شڪيل بچاڻي
صحافتي سفر جي هڪ ساٿي
جو وڇوڙو
دودو چانڊيو
صحافتي سفر ۾ سوين شامون جن ڀلوڙ دوستن سان گڏ گذريون، شڪيل بچاڻي به
انهن دوستن مان هڪ هو. شام جي سونهن ڇا ٿيندي آهي، ان جي حاصلات لاءِ جستجو ۽ ان جي
ملڻ تي ڏک ڇاٿيندو آهي، اهو صرف اهو صحافي ئي ٻڌائي سگهي ٿو، جيڪو اخباري آفيسن ۾ ڪم
ڪندو هجي، سج لهڻ جو منظر ڪيترو حسين ۽ قيمتي هوندو آهي، شام جي ٿڌڙي هوا ۽ افق جي
لالاڻ، دوستن سان ڪچهرين جي خواهش ۽ ٻيون کوڙ اميدون ۽ انهن جي تڙپ صحافي يا اخباري
ڪارڪنن کان وڌيڪ ڪوبه سمجهي نه ٿو سگهي. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن اڃا ٽي وي
جرنلزم اسان وٽ نه آيو هو. حيدرآباد سنڌي ميڊيا
جو مرڪز هو ته مون شڪيل بچاڻي سان گڏ صحافتي سفر جي شروعات ڪئي هئي. ٻئي صحافتي شعبي
۾ هڪ پروف ريڊر جي حيثيت سان آياسين. جڏهن ٻئي رپورٽر ٿياسين ته اسان جي سفر ۾ وڌيڪ
ويجهڙائپ ٿي. اها ويجهڙائپ هڪ ئي اداري ۾ ڪم ڪرڻ سان شروع ٿي، ڪيئي سالن تائين گڏ رهي.
شڪيل بچاڻي حيدرآباد جي صحافت جي ان نئين ٽهيءَ جي صحافين مان هو، جن جڏهن پنهنجي ڪيريئر
جي شروعات ڪئي ته ملڪ مٿان مارشل لا جو سج لهي چڪو هو.
جمهوري راڄ هو، پر سنڌ ساڳئي ريت جدوجهد جي ميدان ۾ هئي، جيئن ايم آر ڊي ۾ هئي. بينظير ڀٽو جي مختصر دور
کانپوءِ نواز شريف اقتدار ۾ آيو ته سنڌ مٿان ٻيهر ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا. ڪالاباغ ڊيم
کان وٺي کوڙ اشو اهڙا هئا، جو حيدرآباد پريس ڪلب ڄڻ سنڌ جو هائيڊ پارڪ بنيل هو. آئون،
شڪيل بچاڻي، فيض کوسو، امداد سومرو سميت ان ٽهيءَ جا رپورٽر صبح کان پريس ڪلب آڏو بيهندا
هئاسين، شام جو جڏهن دفتر موٽندا هئاسين ته خبرن جون پٺارڪون ڀري پهچندا هئاسين. اسان
ته اڃا مظاهرن ۽ بک هڙتالن جون خبرون ئي ٺاهڻ ۾ مصروف هوندا هئاسين ته شڪيل بچاڻي پنهنجي
پينٽ جي کيسي مان اوچتو ڪو نه ڪو پنو ڪڍي اسان کي ٽينشن ڏئي ڇڏيندو هو، اها خبر شڪيل
بچاڻي جي ڪا نه ڪا Exclusive اسٽوري هوندي هئي. پنهنجي
ڌرتي ۽ ماڻهن سان ڪميٽيڊ شڪيل بچاڻي حيدرآباد جي رستن ۽ آفيسن ۾ رات ڏينهن خبرن جي
جستجو ۾ هوندو هو. سنڌ ۾ ڪمند جو بحران هجي، يا ڦٽيءَ جو مسئلو، ڪڻڪ جو اشو هجي يا
کنڊ جو، شڪيل بچاڻي زرعي شعبي ۾ انتهائي مهارت رکندڙ رپورٽر هو. سنڌ ۾ امن و امان جي مسئلي ۽ قبائلي جهيڙن کان وٺي انساني حقن جي
لتاڙ تائين، جيڪي به ٻرندڙ مسئلا هئا، آئون، شڪيل بچاڻي، نثار کوکر، اسحاق مڱريو ڪاوش
جي ڪنهن نه ڪنهن ساٿي فوٽو گرافر سميت پنڌ ۾ هوندا هئاسين. اهي ڏينهن ڪاوش جي شروع
جا ڏينهن هئا، اسان اخباري دفتر مان آڌي رات جو جڏهن فارغ ٿي موٽندا هئاسين ته شڪيل
بچاڻي جي موٽرسائيڪل اسان لاءِ واحد سواري جو بندوبست هوندو هو. شڪيل بچاڻي سان گڏ
ڪڏهن حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ ته ڪڏهن حيدر چوڪ
جا پڪوڙا، ڪڏهن رات جو دير ٿي ويندي هئي ته ڪينٽ اسٽيشن تي وڃي مڙئي رات جو پيٽ پوڄا
ڪبي هئي.
اسان ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾ گهڻو ڪري هڪ ئي اداري ۾ ڪم ڪيو، ان ڪري اسان
جي آفيس به هڪڙي ئي هوندي هئي. اخباري خبرون ڏيڻ کانپوءِ پنهنجا ذاتي ڏک، سک، دوستن
وانگي هڪ ٻئي سان ونڊيندا هئاسين. حيدرآباد پريس ڪلب جي ڇت هجي يا ڪاوش جو نيوز يا
رپورٽرن جو ڪمرو، شڪيل بچاڻي سوين شامون گڏ گذاريون. کوڙ معاملن تي اختلاف ٿيندا هئا،
هڪ ٻئي سان نوڪ جهوڪ به ٿيندي هئي، پر وقت گذرڻ سان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو هو. ڪاوش
اخبار جڏهن ۴ صفحن
مان وڌائي ۸ صفحا
ٿيڻ وڃي رهي هئي ته اشفاق آذر، شڪيل بچاڻي ۽ مون تي علي صاحب ذميواري رکي. هاڻي شامون
نه پر ڏينهن به اسان جو هڪ ڪمري واري آفيس ۾ گذرڻ لڳو. جڏهن شڪيل بچاڻي سرڪاري نيوز
ايجنسي ۾ انٽرويو ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته ان ڏينهن به آئون هن سان گڏ هئس. شام جو
جڏهن موٽياسين ته مون کي چيائين سرڪاري نيوز ايجنسي ۾ سک ته گهڻا آهن، پر ڪاوش وارو
مزو ٻي ڳالهه آهي. ڪجهه عرصي بعد آئون حيدرآباد ڇڏي آيس، پوءِ وڌيل ذميوارين سبب ڄڻ
رابطو ئي ڪٽجي ويو. گهڻن سالن بعد اوچتو ڪراچيءَ ۾ هڪ سيمينار ۾ ملاقات ٿي. ڏسندي ئي
رڙ ڪيائين.. ”ظالم ڪٿي گم آهين؟“ چيم.. ”گم آئون نه پر تون آهين..“ چيائين.. ”هل ٻاهر
هلي ڪچهري ٿا ڪريون،“ الائي ڪيتري دير تائين شڪيل ۽ اسان حيدرآباد کي ياد ڪيو، ان دور کي ياد ڪيو، جڏهن سخت ترين ۽ گهٽ
وسيلن ۾ اسان ڪيئن گڏجي ڪم ڪندا هئاسين، ڪيئن پاڻ ۾ وڙهندا ۽ پرچندا هئاسين. ڪالهه
جڏهن هن جي وڇوڙي ۽ بي وقتائتي جدائي جي خبر پهتي ته سچ ڏک جي حد نه رهي. موت ته زندگيءَ
جو حصو ئي آهي، پر جواني ۾ يارن جا وڇوڙا سچ ته انتهائي ڏکوئيندڙ مرحلا هجن ٿا. ارشاد گلاباڻي کان وٺي علي رضا سهتي تائين، ٿورڙي عرصي
۾ ظالم وقت جيڪي گهاءُ ڏنا آهن، اهي نه وسرڻ جهڙا گهاءُ آهن. شڪيل بچاڻي ڌرتيءَ جو
وفادار ۽ جاکوڙي صحافي هو. توڙي سکئي ستابي خاندان سان تعلق هئڻ باوجود صوفي منش شڪيل
بچاڻي سنڌي صحافت جو اهڙو ڪردار آهي، جيڪو ڪڏهن به نه وسرندو.
شڪيل بچاڻي ۽ اسان جي سينڊيڪيٽ
سرفراز وسطڙو
مون سميت اقبال ملاح ۽ ٻيا ڪجهه دوست جيڪي جونيئر هئاسين پر سينئر صحافين
ناز سهتو ۽ ٻين جو شڪيل بچاڻي وچ ۾ سواءِ Exclusive خبرن جي
باقي عام رواجي خبرن جو سينڊيڪيٽ هو، رات جو دير سان شڪيل بابت پهتل SMS ته شڪيل
جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ ٽنڊوالهيار ۾ ٿيندي، پڙهندي حيران ته نه ٿيس ڇاڪاڻ ته
اها مون کي خبر هئي ته جنهن شخص کي اهڙي خطرناڪ تڪليف هجي جيڪا ڪنهن وقت به اهڙي بري
۽ ڏکوئيندڙ خبر ٻڌائي سگهي ٿي پر افسوس ضرور ٿيو ته منهنجن انهن ذاتي دوستن مان هڪ
وڌيڪ دوست جو وڇوڙو ٿي ويو، شڪيل بچاڻي ۽ اسان جي جونيئر توڙي سينئر دوستن ناز سهتو
۽ اقبال ملاح وچ ۾ روزاني ايترو ملڻ هوندو هو، جيترو شايد گهر وارن سان به گهٽ، ڇاڪاڻ
ته اسان پنهنجن گهرن کي به تڏهن هلائيندا آهيون جڏهن اسان جا ادارا قائم ۽ دائم رهندا
آهن ۽ رهندا ۽ انهن ادارن جي قائم ۽ دائم رکڻ ۽ هلائڻ ۾ شڪيل جهڙن صحافي دوستن جو اهم
ڪردار آهي اقبال ملاح، مان ۽ شڪيل جڏهن ڪنهن به پرورگرام خاص طور تي سنڌ ترقي پسند
پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڪنهن پروگرام يا پريس ڪانفرنس ۾ ويندا هئاسين
ته اتي ڊاڪٽر قادر مگسي اهو چوندو هو ته اچي وئي حيدرآباد جي صحافين جي جوڙي/ سينڊيڪيٽ
ڇاڪاڻ ته اسان سڀئي صحافي شڪيل سميت ڊاڪٽر قادر مگسي کان جيڪي سوال ڪندا هئاسين اهي
گڏيل صلاح مشوري سان ڪندا هئاسين ۽ جيڪڏهن ڊاڪٽر جي ڪنهن پريس ڪانفرنس ۾ شڪيل ڪنهن
سبب يا مجبوري سبب نه اچي سگهندو هو ته ڊاڪٽر اٿندي ئي يعني پريس ڪانفرنس شروع ٿيڻ
کان پهريان اهو پڇندو هو ته اڄ اوهان جي سينڊيڪيٽ ۾ کوٽ ڇو آهي.
بهرحال شڪيل جهڙن يارن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي پر ڪجهه يادگيريون
جيڪي انهن صحافي دوستن سان گڏجي شڪيل سان گهاريل آهن، تائين پهچائڻ پنهنجو فرض سمجهان
ٿو، ٽيون ڏينهن به هڪ سنڌي اخبار ۾ خبر لڳي ته ڪراچي کان حيدرآباد ايندي هڪ ڪار حادثي
۾ شڪيل بچاڻي پنهنجي ڀاءُ سهيل اديب بچاڻي جيڪو پڻ منهنجو دوست آهي سان گڏ زخمي ٿي
پيو آهي اها خبر جڏهن مون کي منهنجي صحافي دوست غلام حسين خاصخيلي پڙهي ٻڌائي ته فوري
طور مون کان اها رڙ نڪتي ته پوءِ ڇا ٿيو جنهن تي غلام حسين چيو پريشان ٿيڻ جي ڳالهه
نه آهي، ڇاڪاڻ ته شڪيل ۽ سهيل فوري طبي امداد ملڻ بعد پنهنجي گهر روانا ٿي ويا آهن
پر باوجود انهيءَ خوشيءَ واري خبر جي ته شڪيل ۽ سندس ڀاءُ سهيل خيريت سان آهن ۽ گهر
روانا ٿي ويا آهن جي به ان ڪري مزو نه آيو ڇاڪاڻ ته مون کي اها خبر هئي ته گذريل ٽن
مهينن کان شڪيل بچاڻي روڊ حادثي کان هٽي ڪري زندگي ۽ موت جي وچ ۾ جنگ وڙهي رهيو آهي
شڪيل هونئن ته رات جو آفيس مان نڪرندي انهن سمورن دوستن لالا رحمان سمون، اقبال ملاح،
مهيش ڪمار، اسحاق مڱريو، منير نارائي، سعيد افضال، جعفر ميمڻ، امداد سومري ۽ ٻين سان
گڏ جڏهن ويهي ڪچهري ڪندو هو ته لڳندو هو ته واقعي هو پنهنجي والد جيڪو پڻ اديب هو جي
نقش قدم تي هلي رهيو آهي پر پيپلز ڪلچرل ونگ حيدرآباد ضلعي جي صدر عزيز ميمڻ جي نياڻي
شڪيل بچاڻي متعلق تمام گهٽ دوستن کي خبر هئي ته هو صوفي ازم سان تعقل پڻ رکندو هو،
ڪڏهن ڪڏهن هو رات جو جڏهن لالا رحمان، اقبال، منير ۽ سعيد جي پهچڻ کان اڳ پريس ڪلب
پهچندو هو ته هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو ۽ پوءِ هو چوندو هو ته ارشاد چنا ۽ اسان
گڏجي ڪا راند ٿا کيڏون پر شرط اهو آهي ته جيڪو هارائيندو اهو اسان کي پريس ڪلب جي نواب
جي ڪولڊ ڊرنڪ پياريندو ۽ انهيءَ شرط تي راند کيڏندي جيڪڏهن شڪيل راند هارائي ويندو
هو ته هو فوري طور ڪب جي ملازم کي آواز ڏيندي چوندو هو ته بابا ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچي
۽ ڪولڊ ڊرنڪ ايندي ئي جڏهن لالا، اقبال، منير پهچي ويندا هئا ته شڪيل چوندو هو سائين
اڄ مان توهان جي دير سان اچڻ ڪري چٽي ڀري رهيو آهيان، ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي سينئر
صحافي ملڪ عزيز سان ويٺا هئاسين جتي جاويد چنا پڻ موجود هو اتي ملڪ عزيز چيو ته شڪيل
بچاڻي نظر نه پيو اچي جنهن منهنجي پريس ڪلب جي ٻلين جيڪي اڄ به پريس ڪلب ۾ موجود آهن
تي هڪ يادگار آرٽيڪل (ڪالم) لکيو هو جنهن تي جاويد چنا کان هڪ دعا نڪتي هئي ته ملڪ
صاحب بس دعا ڪيو ته شڪيل صحيح سلامت ۽ صحتمند ٿي واپس پنهنجي آفيس اچي، پنهنجا صحافتي
جوهر ڏيکاري.
مون کي ياد آهي ته ڪنهن وقت ڄامشورو جي المنظر تان پنهنجي آفيس اچڻ لاءِ
گاڏي لاءِ پريشان هيس ته ان وقت جي اخبار جي ان مالڪ جنهن ۾ شڪيل ڪم ڪندو هو مون کي
حيدرآباد ڇڏڻ جي آڇ ڪئي مان سندس گاڏي ۾ المنظر کان حيدرآباد تائين جيڪو وقت ويٺس ان
سڄي وقت دوران ان جو ذڪر صرف شڪيل تي هو ۽ اهو ته شڪيل حيدرآباد جو سٺو صحافي آهي ائين
جيئن ارشاد گلاباڻي بس اوهان سينڊيڪيٽ جي دوستي ۾ کيس اهو ضرور سمجهايو ته اڃان وڌيڪ
سرگرم ٿئي پر سندس سرگرم نه ٿيڻ جا سبب ڪهڙا هئا اها ته ڪنهن کي به خبر نه آهي پر ايترو
ضرور آهي ته سندس بي وقتائتي موت تي آفيس ايندي هن سندس وڇوڙي بابت ڪالم لکڻ وقت سائين
وفا رضا، حيات بلوچ، استاد شمعون جو ڏک ڏسندي ۽ منير نارائي ۽ ٻين دوستن جا ڏکوئيندڙ
ايس ايم ايس پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته شڪيل بچاڻي صرف اسان جي ڀاڄائي، ڀائٽي ۽ ڀائيٽي
سميت سهري عزيز ميمڻ کي نه پر اسان سمورن دوستن کي ايترو ئي ڏک آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا