; سنڌي شخصيتون: پروفيسر عزيز پلي، شوڪت لوهار، شهناز شورو، ديال صحرائي، حفيظ ڪنڀر،
Showing posts with label پروفيسر عزيز پلي، شوڪت لوهار، شهناز شورو، ديال صحرائي، حفيظ ڪنڀر،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر عزيز پلي، شوڪت لوهار، شهناز شورو، ديال صحرائي، حفيظ ڪنڀر،. Show all posts

22 September, 2013

پروفيسر عزيز پلي

پروفيسر عزيز پلي

تعارف



سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي جو استاد ۽ ناميارو ليکڪ، پروفيسر عزيز پلي، ۲ مارچ ۱۹۶۰ع تي ڳوٺ منعم پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. هي جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ پڙهندو هو ته کيس ادب مان دلچسپي پيدا ٿي ۽ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيائين. هن ۱۹۸۵ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب مان ايم اي ڪئي ۽ ترت ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هي نه رڳو هڪ سٺو استاد هو، پر گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب، خاص ڪري انگريزي ادب جو وسيع مطالعو رکندو هو. سندس پسند جي صنف ’ناول‘ هئي. کيس شاهه لطيف سان عشق هو. هن شاهه لطيف ۽ شيڪسپيئر تي تمام گهڻو مطالعو ڪيو ۽ ٻنهي جي تقابلي مطالعي بابت ڪلاس ۾ اڪثر ليڪچر ڏيندو هو.