; سنڌي شخصيتون: پرويز مهدي -

22 September, 2013

پرويز مهدي -

پرويز مهدي
شهرت جي چوٽين تائين ڪيئن پهتو؛ اٺين ورسي جي موقعي تي :
گلوڪار پرويز مهدي کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ سان چاهه هو. اسڪول واري زماني ۾ هو ملي نغمن ۽ نعت خواني وارن مقابلن ۾ حصو وٺندو هو. هن جي پيءُ بشير راهي هن جو شوق ڏسي کيس اڃا وڌيڪ همٿايو. ڇاڪاڻ ته هن جو پيءُ به ناليوارو راڳي هو. پرويز مهدي ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان لاهور جي لاءِ هڪ گيت رڪارڊ ڪرايو جنهن جا ٻول هئا، ”مين جانا پرديس“ جنهن کيس شهرت جي چوٽين تائين پهچائي ڇڏيو. هن جو اصل نالو پرويز حسن هو. پر مهدي حسن جي شاگردي ۾ اچڻ کانپوءِ هن پنهنجو نالو مٽائي پرويز مهدي رکيو. اها سندس استاد سان عقيدت چئبي. واضح رهي ته گلوڪار غلام عباس، آصف مهدي، خالد اصغر (ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر) ۽ پرويز مهدي هڪ ئي ڏينهن خان صاحب مهدي حسن کان سڳو ٻڌرايو هو. پرويز مهدي بنيادي طور تي غزل گائڪ هو. هن جتي پنهنجي استاد جو رنگ اختيار ڪيو اتي هن ڪجهه پنهنجو ڍنگ به پيش ڪيو. هو غزل کانسواءِ گيت، فوڪ گانا به مهارت سان ڳائيندو هو. چون ٿا هڪ رڪارڊنگ دوران هن ملڪ ترنم نور جهان سان هڪ گيت اهڙو ته پيارو ڳايو جو نور جهان کيس نرڙ تي چمي ڏئي چيو ”شاباش بيٽا“ اهو گانو هو ”تڪ چن پيا جاندا اي“ هن جو هڪ غزل جنهن جا ٻول هئا ”وهين زندگي ڪي حسين خواب ڇوٽي، ميري همسفر تم جهان هم سي روٺي“ اڄ به جڏهن وڄندو آهي ته ٻڌڻ واري تي سڪتي واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان نغمي جي مقبوليت جو سبب بهترين ڪمپوزيشن هئي پر موسيقي جا نقاد چون ٿا ان کي جيڪڏهن پرويز مهدي نه ڳائي ها ته شايد اهو غزل ايترو مشهور نه ٿئي ها.

پرويز مهدي پاڪستان کان سواءِ آمريڪا، انگلينڊ سميت سڀني يورپي ملڪن جا ڪامياب دورا ڪيا کيس سندس  فني مڃتا طور مختلف انعامن ۽ اعزازن سان پڻ نوازيو ويو. پر هن لاءِ انهن سڀني کان وڏو اعزاز عوام جي ڀرپور موٽ هو. ڀارت جو ناليوارو پاپ سنگر دلير مهدي ته پرويز مهدي کي پنهنجو روحاني استاد ڪري مڃيندو آهي، هن جا پاڪستان سان گڏ ڀارت ۾ به سوين پرستار هئا، استاد سلامت علي خان جا پرويز مهدي بابت ويچار ڪجهه هن ريت آهن ته پرويز مهدي غزل کي جيڏي سهڻي نموني ڳايو ايترو ٻيو ڪو نٿو ڳائي سگهي. هي ڀلوڙ راڳي ۲۹ آگسٽ ۲۰۰۵ع تي اسان کان موڪلائي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا