا ڇوڪريون تڪيندا هئا. اهڙن ماڻهن کي وات ۾ مک هلئي وڃڻ جي خبر به تڏهن پوندي هئي، جڏهن اهي احتجاجن “آر يا پار” جو نعرو هڻندا هئا. مان اڃا تائين اهو نه سمجهي سگهي آهيان ته، نيٺ به اهي ماڻهو ڪهڙي جهنم مان نڪري سنڌ يونيورسٽي پهچن ٿا، جو کين هن ويراني ۾ هوائون، رونقون ۽ دلڪشيون نظر اينديون آهن!!

اڄ به انهيءَ ڳالهه تي مان شڪر ڪريان ٿي ته، مون غالبن هن يونيورسٽيءَ جي بهترين ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي هئي، جتي ڊاڪٽر لاڙڪ، قلندر شاهه لڪياري، سائين غني شيخ ۽ سائين ارجن لال سان گڏوگڏ عزيز پليءَ جهڙا استاد هئا.

عزيز پلي جيڪو هڪ الڳ ڪردار هو! ڳاڙهيون اکيون، منهن ڪڏهن ڌوتل ڪڏهن نه. ٻڌندا هئاسين ته رات جو آرٽس فيڪلٽيءَ جي لان ۾ ستو پيو هو. ڪلاس ۾ ڌوڪيندو ايندو هو. ڪڏهن ڪو ڪاغذ، ڪو فائل، ڪو نوٽ بوڪ نه هوندو هيس. ڄڻ ته بنا تياريءَ جي آيو هجي. ڪڏهن پينٽ شرٽ ته ڪڏهن شلوار قميص. ڪپڙا گهڻو ڪري بنا استريءَ جي. ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي ٻنهي اکين سان هڪ جهڙو سمجهي. يعني انسان سمجهي ڏسندو هو. سوال به پاڻ پڇندو هو ۽ جواب به پاڻ ئي ڏيندو هو. ايڏو تڪڙو ڳالهائيندو هو جو، ڪڏهن ڪڏهن ته جملن جي معنيٰ پڪڙ ۾ نه ايندي هئي. ڪڏهن ڇوڪرين کي اسپيشل توجهه ڏيئي مسڪرائي، ڏانهن نهاري، ٿورڙو جهڪي، اهتمام سان نه نهاريندو هو..... نه وجاهت، نه دلڪشي، نه حُسن، نه خوبي، بلڪه عام معنيٰ ۾ اڻ وڻندڙ.....

اهو هو هن جي شخصيت جو ابتدائي تصور.

“بور! سخت بور!!”.... ذهن ريمارڪ ڏنو.

اڃا ٻه ٽي ڪلاس ئي مس پڙهياسين ته ڄڻ اکيون کلي ويون. ڪڏهن فيض ته ڪڏهن عدم، ڪڏهن مصطفيٰ زيدي ته ڪڏهن قرة العين حيدر!! “نقشِ فريادي” جو ڪو نظم اوچتو ياد ايندو هئو ۽ هو ان جي مصرعن کي “پروميٿيس ان بائونڊ” سان جوڙيندو ويندو هو. ورجينيا وولف کي پڙهائيندي پڙهائيندي، “آگ ڪا دريا” کي گڏ گڏ کڻي هلندو هو. قرة العين حيدر جي واکاڻ ۾ پوندو هو ته، ورجينيا وولف وسري ويندي هئي. شيلي جي ٻرندڙ اکرن جو جادو هن کي موهي ڇڏيندو هو ۽ هو لفظن جي طاقت سان شيلي کي ستين آسمان تي ويهاري، اسان جي اکين ۾ انسان ذات جي لاءِ پيار ۽ ديوتائن جي لاءِ بغاوت جي جوت ٻرندي ڏسي، خوش ٿيندو هو.

لٽريچر جي اها ڪشش هئي جو هن جي باري ۾ منهنجي راءِ تبديل ٿيڻ لڳي. هي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن مان ۽ اڪبر هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي سرشاريءَ ۾ جيون جي حُسن کي تلاش ڪري رهيا هئاسين. اڪبر تڏهن سي ايس سي آفيسر ٿيڻ جي تربيت لاءِ پشاور ويل هو. مارئي هاسٽل جي هڪ ڪمزور ٽيليفون لائن وسيلي اسان جو رابطو ڳنڍيل هوندو هو. (ان ٽيليفون کي اسان “هڪ انار، سؤ بيمار” سڏيندا هئاسين. هاڻي ته موبائيل فونن ۽ پئڪيجن سندس اهميت زيرو ڪري ڇڏي هوندي!) هڪ ڏينهن صبح جو پشاور مان فون ڪندي، اڪبر پڇيو ته؛ “توهان کي ڪو عزيز پلي نالي استاد پڙهائيندو آهي؟”

چيم.....“ ها!”

چوڻ لڳو ته؛ “هو اسان سان گڏ ٽريننگ تي آيل “محمد نواز خشڪ” جو ڏاڍو سٺو دوست آهي. هن جي ريفرنس سان وڃي مِلجوس.”

عزيز پلي ۽ ريفرنس جو انتظار!! ممڪن ئي نه هو. هو اڳ ۾ ئي دڳ جهليو بيٺو هو. مون تي نظر پيس ته هڪدم پڇيائين: ”اڪبر لغاريءَ کي ڪيئن سڃاڻين؟”

کلي پڇيم، “ڇو، منهنجي سفارش ٿي اٿوَ ڇا، سائين مڃيندؤ يا نه؟”

“ايندي ڪر آفيس......” تڪڙو تڪڙو چئي هليو ويو. انهيءَ ساڳئي ڏينهن ڪلاسن کان پوءِ پٽيوالو نياپو کڻي آيو ته سائين عزيز پلي اوهان کي سڏي ٿو. مان اسٽاف روم ۾ ويس.... اها ئي ساڳئي بي رونقي ۽ جماليات جو فقدان. ٽي چار پروفيسر ڪرسيون ٽيبلون لڳائي، هڪ ٻئي جي ڀر ۾ آفيسون ٺاهيو ويٺا هئا.

“اچ، اچ... اچ...” مون کي دروازي تي ڏسندي ئي رڙ ڪيائين.

“چانهه ٿڌي ٿي وئي.”

پوءِ ٽيبل جي ريڪ تي پيل پليٽ کڻي، منهنجي سامهون رکيائين، جنهن ۾ ٻه سموسا پيل هئا.

“تنهنجي لاءِ گهرايا اٿم.”

ان ڏينهن هن کي منهنجي ادب سان لاڳاپي جي به خبر پئي. هن مون کان منهنجا افسانه پڙهڻ لاءِ گهريا. رسمي تڪلف چانهن جي ڪپ ۽ سموسن سان گڏ ختم ٿي ويو ۽ اسان جو هڪ ٻئي سان کل ڀوڳ جو تعلق جڙي ويو. اڃا مس ٽي مهينا ٿيا هئا ته هلندي هلندي پنهنجي مخصوص انداز ۾ تڪڙو تڪڙو پڇيائين: “شام جو ڪنهن سينٽر ۾ ڪٿي انگلش پڙهائيندينءَ؟”

“ڪٿي؟”

“جتي تون رهندي آهين، اتي ئي هڪڙو لئنگويج سينٽر کليو آهي، ڏاڍو سٺو استاد آهي. مونکي چيو ٿئين.”

ڏکيو وقت هو، پئسو تمام گهٽ. يڪدم کڻي ها ڪيم. انٽرويو ٿيو. حنيف حسين صاحب ڏاڍو مهربان هو. ۱۵۰۰ روپيا ماهوار ۽ روزانو ٻه ڪلاڪ سندن Community جي ٻارن کي پڙهائڻو هو. هفتي کان پوءِ عزيز پلي مون کان پڇيو. مون ٻڌايو ته “۱۵۰۰ ڏين ٿا.”

“نه نه، گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار ته ڏين، مان ڳالهائيندس.” اڃا پگهار مس مليو ته ٻئي ڏينهن عزيز پلي سينٽر جي دروازي تي اچي بيٺو.

۲۰۰ روپيا ڏي!”

“ڇا لاءِ.......؟؟” مان اچرج ۾ پئجي ويس.

“کپن.”

“مون وٽ ته ناهن.” مون پڪي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

“پگهار به ته تنهنجي مون وڌرائي.”

“محنت ڪير ٿو ڪري؟” مون پڇيو.

“ڏاڍي پڪي آهين- ڀلا سؤ..... ڀلا پنجاهه....”

مون کي ياد آهي. معاملو پنجاهه روپين تي طئي ٿيو هو.

جتي ملندو هو، ڪا نه ڪا مذاق ضرور ڪندو هو- پر مونکي گهڻو ڪري “سميره” چئي مخاطب ٿيندو هو. سميره هن جي ڌيءُ جو نالو هو. مٿي تي هٿ رکي چوندو هو: “تون منهنجي سميره آهين..”

سٺو ٽيوشن پيو ڳوليندو هو. هڪڙي اسٽوڊنٽ انهن ڏينهن ۾ انگريزي سکڻ جا جتن ڪري رهي هئي. سندس چوڻ تي کيس سائين عزيز پليءَ وٽ وٺي ويس. چيم: “سائين! هيءَ انگريزي پڙهڻ چاهي ٿي.”

ٺهه پهه جواب ڏنائين، “مان واندو ناهيان.”

“جي؟؟” منهنجي واتان رڙ نڪري ويئي.

وري رُکائيءَ سان چيائين: “پوءِ اچجان.”

ڪاوڙ ته لڳي.... پر خاموشيءَ سان هلي آيس.

ٻئي ڏينهن مون کي اسٽاپ تي پوائنٽ مان لهندي ئي سڏ ڪيائين: “ڳالهه ٻُڌ، مان هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهه نه ڪندس. مون کي ٽيوشن کپي. پر اهڙي بڇڙي نه. هڪڙو مان پاڻ بڇڙو، ٻيو وري ويٺو بڇڙين کي پڙهايان، اهو مون کان ڪو نه پڄندو. ڪا ملوڪڙي هٿ ڪر.....”

منهنجا هٿ مٿي تي اچي ويا. ايڏي صاف گوئي! انهن ئي ڏينهن ۾ هيءَ ڳالهه ٻڌجڻ ۾ اچڻ شروع ٿي ته خوشحال گهراڻي جا بگڙيل رئيس زاده، جيڪي انگلش ۾ مارڪون وٺڻ لاءِ پريشان هوندا هئا، تن عزيز پليءَ کي مفت شراب پهچائڻ ۽ Pick drop ڏيڻ شروع ڪئي آهي. پهرين اها ڳالهه ڇوڪرن تائين محدود رهي، پر پوءِ پوري فيڪلٽي جي استادن ۾ به مشهور ٿي وئي. عزيز پليءَ کي گهر کان وٺي ٻاهر تائين شراب وٺي ڏيڻ يا پئسا ڏيڻ ۾ ڇوڪرا هڪ ٻئي کان سبقت حاصل ڪرڻ جا جتن ڪرڻ لڳا ۽ هُو جيڪو شڪيسپيئر جي ڊرامن جي ڪردارن جي سائڪي سمجهڻ جو ماهر هو، انهن ساراهن ۽ اشارن ۾ لڪل خوني بي رحم پلاٽ کي سمجهي نه سگهيو.

هفتن ۽ ڏينهن جي حساب سان کري رهيو هو، اسان جو سائين عزيز پلي!!

فرسٽ سيميسٽر کان پوءِ، جڏهن ڄام شوري جي بدترين گرميءَ ۾ کٽارا پوائنٽ جو انتظار به ممڪن نه رهيو هو، ان مهل الائي ڪٿان، تڪڙو تڪڙو هلندو اچي ڪڙڪيو.

“سؤ روپيا ڏي......!”

“هي ويهه روپيا آهن مون وٽ....” مون صفا ناراض ٿيندي چيو.

“وڃ وڃ، هاسٽل مان وڃي کڻي اچ.” هو واقعي مجبور پئي لڳو.

مان رڪشا ڪري، هاسٽل پهتيس. خوفناڪ گرمي، ذهني طور غير متوازن ڇوڪرين جا گروهه.... مان ڪمري ۾ پهتس. ڪتاب ٽيبل تي رکيم ۽ غشيءَ واري ننڊ سمهي پيس.

حيرت انگيز ڳالهه اها ته عزيز پليءَ کي ٻئي ڏينهن تي ڪجهه به ياد نه هو.

مان فائنل ايئر ۾ پهتيس ۽ هو پريويس جي، اسان کان هڪ جونيئر ڇوڪريءَ تي صفا چريو ٿي پيو. باقاعده پٺيان. جتي هو وڃي، انهيءَ جي پويان. منهنجي قسمت خراب ته هو ويچاري مون سان ڏاڍي شائستگيءَ سان ملندي هئي ۽ عزيز پليءَ کي خبر پئجي وئي. پهرين ته مون کان ان جي باري ۾ پڇڻ ڳاڇڻ شروع ڪيائين. پوءِ اندازو ڪري ورتائين ته مون کي اهو موضوع نٿو وڻي. پر جلد ئي اسان کي ڪراچيءَ پڪنڪ تي وڃڻو پيو. هوءَ مسڪين ڇوڪري به گڏ هئي. سائين عزيز پلي به اسان سان گڏ ئي هليو. پر اکيون هن جي پويان. نيٺ گم ٿي ويو. مون پنهنجن ساٿين کي چيو؛ “پڪ سمجهو ته سائين اڄ عشق جي اظهار لاءِ گم ٿيو آهي.” اسان نڪتاسين ڳولا ۾. نيٺ ڏٺوسين، ساڳئي ڇوڪريءَ سان ڪچهري لايو بيٺو هو. مون کي ڏسي، اک سان اشارو ڪيائين. پوءِ اسان ڏي آيو، پر صفا تماشو ڪري ڏنائين. جتي هوءَ ڇوڪري، اتي عزيز پلي. وري اسان ڏي، وري هوڏانهن موٽ کائي!

نيٺ ڪاوڙ ۾ چيم، “ڇا ٿا ڪيو سائين!”

“ڇا ٿو ڪريان؟” مون کي اکيون ڏيکاريائين.

“ٻڌايانوَ، ڇا ٿا ڪريو؟” مان جهيڙي جي موڊ ۾ هيس.

“پوءِ تون راضي ڪري ڏي نه!”

منهنجي وضع داري، اخلاقيات ۽ مروت تي قُل پڙهجي ويا. هڪدم ڀڙڪي چيم: “ان ڪم جي لاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ آئي آهيان؟”

ٿورو ٿڌائيءَ سان چوڻ لڳو: “ڳالهه ٻُڌ، توهان جيڪي ڇوڪريون هونديون آهيو نه...... ڏاڍيون ڏکيون آهيو. توهان کي گل کپن، توهان کي ڪارڊ کپن، فونن تي ڪچهري کپي، سالن جا سال رومانس کپي، هاڻي اسان نڪري آياسين، انهن سڀني چڪرن مان. اهو سڀ ڪو نه پڄندو.”

هاڻي ٻڌايو.... ٿي سگهي ٿو ڪوئي جواب، ان نرالي عشق جو!!

اڪبر جي حوالي سان اسان جون ڏاڍيون ڪچهريون ٿينديون هيون. پڙهائي يا نوٽس وغيره جي ڏس ۾ مان پنهنجيءَ هڪ دوست سان گڏجي ڪئين ڀيرا سندس گهر به ويس ۽ سندس ڏاڍي سٺي زال ۽ ٻارن سان ملڻ به ٿيو. اڪبر جڏهن حيدرآباد ايندا هئا، اسان هن جي گهر به ويندا هئاسين. هڪڙيءَ شام جو ايئن ئي وٽس وڃي نڪتاسين. عزيز پلي ٽُن لڳو پيو هو. بوتل نيفر مان ٻاهر گهُوري رهي هئي. ذري ذري اڪبر کي اشارو ڪرڻ لڳو: “پي وٺ يار ٿورو...”

اڪبر پنهنجي وضع داريءَ کان مجبور. مسڪرائي، مون ڏانهن اشارو ڪري، پنهنجي مجبوري ٻڌائي. نيٺ کيس ڏاڍيان چوڻ لڳو: “پي وٺ پيارا..... هاڻي کان ئي ايڏو ڊڄندين ته شاديءَ کان پوءِ ڇا ڪندين؟”

هڪڙي پاسي نشي جو اهڙو اسير ۽ ٻئي پاسي ٻڌو....

هڪ سنڌي شاعر جو نالو کڻي چوڻ لڳو، “مون کان پڇي ٿو ته، تو وٽ شهناز ايندي آهي نه.....! يار واهه جي ڇوڪري آهي، اردو اهڙي لکي ٿي جو اردو وارا به نه لکن.”

مان خاموش رهيس.

گار ڏيئي چوڻ لڳو؛ “بجو رکيم منهن تي ۽ چيم ته، نشي ۾ به ماءُ ۽ ڀيڻ جي ساڃاهه رهي ٿي. هاڻي شهناز جو نالو نه کڻجانءِ، نه ته بڇڙو ڪندومانءِ...”

ٻي ڳالهه ان کان وڌيڪ حيرت ۾ مبتلا ڪندڙ آهي.

فائنل ايئر جي پوري ٿيڻ کان ڪجهه اڳ Likely questions جي تلاش ۾ عزيز پليءَ جي گهر وڃڻ ٿيو. ڇرڪي ويس. هڪ وچولي وهيءَ واري خاتون... ڏسڻ ۾ سٺي پر اکين ۾ ڳوڙها. اسان کي ڏسي يڪدم اکيون خشڪ ڪرڻ لڳي. عزيز پلي ٻيءَ کٽ تي ويٺو هو. هوءَ خاتون تڪڙ تڪڙ ۾ اٿي، پرس سنڀالي، وڃڻ لڳي.

“توهان ويهو.... مان هن کي ڇڏي اچان!!”

مون ۽ نزهت هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. معمو هو بلڪل.

ڏهن منٽن کان پوءِ عزيز پلي واپس آيو. بلڪل نارمل.

“سائين ڇا چڪر آهي، ڇا ڪيو ٿَوَ ويچاريءَ سان؟” مون پوليس وارن واري جرح ڪئي.

“چري آهي.” جواب ڏنائين.

“پوءِ به”.

چيائين؛ “اصل چري ٿي پيئي آهي، چوي ٿي مون سان شادي ڪر.”

“پوءِ؟”

“چيم چريءَ کي ته، ڏاڍو سٺو دوست آهيان، نه وڃاءِ مون کي، وڏو ڀاڙيو مڙس ٿيندس، نه ڪر شادي مون سان.”

مون وٽ ڪو ڪمينٽ نه هو.

۽ اسان پيپر پاس ڪرڻ لاءِ.... هن کان Expected سوال پڇڻ لڳاسين.

فائنل ايئر تيزيءَ سان ختم ٿي ويو. ۲۸ فيبروريءَ تي منهنجي واءِ واز هئي ۽ ۲۳ مارچ تي منهنجي ۽ اڪبر جي شادي. مون پنهنجي واءِ واز واري ڏينهن تي هن کي شاديءَ جو ٻڌايو. خوش ٿيو. چيائين: “اڪبر جي پارت هجئي.”

مون چيو “اڪبر کي منهنجي پارت ڪيو.”

چيائين: “تون صفا چيڙاڪ، هو ويچارو شريف ماڻهو، خيال رکجانءِ.”

منهنجي شاديءَ تي آيو. ۲۰۰ روپيا لفافي ۾ مون کي ڏيئي، چوڻ لڳو؛ “هينئر رک، پوءِ واپس ڪري ڇڏجان.”

شاديءَ کان پوءِ هِتان هُتان پُڇائيندو، اسان جي گهر پهچي ويو. شام جا ست ٿيا هئا. اڪبر اڃا نه پهتا هئا. بيل جي آواز تي مان دروازي تي ويس. صفا بدحال حالت ۾، عزيز پلي بيٺل هو.

“ڪهڙا حال آهن شهناز!!” مٿي تي هٿ رکي چوڻ لڳو؛ “ڏاڍي ضرورت اٿم، مون کي ٻه هزار ڏي.”

مان بيحد پريشان ٿيس. نشي ۾ هو ۽ گهر ۾ اندر اچي پڇڻ لڳو؛ “ڪوٽ ڪٿي آهي اڪبر جو. پئسا هوندا ان ۾. ڏس... ڳولا ڪر.. ڪا چاٻي ڏس، پئسا هوندا تو وٽ. ڪوڙ نه ڳالهاءِ.”

خدا خدا ڪري، هن کي خدا حافظ چيم ۽ پنهنجو پاڻ کي چيم “Enough is enough”. انهيءَ ڏينهن، مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ مون فيصلو ڪيو ته “No more contact”. رابطو صفا ڪٽجي ويو.

وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن، ڪا خبر، بري خبر، بي مزي خبر، عزيز پليءَ سان منسوب ٿي، مون وٽ پهچندي هئي. افسوس ٿيندو هو- ۽ بس.

پر عزيز پلي، بهرحال عزيز پلي هو. هڪڙي ڏينهن انگلينڊ ۾ يونيورسٽيءَ جي Resource room ۾ پنهنجي اي ميل کوليم. خوشگوار حيرت ٿي. عزيز پليءَ جي اي ميل هئي. ڏاڍي سهڻي انگريزي. منهنجي ۽ ٻارن سان گڏوگڏ اڪبر جي لاءِ جذبن جو خوبصورت اظهار. خوش ٿيس. ڏاڍو خوش ٿيس. “متان سڌري ويو هجي.” سوچيم.

انگريزي ڪتابن جي هڪ لسٽ هئي، جنهن جي باري ۾ تاڪيد هئي ته مون کي خريد ڪري موڪل.

مون ڪتاب گهرائي رکيا ۽ اڪبر سان گڏ عزيز پليءَ جي لاءِ موڪليا. پر مذاق طور کيس اي-ميل جي موٽ ۾ لکيم، “سائين، هتي به جان نٿا ڇڏيو.” وري ميل آئي ته؛ “مرڻ گهڙيءَ تائين جان ڪونه ڇڏيندس.”

ڪتاب هن کي مليا، پر هن ڀيري ڪا اي-ميل نه ملي. رابطو وري نه رهيو. هڪ دوست جي مشوري کان پوءِ اهو طئي ڪيم ته پي ايڇ ڊي لاءِ عزيز پليءَ کي هڪ ريفري (Referee) جي طور تي يونيورسٽيءَ وارن جي لاءِ ريفرنس ليٽر لکرايان. مون ٻيو ريفري ناٽنگهم يونيورسٽيءَ ۾ سپروائيزر Dr Ian رکيو. جڏهن منهنجو فائيل مڪمل ٿي ايڊميشن ڪميٽيءَ آڏو ويو ته خبر پئي ته سائين عزيز پلي ڪو ريفرنس لکي نه موڪليو آهي. فائيل وري پينڊنگ ۾ هليو ويو. مون ٽي چار ڀيرا عزيز پليءَ کي ميل ڪئي. جواب ندارد!! ٻئي پاسي يونيورسٽيءَ وارا مون کي ميل مٿان ميل پيا موڪلين ته توهان جو ريفري اسان کي ريسپانس نٿو ڪري. مان صفا تنگ اچي ٿيس ۽ هفتي کان پوءِ مون يونيورسٽيءَ کي لکيو:

It is indeed a very sad news to share with you, that my second referee, Mr Aziz has passed away last week, therefore, I would like to send you the details of another referee, in order to contact him. He will provide you with the required letter.”

پهريان ته ڪاوڙ هئي. پوءِ جڏهن يونيورسٽي ايڊميشن ڪميٽي طرفان افسوس جي لاءِ ميل ملي ته سڄو غصو، هڪ اذيت ۾ بدلجي ويو... ۽ سوچيم... جيئن ئي مان سائينءَ سان ملندس، اها ڳالهه ڪندس. اوڏيءَ مهل اهو اندازو نه هو ته هاڻي ملاقات ممڪن نه هئي. انهيءَ ڳالهه کي مس مهينو ٿيو هو جو هڪ دوست جو ايس ايم ايس مليو؛

“Azeez Palli is no more!”

“Reason?”

تڪڙ ۾ لکيم.

ايس ايم ايس موٽ کاڌي:

Over dose of......”

ڊيش ڊيش... جو چاهيو، ڀريو، ڪا پابندي ناهي، نه هئي، نه هوندي. ڊيش ڀريو هڪ اکر سان، هڪ جملي سان، يا هڪ ڪهاڻيءَ سان....!! پر سوال پوءِ به رهجي ويندو ته ڇا هن خام سماج جي هن منفرد آدرشي ڪردار، هن بي موت مرندڙ ڪردار جي جدائيءَ کي، ڪنهن لفظ يا جملي، يا افساني سان مڪمل ڪري سگهجي ٿو؟؟ هو جنهن جو نالو عزيز پلي هو، جيڪو ڪوڙ ڳالهائڻ نه ڄاڻندو هو، جنهن کي عداوت، حسد، ڪِيني، بي ايماني، فريب، ڌوڪي بازيءَ جو ڪو سبق ياد نه ٿي سگهيو، هو جيڪو پنهنجي باري ۾ ڪنهن خوش فهميءَ جو شڪار نه هو. هو جنهن جي خوبي صاحبِ ادراڪ نه هجڻ ۽ خامي وسيع المطالعه هجڻ هئي. هو جنهن کي خمار ۾ به فيض ياد رهندو هو. هو جيڪو خوش جمال نه هيو، پر خوش خيال هو. هو جيڪو شعور جي رو ۾ پناهه وٺندڙ ورجينيا وولف جي اکرن کي قرة العين حيدر جي ناولن ۾ ڳولي ڪيف محسوس ڪندو هو. هو ڪِيٽس ۽ شيلي وانگر هڪ آئيڊيل سماج جي خواب جو اسير رهيو ۽ انهيءَ يوٽوپيا کي بوتل جي نشي ۾ وک وک ڏٺائين. هو جيڪو Existence جي آڏو بذاتِ خود هڪ سوال هو. جڏهن Existentialism پڙهائيندو هو ته پاڻ ئي ڪاميو ٿي پوندو هو. الائي هن جي وجود مان اوڏي مهل اهي لفظ ڪٿان ڦٽي نڪرندا هئا، جيڪي شعور ۾ هڪ خاموش Killer جهڙا سوال پيهي ڇڏيندا هئا، جيڪي Slow poison بڻجي، سڄي عمر ماڻهن کان خراج وصول ڪندا رهندا آهن. اهي سوال، جنهن کي شايد صدين تائين جواب ناهن ملڻا، پر زندگيون ڪربناڪيءَ جي حوالي ٿي زهر ٿي وينديون آهن. عزيز پلي انهن سڀني ڪربناڪين جي زهر کي اهڙي سطحي زهر سان مارڻ جي هڪ ٻاراڻي مگر ناڪام ڪوشش ۾ کلندي، مسڪرائيندي، رڌل رهيو- ۽ بالآخر ائبنارمل ماڻهن جي هن جهان مان، نارمل ماڻهوءَ جيان ساحر جي ان ظالم مصرعي کي دهرائيندي، هٿ لوڏي هليو ويو.

عمر تمهاري هي، تمهي سنبهالو يه دنيا!

سچل سائينءَ جي سٽ “جو ئي آهيان، سو ئي آهيان” جي مثل، عزيز پليءَ کي هن منافق سماج ۾ ڪنهن ٽربيوٽ، ڪنهن ڪلمئه شرافت، ڪنهن صاحب دستار هٿان پارسائي جي سَند نه زندگيءَ ۾ کپندي هئي، نه موت کان پوءِ اها تهمت هن کي ملندي. هن جو صبح “Catch me if you can” سان شروع ٿيندو هو- ۽ صبح سان ئي جيڪو هن کي Catch ڪري وٺندو هو، هو پنهنجي سڄي سچائي ۽ گهرائيءَ سان ان جو ٿي ويندو هو... هو ڪائنات وانگر هر ڪنهن جو هيو ۽ ڪنهن جو به نه هو. هو زندگيءَ وانگر هر ڪنهن جو هيو، پر ڪنهن جو به نه هيو. ماڻهو مرندو آهي، ڪائنات ۽ زندگي ڪٿي مرندي آهي. تڏهن ئي ته عزيز پليءَ کي مرحوم لکڻ تي دل نٿي چاهي. مرحوم ته انهن کي لکبو آهي، جيڪي زندگيءَ جي سواد کان محروم هجن. عزيز پلي ڪڏهن محروم رهيو!!

 

(شھناز شورو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

عزيز پلي

ديال صحرائي

سائين عزيز پلي سان ھڪڙي ھنڌ ڪنھن دوست وٽ ملاقات ٿي، شال اوڍيل صفا سادو، انگريزي ادب تي ڳالھائيندي ٻڌندڙ سان مشڪري لڳائي ڇڏيندو ھو، آئون حيران ٿي ويس تہ سنڌ ۾ اھڙا ماڻھو آھن...

ھڪڙي ڏينھن ڪال آئي ۽ سامھون ڪنھن عورت ڳالھائيندي چيو ته؛ ”سر ديال؟!“ مون چيو؛ ”جي! بلڪل! آئون ديال آھيان.“ تڏھن قاسم آباد ۾ ٽيوشن جا جام پئسا وٺندا ھئاسين. مونکي چيو ويو؛ ٻار پڙھائڻا آھن، ٻار عزيز پلي جا آھن. مون بنا سوچڻ جي ھا ڪئي. انھيءَ ڪري جو مون سوچيو؛ ”سائين سان ڪچھري ٿيندي ۽ لائبرري ڏسندس.“ پوء سائين جي فليٽ تي جيڪي مون ڪتاب ڏٺا، اھا ڪمال جي ڪليڪشن ھئي. ھڪڙي ئي ڪچھري ٿي سگھي. ھن سماج جون پيچيدگيون پڻ ماڻھو کي تباھ ڪنديون آھن. شراب پيئندڙ ھجان ھا تہ شايد وڌيڪ ڪچھريون ٿين ھا پر شراب پياڪ سان گھٽ لڳندي ھئي سو ڪچھريون ڪونہ ٿيون! پر ماڻھو ڪمال جو ھو. اھڙا ڪردار اسان وٽ وقت کان اڳ موڪلائي ويندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن ڪچھرين ۾ اھڙيون ڳالھيون ڪري ويندا آھن جو ماڻھو جو ذھن چڪرائجيو وڃي. خير سائين عزيز پلي کي ياد ڪجي ٿو...

 

(ديال صحرائي جي فيسبڪ ڪمينٽ تان ۱۲ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

عزيز پلي

حفيظ ڪنڀر

تڏهن زرعي يونيورسٽي ۾ هي ٽيچر هو پهرين ملاقات ان پروگرام ۾ ٿي جنهن۾ پليجي صاحب جي تقرير دوران سياسي نابالغن نعرا هڻي پروگرام ڦٽائڻ لاءِ شديد فائرنگ ڪئي هئي ۽ آئون بدحواسي ۾ هن کان هٿ ڇڏائي، ٽوڙائي الائي ڪٿان ڊوڙندو ٽنڊو ڄام شهر جي بس اسٽاپ پهچي ڪنهن بس يا ڪوسٽر ۾ چڙهي حيدرآباد پهچي ويس. اسان جي عاشقي معشوقي جي اها پهرين رات هئي. هن جهڙو ظالم ۽ هن جهڙو مظلوم مون ڪو به نه ڏٺو. هن کي گاريون ڏيندي آئون روئي پوندو هئس ۽ هي گاريون سهندي روئي پوندو هو.. هن کي انگلينڊ جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ هجڻ گهربو هو پر هي پيٽ ۽ بوتل ۾ ڦاسي ويو. آئون جڏهن عبدالله ٽائون مان گهر بدر ٿيس ته هن مون کي پنهنجي ٻن سوڙهن ڪمرن ۾ پناه ڏني. هر ٻي ڏينهن منهنجي کيسي ۾ سئو جو نوٽ وجهي چوندو هو ته؛ ”تو وٽ پڪ سان پيسا نه هوندا!“ هن وسڪي خاطر خود کي ايترو ڪيرائي ڇڏيو هو جو بيان نٿو ڪري سگهجي. خبر ناهي هن خود کي ڪيرايو هو يا اسان هن کي فقط وهسڪي جي ڪري ڪريل سمجهندا هئاسين؟ منٽو جي افسانن جي هن ڪردار بابت آئون ڪابه فتوا نٿو ڏئي سگهان ڳالهائي نٿو سگهان. منهنجي ڳالھ ۽ فتوا هن ماڻهو لاءِ روئڻ رڙيون ڪرڻ دانهون ڪرڻ آهي.. خبر ئي نٿي پوي ته هي خراب هو يا سٺو هو... يا هو انهن لقبن کان نرواڻ حاصل ڪري اسان کي نيڪي ٻڌي، سٺي خراب جي سرحد تي ڇڏي زخمي انا سان گڏ مري ويو. ها! جيڪو به هو هن زندگي پنهنجي مرضي سان گذاري ۽ گذري ويو..

هڪ ڀيرو پڇيم ته؛ ”لٽريچر ۾ وجودي فلسفو پڙهايو ٿا. مونکي مختصر طور سمجهاءِ ته وجودي فلسفو ڇا آهي؟“

جواب ڏنائين؛ ”ڪجهه ڪونهي. بس وجودي فلسفو اهو آهي جو جيڪڏهن ريپ ٿي ئي رهيا آهيو، پوءِ بهتر آهي ته مزو ئي وٺو!“

۽ هي اسان جو عزيز نسيم نگر چوڪ تي ڪريو

انگلش لٽريچر جو پروفيسر مري ويو...

۽ مون کي پسڻ پئجي چڪا هئا ته هي فوٽ پاٿ تي هلندي مرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي. هي ائين ئي مرندو.... ۽ ائين ئي ٿيو.. اسان سڀ هن ”ميخوار“ کان ڀڄڻ ۾ پورا هئاسين... عزيز جو مرندڙ وجود چوڪ تان، ريڙهن وارن، هوٽل وارن، گاڏن وارن کڻي اسپتال پهچايو.

عزيز خمار هو.. عزيز نشو هو... عزيز وهسڪي هو.. عزيز شراب هو... عزيز نشي جي وڦل هو....عزيز نشي کانپوءِ جو ٽهڪ هو.. هو بيخودي هو..

 

(حفيظ ڪنڀر جي فيسبڪ پوسٽ/ ڪمينٽ تان ۱۲ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا