شڪيل بچاڻي
صحافتي سفر جي هڪ ساٿي
جو وڇوڙو
دودو چانڊيو
صحافتي سفر ۾ سوين شامون جن ڀلوڙ دوستن سان گڏ گذريون، شڪيل بچاڻي به
انهن دوستن مان هڪ هو. شام جي سونهن ڇا ٿيندي آهي، ان جي حاصلات لاءِ جستجو ۽ ان جي
ملڻ تي ڏک ڇاٿيندو آهي، اهو صرف اهو صحافي ئي ٻڌائي سگهي ٿو، جيڪو اخباري آفيسن ۾ ڪم
ڪندو هجي، سج لهڻ جو منظر ڪيترو حسين ۽ قيمتي هوندو آهي، شام جي ٿڌڙي هوا ۽ افق جي
لالاڻ، دوستن سان ڪچهرين جي خواهش ۽ ٻيون کوڙ اميدون ۽ انهن جي تڙپ صحافي يا اخباري
ڪارڪنن کان وڌيڪ ڪوبه سمجهي نه ٿو سگهي. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن اڃا ٽي وي
جرنلزم اسان وٽ نه آيو هو. حيدرآباد سنڌي ميڊيا
جو مرڪز هو ته مون شڪيل بچاڻي سان گڏ صحافتي سفر جي شروعات ڪئي هئي. ٻئي صحافتي شعبي
۾ هڪ پروف ريڊر جي حيثيت سان آياسين. جڏهن ٻئي رپورٽر ٿياسين ته اسان جي سفر ۾ وڌيڪ
ويجهڙائپ ٿي. اها ويجهڙائپ هڪ ئي اداري ۾ ڪم ڪرڻ سان شروع ٿي، ڪيئي سالن تائين گڏ رهي.
شڪيل بچاڻي حيدرآباد جي صحافت جي ان نئين ٽهيءَ جي صحافين مان هو، جن جڏهن پنهنجي ڪيريئر
جي شروعات ڪئي ته ملڪ مٿان مارشل لا جو سج لهي چڪو هو.
