; سنڌي شخصيتون: مرزا، گل حسن بيگ، احسن، ڪربلائي، شاعر، عالم ، اسڪرپٽ، ايڊيٽر، طارق، عزيز، شيخ،
Showing posts with label مرزا، گل حسن بيگ، احسن، ڪربلائي، شاعر، عالم ، اسڪرپٽ، ايڊيٽر، طارق، عزيز، شيخ،. Show all posts
Showing posts with label مرزا، گل حسن بيگ، احسن، ڪربلائي، شاعر، عالم ، اسڪرپٽ، ايڊيٽر، طارق، عزيز، شيخ،. Show all posts

22 September, 2013

مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي - طارق عزيز شيخ

مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي
شاعر، عالم ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر
طارق عزيز شيخ
مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي انگريزن جي دور جو ناميارو شاعر هو. هن جو جنم سنڌ جي علمي ادبي مرزا گهراڻي ۾ ٿيو جيڪو صدين کان وٺي سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. مير عبدالحسين سانگي، محمد بخش واصف، محمد صديق مسافر، محمد هاشم مخلص، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، شمس الدين ”بلبل“، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ مولانا دين محمد وفائي جهڙا ادب جا ستارا هن جا همعصر هئا.